رسيلا رنگ
آئون اڪثر چوندي آهيان ته جبل جو ماڻهو جبل جي ڪک، پن، وڻ، وٽ سان شديد پيار ڪندو آهي. جنهن جا مثال آئون پنهنجي لکڻين ۾ اڪثر ڏيندي آهيان. هي به هڪ مثال ئي آهي ته ڪهڙيءَ ريت جبل جو ماڻهو پنهنجي جبل جي سونهن، نعمت ۽ ڪمال جو معترف آهي.
هتي اهو پهاڪو ڊاڪٽر شير مهراڻي تي ٺهڪيل لڳم، سندس نسرڻ يعني سندس ڄمڻ وارو منظر ته مون نه ڏٺو ته ان مهل سندس نرالپ، نرواريت ۽ خوبصورتي ڪهڙي هئي، آئون بلڪل واقف ناهيان، مونکي ته سندس علائقي جي رهڻي ڪهڻي جي به ڄاڻ ناهي. آئون ته انهيءَ محبوب پٽ ڪنب/احدي خان راڄپر کان به اڳ اڻواقف هيس/ ناآشنا هئس.
اي شهر/ڳوٺ ڪنب/احدي خان راڄپر تو کي ڊاڪٽر شير مهراڻي جو ٿورائتو هئڻ گهرجي، جنهن توکي سڃاڻپ ڏني/جنهن اسان سان تنهنجو تعارف ڪرايو.
البته جڏهن کان شير مهراڻي سان واقفيت ٿي اٿم (تڏهن هو ڊاڪٽر نه هو) تڏهن کان ئي سندس اٻريل وکن مان کيس سڃاتو هئم ته هيءُ ماڻهو اهو ئي پهاڪي پيل ٻوٽي جي مصداق آهي. جنهن جي نسرڻ ۽ اسرڻ جو انداز نرالپ ۽ سونهن ڀريو آهي.
اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَل ڪَڍِيا بُرجَنِ سين؛
سازَ، سارَنگِـيُون، سُرَندا، وَڄائي بَرُ چَنگَ؛
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلِٽِـيُون راتِ پَڊامَ تي.
ساڳي ئي لطيف جي بيت وانگي ڪراچي ۾ رکيل سندس قدم رسيلن رنگن ۽ بادلن جي برجن جهڙا هئا. ۽ هو وک وک ڏاهپ سان اڳتي کڻندو، علم جا ساز، سارنگيون ۽ سرندا وڄائيندو، دانش جون صراحيون پلٽائيندو اڳيان وڌندو رهيو. هو ڄڻ ته ڪنب مان اهو قسم کڻي ڪراچي لاءِ اسهيو هو ته هو علم جو علم سربلند ۽ سرخرو ڪري ئي موٽندو. ۽ کيس مهربان، ٻاجهاري ۽ شفيق ڪراچيءَ به ٻنهي ٻانهن سان ڀاڪر پائي کيس هر سونهن سان سنواري، نوازي سرفراز ڪري ڇڏيو.
آئون شاهد آهيان سندس اڻٿڪ جاکوڙ ۽ پتوڙ جي. هو لائق آهي انهن عزتن ۽ اعزازن جو جيڪي کيس مليا به آهن ته اڳيان به ملندا رهندا. شرط اهو آهي ته هو پنهنجي سچائي واري عمل تي ڪامل ۽ محڪم هجي ۽ وڏي ڳالهه ته پنهنجي علم جي طلب ۾ ماٺار جو شڪار نه ٿئي.
سَنئِين سُونهائي سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجھائي؛
طَلَبَ ۽ تَحۡصِيلَ سي، اورِيان ئِي آهي؛
مان لنئون تِتِ لائي، جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا.
اهو ’مُنجهائڻ‘ ئي سندس سونهون رهندو ۽ بر بورائو ٿي کيس نيون ڏسائون ڏيکاريندو.
ڊاڪٽر شير مهراڻي! تنهنجو پورهيو ئي تنهنجو دڳ آهي؛ انهيءَ دڳ تي قائم رهي تون منزلون ماڻيندين. اهو وري منهنجو يقين آهي.
ج. ع. منگهاڻي
ڪراچي، 12 ڊسمبر 2014ع