ڪھاڻيون

سڪون ڪٿي آهي

”سڪون ڪٿي آهي“ نامياري ڪهاڻيڪار، ڊارما نگار، شاعر ۽ ليکڪ رزاق مهر جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
ڪيهر شوڪت لکي ٿو:
”رزاق مهر جي ڪهاڻين جا مجبور، دٻايل، ستايل، جڪڙيل، ڦاٿل، وساريل، بيمار، ڊنل، بي آرام، سڪون ۽ سلامتيءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ، زندگيءَ ۽ موت جو چاهه ۽ ڊپ کڻي جيئندڙ ڪردار ۽ انهن جي بي رحم، ظالم، مفادپرست، اوپري، ويساهه گهات، قياس جوڳي ۽ ڀوائتي دنيا. ان سڀ کي رزاق مهر فيشن پرستيءَ، نعريبازيءَ، ذات پرستيءَ ۽ وات ڳاڙهائپ کان هٽي ڪري جنهن سنجيدگيءَ، گهرائيءَ ۽ فنڪاريءَ سان پيش ڪيو آهي اُن رزاق کي اڄ جي مکيه جوابدار ۽ وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ کڻي بيهاريو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 1914
  • 810
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رزاق مھر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سڪون ڪٿي آهي

شڪست

آچر جو ڏينهن هو. عام موڪل هئي تنهن ڪري هو ڏينهن چڙهيي تائين سُتو پيو هو. نو ٿي ويا هئا پر هن جي ننڊ پوري ڪانه ٿي هئي ڄڻ هن جي ننڊ ڪنهن حريص سرمائيدار جي حريص خواهش هئي. هو سڪون منجهان آهستي آهستي ساهه کڻي رهيو هو ۽ تڏهن شمي مٿانهنس آئي هئي. هن جي ڪاوڙيل چهري منجهان هن جا لڪيل اراڌا ظاهر ٿي رهيا هئا. هوءَ ضبط کان ڪم وٺي رهي هئي. ”اڙي اڃان سُتو پيو هوندين ڇا؟“ کٽ جي ڀر سان بيهي ڏند ڪرٽيندي چيائين پر مجال هئي جو هُو اُٿي! شمي ڪاوڙ وچان ڏانهنس گهورڻ لڳي. ٿوريءَ ماٺ کان پوءِ ٻوڪڙ ڪيائين. ”اُٿ نواب صاحب! نَوَ ٿي ويا اٿئي!“ پر لڳي رهيو هو ڄڻ ته هو ٻوڙو ٿي ويو هجي يا ٿي سگهي پيو يا ڄاڻي واڻي نٽائيندو هجي. بهرحال شميءَ جي ڪاوڙ ڪلائيميڪس تي پهچي وئي. ”نه ٿو ٻڌين ڇا؟“ هيٺ جهڪي ڪلهي ۾ هٿ وجهي ڌونڌاڙيائين. انور اکيون کوليون – ڪاوڙيل اکيون. دل ۾ چڀي ويندڙ ڳاڙهيون ڳاڙهيون نظرون هُن تي وڌائين. ”ڇا لاءِ رڙيون ٿي ڪرين بدشڪلي! ڪيترو چيو ٿي مانءِ صبح صبح جو منهن بڇڙو نه ڪندي ڪر!“ چوڻ چاهيائين پر ڏند ڪرٽي ضبط ڪيائين. خاموشيءَ سان ڏانهُنس ڏسڻ لڳو. ”نه اجايو کيٽو چڱو ناهي.“ اهو سوچي دل جي ڳالهه دل ۾ دٻائي ڇڏيائين.
”اڄ اُٿڻ جي مرضي ڪونه هيئي ڇا؟“
هاڻي انور ڦاٽ کاڌو ”ڇو منهنجي سمهي رهڻ سان دنيا جو چرخو رڪجي وڃي ها ڇا؟“
”منهنجو ساهه ضرور رڪجي وڃي ها!“
انور ڪو جواب نه ڏنو. شمي کٽ جي پيرانديءَ کان ويهي مٿي کي هٿ ڏئي ڪجهه سوچڻ لڳي. ٻئي چپ رهيا. ڪا مهل ڪنهن نه ڳالهايو.
