لطيفيات

شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس

ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس“ جو لکيڪ ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر شير مهراڻي آهي. تاج بلوچ لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي نئين انداز سان ايڪسپلور ڪيو آهي، خاص طور تي عالمي نظرين کي ڀٽائيءَ جي شاعري مان ثابت ڪرڻ پنهنجي جاءِ تي ڏکيو آهي، پر آئون جيئن چئي آيو آهيان ته شير مهراڻي ڀٽائيءَ جي پنجين موسم کي سمجهي ورتو آهي، ۽ عالمي نظرين تي به کيس سٺي گرفت آهي انڪري هو ادب جي عالمي نظرين کي ڀٽائيءَ جي شاعري مان ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.“
Title Cover of book شاهه لطيف جي شاعريءَ  جو جديد اڀياس

مهاڳ

سارتر چيو هو، “ادب داخلي فرياد آهي.” ٿورو غور ڪرڻ سان پتو پوندو ته ان داخلي فرياد جو لاڳاپو رومانيت سان ملندو. جيڪو وجدان سان ڪميونيڪيٽ ٿئي ٿو. تنهن ڪري جيڪو ادب وجداني تاثر نٿو ڏئي اهو يقينن داخلي فرياد ٿيڻ جي لائق به نه هوندو. ۽ منجهس جيڪڏهن رومانوي عڪس به ناهن ته پوءِ اهڙو ادب زندگي سان ڀرپور به نه هوندو. شاھ لطيف اهڙو شاعر آهي، جنهن جي سموري شاعري وجداني، جماليات ۽ رومانوي عڪسن سان ڀرپور آهي، انڪري جيسيتائين زندگي رهندي ڀٽائيءَ جي اهميت رهندي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر شير مهراڻي جيڪي موضوع چونڊيا آهن انهن جو واسطو پڻ زندگيءَ سان آهي. وجودي فڪر هجي، جماليات هجي يا جديديت پڄاڻان؛ ڀٽائي اسان سان گڏ هلي ٿو. جڏهن به اسان بيزار ٿي اڪيلا ٿي وڃون ٿا ته اوچتو ڀٽائيءَ جو هٿ اسانکي پنهنجي ڪلهي تي محسوس ٿئي ٿو ۽ اسان ڇرڪي وڃون ٿا. ڀٽائي جهڙوڪر اسانکي خاطري ڪرائي ٿو ته دردن جي هن ديار ۾ اسان اڪيلا ناهيون، سورن جي سفر دوران هن گهٽ ۽ گهيڙ تان ڪيترائي سورما اڳ به لانگهائو ٿيا آهن. جن ڏاهپ جا ڏنگ سٺا هئا.
جيڪڏهن غور ڪيون ته اسانکي پتو پوندو ته سجاڳي جو دور اونداهي دور جي رد عمل ۾ وجود ۾ آيو. مذهبي/ڪليسائي وڏيرپ، وهمن، وسوسن ۽ عقيدن جي اوندھ جي رد عمل ۾ عقليت پنهنجي پوري سگهه سان نروار ٿي. ريني ڊيڪارٽ وٽ صرف ٻه رستا هئا. هو ذهن ۽ جسم توڙي روح ۽ مادي کي الڳ الڳ ڪري بيهاري، ٻنهي جي دنيا الڳ الڳ ڏيکاري جنهن ۾ ڪنهن جي ڪا مداخلت ته هجي. يورپ مادي رستو قبول ڪيو ۽ روحانيت جا سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا.
اهو چيو ويو ته علم ۽ آگھي جا ذريعا عقل۽تجربو ٿي سگھن ٿا؛ ڇو ته عقلي نظام وري به مرڪز مائل قوت ڏانهن وٺي وڃي ٿو تنهن ڪري وجدان جي قوت کان جديد فيلسوف جند نه ڇڏائي سگھيا. قطعي سچ، صداقت جو معروضي هئڻ، ۽ سماج جي ضدن ۾ موجود هئڻ جديد فلسفي جا بنياد هئا. صوفي وجدان جي کوٽ تي يقين رکي ٿو.
