شاھ لطيف جو جديد اڀياس
نه ڪا ڪن فيڪون هئي، نڪو لڱ لحم
بنيو هو نه بت ۾، اڃان ڪي آدم
مون توهي سين سڱ، اها ساڃهه سپرين
(سر مارئي، داستان،1، بيت،4)
ائين ٿو لڳي ڄڻ ته ڀٽائي وقت جي وهڪري جي ابتدا ۽ انتها کان نه صرف واقف آهي بلڪه هو وقت جي وهڪري ۽ رفتار جو گواھ آهي. سنڌ ڌرتيءَ ۾ شاھ سائينءَ جو هجڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. اها سنڌي ٻولي جي خوش نصيبي آهي جو سهڻي لطيف جهڙو امين ۽ امير شاعر سندس جهولي ۾ اچي ڪنهن اڻگهريل دعا جي مقبوليت وانگر پيو آهي. اهو يقينن سنڌ جي خمير ۾ موجود ان ماڻهپي ۽ انسان دوستي واري عنصر جو نتيجو آهي، جنهن ڪڏهن به ڪنهن برتري جي دعويٰ ناهي ڪئي. ۽ فطرت کي سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جي برابري ۽ مساوات واري اها ادا ايڏي ته وڻي آهي جو هن تحفي ۾ ان ٻولي جي جهولي ۾ عظيم شاعر ڪنهن گل وانگر وڌو آهي. جيڪو مڪان کان لامڪان جي ڳالهه ڪري ٿو. جيڪو رب سان ملڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪو عشق ۽ عقيدت جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪو هر هنڌ سبحان جي هجڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.
کاھوڙِيُنِ خَفِّيءَ سين، سوجھي لَڌو سُبُحانُ؛
عاشِقَ اَھڙي اَکَرين، لَنگِھيا لا مَڪانُ؛
ھُوءِ ۾ گَڏِجِي ھُوءِ ٿِيا، بابُو جي بِريانُ؛
سَڀوئِي سُبُحانُ، آيو نَظَرُ اُنَنِ جي.
(سر کاهوڙي، داستان پهريون، بيت، 1)
اسان جڏهن دنيا جي فيلسوفن جو مطالعو ڪيون ٿا ته اسان کي خبر پوي ٿي ته هر فيلسوف ۽ ڏاهو پنهنجي ڪنهن خاص هڪ فلسفي ۽ فڪر سبب مڃيو ويو آهي. جيئن سقراط ۽ افلاطون معروضيت پسند هئا. هو موجود کان وڌيڪ غير موجود جي هجڻ کي مڃيندا هئا. وٽن اخلاق ۽ نيڪي ئي آفاقي سچايون هيون. ارسطو موضوعيت پسند ۽ پهريون سائنسدان فيلسوف هو، جيڪو مشاهدي سان گڏ تجربي کي اهميت ڏئي ٿو. زينو کان ويندي پلاٽونيس تائين اڪثر ڏاها قديم وجودي فلسفي جا قائل هئا. جن وٽ فرد جو وجود ڪنهن حقيقي وجود کان وڇڙيل ۽ وري ان سان ملڻ جي جستجو ۾ رڌل آهي. ۽ اهائي تصوف جي قديم صورت هئي. بڪيشو ۽ پيٽرارڪ قديم هيومنسٽ يعني انسان دوست هئا جن تي مسلمان ڏاهي ابن رشد جو وڏو اثر هو. ڪانٽ عقليت پسند هو، ڪائنات جي ارتقا بابت پنهنجو نظريو ڏيندڙ ڊارون تجربيت پسند هو، شيڪسپيئر، ڊانٽي، وليم بليڪ مسٽڪ گاڏڙ ڪلاسڪيت جا نمائندا هئا. ملارمي ۽ بادليئرسمبالسٽ هئا، فرائيڊ سميت آندري بريٽان، جان ميرو، ميڪس ارنيسٽ، سلواڊور ڊالي ۽ ڪجهه ٻيا سرئيلسٽ آرٽسٽ چيا وڃن ٿا، روسو، ڪالرج، وليم ورڊسورٿ رومانيت جا داعي هئا. هائيڊيگر، نٽشي ۽ سارتر وجودي فيلسوف هئا.