ٻاراڻو ادب

نئين دؤر جا نوان سبق

سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي محسوس ڪندي محترم ادل سومري پنهنجي ٻاراڻي دور کي ياد ڪندي ٻاراڻي ادب لاء سٺو ڪم ڪيو آهي، سندس هي ڪتاب ”نئين دور جا نوان سبق“ ٻارن لاء لکيل ڪهاڻين تي مشتمل آهي۔
هن ڪتاب کي اِي بوڪ ايڊيشن ۾ محترم عبداللطيف انصاري پاران ڪمپوز ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي ويب سائيٽ تي آندو ويو آهي۔
  • 4.5/5.0
  • 2598
  • 851
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ادل سومرو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نئين دؤر جا نوان سبق

سبق ڏهون پ ـ پاڻي

پاڻيءَ جي ڪهاڻي تمام پُراڻي آهي. پاڻيءَ سان اسان سڀني جي پڪي دوستي آهي ۽ ان کان سواءِ اسان جو چاڙهو ڪونهي. جڏهن اُڃ لڳندي آهي تڏهن پاڻي پيئبو آهي. ڪي ماڻهو وري خوامخواهه پاڻي پيئندا آهن ۽ هاريندا آهن. پاڻي جيئن ته قدرت طرفان اسان کي مفت عنايت ٿيل آهي، تنهنڪري اسان کي ان جو قدر ڪونهي. مفت جي شين جو قدر ڪونه ٿيندو آهي.
پئسي وارا ماڻهو، اونهاري ۾ اڃ لڳڻ مهل قسمين قسمين ٿڌا رنگين شربت واپرائيندا پنهنجي اُڃ اُجھائيندا آهن. گرميءَ سبب برف پوش پهاڙن ڏانهن تفريح ڪرڻ هليا ويندا آهن ۽ ڏوڪڙن کي پاڻيءَ وانگر خرچُ ڪندا آهن. پورهيت ماڻهو ڪارين اُسن ۽ هڏ هڻندا آهن ۽ پگھر ۾ پاڻي ٿي ويندا آهن. اڃ لڳڻ مهل کين ٻاڙو پاڻي نصيب ٿيندو آهي. گھڻي محنت ڪرڻ ڪري انهن جي حالت اسان جي پرائمري اسڪولن جهڙي ٿي ويندي آهي. پورهيت وانگر پرائمري اسڪول به هر قسم جي سهولت کان محروم هوندو آهي. پرائمري اسڪولن ۾ اڪثر ڪري بجلي نه هوندي آهي تنهنڪري ٻارڙا ويچارا اونهاري ۾ پگھر ۾ غوطا کائيندي سبق پڙهندا آهن، جنهن ڪري کين ڪُجھه به سمجھه ۾ نه ايندو آهي. وري جڏهن ٻارڙا اسڪول جي سينور لڳل مَٽن مان ٻاڙو پاڻي پيئندا آهن تڏهن سندن ڪچڙي نڙي وڌيڪ خشڪ ٿي ويندي آهي ۽ هو سبق پڙهي نه سگھندا آهن.
سياري جي مند ۾ پرائمريءَ جا شاگرد، اسڪول جي چؤطرف کليل ۽ زبون جاءِ ۾ سيءَ کان ٿڙڪائيندا رهندا آهن. سندن هٿ ڏڪندا آهن. تنهنڪري هو لکي نه سگھندا آهن. هو اسڪول ۾ تريون مهٽيندا رهندا آهن ۽ سندن تعليم جو معيار بلند ٿيندو رهندو آهي.
ننڍڙو ٻار ٻوٽي مثال آهي. جيڪڏهن کيس پيار جو پاڻي ڏبو رهبو ته هو وڌندو. جيڪڏهن مٿس سختي ڪبي ته هن کي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو ڪلر وٺي ويندو ۽ هُو وڌي نه سگھندو. پرائمري ماستر پنهنجي گھر ۾ جيتوڻيڪ پنهنجن ٻارن کي پيار ڏئي نه سگھندو آهي، تڏهن به هو ڪوشش ڪري اسڪول جي شاگردن کي پيار سان پڙهائيندو آهي.