سجاڳي واري دور جو لازمي نتيجو مرڪز آهي. ڇو ته ماديت جي راھ تي هلي سماج کي ٻڌائڻو آهي ته پرولتاريه ڊڪٽيثرشپ لازمي بنجي ٿي. ٻي طرف لازمي هو ته مرڪز توڙي تمام قوتن، صداقتن، عقليت ۽ تجربن کي آزاد ڪيو وڃي. جنهن کي دريدا Play چئي ٿو. جديديت پڄاڻان اهڙو ئي نظام آهي. جنهن ۾ صداقت معروضي نه رهي، تنهن ڪري انارڪي لازمي ٿي پئي.
غور ڪرڻ سان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته يورپ ڪلاسيڪل دور کان وٺي مارڪسزم تائين عقل ۽ تجربي جي ڪُن ۾ غوطا کائيندو رهيو آهي. روحانيت جي رمز سندس دنو ۾ ئي ناهي آئي. وجوديت پهريون ڀيرو انساني وجود جي مسئلي کي کيون ته انسان يا ته ويڳاڻو، اڪيلو، بي يارو مدگار، مڪمل آزاد ۽ جوهر کان بغير بي معنيٰ آهي يا وري سندس جوهر ڪا معروضي صداقت آهي. عين ان وقت اسان وري صوف مت ڏانهن موٽي اچون ٿا ته جوهر وجودي صداقت آهي جنهن جي تڪميل “ڪامل انسان” ۾ آهي. جوهر وحدت ۾ آهي جديديت پڄاڻان واري ڪثرت ۾ ناهي. شاھ لطيف انهي سڄي سفر ۾ ماديت ۽ روحانيت جي جهيڙي ۾ نٿو پوي. هن وٽ صرف زندگي نه پر ڪائنات روح جو سفر آهي. صداقت ڪا انرجي آهي جيڪا معروضي ۽ موضوعي جي جهنجهٽ کان آزاد آهي.
انسان فطرت جو اڻ ٽٽ حصو آهي جنهن کي پنهنجو شعور آهي- هو ويڳاڻو صرف تڏهن ٿئي ٿو جو فطرت جي مظهرن سان ڪميونيڪيٽ نٿو ڪري بلڪ ان کان وڇڙي پاڻ انا ego ۾ خدا ٿيڻ ٿو چاهي.
ڊاڪٽر شير مهراڻي پنهنجي سڄي ڪتاب ۾ انهيءَ ڳالھ کي اهم بڻايو آهي ته تاريخ جون سڀئي تحريڪون ۽ نظريا شاھ جا موضوع رهيا آهن. رومانيت هجي يا ترقي پسندي، جماليات هجي يا وجوديت؛ ايتري قدر جو جديديت پڄاڻان جا عڪس به شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ موجود آهن.
انهي ڪري ته يورپ ڪثرتي ماديِ روپن کان ٻهروپن جو سفر ڪيو آهي. يورپ “جز” ذريعي “ڪل” کي ٽوڙيو آهي ۽ صوفين جز ذريعي ڪل کي ڄاتو ۽ سڃاتوآهي. صوفين ڪثرتي روين ۾ وحدت جو درشن ڪيو آهي. يورپ انسان کي هڪ معروض بنائي ان جي اسٽڊي ڪئي پر صوفين انسان کي روح جي گھراين تائين پرکيو ۽ ان کي ڪامل انسان بنايو.
ڊاڪٽر شير مهراڻي جو اصل موضوع “جماليات” آهي. سوال اهو آهي ته جماليات آهي ڇا؟ شوپنهار کان وٺي شير مهراڻي تائين ‘حسن’ کڙکٻيتي / ٽانڊاڻي وانگر تجلا ڏيندو اڏامندو اچي ٿو. پر اسان ان تجلي کي پرکي نه سگھيا آهيون- بنيادي طرح جمال انسان جي جوشِ حيات سان واسطو رکي ٿو- حيات جو روح رومانويت آهي ۽ ان جو عڪس شعور آهي، هاڻي ضروري آهي ته اسانجو شعور ۽ رومانويت ايتري سگھ رکن جو حسن جي تجلي کي محسوس ڪري سگھن، جيتري شعور جي سگھ ۽ رومانوي جوش هوندو اوترو پنهنجي وجود کي ماڻهو وندرائي سگھندو ۽ اوترو ئي حسن جي تجلي محسوس ڪري سگهندو. حسن ماڻهو ۾ خوشيءَ جو احساس پيدا ڪري ٿو. خوشي وري جوشِ حيات کي وڌائي ٿي- تنهن ڪري لهي ڦيرو گول آهي- پر جي شعوري سگھ نه هوندي ته رومانويت ڪمزور ٿيندي ۽ حسن جي تجلي محسوس ڪري نه سگھبي ۽ جوشِ حيات ڪمزور ٿيندو. اڪثر باشعور ماڻهو جو هڪ ٻيو مسئلو اهو آهي ته منجهس رومانويت جي سگھ گھٽجي ويندي آهي ڇو ته هو قطعي حقيقت ۾ لئيا پائڻ شروع ڪندو آهي ۽ مابعد طبعياتي حيرانگي ۽ ڦاسڻ لڳندو آهي. انهي ڪري ڪريڪيگارڊ زندگي جا ٽي دور ڏسيا هئا.