ليوي اسٽراس، جيڪس لاڪان ۽ رونالڊ بارٿس کي اسٽرڪچرلسٽ يعني ساختيات پسند سڏيو وڃي ٿو، دريدا، مشل فوڪو، مارڪيوزي، احاب حسن ، ليوٽراڊ، ٻيا ڪيترائي نالا پوسٽ ماڊرن دور سان سڃاتا وڃن ٿا. ۽ اهي پوسٽ ماڊرن ازم جاحامي آهن، جڏهن ته هابر ماس، فريڊرڪ جيميسن ۽ ڪجهه ٻيا پوسٽ ماڊرن ازم کي رد ڪن ٿا. مختصر طور ائين کڻي چئجي ته هر ڏاهي ۽ فيلسوف جي پنهنجي ڪنهن مخصوص نظريي ۽ فلسفي سبب سڃاڻ آهي. ڪنهنجي فلسفي کي ڪا مرڪزيت آهي ته وري ڪنهنجو فڪر لا مرڪز ۽ ڪٿي ڪٿي ته لا تعلق آهي. ڪي ته ماڳهين اهڙي پنڌ جا مسافر آهن جيڪو پنڌ اڳ ڪنهن به نه ڪيو هو.
نِڪرُ ناهِ ڪُلهي ڪَري، هو مَ هُوندَنِ جِيئَن؛
لاهُوتِي، لَطِيفُ چئي، هُونِ نه آديسِي اِيئَن؛
سي ڪاپَڙِي ڪِيئَن، جي ڌارِين تَعَلُقُ تِرَ جيتِرو؟
(سر رامڪلي، داستان، ٽيون، بيت، 2)
هر فلسفي پنهنجو مخصوص رستو، نظريو ۽ فڪر ڏنو آهي. پر مرشد لطيف اهڙو معجزو آهي، جنهن وٽ سڀني نظرين جا نِشان ملن ٿا. هو ڏاهپ جي معراج تي آهي جتي سڀئي نظريا ائين اچن ٿا جيئن مرشد لطيف فرمايو آهي.
ابڙو وڏ وڙو سوڙو، سمون سونهن سڀن
تنهن در سڀ اچن ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي.
يعني شاھ لطيف سنڌ جي ڏاهپ جو اهو اهڃاڻ آهي جنهن وٽ جهڙوڪر علم ۽ عقل جون سڀئي تحريڪون ، نظريا ۽ لاڙا اچي دنگ ڪن ٿا؛ يا ته سندس پيرن مان ڦٽن ٿا. جيڪڏهن اسان ڪائنات جي تخليق بابت نظرين تي ديد ٿا وجهون لطيف اسان کي،
نه ڪا ڪن فيڪون هئي، نڪو لڱ لحم
بنيو هو نه بت ۾، اڃان ڪي آدم
مون توهي سين سڱ، اها ساڃهه سپرين
(سر مارئي، داستان،1، بيت،4)
جيڪڏهن اسان يورپ جي مذهبي ريفارميشن يا مذهبي سڌارن واري تحريڪ تي نظر وجهون ٿا: جنهن دوران ٻاٻائيت/پاپائيت جي هڪ هٽي ۽ هٺ ڌرمي کي ننديو ويو ته لطيف پڻ،
”ملان ملان مه چئو اهي آهيڙي آهين،
مرون سندي ماهه تي ٿا ماڻڪ مٽائين،
تنين تي آهين، لعنتون لطيف چئي.“
چوندي نظر آيو. اها حقيقت به هئي ته سنڌ توڙي يورپ ۾ ملائيت ۽ ٻاٻائيت/پاپائيت جهڙوڪ ڪاروبار ٿي پئي هئي.
جيڪڏهن اسان ڪلاسيڪيت طرف اچون ٿا ته لطيف اسان کي چوي ٿو،
وَکَـرُ سو وِهاءِ، جو پَئي پُراڻو نه ٿِـئي؛
ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذَرو ٿِـئي نه ضاءِ؛
سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳَہِ جَنهنجي اُبَهِين.
