سر پرڀاتي ۾ جدوجهد جا مختلف پهلو
جڏهن ته مشرق جي مذهبن هندو ڌرم، ٻڌ ڌرم، جين ڌرم موجب هي دنيا ڪروڙين سال اڳ جي خلقيل آهي. ٻي پاسي سائنس پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن جي آڌار تي ثابت ڪيو آهي ته دنيا هن دنيا جو ڪل وقت يا عمر هڪ ارب سٺ لک سال آهي.
”سائنس مطابق دنيا جي پهرين مخلوقات مڇيون ۽ ڪجهه ريڙهيون پائيدار جانور هيا. جنهن دوپر ۾ زندگي جا سڀ کان پهريان آثار ملن ٿا. ارضيات جا ماهر ان دور کي پيليو زوئي سڏين ٿا، جڏهن ته ان کان اڳ واري دور، جنهن ۾ زندگيءَ جا ڪي خاص آثار يا اشارا ناهن مليا، ان کي ازوئڪ سڏجي ٿو.” “سائنس موجب انسان ارتقا جا مختلف مرحلا طي ڪندي موجوده صورت ۾ پهتو آهي، تخليق ڪائنات بابت سڀئي نظريا، رايا يا حقيقتون هڪ پاسي باقي هڪ ڳالهه طئي آهي ته انسان پيدا ٿيڻ سان ئي جدوجهد ڪري پنهنجي بقا جي لاءِ طويل جنگ وڙهي آهي. انسان شروع ۾ پاڻ کان سواءِ هر شئي کان ڊڄندو هو.” ۽ ان ڊپ سبب هن پنهنجي پاڻ ۾ مختلف جبلتن کي هٿي وٺرائي يا هن اهي پيدا ڪيون. جنهن جي نتيجي ۾ هن مزاحمت ڪئي. مزاحمت جدوجهد جو عمدو ترين مظهر آهي. انسان جانورن، بلائن، قدرتي آفتن بيمارين ۽ ٻين ٻاهرين قوتن خلاف قمر ڪش ٿيو۽ جدوجهد ڪرڻ انهن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو. سندن اها جدوجهد رڳو پاڻ ڏاڍن انسانن سان منهن ڏيڻ، ۽ هيڻن سان ٻه هٿ ڪرڻ تائين محدود نه رهي. بلڪه هن حقن کان گهڻو اڳتي حرص ۾ اچي خطرناڪ جنگيون ڪيون. انسان جي فطرت ۾ ڪي خاص گڻ شامل آهن. جيڪي کيس دنيا کي تسخير ڪرڻ تي اتساهن ٿا ۽ گهڻن گڻن هيٺ انسان ڌرتي اورانگهي چنڊ تائين پهتو آهي. هڪ پاسي هو سمنڊ جي تهن مان پڻ ٿي آيو آهي ته ٻئي پاسي انسان آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ پهاڙ پڻ لتاڙيا آهن.
انسان مخلف علمن وسيلي پنهنجي جدوجهد جا نمونا پئي پيش ڪيا آهن. سائنس دان عملي جدوجهد ڪري دنيا کي پروڙين ٿا. فلسفي، عالم، تاريخدان، شاعر، اديب، علمي جدوجهدو وسيلي پاڻ مڃائين ٿا. سنڌ جي عظيم شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائي پنهنجي پُر اثر ڪلام ۾ انسان کي جدوجهد جا آفاقي ۽ لافاني درس ڏنا آهن. شاھ جو سمورو رسالو عقل جي اهڙن نقطن سان ڀريل آهي، جن کي محسوس ڪندي عام انساني عقل دنگ رهجيو وڃي. ڀٽائي جي رسالي جا ٽيھ ئي سُر علم ، عقل دانائي، ڏاهپ ۽ ڄاڻ جا مينار آهن جن کي هر ماڻهو پنهنجي عقل ۽ علم آڌار سمجھي سگھي ٿو. توڙي جو ڀٽائي جي ڪلام کي تخليق ٿئي لڳ ڀڳ ٽي سو سال گذري ويا آهن، پر ان هوندي به هن عظيم ڪلام ۾ سدائين رهڻ وارين خوبين سبب اڄ به ساڳي سڳنڌ آهي. جنهن سان ذهن معطر ٿي وڃي ٿو.
جنِين سُکُ ناهِ ڪو، چارَڻَ سي چَئِجَنِ؛
رُڃُنِ راهَ پُڇَنِ، مٿي ڪُلَهنِ ڪِينَرا.
ڀٽائي جي ڪلام ۾ انسان جي هر جذبي جي عڪاسي ايڏي ته خوبصورت انداز سان ٿيل آهي جو پڙهندڙ جي دل تي هر ان جذبي جو اپٽار پيدا ٿئي ٿي.
