سبق ڇهون ٿ ـ ٿورو
بدهاضمي جي شڪايت سبب يا پنهنجي وزن گھٽائڻ لاءِ ڪي ماڻهو ٿورو کائيندا آهن ۽ ملڪ جو انُ بچائي ملڪ تي ٿورو ڪندا آهن.
ڪي ماڻهو ٿورا ٻارَ پيدا ڪري، خانداني رٿابنديءَ وارن ۽ عزرائيل تي ٿورو ڪندا آهن.
ڏاڍا ماڻهو هيڻن کي مارائي، سندن لاش گُم ڪرائي هن جي مائٽن کي ڪفن دفن جي خرچ کان بچائي مٿن ٿورو ڪندا آهن.
ذخيره اندوز، گُدامن ۾ انُ لڪائي، مُلڪ ۾ انُ ٿورو ڪري گُدام جي ڪوئن تي ٿورو ڪندا آهن. گُدام جا ڪوئا انُ کائي مچي پوندا آهن ۽ ذخيره اندوزن کي دُعائون ڪندا آهن. ذخيره اندوز به ناجائز ڪمائيءَ ۽ ڪوئن جي دُعائن سبب مچي پوندا آهن.
ڪو ٿورو وري ڳورو ٿي پوندو آهي، يعني ڳچي وٺندو آهي. ماسي ٻليءَ ڄٽَ شينهن تي ٿورو ڪري کيس پڙهائي اڪابر ڪيو ته موٽ ۾ ٻليءَ کي کائڻ آيو. تنهنڪري ٻارو، ڳوري ٿوري کان هميشه پاسو ڪرڻ کپي.
ڪي ماڻهو، ڪنهن تي ٿورو ڪري، ڍنڍورو ڏيندا آهن، جيڪا ڪني عادت آهي. ڪنهن ماڻهوءَ تي ٿورو ڪري (بشرطيڪ اهو ڳورو نه هُجي) ڍنڍورو نه ڏجي. عظيم انسان ڪنهن تي ڏکئي وقت ۾ ٿورو ڪري وساري ڇڏيندا آهن.
ڪي ماڻهو ڏاهن جي قول تي عمل ڪندي ڪچهريءَ ۾ ٿورو ڳالهائي ڪچهريءَ وارن تي ٿورو ڪندا آهن ۽ ٻين جون لٻاڙون صبر سان ٻڌندا آهن.
هوٽلن وارا ماڻهن کي بيمار جانورن جو گوشت کارائي، ڊاڪٽرن تي ٿورو ڪندا آهن. انهيءَ ٿوري جي ڊاڪٽرن کي خبر نه هوندي آهي. ان ڪري ان کي ”غائبانه ٿورو“ چئبو آهي.
اسان جي ملڪ ۾ اڪثر ڳالهيون ۽ واقعا غائبانه نموني جا ٿيندا آهن. نه گھوٽ کي خبر ته ڪنوار ڪاڻي آهي ۽ نه وري ڪنوار کي خبر ته گھوٽ منڊو آهي، بس شادي ٿي ويندي. ان کي ”غائبانه شادي“ چئبو آهي.
ٻارو! ياد رکڻ گھرجي ته ٿورا ٿڦيا به ويندا آهن. ايڊيٽر صاحب ليکڪن جون لکڻيون شايع ڪري، مٿن ٿورو ٿڦيندا آهن. مورو حالانڪ ٿورو ناهي پوءِ به عورتون زوريءَ مورو ڳائي ڍولڻ تي ٿورو ٿڦينديون آهن :
مـــــــورو ناهــــــــي ٿورو
او ڊولڻ مورو ويٺي ڏيان.
پيارا ٻارو!
اسان سڀني تي گھڻي کان گھڻا ٿورا اُنهيءَ مالڪ جا آهن، جنهن اسان کي مختلف نعمتن سان نوازيو آهي. سندس ٿورن جي موٽ ۾ اچو ته سندس ڳُڻُ ڳايون. اوهان تي والدين جا ٿورا آهن. انهن ٿورن جي موٽ ۾ اوهان جو فرض آهي ته محنت ڪري ڪامياب انسان بڻجو، جيئن وطن ۽ والدين لاءِ فائديمند ثابت ٿيو.
[b]*مشق*
[/b]
سوال نمبر 1 : ڳوري ٿوري جا نقصان بيان ڪريو؟
سوال نمبر 2 : ظاهري ٿوري ۽ غائبانه ٿوري جي ڀيٽ ڪريو؟
سوال نمبر 3 : گُدام جي ڪُوئن جي صحت تي گھران نوٽ لکي ايندا.
[b]نوان لفظ
[/b]
ڄٽُ = جيڪو ملوڪُ نه هُجي
لٻاڙَ = جنهن جي ٻُڌڻ سان ڪن پچن
ڪنوار = جيڪا روئي نه.