جي رومانيت طرف اچون ٿا ته لطيف سهڻو اسان سان مخاطب ٿي چوي ٿو،
گھيڙان ڪَري نه گُھورَ، تَڙُ تَڪَڙِ کان نه لَهي؛
جَنهِنکي سِڪَ ساهَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ؛
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، وَهَمَنِ ڪِي وَهلُورَ؛
جَنهِنکي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تَنهِنکي نَدِي ناهِ نِگاهَ ۾.
يا وري اهڙو رومانس ڪنهن ٻي شاعري ۾ ملندو،
ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي، هِيءَ تان جُنبِي جوءِ؛
هِنَ پاڻِيءَ سين پانهنجو، مُورِ نه مَٿو ڌوءِ؛
جي پِرِينءَ پاسي هوءِ، ته ڪَر توڏِيءَ تَڙُ ڪيو.
(ابيات متفرقه)
ساهڙ ڌاران سهڻي، اڌوتي آهي
ڪنڍيون جو ڪاهي، پاسي تنهن پاڪ ٿئي
(ابيات متفرقه)
ٻي پاسي جي اسان سريئلزم جي ڳالهه ٿا ڪيون ته لطيف چوي ٿو،
عالَم آئوُن ساڻ، ڀَريو ٿو ڀيرَ ڪري؛
پاڻ نه آهي ڄاڻُ، مانڊِيءَ مَنڊُ پکيڙيو.
سهڻو لطيف هنئين به چوي ٿو،
پاڻُ مَ کَـڻـجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ؛
لُڙُ لنگھائي، سُهڻِي! پِرتِ وِجھنديءِ پارِ؛
سي تُرتُ لنگِھينديُون تارِ، اُڪَنڍَ آڳَہُ جن سين.
جيڪڏهن اسان جماليات جي ٿيوري تي اچون ٿا ته لطيف جون ست ئي سورميون سونهن جو لازوال مثال ٿي اسان جي اڳيان ٿيون اچن.
شاھ سائينءَ جي “بيان ۾ ست ئي سورميون سونهن ۾ پنهنجو مثال پاڻ نظر اچن ٿيون. نوري لاءِ شاھ صاحب چوي پيو ته ڪينجهر ۾ نوري جهڙي ٻي ڪا به ناري سهڻي ناهي.
تَهِڙو ڪِنجُهرَ ۾ ڪِينَ ٻِيو، جَهڙي سُونهَن سَندِياسِ؛
مَڏَ، مِياڻِـيُون، مَڪُڙا، مِڙَئِي مَعافُ ٿِياسِ؛
مورِڇَلَ مَٿانسِ، اُڀو تَماچِيءَ تي هَڻي.
( ڪاموڏ)1:15
مارئي جي لاءِ شاھ صاحب چوي پيو ته، جهڙي سج جي صورت آهي مارئي جي مورت پڻ اهڙي ئي آهي.
پکي منجهه پدمڻي ، جيئن ڏي ورا ڪا وڄ
جهڙي صورت سڄ ، تهڙي مورت مارئي
مومل جي لاءِ ڀٽائي بادشاھ چوي پيو ته هن جي اکين ۾ جهڙوڪر سونهن جون ڪهاڙيون هيون. جنهن بادشاهن توڙي عالمن کي پنهنجي حسن جو ثناگر ٿي بڻايو.
گُجَرِ کي گَجميلَ جُون، تارَنِ ۾ تَبَرُون؛
هڻي حاڪِمِيَنِ کي، زورَ ڀَريُون زَبَرُون؛
ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پسو پَرَڏيهِيُنِ جُون.
(مومل راڻو) 2:2
مومل جي سونهن جو شڪار ٿين ئي پڙهيل، عالم ۽ مذهبي پيشوا ٿا. عام ماڻهو جي وس سندس سونهن جو پسڻ ممڪن ئي ناهي.
سوڍِيءَ گھڻا سَڪائِيا، پَڙهِيا پَڻِتَ پِيرَ؛
هَڻي تِنِ کي تِيرَ، مَڻِيو جن مَٿَنِ ۾.