پاڻيءَ ۾ ٿورو کيرُ ملائي، ان کي کيرُ ڪري کپائي سگھجي ٿو. اهڙي قسم جي ڪمائيءَ کي پاڻيءَ جي ڪمائي چئبو آهي. جن ماڻهن کي پاڻيءَ جي ڪمائي هوندي آهي، اهي ڪُڪڙ قورما ۽ ٻيا سُٺا سُٺا طعام واپرائيندا آهن. جن ماڻهن کي پاڻيءَ جي ڪمائي نه هوندي آهي، انهن جا رُڳو وات پاڻي پاڻي ٿيندا آهن. وات پاڻيءَ پاڻي ٿيڻ کان پوءِ اُنهن جي اکين ۾ به پاڻي تري ايندو آهي. جن ماڻهن جي اکين ۾ پاڻي هوندو آهي، انهن جي قسمت ڪُراڙي ۽ ڪمزور هوندي آهي ۽ پاڻيءَ ۾ غوطا کائيندي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن پاڻيءَ کي به ڪاوڙ ايندي آهي، پوءِ هو بچاءُ بندُ ڀڃي وسنديون ۽ کيتَ ٻوڙي ڇڏيندو آهي. ماڻهو پاڻيءَ جي انهيءَ ڪاوڙ کي ٻوڏ چوندا آهن. ٻوڏ جو شڪار گھڻو ڪري گنجي ۽ گوڏ وارا ڳوٺاڻا ٿيندا آهن. ٻوڏ ۾ سندن ڪَچا گھَر ۽ ڍور ڍڳا لُڙهي ويندا آهن ۽ پوءِ اهي ويچارا ڳوٺاڻا پنهنجن ٻارن ٻچن سميت، ٻوڏ جا ستايل بڻجي، بندن تي امداد جي آسري تي اکيون واٽن تي وڇائي ويٺا هوندا آهن.
ڪُجهه وقت کان پوءِ شهر جا ’معزز شهري‘ اکين تي ڪاري عينڪ چاڙهي، ڪيمرائون کڻي، ڪارن ۾ چڙهي ايندا آهن. اٺ سير امدادي اٽو ورهائي دردناڪ پوزُ (فوٽو) ڪڍرائي هليا ويندا آهن. گھر وڃي، پنهنجي ڦوٽوءَ ڏسڻ لاءِ ٻئي ڏينهن جي اخبار جو انتظار ڪندا آهن.
معزز شهري شهر جا ٿنڀا هوندا آهن. پيٽ کان وٺي هُنن جي هر شيءَ غير معمولي هوندي آهي. ماستري معزز پيشو کڻي آهي، پر ماستر ڪڏهن به معزز شهرين ۾ شامل ٿي نه ٿو سگھي. اهڙي ريت ڍڪَ منشي، ڪلارڪ، پٽيوالا ۽ ٻيا پورهيت وغيره معزز شهري نه هوندا آهن. انڪري اهو ضروري ناهي ته معزز شهريءَ جو پيشو به معزز هُجي. اڄوڪي دؤر ۾ حرام، حلال تي حاوي آهي. حلال جي ڪمائيءَ تي حرام ڪي ڪمائيءَ پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي.
شال ائين نه ٿئي جو اسين حرام جي ڪمائي تي پلجي جوان ٿيون!!

[b]*مشق*
[/b]
سوال نمبر 1 : تعليم جو معيار ڪهڙي نموني بلند ٿي رهيو آهي؟

سوال نمبر 2 : ڪهڙن ماڻهن جي قسمت ڪُراڙي ۽ ڪمزور هوندي آهي ۽ پاڻيءَ ۾ غوطا کائيندي آهي؟

سوال نمبر 3 : ماستر معزز شهري ڇو نه ٿو ٿي سگھي؟

[b]نوان لفظ
[/b]
ڪاوڙ = بهادر ماڻهوءَ جي خوراڪ
معزز شهري = جنهن جي پُٺ مضبوط هُجي
پٽيوالو = جنهن کي پٽو نه هُجي.