ڪھاڻيون

سڪون ڪٿي آهي

”سڪون ڪٿي آهي“ نامياري ڪهاڻيڪار، ڊارما نگار، شاعر ۽ ليکڪ رزاق مهر جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
ڪيهر شوڪت لکي ٿو:
”رزاق مهر جي ڪهاڻين جا مجبور، دٻايل، ستايل، جڪڙيل، ڦاٿل، وساريل، بيمار، ڊنل، بي آرام، سڪون ۽ سلامتيءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ، زندگيءَ ۽ موت جو چاهه ۽ ڊپ کڻي جيئندڙ ڪردار ۽ انهن جي بي رحم، ظالم، مفادپرست، اوپري، ويساهه گهات، قياس جوڳي ۽ ڀوائتي دنيا. ان سڀ کي رزاق مهر فيشن پرستيءَ، نعريبازيءَ، ذات پرستيءَ ۽ وات ڳاڙهائپ کان هٽي ڪري جنهن سنجيدگيءَ، گهرائيءَ ۽ فنڪاريءَ سان پيش ڪيو آهي اُن رزاق کي اڄ جي مکيه جوابدار ۽ وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ کڻي بيهاريو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 1914
  • 810
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رزاق مھر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سڪون ڪٿي آهي

پيش لفظ : ڪيهر شوڪت

شايد هوشو هاسٽل (سنڌ يونيورسٽيءَ) ۾ ئي هڪ اديب ۽ مان جڏهن پهريون ڀيرو ملياسين ته اتي ٻين ڳالهين سان گڏ نون اديبن واجد ۽ رزاق مهر جو به ذڪر نڪتو ۽ٿورڙي عرصي اندر ئي واجد سان گڏ هڪ سهڻي ٺاهوڪي (ٿلهي نظر اچڻ کان اڳ ۾ به رزاق ٺاهوڪو رهي چڪو آهي.) پياري ۽ لڄاري نوجوان سان لاڙڪاڻي ۾ منهنجي واقفيت ڪرائي وئي ۽ اتي هن جي لگن، هن جو جوش، ادب ۽ اديبن سان هن جو چاهه (خاص ڪري امر جليل سان هن جو والهاڻو عشق) ڏسي ۽ هن جون لکڻيون ٻڌي مون کي پڪ ٿي ته هڪ ڏينهن رزاق مهر ضرور سنڌي ادب جي اُڀ تي هڪ روشن ستاري جيان چمڪندو.
جيتوڻيڪ سنڌ رزاق مهر کي هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ايڊيٽر جي روپن ۾ سڃاڻي ٿي ۽ هن پيش لفظ ۾ مون کي ڇڙو رسم ۽ روايت طور هن جي ڪهاڻين تي ئي لکڻو آهي پر هن جا ٻيا به روپ آهن. هن سٺيون ۽ خوبصورت ڪهاڻيون ۽ معياري رسالو ”نئين دنيا“ ئي نه ڏنو آهي پر هن تمام سٺي شاعري به ڪئي آهي ته ويجهي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڪنهن معياري اسٽيج ناٽڪ ڏنا آهن ته انهن ۾ رزاق ئي شايد سنڌ جو اڪيلو اسٽيج ناٽڪ ڪار آهي جنهن سطحي ۽ بازاري ناٽڪن کان هٽي گهرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ناٽڪ لکي پيش ڪرايا آهن. هن جو لکيل ناٽڪ بدحواس هيڊ ڪلارڪ اڄ جي اسٽيج جي گدلي سينور ۾ ڪنول جو گل آهي ۽ هڪ وڏو جتن پڻ جنهن سان شايد سنڌي ناٽڪ اُردو سطحي ناٽڪن ۽ فارمولائي پنجابي فلمن جي نقالي ڇڏي وري پنهنجي پراڻي شاندار روايت (ورهاڱي کان اڳ واري) تي هلڻ شروع ٿو ڪري.
ها پر اِها ڏک جي ڳالهه آهي ته رزاق مهر ڪوتا کي بنهه ڇڏي ڏنو آهي ڇو ته هو ان بدعت جو شڪار ٿي چڪو آهي ته ليکڪ کي جي نثر لکڻ گهرجي ته نظم کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ جي نظم چوڻ گهرجيس ته نثر کان پري ڀڄڻ کپي. رزاق پنهنجي جاءِ تي ڪنهن حد تائين صحيح ضرور آهي پر اهو تڏهن ٿيڻ گهرجي جڏهن ڪنهن کي رڳو هڪ شئي تي پهچ هجي ۽ ٻيءَ شئي تي نه پر جڏهن ڪو ڪلا جي ٻنهي شين تي هڪ جهڙي پهچ رکي ٿو تڏهن هن کي ٻنهي شئين تي ضرور قلم کڻڻ گهرجي. باقي هونئن ته مان به ان جي سخت خلاف آهيان ته جڏهن ڪنهن کي ڇڙي شاعري سُٺي ڪرڻ ٿي اچي ۽ ڪهاڻيءَ ۾ هُو ٻوڙ ٿو هاري ته هن کي اجايو پنهنجو اميج خراب ڪرڻ نه گهرجي. جئن سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي يا جڏهن ڪنهن کي رڳو ڪهاڻي سٺي ٿي لکڻ اچي پر هن کي شاعريءَ جي پڳ ٻڌي اياز يا شيام ٿيڻ جو خفت آهي ته ان سان هو پاڻ کي ڌڪ پهچائي رهيو آهي. جيئن هند ۾ ٿي رهيو آهي. جتي اهي ٻئي لاڙا نقصانڪار آهن اُتي اهو لاڙو به هاڃيڪار آهي ته قدرت ته ڪنهن ڪلاڪار کي شعر توڙي نثر جي تخليقڻ جي ڏات ڏني آهي پر هو رڳو هڪ صلاحيت کان ڪم وٺي رهيو آهي. رزاق مهر جي اها ناشڪري سنڌ لاءِ ئي نه رزاق لاءِ به هاڃيڪار آهي يا رزاق لاءِ ئي نه سنڌ کي به ڇيهو پهچائيندڙ آهي.