”خبر اٿئي؟“ شميءَ وقتي خاموشيءَ کي ٽوڙيو. ”گهر ۾ اٽي جي لپ به ڪونه اٿئي!“
تپي باهه ٿي ويو ”ڇا ٿي چوين؟“
”چيم ته اٽو ڪونهي!“ بيزاريءَ مان وراڻيائين.
انور کٽ تان اُٿي آرس ڀڃي لڱن مان ٺڙڪاٽ ڪڍيا. پوءِ ڳنڀير ٿيندي چيائين ”ڏس شمي قناعت کان ڪم نه ورتئي ته هيءُ گهر تباهه ٿي ويندو.“ هو شميءَ جي منهن ڏانهن ڏسڻ لڳو جيڪا سامهون ڀت ڏانهن گهوري رهي هئي. ”مڃان ٿو ته منهنجي پگهار تنهنجي ۽ منهنجي گهرجن کان گهڻي گهٽ آهي.“ انور چئي رهيو هو ”ڪيئن به سهي پر اسان کي في الحال انهيءَ تي ئي وقت گذارڻو آهي. جي سنڀالي قدم نه کنيونسين ته دنيا ٿڪون هڻندي.“
شميءَ ڀت مان نظرون هٽائي انور ڏانهن ڏٺو. چيائين ”هاڻي اٽو به وٺي ايندين يا رڳو ڳالهيون ڪري بک ماريندين.“ ۽ هو اُٿيو. وڌيڪ ڪڇڻ بنا بورچي خاني ڏانهن وڌي ويو. ڊالڊا جو خالي دٻو کنيائين ۽ ڪنڌ جهڪائي ٻاهر هليو ويو. گهڻيءَ دير کان پوءِ جڏهن واپس آيو ته خالي دٻو اٽي سان ڀريل هو. هو سڌو بورچي خاني ڏانهن آيو جتي شمي چُلهه ۾ رکيل ڪاٺين کي ڦوڪون ڏئي رهي هئي. دونهين سبب انور جو ساهه گهُٽجڻ لڳو. هو جلدي ٻاهر هليو آيو ۽ اڱڻ تي پيل کٽ تي ويهي رهيو. هو مٿي کي هٿ ڏئي دڪاندار سان ڪيل گفتگوء، موٽ ۾ رکي جواب، پوءِ ٻانهون ٻڌڻ ۽ ايلاز ڪرڻ واري پنهنجي گهٽتائيءَ بابت سوچي رهيو هو جو اوچتو شميءَ جي آواز هن جي سوچن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو. ”هي اٽو آندو اٿئي!“ دٻو ڌرتيءَ تي رکندي ڪاوڙ مان چيائين. ”ميرو جهڙو مٽي – ان کان ته مٽيءَ جي جهول ڀري اچين ها!“
”تنهنجي مٿي ۾ وجهان ها ڇا؟“
”دڪاندار جي ڏاڙهيءَ ۾ وجهي اچين ها جنهن ههڙو اٽو ٿڦيو اٿئي. ماريو مئو – حرام کائڻو!“
چماٽون هڻڻ ۽ وارن پٽڻ تي دل چاهڻ لڳس پر مٿي کي هٿ ڏئي هڪ وڏو شوڪارو ڀري خاموش ٿي ويو.