جيڪڏهن سسئي جي سونهن ڏسون ٿا ته شاھ سائين اسانکي چوندي نظر اچي ٿو، ”پَير پَٽانـئِي ڪُنۡئَرا، ڏُونگَـرَ مَٿي ڏي؛“ جنهن جا پير پٽ پٽيهرن، (سلڪ) کان به نازڪ آهن ان جي سونهن ڇا هوندي؟ اهڙي ريت سهڻي، ليلا ۽ سورٺ پڻ ٻين خوبين سان گڏ سونهن جون عظيم پيڪر آهن. شاھ صاحب نه صرف سورمين جي سونهن بيان ڪئي آهي بلڪه سندس سورما پڻ بهادريء جهڙي عظيم وصف سان گڏ خوبصورت ۽ مرداڻي وجاهت سان سرشار آهن.
حُسۡنَ هوتَ پُنهونءَ جي، ڪَڪورِيو ڪوهِيارُ؛
يا
رُوءِ راڻي جي ناهِ ڪو، سوڍو سَڀِنِ سُونهَن؛
لاٿَائِين لَطِيفُ چئي، مٿان دِلِيُنِ دُونهَن؛
ڪانهي ٻِي وِرُونهَن، ٿِيو مِڙوئِي مينڌِرو.
(سر مومل راڻو، داستان،3 بيت، 5)
وري جيڪڏهن اسان سمبالزم جي تحريڪ تي اچون ٿا ته سمورو رسالو ڄڻ ته سمبالزم جو اهڃاڻ ٿي سامهون اچي ٿو.
ڪَچُ ڪَمايومِ ڪوڙُ، ڀَڳَمِ عَهدَ اَللهَ جا!
پِڃِرو جو پاپَنِ جو، سو چوٽِيءَ تائين چُورُ!
مَعلومُ اَٿيئِي مُورُ، ڳُوڙها! اِنهيءَ ڳالھ جو.
جيڪڏهن اسان ترقي پسندي ۽ پوءِ جديديت تي اچون ٿا ته لطيف اسان کي بنيادي قدرن جي پاسداري ڪندي ڌارين جي يلغار ۽ طاقت کي رد ڪندي چوي ٿو،
جي تون سکيئن ” فارسي“ گولو توءِ غلام
اڃيو تان آب گهري بکيو تان طعام
جو ٻڌو ٻن ڳالهئين، سو ڪيئن چائي ڄام؟
اي عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئي.
ان کان به اڳتي وڌي شاھ لطيف پنهنجي ماڻهن کي درپيش خطرن کان پڻ آگاهه ڪري ٿو.
بَندَرِ جان ڀَــئِي، ته سُکاڻِيا مَ سُمهو؛
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِئن ماٽي منجھ مَهِي؛
ايڏو سُورُ سَهِي، ننڊ نه ڪجي، ناکُـئا!
وجوديت جي ڳالهه ڪيون ٿا ته شاھ چوي ٿو
پيهي جان پاڻَ ۾، ڪَيَمِ رُوحَ رِهاڻِ؛
ته نَڪو ڏُونگَـرُ ڏيہَ ۾، نَڪا ڪَيچِيُنِ ڪاڻِ؛
پُنهون ٿِـيَسِ پاڻَ، سَسُئِي تان سُورَ هئا.
( سر سسئي آبري، داستان 5، بيت 2)
ساجَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئِي؛
اَندَرُ جنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃِيو اُنَ کي.
(سر سسئي آبري، داستان،1، بيت6)
اسٽريم آف ڪانشسنيس يعني شعوري وهڪري تي ٿا اچون ته لڳي ٿو سڄو شاھ جو رسالو ان تحت لکيل آهي.
مِٺايان مِٺو گھڻو، ڪَڙو ناه ڪَلامُ؛
سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.
(سر ڪلياڻ، داستان، ٽيون، بيت، 7)
سوڍي سُتي لوءِ، ڪا جا مون سين ڳالھ ڪَئِي؛
سا جي پَڌَرِ پوءِ، ته سَرتِيوُن ڪانه سُمِهي.