هن مختصر مضمون ۾ شاھ جي رسالي جي سُر پرڀاتي ۾ موجود جدوجهد جي مختلف پاسن ۽ ترغيبن تي بحث ڪيو ويندو آهي.
سُر پرڀاتي ۾ ڀٽائي بادشاھ لس ٻيلي جي سپڙ سخي جي سخاوت ۽ منگتن جي ڪرت واري تمثيل ۾ پنهنجو آفاقي پيغام ڏنو آهي. ڪلياڻ آڏواڻي سُر پرڀاتي لاءِ لکي ٿو ته:
“پرڀاتي هڪ راڳڻي جو نالو آهي جا پرڀات يعني اسر جو ڳائبي آهي. هن سر ۾ شاھ انسان کي بندگي جي تاڪيد ٿو ڪري ۽ ڌڻيءَ جي اپار سخاوت کي ٿو ساراهي. هتي سپڙ سخي مان مراد ڌڻي آهي. جو رب العالمين آهي ۽ سڀ کي روزي ٿو رسائي. سپڙ سخي هڪ جڏي جاجڪ کي تازي گهوڙا انعام طور عطا ڪري ڇڏيا ساڳي طرح انسان ڪيترن ئي عيبن سان ڀريل هجي، پر جي سائين اڳيان ٻاڏائي ته هو کيس مالامال ڪي ڇڏي.”
مڱ تنهين کا مڱڻا، جو ڏهاڙي ٿو ڏي،
ڪوڙا در دنيا جا، جابڪ! مڱين جي،
سڀان توهين کي، موٽي ڏيندا منهن ۾”
ڀٽائي بادشاھ سُر پرڀاتي ۾ سستي، ڪاهلي ۽ ننڊ کي تمام گھڻو ننديو آهي. جيڪا پڻ جدوجهد جي تمام وڏي ترغيب آهي.
سُتو ڪِئَن نِنڊُون ڪَرِين، رو وِهاڻِيءَ روءِ؛
سُڀان سازُ سندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ تي.
اي انسان! جيڪو تنهنجو اصل آهي، اهو تو کي وسارڻ نه گھرجي، جيڪڏهن تون سازندو آهين ۽ تون پنهنجو ساز سيراندي رکي ستو پيو هوندين ته توکي ڪجھ به نه ورندو، توکي پنهنجو ساز روئي روئي وڄائڻ گھرجي. يعنيٰ سخت محنت ڪرڻ گھرجي. ڇو ته سڀاڻي تنهنجو اهو ساز پٽ تي پيو هوندو ۽ ان کي ڪو به نه وڄائيندو. تون ابدي پنڌ تي اسهي ويندين. ڇاڪاڻ ته هي فاني جهان سڀ ڪنهن کي ڇڏڻو آهي.
جا ڀُون پـيرين مُون، سا ڀُون مٿي سَڄڻين؛
ڌِڱَ لَٽِبا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺا سُون؛
ڏِينهَن مَڙيئِي ڏُون، اُٿي لوچِ لَطِيفُ چئي.
يعني اها مٽي جيڪا اڄ اسانجي پيرن جي هيٺان آهي، ان مٽيءَ جي هيٺان ڪيترائي سڄڻ ۽ محبوب دفن ٿي چڪا آهن. ڪيترائي ڌڱ هن ڌوڙ ۾ لٽجي، مٽجي ويا آهن، سهڻو لطيف فرمائي ٿو ته زندگي ٻن ڏينهن جي آهي، انسان کي انهن ٻن ڏينهن جي زندگيءَ ۾ لوچڻ گهرجي، جدوجهد ڪرڻ گهرجي.
ڏاتِ نه آهي ذاتِ تي، جو وَهي سو لَهي؛
آريُون اَٻوجَھنِ جون، سَپَڙُ ڄامُ سَهي؛
جو راءَ وَٽِ راتِ رهي، تَنهِن جُکِي تان نه ٿئي.
ڀٽائي بادشاھ ڪنهن ذات کي اعليٰ يا اتم نٿو سمجھي. جيڪو هڪ عظيم خيال آهي، هو چوي ٿو ڪنهن به ذات جي بنياد تي ڪجھ ناهي ملڻ. ملڻ ان کي آهي، جيڪو جدوجهد ڪندو. بيشڪ ڪيترو به اٻوجھ هجي، گھٽ علم وارو هجي، پر جيڪڏهن ڪوشش ڪري ٿو ته ان کي اهو ڪجھ ملندو. قرآن ڪريم ۾ پڻ رب العالمين فرمايو آهي-مفهوم:
“۽ ان کي اوترو ئي ڏنو ويندو، جيتري جي هو ڪوشش ڪندو.”