”هيء موٽائي ٻيو وٺي اچ! سمجهيئي نه؟“
انور چيو ”موٽائي ڏنومانس ته حرامي اصل اوڌر ئي نه رکندو. ڪڏهن اهو به سوچيو اٿئي ته ڪيڏو ته ذليل ٿي وٺي اچڻو ٿو پوي. اڄ ته اصل ڏئي ئي نه پيو. ٻانهون ٻڌيون ٿي مانس تڏهن ڏنو اٿائين.“ هو هن جي منهن ڏانهن گهورڻ لڳو. ”هڪ هڪ جي آڏو ذليل ڪرايو اٿئي. اڃان ڇا مرضي اٿئي؟“ ڪاوڙ مان چيائين. ”وس نه ٿو پڄي نه ته جيڪر.....“
شميءَ وراڻيو ”نه ته جيڪر گهر مان ڪڍي ڇڏين! ائين نه؟“ ”نه مان پاڻ ٿو نڪري وڃان.“ پوءِ ڪاوڙ مان گهران ٻاهر نڪري آيو ۽ اجايو رستن تي رلڻ لڳو. هن آوارن ماڻهن جيان گهمڻ ٿي چاهيو. هن رلڻ ٿي چاهيو. بي مقصد، اجايو ۽ اڄ هن رلڻ جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. هو هلي هلي ٿڪجي پيو. هن جي گوڏن ۾ سور پئجي ويو. هن جو سنڌ سنڌ سور ۾ ڏکڻ لڳو. تڏهن به هن رلڻ کان بس نه ڪئي پر اوچتو هن محسوس ڪيو ته هو هاڻي ڪري پوندو. تڏهن سامهون باغ جي گهاٽن پنن سان ڍڪيل ڊگهن وڻن تي نظر پئي هئس. هن محسوس ڪيو ڄڻ اهي وڻ هن ڏانهن واجهائي رهيا آهن. پنهنجي گهاٽي ڇانوَ ۾ سڪون ڏيڻ لاءِ کيس سڏي رهيا آهن. هن سوچيو ”مون کي باغ ۾ ويهڻ گهرجي.“ ۽ پوءِ هو تجر باغ ڏانهن رڙهي ويو. باغ ۾ ماڻهو ٽولا ٽولا ٺاهي ويٺا هئا. ڪي تاس راند کيڏي رهيا هئا ته ڪي گپ شپ هڻي وقت ڪٽي رهيا هئا. هو ڪنڊ ۾ رکيل هڪ خالي بئنچ ڏانهن وڌي ويو. بئنچ جي ڀر سان ئي سائي ڇٻر تي ماڻهو تاس راند کيڏي رهيا هئا ۽ انهن جي سامهون توت جي وڻ هيٺان هڪ پوڙهو مالشي هڪ ٿلهي شخص کي زور ڏئي رهيو هو. هن هڪ نظر ان مالشيءَ ۾ وجهي منهن ڦيرائي ڇڏيو. پوءِ سست رفتار سان هلندو بئنچ تائين پهچي ويو ۽ اُن مٿان ڄنگهون ڊگهيري ليٽي پيو. هن سوچيو ”ان پوڙهي کي ڇا ملندو؟ انساني آزاديءَ جي سڏجندڙ هن دؤر ۾ هيءُ پوڙهو ڪيترو ته مجبور ۽ بيوس آهي؟ ۽ مان - مان وري ڪهڙو خوش آهيان! مان به ته مجبور آهيان – مان به ته پائيءَ پائيءَ لاءِ محتاج آهيان.“ ٿڌو شوڪارو ڀريائين. اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي وهڻ کان روڪڻ لاءِ اکيون ڇنڀڻ لڳو. پوءِ زوريءَ اکيون ٻوٽي سمهي پيو ۽ جڏهن سج جا پاڇا لڙي ويا ۽ هن جي مٿان پوندڙ ڇانوَ اُس ۾ بدلجي وئي تڏهن هن اکيون کوليون. پنهنجي پسگردائيءَ ۾ ڏٺائين. تاس کيڏڻ وارا وڃي چُڪا هئا پر توت هيٺان پوڙهو مالشي اڃان ان شخص کي زور ڏئي رهيو هو جيڪو جسماني ۽ سماجي حيثيت ۾ پوڙهي مالشيءَ کان آسمان جيان اوچو ۽ ويڪرو هو. هن ڪنڌ ڦيري ڇڏيو. پوءِ اکيون مهٽي اوٻاسيون ڏنائين ۽ وري ساڳيو گهر ڏانهن----
هن پنهنجو مٿو ڳرو محسوس ڪيو. ”شايد بخار ٿي پيو آهي تڏهن ته مٿي ۾ سور ۽ لڱ به گرم آهن. مٿو ڳورو ٿي لڳو يا دير تائين سمهڻ ڪري.....“ ”پري! پري! بيماري! مري ويندين!“ هڪ گڏهه گاڏي واري رڙ ڪري انور کي ڄڻ ته چوچوڙي لڳائي ڇڏي. ”مري ويندين! ٻچُو! خيال سان هل!“ هن جي ڀر سان گڏهه گاڏو اڳتي وڌائي ٻيهر چيائين. انور جي دل ۾ آيو ته هو گڏهه گاڏي واري کي هڪ اُگهاڙي گار ڏئي ڪڍي پوءِ ڀل ان تي جهيڙو ڇو نه ٿي پوي. ”ذليل، ڀيڻ جو......“ پر فقط ڀڻڪو ڪيائين. ڏند ڪرٽي ڳاڙهيون اکيون ويندڙ گڏهه گاڏي واري ۾ کُپائي ڇڏيائين. ڪجهه گهڙين کان پوءِ پڇتاءَ جو احساس ٿيس.