مٿي مون رزاق مهر جي ايڊيٽر هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. دل ٿي چوي ته ان تي به ڪجهه ڳالهايان. رزاق مهر نه رڳو نئين دنيا جا سادا پر ادب جي لحاظ کان معياري پرچا ڏنا آهن ۽ هن ”نئين دنيا“ جا خوبصورت ۽ معنيٰ ڀريل ايڊيٽوريل لکي پنهنجي وت ۽ ست آهر سنڌي ماڻهن جي شعور وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ان سان گڏ هن جيڪو وڏو ڪم ڪيو آهي اُهو اِهو آهي ته هن ڪڏهن به ”نئين دنيا“ جي رسالي توڙي اداري جو ناجائز فائدو وٺي پڙهندڙن ۽ اديبن کان پنهنجي ساراهه جا گيت نه ڳائرايا آهن. رزاق جيڪڏهن چاهي ها ته ائين ڪرڻ نئين دنيا جي رسالي ۽ اداري هئڻ ڪري هُن لاءِ بلڪل سَوَلو هو پر هن ائين نه ڪيو آهي ۽ پنهنجي جاءِ تي اها ڳالهه اڄ جي دور ۾ معجزي کان گهٽ ناهي جڏهن ته اڄ ڪنهن وٽ رسالو يا ادارو هئڻ ته وڏي ڳالهه آهي ۽ ٻئي کان ساراهه جا ڍُڪ ڀرائڻ ته عام ڳالهه آهي پر ماڻهو ته هاڻي پاڻ دلالن جيان هوڪا ڏئي پنهنجي عظيم، ڳنڀير، مهمان ۽ برک ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول ڪار، نقاد ۽ اديب هجڻ جا دهل وڄائي پڙها ڏئي رهيا آهن.
رزاق مهر به دن دور ۾ لکڻ شروع ڪيو جڏهن امر جليل جي انداز جو جادو سڄي سنڌ تي ڇانيل هو. جڏهن امر کان متاثر ٿي سندس ڪجهه همعصر به پنهنجو انداز ڇڏي جليلي ڍنگ ۾ لکڻ لڳا هئا تڏهن ڪنهن نئين ڪهاڻيڪار جو امر کان متاثر ٿيڻ ڪا عجب جهڙي ڳالهه ٿي نه ٿي سگهي. هونئن به نئون ليکڪ شروع ۾ ڪنهن نه ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪندو آهي. سو رزاق جي مهڙين ڪهاڻين تي امر جو اثر رهيو پر اڳتي هلي هن نه رڳو امر جي انداز کي ڇڏي ڏنو پر خود هن امر ۽ امر کي ڪاپي ڪندڙن ۽ پاڻ تي طنزيا ڪهاڻي ”ڪرشن هاٿيءَ اڳيان“ به لکي.
اوور ٽائيم رزاق مهر جي اها ڪهاڻي آهي جنهن پهريون ڀيرو ادبي پارکن جو ڌيان ڇڪائي وڌو ۽ ان ئي ڪهاڻيءَ سان رزاق پهريون ڀيرو سيکڙاٽ ڪهاڻيڪارن جي ڊگهيءَ قطار مان ٻاهر نڪري نروار ٿيو ۽ نه رڳو سجاڳ پڙهندڙن جي دل ۾ جاءِ جوڙي ورتائين پر ان ڪهاڻيءَ سان سنڌ جا سڄاڻ ڪلاڪار به هن کي عزت ۽ اُميد جي نظرن سان ڏسڻ لڳا.
هن مجموعي ۾ رزاق مهر جون تقريبن سموريون ڪهاڻيون ڪنهن نه ڪنهن خيال کان سُٺيون ڪهاڻيون آهن پر انهن مان سڪون ڪٿي آهي، وئرٿ زندگي ۽ هڪ شخص جو موت اهڙيون ڪهاڻيون آهن جيڪي هن کي سنڌيءَ جي وڏن ڪهاڻيڪارن جي صف ۾ بيهارن ٿيون جن کي واقعي خبر آهي ته ڪهاڻي ڪهڙيءَ شئي جو نالو آهي؟ ڪهاڻيءَ جون ڪهڙيون گهرجون آهن؟ ڪهاڻيءَ ۾ ڇا ڏجي؟ ۽ ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟
رزاق مهر جي انهن ٽنهي ڪهاڻين جا مجبور، دٻايل، ستايل، جڪڙيل، ڦاٿل، وساريل، بيمار، ڊنل، بي آرام، سڪون ۽ سلامتيءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ، زندگيءَ ۽ موت جو چاهه ۽ ڊپ کڻي جيئندڙ ڪردار ۽ انهن جي بي رحم، ظالم، مفادپرست، اوپري، ويساهه گهات، قياس جوڳي ۽ ڀوائتي دنيا. ان سڀ کي رزاق مهر فيشن پرستيءَ، نعريبازيءَ، ذات پرستيءَ ۽ وات ڳاڙهائپ کان هٽي ڪري جنهن سنجيدگيءَ، گهرائيءَ ۽ فنڪاريءَ سان پيش ڪيو آهي اُن رزاق کي اڄ جي مکيه جوابدار ۽ وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ کڻي بيهاريو آهي.

[b]ڪيهر شوڪت
[/b]1982 – 12 – 25
اي – 84 يوسف پلازا ايف بي ايريا ڪراچي