ڏڏُ ٿِي ڏانُ گُھريجِ تُون، ڇَڏِ وِڄا وِڃائي؛
سَپَڙَ راتِ سَنباهِيا، تازِي تو لائي؛
جو ڄاڻي نه ڳائي، تنهن سين ٻيلي ڌڻي ٻاجھ ڪري.
علم اهو انسان سکي سگھي ٿو، جيڪو پاڻ کي خالي سمجھندو هوندو، جنهن کي پنهنجي اندر جي لاعلمي جو احساس ٿيندو هوندو. سقراط چيو هو، آئون ڪجهه نه ٿو ڄاڻان پر ايترو ضرور ڄاڻان ٿو ته آئون ڪجهه نٿو ڄاڻان. يعنيٰ جيڪڏهن ڪو ماڻهو / شاگرد پاڻ کي اڳ ئي عقلِ ڪل سمجھندو، سو سکي نه سگھندو، سيکارڻ جي لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي اڳ واري حاصل ڪيل علم کي پاسي رکجي. تڏهن ته ڀٽائي بادشاھ چوي ٿو ته ”ڏڏ ٿي ڏان گھريج“ جيڪڏهن تو کي گھرڻو آهي، ڪجھ حاصل ڪرڻ آهي يا ڪجھ ماڻڻو آهي ته تون پاڻ کي گھٽ علم وارو ظاهر ڪر. اهڙي ڪيفيت ۾ انسان جي اکين ۾ ماڻڻ جي اڃ ۽ تجسس پيدا ٿيندو آهي ۽ ان اظهار مهابي ئي / اهڙي جدوجهد سبب ئي تون گھربل علم حاصل ڪري سگھين ٿو. ڇو ته جيڪو ڏيندڙ آهي، جيڪو ٻيلي ڌڻي بادشاھ آهي. اهو انهن تي ئي ٻاجھ، مهر، ڪرم ۽ احساس ڪندو آهي، جن کي ڪجھ به ناهي ايندو.
پِيو ليٽِين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهِين؛
اُٿِي آڌِيءَ نه ڪَرِئين، سَپَڙَ ساڻُ سَهَٽَ؛
رُونجھي راتِ اُپَٽِيا، پيٽِنِيَئُون پاڻَيٽَ؛
ميڙي تِئان مَٽَ، چُونڊي ڀَرِيا چَارڻين.
هن بيت جي تشريح ڪندي ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو:
“تون الوٽ ٿيو، سڄيون راتيون پيو ننڊون ڪرين، تون آڌي رات جو اٿي سپڙ ڄام (ڌڻي سڳوري) سان رهاڻ نٿو ڪرين! رونجھي ذات جي راجا، رات پيتين مان ماڻڪ ڪڍي نروار ڪيا، مڱڻهارن (سچن سالڪن) اهي ميڙي پنهنجا مٽ پُر ڪيا.”
ڀٽائي بادشاھ وٽ جدوجهد، محنت، تحريڪ، ڪوشش ۽ ڪم ڪرڻ جو تمام وڏو قدر آهي. هو جيترو ڪم جو قدر دان آهي. اوترو ئي سستي، ڪاهلي، ننڊ ۽ غفلت جو ننديندڙ آهي. هن جي ويجھو اهي ماڻهو ئي سوڀارا آهن / ڪامياب آهن، جيڪي جدوجهد ۽ محنت ڪري درست رستو چونڊين ٿا. ٻي صورت جي چونڊ ڪندڙ سست ۽ ڪاهل ڪجھ به نه پائي سگھندا. يعنيٰ جيڪڏهن ڪو غلط رستو اختيار ڪري ٿو ته اهو نه رڳو مونجھارو ٿيندو، پر ڏک، تڪليفون ۽ اهنج پڻ ڏسندو.
ڏاتار ڏک ڪئيا، پاڻ مٿي ۾ ڱڻين،
مون در ڇڏيو مڱڻا، مڱين ڪوھ ٻيا؟
تڏهن تو پيا، وچان ولھا ڏينهڙا.
ڀٽائي بادشاھ نه صرف رستو ڏسيندڙ / رهنمائي ڪندڙ ۽ اڳواڻي ڪندڙ آهي، پر هو نتيجو ڏيندڙ پڻ آهي. “مون در ڇڏيو مڱڻا، وڃين ڪوھ ٻيا، تڏهن تو پيا، وچان ولها ڏينهڙا.” يعنيٰ جي تون غلط دڳ تي هلين ٿو ته توکي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا ٿا پون. هتي ڏاتار ڄڻ ته سراپا ڏوراپو بڻجي پيو آهي. هو ڏيندڙ ٿو چوي ته توهان ٻي پاسي ڇو ٿا وڃو ۽ ڇو ٿا پاڻ لاءِ ڏکيا ڏينهن پيدا ڪيو.