”مان اهڙو چيڙاڪ ڇو ٿي پيو آهيان؟ مون کي هڪدم ڪاوڙ ڇو ٿي اچي وڃي؟ آخر ان گڏهه گاڏي واري......“
”کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو اٿئي ڇا؟“
ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺائين. پوءِ اوڏانهن وڌڻ لڳو جتان آواز آيو هو. چهري تي زوريءَ مرڪ آڻي آواز ڏيندڙ نثار ڏانهن هٿ وڌايائين. پوءِ ساڻس گڏ بيٺل منير ۽ قمر کي به ڀاڪر پاتائين.
”ڪهڙا حال اٿوَ؟“ رسمي خير عافيت.
موٽ ۾ نثار وراڻيو ”حال اهي آهن جو اڄ اٺون ڏينهن آهي تنهنجي شهر ۾ نازل ٿئي ۽ انهن اٺن ڏينهن ۾ تنهنجي گهر جا گهٽ ۾ گهٽ ايڪويهه چڪر لڳائي چڪا آهيون پر تون ته الائي ڪهڙي سياري تي پيو وسين؟“
”مان اسڪول هوندو آهيان پر توهان کان منهنجو اسڪول ڳجهو ته نه هو.“
”يار! ايڏانهن ته خيال ئي نه ويو.“ انور هڪدم محسوس ڪيو ته اهو سمورو زٽ هن کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ هنيو ويو هو.
منير جيڪو چپ هيو تنهن به پنهنجا چپ چوريا. ”منهنجي خيال ۾ روڊ تي بيهي ڳالهائڻ کان چڱو آهي ته ڪنهن جاءِ تي هلي ويهون. ٿڪ به لهي ويندو ۽ ....“ نثار هڪدم چئي ڏنو ”ته پوءِ هوٽل تي ٿا هلون!“ پوءِ ٽيئي ڄڻا ڀر سان چوراهي تي ٺهيل نئين هوٽل ڏانهن وڌي ويا. هوٽل اندر سامهون ٽي ڪرسيون هڪ سائيڊ ۾ خالي هيون ۽ هڪ ٽين نمبر لائين ۾. هو ٽئي خالي ڪرسين تي وڃي ويٺا ۽ انور ٽينءَ لائين مان ڪرسي کڻي هنن جي ڀر سان اچي ويٺو.
”تنهنجي شاعريءَ جا ڪهڙا حال آهن؟“
انور وراڻيو ”ڪڏهن ڪڏهن ڪو شعر مڙئي لکي وٺندو آهيان.“
”اڙي يار! تون ته هت به شاعري ڪرڻ لڳين!“ ٻاهران ويٺل منير چيو ۽ پوءِ ٽئي کلڻ لڳا پر انور هنن جي کلڻ ۾ هنن جو ساٿ نه ڏنو. بيرو اچي جڳ ۽ گلاس رکي هليو ويو.
”ڪڏهن ڪڏهن ڪو شعر.“ نثار ائين چئي وري کلڻ لڳو. ”ڇا آڻيان سائين؟“ بيري پڇيو. هو ٽئي ڪنڌ جهڪائي کلي رهيا هئا ۽ هي ٻاهران ٻاهران خاموش ويٺو هو. ان لاءِ ٽنهي وانگر آرڊر ڏيڻ کان لنوائي نه سگهيو. ”چار چانهيون کڻي آ!“
”يار مان ته ڪوڪ پيئندس.“ منير هڪدم کل روڪي ڪنڌ مٿي کڻي چيو. ”مان ته اصل کان چانهن پيئندو ئي ناهيان.“
”چڱو!“ ذري گهٽ روئندي انور چيو ”ٽي چانهيون ۽ هڪ ڪوڪا ڪولا کڻي آ!“
پوءِ جڏهن گپ شپ هڻي گهڻيءَ دير کان پوءِ اُٿيا ته انور فقط اهو ڏيکارڻ لاءِ ته بل هو ڀريندو ڪائونٽر ڏانهن وڌي ويو ۽ هو اهو ظاهر ڪرڻ لاءِ ته هو بل نه ڀريندا ڏاڍي مزي سان هوٽل کان ٻاهر وڃي بيٺا. انور جي سڄي جسم ۾ ڪنبڻي اچي وئي.
