سبق ٻيون ب ـ بنگلو
بنگلن ۾ بادشاهه ماڻهو رهندا آهن ۽ ڪنگلا ماڻهو انهن جي رعيت هوندا آهن. ڪنگلا يعني مسڪين ماڻهو بنگلن جي بادشاهه کان پنهنجون ڪکيون بچائي، ڪکن جي جھوپڙين ۾ گھڙيون گھاريندا آهن. بنگلن جا بادشاهه جنهن وقت به چاهين ڪنگلن کي ڪاٺ ۾ هڻِي سگھن ٿا ۽ انهن جو داڻو پاڻي بند ڪرائي سگھن ٿا. هڪڙو وري بادشاهه عمر سومرو به هيو، جنهن کي به هڪ ماڙي يعني بنگلو هو. بادشاهن کي شڪار جو ڏاڍو شوق هوندو آهي، سو هڪ ڏينهن عمر بادشاهه به ٿر جي هڪ مارئيءَ کي شڪار ڪري پنهنجي بنگلي ۾ قيد ڪيو ۽ کيس پنهنجي راڻي بڻجڻ جي آڇ ڪئي. جھوپڙين ۾ رهندڙ ماڻهو اٽڪلي نه پر اٻوجھه هوندا آهن. مارئي جھوپڙين جي رهواسڻ هُئي ان ڪري هُن اڄُ جي دؤر جي حساب سان بيوقوفيءَ جو ثبوت ڏيندي، عمر بادشاهه جي راڻي بڻجڻ کان انڪار ڪندي بادشاهه کي چيو :
”عمر مون نه وڻن تُنهنجون ماڙيون الا
اسين ماروئڙا مال چاريون الا.“
بادشاهن جا شوق عجيب ته هوندا آهن پر غريب نه ــ جيڪو شوق بادشاهه ڪندا آهن، انهن کي بادشاهي شوق چئبو آهي. بادشاهي شوق گھڻن ئي قسمن جا ٿيندا آهن. ڪُتا پالڻ به بادشاهي شوق آهي. پُراڻي خيال جا بادشاهه ڪُتن کي رڇن سان وڙهائيندا آهن ۽ رتُ وهندو ڏسي خوش ٿيندا آهن. جديد قسم جا بادشاهه ڪُتن کي ڪارن ۾ ويهاري ڪلفٽن، ايلفي ۽ طارق روڊ گھُمائيندا آهن.
جيڪڏهن ڪو ڪنگلو ڀُل ۾ ڪنهن بنگلي جي ڀَر ۾ جھوپڙي جوڙي ويهندو آهي ته بادشاهه پنهنجي بنگلي جي سُونهن تي جھوپڙيءَ جو داغ برداشت نه ڪري سگھندو آهي ۽ هڪ ئي ڦوڪ سان جھوپڙِيءَ کي اڏائي، پاڙيسريءَ جو حق ادا ڪندو آهي، اهو بادشاهه سلامت جي ڦوڪ جو اثر هوندو آهي. هڪ ڦوڪ وري نانگ به ڏيندو آهي. ڪنگلن جي واتان ڦُوڪون نه پر بُک جون اوٻاسيون نڪرنديون آهن.
ٻارو! اوهان شوق سان پڙهي وڏا ٿي بنگلا ڀَلُ ٺهرائجو پَر دل ۾ انسانيت جي لاءِ به ڪُجھه جڳهه جوڙجو. ڪارن ۾ ڪُتن گھُمائڻ بدران مسڪين ۽ لاوارث ٻارن جي سارَ سنڀال لهجو.
[b]*مشق*
[/b]
سوال نمبر 1 : ڪنگلا ماڻهو بنگلا ڇو نه ٺهرائي سگھندا آهن؟
سوال نمبر 2 : بادشاهه ۽ نانگ جي ڦوڪ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
سوال نمبر 3 : بادشاهي شوق ڪهڙا آهن؟
[b]نوان لفظ
[/b]ڪنڌُ = جنهن ۾ ڪِلو نه هُجي
ڪنگلي جي ڪُک = خالي ڀانڊو
جھوپڙي = ڪنگلن جي جنت