اهو ڪمال صرف ڀٽائي بادشاھ جي عظيم تخيل جو آهي. جنهن اهڙي سگھاري انداز ۾ جذبن جي اصل اٿل کي سٽيو ۽ چٽيو آهي.
اُڀِرِيو تارو، اُٿِي وَرَ وِهاڳُ ڏي؛
سَپَڙُ رِيسارو، چِتِ پَرِکي چارَڻين.
هر رات کان پوءِ نئين ڏينهن جي شروعات ٿئي ٿي، رات جي پڄاڻيءَ کان ٿورو اڳ وهائو تارو نڪرندو آهي، جيڪو اهو پيغام آڻيندو آهي ته رات پنهنجو سفر ختم ڪرڻ تي آهي ۽ هاڻي ڏينهن پنهنجا جلوا ۽ تجلي ڏيکاريندو. ڀٽائي بادشاھ پنهنجي جدوجهد ان وقت کان ئي شروع ڪرڻ جي ترغيب ۽ ڏس ٿو ڏي. مٿيئن بيت جي تشريح ۾ ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو ته:
“پرھ جو تارو نڪري نروار ٿيو آهي تون اٿي ڪانڌ (ڌڻي) کي ريجهائڻ لاءِ آسر جي راڳڻي ڳاءِ. سپڙ (رب) غيرت وارو آهي ۽ مڱڻهارن جون دليون ٿو پرکي، هو انسان جي دل جي پرک ٿو لهي ۽ ٻاهرين ساراھ کي نٿو ڏسي.”
شاھ سائين ڪوشش ڪندڙن جي تعريف ۽ خالي سڌون ڪرڻ وارن جي نندا ڪري ٿو،
جا جَرَ جاٽُون نه ڏِئي، ڏِيا نه موهي؛
سَڌُون ڪوهُ ڪَري، سا پنهنجي ڪانڌَ جون؟
يعني ان منڌ/عورت کي پنهنجي ور سان گڏجڻ جو حق ئي ناهي جيڪا ان سان گڏجڻ جون ڪوششون نٿي ڪري صرف ٺلهيون سڌون ٿي ڪري.
لطيف صرف ۽ صرف ڪوشش ڪندڙن جي حق ۾ آهي،
جي ڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏُونگَـرَ ڏورَڻُ ڏاکِڙو؛
ڇَپَرُ ڪِينَ ڏِئي، سُوکِـڙِيُون سُتَنِ کي!
هتي جبل ڏيندڙ ۽ وڙائتو آهي، پر سندس وڙ صرف انهن تي ٿيندو جيڪي ڪوششون ڪندا.
ڏونگر نه ڏورين، سدا ڪن سکائتيون
ويٺي گهر گهورين، مٿان پرين جندڙو
گهر ويٺي پرينءَ تان جندڙو گهوريندڙن تي لطيف جهڙوڪر طنز ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته لطيف جو چوڻ آهي ته سسي نيزي پاند اڇل ته اڌ ٿئي.
عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪَنسِ ڳَڀرُو؛
جِيَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀڃي جو هيڪاندِ؛
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇل ته اَڌ ٿئي.
شاھ گهر ويٺي جندڙو گهوريندڙن جي بجاءِ سسي نيزي پاند اڇل ته اڌ ٿئي وارن جي حق ۾ آهي ۽ انهن جو ئي ساٿاري آهي.
مجموعي طور شاھ سائين جو ڪلام فهم، فڪر، فراصت ۽ فن جو اعليٰ ترين نمونو آهي، جنهن ۾ صورتحال ۽ منظر نامو به آهي، حقيقت به آهي ته رهنمائي به آهي. ڀٽائي جو ڪلام/شاعري هڪ اهڙي مسودو آهي جنهن ۾ رستن جا نقشا آهن، بلڪل ائين جيئن قرآن پاڪ لاءِ چيل آهي ته هن ۾ سمجهدارن جي لاءِ اشارا موجود آهن. ته شاھ جي ڪلام ۾ پڻ اشارا آهن، انهن رستن جا جيڪي حقيقت طرف وڃن ٿا، شرط آهي ڪوشش ڪرڻ جو، تياري ڪرڻ جو ۽ پيرين پنڌ ڪرڻ جو، بقول سائين علي نواز شاھ جي ته ”لطيف جو دڳ ڏاڍو سولو آهي، بس هلڻ شرط آهي.“
سُر پرڀارتي ۾ ڀٽائي جدوجهد جا اهڙا عظيم درس ڏنا آهن ۽ سستي، ڪاهلي ۽ ننڊ کي اهڙي ته اثرائتي نموني چٽيو آهي جو هي سُر جدوجهد ۽ جاکوڙ جو سُر ٿو لڳي.
نوٽ:
هن مقالي ۾ ڪتب آندل بيت ڪلياڻ آڏواڻي جي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي مان کنيا ويا آهن.