”معاف ڪجو سائين! ائين ٿي نه ٿو سگهي ته اهي پئسا مان سڀاڻي ڏئي وڃانوَ؟“ انور ڪائونٽر تي ويٺل سنهڙي شخص کي چيو.
”نه سائين! ائين ٿيڻ ناممڪن آهي. ڏسو! هي ڪو ئي ٻاڪڙا هوٽل ته آهي ڪونه جو ويٺا قرض جون بنديون ٺاهيون. بل توهان کي هاڻي جو هاڻي ڏيڻو پوندو.“
”توهان جو ڀاءُ غلام حسين مون کي سڃاڻندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پئسا کُٽي پوندا آهن ته هو قرض رکندو آهي پر يقين ڪريو! اڄ منهنجا پئسا گهر رهجي ويا. مان عزت وارو ماڻهو آهيان سائين! مون تي ڀروسو رکو! مان توهان کي سڀاڻي ضرور ڏئي ويندس.“ هن جي منهن تي پگهر جا ڦڙا چمڪڻ لڳا.
”اهو صحيح آهي ته عمر ۾ مان غلام حسين کان ننڍو آهيان پر ڪاروباري معاملي ۾ مان هن کان تمام وڏو آهيان.“ سنهڙي سيپڪ چيو. ”ان لاءِ مان اهڙي قسم جي غلطي ڪرڻ لاءِ هرگز تيار ناهيان.“
”او هيڏي!“ سيپڪ ڀر سان بيٺل بيري کي سڏ ڪيو. بيرو هن ڏانهن وڌي آيو. ”ڏس! ٻاهر هن ادي جا دوست بيٺا هوندئي. اُنهن کي سڏي آ!“ بيرو ٻاهر هليو ويو. جڏهن هو موٽي آيو ته هو ٽئي هن سان گڏ هئا.
انور ڪنڌ جهڪائي بيٺو هو.
”ڇا ٿيو؟“ سڀ ڪجهه ڄاڻندي نثار اڻڄاڻ بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي.
ان کان اڳ جو سيپڪ ڪجهه چوي انور پاڻ ئي ڳالهايو. ”يار پئسن واري قميص گهر رهجي وئي آ سو توهان هت ويهو ته جهٽ پئسا کڻي ٿو اچان.“ ”ڇو ڀلا! اسان پئسا ڪونه ڏٺا آهن ڇا؟“ نثار کيسي ۾ هٿ وجهي ڪجهه نوٽ ڪڍيا. ڪائونٽر ۾ لڪي ويل سيپڪ کان بل پڇيائين. پوءِ وڏن نوٽن جي وچ مان ننڍو نوٽ ڪڍي ڪائونٽر تي رکي ٻيا پئسا واپس وٺي ٻاهرئين در ڏانهن وڌي ويو. هن جي پويان ٽئي ٻاهر نڪري آيا.
”مان جيڪر هلان!“ هو ندامت جي بار کان جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻي نه سگهيو.
”ماني به کائين ته حاضر آهيون! ڪڏهن ڪراچيءَ اچين ته اسان کي به کارائي ڇڏجانءِ! ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ لفظن ۾ لڪيل طنز جا تير هن پنهنجي دل ۾ لهندي محسوس ڪيا. هو محسوس ڪري رهيو هو ڄڻ ته هن کي ڪنهن چئواٽي تي ننگو ڪري ڦٽڪا هنيا ويا هجن. ذلت جي احساس سبب ڪو لفظ اڪلي نه ٿي سگهيس. ڳيت ڏئي رڳو ايترو چيائين ”نه مهرباني!“ پوءِ ٿڪل ٽُٽل قدمن سان آهستي آهستي گهر ڏانهن رڙهڻ لڳو.