يا
ساندَه سَڀ دَرياهُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي؛
ڇڪِي ڇولِيءَ ۾ گِھڙي، جِتي جِيَّ وِڙاهُ؛
پَسيو ڏوه ڏَڪي هِنئون، آرِ مَٿي اَرِواحَ؛
جي توهُ ٿِـئي توڏانهُن، ته وِيرَ وَهِيڻو ناهِ ڪي.
(سهڻي داستان پنجون، بيت 1 آڏواڻي)
جدوجهد ۽ مزاحمت جي ڳالهه ڪيون ٿا ته شاھ چوي ٿو،
سُورِهَ! مَرِين سوڀَ کي، ته دِلِ جا وَھمَ وِسارِ؛
ھَـڻُ ڀـالا، وِڙِهُ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ؛
مَٿان تيغَ تَرارِ، مارِ ته مَتارو ٿِـئين.
(سر ڪيڏارو، داستان پنجون، بيت، 5)
سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون
وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنن جي
يا
جان وڍيو تان ويهه نه ته وٺيو واٽ ونءُ تون
هيءُ تنين جو ڏيهه ڪاتي جنين هٿ ۾
شاھ سائين هنئين به چوي ٿو ته عزم، حوصلو ۽ سچائي سان جيڪي هلن ٿا اهي پهلوان هڪ لحضي ۾ پاڻي يعني مشڪلن مان پار پئجي وڃن ٿا.
سارِي رات سُجانَ، سَودو ڪَن صاحبَ سين؛
ٻانهپَ ڀَري ٻيـڙِيُون، هليا جوپَ جُوانَ؛
پاڻِي پَهلوانَ، لَحظي مَنجِھ لَنگِھي ويا.
(سر سريراڳ، داستان،2، بيت6)
شاھ سائين جي سامهون نه صرف شاندار ماضي جون عاليشان ريتون آهن. پر هن جي اڳيان ڌرتيء جي اها ڌٻڻ پڻ آهي، جنهن مان اڪرڻ سندس لاءِ ته مشڪل ناهي پر هن کي ڳڻتي آهي پنهنجي ديس ڌڻين جي اگهائي جي، هو پاڻ ته ان چڪڻ مان چڙهڻ ڄاڻي ٿو. پر زمين تي ٿيندڙ ظلمت مان نڪرڻ لاءِ ڌڻي در دعاڳو آهي. سندس هيءُ بيت اڄ جي ڪربناڪ ۽ تابناڪ دور جي ڪيڏي نه بهترين عڪاسي ڪري ٿو.
وَرَ! مَ وِساريجِ، آھِيان تُنھنجي آسِري؛
ڏاڍو ڏُونگَـرَ جو سُڄي، سو لُطفُون لَنگھائيجِ؛
اُسِرِي اُتَھِين، وِيرَ! تُون، آرِي ڄامَ اَچيجِ؛
نِماڻِيءَ کي نُورَ سين، لالَنَ! لَڏائيجِ؛
ظُلِمَتَ جا زمين جِي، سا نِرِمَلَ! نُورُ ڪَريجِ؛
ڪامِلَ! ڪَنِ ڪَريجِ، فَرياديُون فَقِيرِ جون.
(سر معذوري، داستان، ستون، بيت، 6)
“ظُلِمَتَ جا زمين جِي، سا نِرِمَلَ! نُورُ ڪَريجِ؛” جهڙي عظيم سٽ چئي شاھ سائين انسان سان پنهنجي بيپناه محبت جو امالڪ اظهار ڪيو آهي. لاشڪ شاھ عظيم ثقافت جو معجزاتي شاعر آهي. جنهن وٽ پنهنجن سان بيپناھ پيار ته آهي ئي پر هو “دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين” جهڙي آفاقي دعا گهري پوري انسانذات جي ڀلي جي ڳالهه ڪري ويو آهي. هو واقف آهي ته انسان ڪيتري قدر پنهنجي بنيادي قدرن توڙي پيار، محبت، پنهنجائپ، امن، آجپي، اصول، سڪ، سهنج، سک ۽ سڪون جهڙن آفاقي اشارن کان ٽٽي ويو آهي. تڏهن ته سهڻو لطيف فرمائي ٿو.
آدِمِيُنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪَيو؛
هاڻِ کائي سَڀُڪو، سَندو ماڙُهُوءَ ماسُ؛
دِلبَرَ! هِنَ دُنيا ۾، وَڃِي رَهندو واسُ؛
ٻئي سَڀُ لوڪَ لِباسُ، ڪو هِڪَدِلِ هُوندو هيڪِڙو.
(سر بروو سنڌي، داستان ٽيون، بيت،3)
اهو آهي اهو منظرنامو جنهنجي مرشد لطيف اڄ کان ٽي سو ورهيه اڳ نشاندهي ڪري ويو هو. سندس هنر ۽ ڏاهپ ۾ اها سگهه موجود آهي جو نه صرف گذريل وقت بلڪه هر ايندڙ وقت جي امڪانن جوذڪر ڪري ٿو. شاھ جو رسالو پڙهندي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته وقت ۽ حالتن مطابق ان ۾ ازخود ڪي تبديليون اينديون وڃن ٿيون. ڇاڪاڻ ته موقعي جي مناسبت سان سندس هر شعر هر ڀيري نئين معنيٰ کان روشناس ڪرائي ٿو. لاريب لطيف عظيم معجزو آهي.
ٻين نظرين کي ڇڏي جيڪڏهن اسان دنيا کي ڌوڏي ۽ لوڏي ڇڏيندڙ گورک ٿيوري يعني پوسٽ ماڊرن ازم جي ڳالهه ڪيون ٿا، جنهن اڳين پوين سڀني نظرين کي گڏائي هڪ اهڙو محلول تيار ڪري ڇڏيو آهي جو ڪيترن ئي ڏاهن جون وايون بتال ٿي ويون آهن. ان منظرنامي ۾ لطيف بادشاھ جون ڪيئي سونيون سٽون رهنمائي ڪن ٿيون.
هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي نِينهَن اُڇَلَ؛
نه ڪا جَھلَ نه پَلَ، سَڀُڪو پَسي پِرِينءَ کي.
(سر مومل راڻو، داستان ٻيو، بيت،6)
پوسٽ ماڊرن ازم هڪ اهڙو منهاج آهي جنهن ڪنزيومر ڪلچر کان ويندي فرد جي شخصي سڃاڻ تي بحث ڪيو آهي. عجيب نظريو آهي، چوي ٿو جيڪڏهن ڪو خودڪشي ڪري ٿو ته انکي ڪرڻ ڏيو، ڪو مري ٿو ته مرڻ ڏيو(شرط اهو آهي ته مرڻ ۾ مرندڙ جي رضا شامل هجي، سندس موت ۾ مقامي اختيارين جي بي حسي ۽ مرندڙ جي بي وسي نه هجي) ۽ جيڪڏهن ڪو جيئڻ چاهي ٿو ته ان کي جيئڻ ڏيو، ڪا عورت ستن پردن ۾ ويهڻ چاهي ٿي ته ان کي ويهڻ ڏيو، پر جي ڪا عورت ائين نٿي ڪري تڏهن به هوءَ آزاد آهي. هوءَ جيڪو چاهي ته اهو به ان کي ڪرڻ ڏيو. پوسٽ ماڊرن ٿيوري جون جتي ڪيتريون ئي ڪچايون آهن اتي ڪي اهڙيون به سٺايون آهن جو انهن کي ساراهڻو پوي ٿو، “هرڪو پسي پرين وارو تصور” ته ڄڻ پوسٽ ماڊرن ٿيوري جي ڏاهن لطيف کان ورتو آهي. شاھ صاحب جي انهن ٻن سٽن ۾ پوسٽ ماڊرن ازم نظرئي جو سمورو بيان ۽ منهاج موجود آهي. پر ان کان به اڳتي وڌي شاھ سائين جهڙو ڪر ان نظرئي جو نقاد ٿي سامهون اچي ٿو ۽ فرمائي ٿو،
مُئي هاٿِيءَ تي مامِرو، اَچِي ڪَيو اَنڌَنِ؛
مَناڙِينِ هَٿَنِ سين، اَکِئين ڪِينَ پَسَنِ؛
”فِي الۡحَقِيۡقَتَ“ فِيل کي، سَڄا سُڃاڻَنِ؛
سَندِي سَرۡدارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪَري.