1. جمالياتي
2. اخلاقي
3. مذهبي
جيڪي سماجي طور زندگي ۽ زمان و مڪان ڦاٿل آهن، پر شعور جڏهن پختو ٿئي ٿو ته اهو زمان ۽ مڪان مان نڪري وڃي ٿو- اصل ۾ اهو وهڪري جو درد آهي. جڏهن اهو درد ماڻهن جي معنويت ڏانهن وڃي ٿو ته
الاڏاهي م ٿيا، ڏاهون ڏک ڏسن
يا
جانت کو دکھ نهه، اجانت کو سکهراج
’جانت‘ اها آهي ته هو ڪجھ نٿو ڄاڻي انهي ڪري جاهل واري پڪ ۾ رومانويت آهي پر انهيءَ جو مزو ائين آهي جو شاھ چيو هو ته
هنجھ تيئين هوءِ، اونهي ۾ اوڙاھ جو
اي ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇاڇر ۾ ڇيڙون ڪري.
حيرانگي عرفانيت واري جنهن ۾ رومانويت ۽ جماليات جا دروازا ٻي طرح کلن ٿا- صوفي انهي تجلي پسڻ کي ۽ وحدت ۾ جڙڻ کي “ڪشف” چون ٿا.
جديد نفسيات دان چون ٿا رومانويت جو رس چس گھٽجڻ ۽ جمال جو محسوس نه ڪرڻ “ڊپريشن” جي علامت آهي- اصل شاھ لطيف انهي ڊپريشن کي ڪارائتو ٺاهڻ لاءِ موت ۽ درد کي سمجھڻ شروع ڪري ٿو. اهائي جديد وجودين جي خاصيت آهي جڏهن هائيڊگر زندگي جي رمزن جو بنياد محرڪ موت کي قرار ڏي ٿو ۽ شاھ به چوي ٿو،
سونهائي سورن، ڪئي هيڪاندي هوت سين
ڊاڪٽرشير مهراڻي شاھ لطيف جي فڪري ۽ جديد پهلوئن جي اپٽار ڪئي آهي؛ جيڪو نئون طريقه ڪار آهي. اصل ۾ مسئلو سڄو ڪميونيڪيٽ ڪرڻ جو آهي. اسان يورپ جي پوئيواري ڪندي مشرق جي فڪر ۽ انهيءَ جي روپن کي يڪجھا نه ڪري سگھياسين. اسان جو ڪلچر، روايتن ۽ انساني قدرن جو زوال انهي وقت شروع ٿئي ٿو جڏهن پرڏيهي نظرين کي ڏيھ تي بغير ڇنڊ ڇاڻ جي اپلاءِ ڪريون ٿا. يورپ کي ماديت ۽ مرڪز توڙ انارڪي ٿڪائي وڌو آهي پر ساڳي وقت اسان جي سماج ۾ انهي معاشي نظام جي اثر انارڪي ۽ ڊپريشن پيدا ڪيو آهي- ڇو ته اسان سياسي آزادي کي معاشي آزادي سمجھي ويٺاسين ۽ انارڪي کي جمهوريت تنهن ڪري اسان جي ڏيهي فڪر ۾ اک ئي نٿي ٻڏي. جھڙي طرح مذهب، سماج، قدرن، رسم و رواج کي ڪمرشلائز ڪيو ويو اهڙي طرح صوفي مت کي به واپار بنايو ويو. اسان جي بدنصيبي اها آهي ته اسان انارڪي کي نظريو سمجھون ٿا. تنهن ڪري اسان جا عالم وقت جي وهنوار ۾ ذاتي فرياد جي جنگ وڙهي رهيا آهن. جيڪا داخلي روح جي ناهي. هي صرف “انا” جي جنگ آهي. اسٽيٽس جي جنگ آهي؛ ان ۾ فڪر ۽ فلسفوزندگي جو سونهون ڪيئن بڻجندو. “انا” انسان کي ماري ٿي. انهي ڪري بي اثر ۽ بي حس سماج ۽ ماڻهو هڪ ڪن ۾ غوطا پيا کائن.
شاھ لطيف اهڙو ئي پيراڊئم آهي جيڪو نه صرف پرزا پرزا زندگي ميڙي ٿو- پر هنن بحرانن مان ڪڍڻ جو ڏس به ڏي ٿو- پر اهو ڪجهه اسان تڏهن سمجهنداسين جڏهن اسان ذاتي انا جي جنگ ۾ نڪري شاھ کي پرکيون.
شير مهراڻي منهنجو شاگرد هئڻ جي ناتي منهنجي شعوري وجود جو ئي تلسل يا ٻيو جنم آهي؛ پر سندس دڳ ۽ رستا الڳ آهن جيڪا علم جي واڌاري جي بهترين ڪڙي آهي. آئون سندس هن محنت کي شاھ تي ڪيل تحقيق جي ڏس ۾ سٺين ڪاوشن مان شمار ڪريان ٿو.

ڊاڪٽر غفور ميمڻ
ڪراچي
15 ڊسمبر 2014