”سائين! گهر کڻي هلانوَ؟“ هوٽل کان پرڀرو هڪ ڇوڪر جيڪو هن جي ڪلاس ۾ پڙهندو هو. هن جي ڀر سان سائيڪل بيهاريندي ادب وچان چيائين. ”مان! ها!“ انور تڪڙ ۾ هاڪار ڪري ويٺو ڄڻ ته ٿوري به دير گذرڻ تي سائيڪل کي پر لڳي وڃن ها ۽ سائيڪل اڏامي وڃي ها. پوءِ هو پاڻ ئي سائيڪل هلائڻ لڳو. شهر جا وڏا وڏا رستا ڪراس ڪري پنهنجي گهر جي ڀر سان پهتو. دروازي تي سائيڪل روڪي ڇوڪر کان موڪلايائين.
گهر ۾ داخل ٿيو ته نظرون جوڻس مٿان پيون. هوءَ ٿانوَ ملي رهي هئي. زال کي ڏسڻ شرط هوٽل وارو منظر هن جي اڳيان ڦري ويو. ”سڀ هن ذليل جي ڪيل ڌريل آهي.“ نفرت منجهان اکيون ڦيري ڇڏيائين ۽ وڃي اندر کٽ تي مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو. ڪجهه گهڙيون ائين ئي ويٺو رهيو. پوءِ ڄنگهون ڊگهيون ڪري ليٽي پيو. ”ماني کڻي آئي ته ڦيرائي ٻاهر ڦٽي ڪندم!“ ٻانهن هيٺان مٿو ڏئي ڇت ۾ گهورڻ لڳو. ”ڪجهه ڪڇيائين ته سڄي بيعزتيءَ جي ڪسر ڪڍي ڇڏيندومانس! ڀلي اچي!“ پر گهڻيءَ دير بعد به جڏهن هوءَ نه آئي ته پاڻ ئي ٻاهر نڪري آيو. هن جي رڳ رڳ ۾ باهه ڀڙڪي رهي هئي. ”کٽ تي جا پين پئي هئي سا ڪاڏي وئي؟“ ڪاوڙ ۾ پڇيائين.
”مون کي خبر ناهي!“
”نه ته ماڻهين کي خبر هوندي!“
”منهنجي ماءُ کي نه پڻ! نه ته مان به پڻيندي سانءِ ماڻهين پڻهين کي!“
”ڪتي – ڪميني! مهاڏا ٿي ڏين!“ انور سندس وارن ۾ هٿ وجهي هڪٻئي پٺيان کيس ٻٽي چماٽون وهائي ڪڍيون. روڄ ۽ راڙو مچي ويو. سڏڪن جي وچ ۾ شميءَ چيو ”مان وڃان ٿي پيڪين. هاڻي ويٺو ڪتيون ڌارجانءِ!“
”نڪري وڃ ذليل نڪري وڃ! وري نه اچجانءِ هتي! ڏسين ڇا ٿي نڪري وڃ!“ هن ٻه چماٽون ٻيون به وهائي ڪڍيس ۽ هوءَ روئندي سڏڪا ڀريندي ڪوٺيءَ ڏانهن وئي ۽ جڏهن واپس آئي ته کيس برقعو پهريل هو. پوءِ جڏهن در تي پهتي ته ڦاٽ کاڌائين ”منهنجو فيصلو ڪورٽ ڪندي. طلاق نه ورتي مانءِ ته ڪاري ڪتي جو نانءُ رکجانءِ!“