(سر آسا، داستان،3 بيت، 11)
اهو سچ آهي ته پوسٽ ماڊرن نظرئي سان به مئل هاٿي واري ڪار ٿي آهي، يا ڄاڻي ٻجهي ڪئي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته ان نظرئي جا پنهنجا فيلسوف اڃا تائين ڪنهن به آخري نتيجي تي ناهن پهتا ته آخر هن نظرئي ۾ ڇا داخل ڪجي ۽ ڇا ان مان خارج ڪجي. ميڊيا ۽ کاپائو ثقافت پنهنجي جاءِ تي زور آهن.
شاھ سائين فرمائي ٿو،
ڏِسَڻُ ڏِسِين جي، ته هَمہَ کي حَقُّ چَئِين؛
شارِڪَ! شَڪُ مَ ني، اَنڌا! اِنهِيءَ ڳالھِ ۾.
(سر آسا، داستان،4 بيت، 3)
مختصر طور تي اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته دنيا ۾ اهو ڪو نظريو، ڪا تحريڪ ڪو لاڙو ناهي جنهن جو اشارو، عڪس يا اهڃاڻ سڌي يا اڻسڌي طرح شاھ سائين وٽ موجود نه هجي. شاھ سائين جي شاعري ڏٺو وڃي ته خمير آهي انهن سڀني ڏاهن جي سوچن ۽ ويچارن جو جن دنيا تي پنهنجا اثر ڇڏيا آهن. هن وٽ ڪبير، تلسي داس ۽ ميران ٻائي جو فلسفو به آهي ته رومي، حافظ ۽ شيرازي جي ڏاهپ پڻ آهي. وٽس قاضي قادن، شاھ ڪريم، لطف الله قادري واروبيان به آهي ته ماڌو لعل حسين ۽ بابا فريد شڪر گنج واري ائپروچ پڻ آهي. مطلب ته هو ڪو اهڙو معجزو آهي جنهن ۾ عربي، فارسي، هندي، سنڌي ۽ پنجابي جي لوڪ ڏاهپ کان ويندي هن خطي ته ڇا بلڪه عالم جو عميق ۽ گهرو فلسفو موجود آهي.
سمجهه ۾ نٿو اچي ته شاھ سائينء فلسفي ۽ فڪر جون ايتريون ڏسائون ڪيئن قابو ڪيون آهن. ڪو اهڙو فلسفو نٿو سجهي جنهن جو اشارو شاھ جي رسالي ۾ موجود نه هجي. ايترو عظيم شاعر هوندي به اسان سنڌي ماڻهو پوئتي ڪيئن آهيون، اهڙو سوال شاھ سائين پاڻ اسانکان ڪيو آهي،
هُئين ته ويڄنِ وَٽِ، تون ڪِئن جِيءَ جَڏو ٿِئين؟
سِرُ ڏيئي ۾ سَٽِ، ڪُهه نه ڪَيءِ ڊَبَڙا؟
اختيارين جي بي اختياري جو احساس شايد ان ويل به ڀٽائيءَ کي هو جو چيو پاڻ ئي بيچين ٿي چيو هئائين.
ڪُٺِيس ڪُويڄَنِّ، تَنَ طبيبَ نه گڏيا؛
ڏيئي ڏنڀَ ڏَڏَنِّ، پاڻان ڏِيلُ ڏکوئِيو.
اسان بيشڪ بيوس ٿيڻ کانپوءِ ڀٽائيءَ ڏانهن رجوع ڪيون ٿا ۽ پنهنجي بيحالي بيان ڪيون ٿا، ۽ سندس ۽ عظيم ڪلام اسانجي اندر جي عڪاسي ڪري ٿو.
وَٽِنِ ويٺِي آهِيان، ڏِسِيو ڪِينَ ڏِسان؛
جَنهِن جِهوئِي ناهِ ڪِي، سا ڪا سُونهَن سَندِيانِ؛
پَسِيو ڪِينَ پَسانِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
(سر رامڪلي، داستان،1، بيت، 11)