پوءِ در کي کولي زور سان بند ڪري هلي وئي ۽ هو چپ چاپ اندر هليو آيو ۽ کٽ تي ويهي ٻاهرئين در ڏانهن ڏسڻ لڳو. ”ذليل نه رهي ته آڱوٺي تي چڙهي – ڪتي – ڪروڌڻ ڪنهن جاءِ جي! الائي ڇا ٿي سمجهي پاڻ کي.“ هن سوچيو. ”طلاق گهريائين ته هڪدم ڏئي ڇڏيندومانس. روز روز جي ڀنڊڻ کان ته جان آجي ٿي ويندي.“ هو کٽ تي ليٽي پيو ۽ پوءِ ڪجهه دير بعد سوچيائين ”ڪهڙو فرق پوندو هن جي نه هجڻ سان؟ هي جيڪي هزارين پريشانيون آهن اُهي ختم ٿي وينديون ڇا؟“ ٿڌو شوڪارو ڀريائين. کيس ياد آيو شاديءَ جا پهريان ڏينهن قرض کڻي ڪيئن نه سکيا گذاريا هئائين. شميءَ سان ڪيڏو نه چاهه هئس. هوءَ به ته ساڻس بيحد پيار ڪندي هئي ۽ هاڻي معاشي حالتن جي ذليل ٿي وڃڻ سبب پيار نفرت ۾ بدلجي ويو هو. ٻئي هڪٻئي جا منهن ڏسي چڙي ٿي ويا. ڳالهه ڳالهه تي جهيڙو – هو پاڻ کي ڪنهن گندي ڪسيءَ جو ڪيڙو محسوس ڪرڻ لڳو. نظرن آڏو هوٽل ۾ ذليل ٿيڻ وارو منظر اڃان به چٽو ٿي ڦرڻ لڳس. هن ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو. ”اجايو شهر ويس! ڪيڏو ذليل ٿيو آهيان. هو به وڏا ماءُ جا...... آهن ڄڻ ته مون کي ڄاڻي واڻي ذليل ڪرڻ جو منصوبو سٽيو هئائون. ڀلا غريب جو ٿيس. غريب هجڻ به وڏي ذلالت آهي. انسان جي عمر ڪل آهي ئي گهڻا سال؟ اها به ڏکن ۾ گذارڻ کان سٺو آهي ته پاڻ ماري ڇڏجي. ڀلا مان ڇا لاءِ ٿو جيئان – ڇو ٿو جيئان – ڪهڙيون خوشيون مليل آهن يا اڳتي هلي ڪهڙين خوشين جي اُميد آهي؟ مون جهڙن ذليل ماڻهن کي مرڻ گهرجي. مرڻو ته هڪ ڏينهن آهي ئي پوءِ ڇو معاشي حالتن جي گهاڻي ۾ پيڙبو رهان – ڇو پاڻ کي دنيا آڏو تماشو بڻايان؟ نه سٺو آهي ته پاڻ ماري ڇڏيان! سڀني مصيبتن کان جند ڇُٽي پوندي.“ هن پڪو فيصلو ڪيو. ”مان نه جيئندس – ڪا ضرورت ناهي. هميشه لاءِ اهو معاملو ختم ٿو ڪري ڇڏيان.“ هو اُٿيو. سامهون ڪنڊ ۾ پيل ڇڳوڙي کٽ ڏانهن وڌي ويو جيڪا پئسن نه هئڻ ڪري ٻن مهينن کان اجائي جاءِ والاريون پئي هئي. ”اهو روز جو موت ته ختم ٿي ويندو.“ هو ڇڳل کٽ مان واڏڻ ڪڍڻ لڳو. اوچتو نظرون ڀت تي لڳل تختي مٿان لڳي وينس. ”شاعري ٻاعري به چڙهي آڱوٺي تي.“ واڏڻ اڌ ۾ ڇڏي سامهون تختي تي رکيل ڪتابن ڏانهن وڌي ويو. پوءِ ڪتابن جي وچ مان اها ڊائري ڪڍيائين جنهن ۾ سندس سمورا شعر لکيل هئا. ڊائري کولي هڪ نظر لکيل شعرن تي وڌائين.
”سڀ دوکو ، پاڻ سان پاڻ فريب ، پاڻ کي پاڻ ٺڳڻ
ڊائريءَ مان پنا ڪڍندو ڦاڙيندو ويو. جڏهن سڀئي شعر ڦاڙي ڇڏيائين ۽ ڊائريءَ مٿان چڙهيل ڪور ڦٽي ڪري ڇڏيائين تڏهن هڪ سڏڪو اندر مان ڦاٽ کائي ٻاهر نڪتس. جيئن ڪا ماءُ پنهنجي جوان پٽ جي مري وڃڻ تي درد محسوس ڪندي آهي. ساڳيو ئي درد هو به محسوس ڪرڻ لڳو. ڏند ڪرٽي ساڙ وچان ساڄي هٿ جي مڪ ٺاهي پنهنجي نرڙ ۾ وهائي ڪڍيائين. پوءِ کٽ تي ويهي ڦاٽل پنن ڏانهن ڏسڻ لڳو. ”چڱو ٿيو.“ ڳوڙهيا اُگهيائين. ”جڏهن مان نه هجان ته پوءِ منهنجي شاعري ڪهڙي ڪم جي؟“ هو ڀت ۾ لڳل ڪٻٽ ڏانهن وڌي ويو. اُتان پنو ۽ پين کڻي زندگيءَ جو آخري خط لکڻ لڳو. جڏهن خط لکي پورو ڪيائين ۽ ان هيٺان پنهنجو نالو لکيائين ته وري روئي ويٺو. خط کيسي ۾ رکڻ کان اڳ هڪ ڀيرو وري ڏٺائين. پوءِ ويڙهي سيڙهي کيسي ۾ رکي کٽ تان اُٿيو ۽ ساڳي واڏڻ کولڻ لڳو. ٻن ٽن منٽن جي ڇڪتاڻ کان پوءِ رسو هن جي هٿ ۾ لڙڪي رهيو هو. هن مٿي شهتير ڏانهن ڏٺو جيڪو هن کان ڏهه ٻارهن فوٽ مٿي هو. ڪجهه سوچيائين. پوءِ سامهون ڪتابن واري تختي ڏانهن ڏٺائين. ”ٺيڪ آهي.“ هو شيخن واري دريءَ تي پير رکي تختي مٿان چڙهي ويو. هاڻي هو آسانيءَ سان شهتير تائين پهچي سگهيو ٿي. هن هٿ ڊگهيري شهتير ۾ رسو وجهي قابو ٻڌي ڇڏيو ۽ وري هيٺ لهي آيو. پوءِ ٻاهريون دريون بند ڪري اندريون به بند ڪيائين. ”هاڻي ته خوش ٿيندا نه – مان هڪڙو ئي بار هيس نه سڀني جي مٿان!“ ڀڳل ٻانهن واري ڪرسي کڻندي سوچيائين. کيس ياد آيو. هڪ ڏينهن شميءَ کي چيو هئائين ”مون سان زندگي نه ٿي گذارڻ چاهين ته مون کان ڌار ٿي وڃ. باقي مون کي اجايو پريشان نه ڪر نه ته مان پاڻ کي پاڻ ماري ڇڏيندس.“
”پوءِ مون کي ڇو ٿو سهائين؟ کڻي اڄ ئي مر! مان به وڃي ٻي شادي ڪنديس.“ تڏهن زوردار چماٽ شميءَ جو منهن ڦيرائي ڇڏيو هو.
”ذليل ڪميني مان تنهنجو رت پي پوءِ مرندس.“ ۽ اڄ هو مرڻ جا سانباها ڪري رهيو هو. ”ڀل ماڻهين به شادي ڪري ڇڏي!“ چپن ۾ ڀُڻڪو ڪيائين. پوءِ سرڪڻ ڦاهي ٺاهي ڳچيءَ ۾ وڌائين. اکين ۾ ڳوڙها چمڪڻ لڳس. چپن مٿان خشڪيءَ جا تهه چڙهي ويس.
”سڄي زندگي ٺوڪرن ۾ گذاري اٿم. رڳو تڪليفن ۾ - سٺي نوڪريءَ جا ڪوڙا خواب ڏسندي.“ هن کي ياد آيو.
سڀاڻي انٽرويو آهي. ”ڀلي نالو کڻن ته خبر پوين ته اهو اميدوار ئي مري ويو جنهن کي انٽرويو ڏيڻو هو – اهو اميدوار ئي....“
”اڄ پنهنجو گندو وجود ختم ٿو ڪري ڇڏيان. مون کي جيئڻ جو ڪو حق ناهي.“
ڳوڙها اُگهي سامهونءَ واريءَ ڀت ڏانهن ڏٺائين جتي فريم ٿيل تصوير ۽ ان هيٺان پينٽ ٿيل هڪ جملو لکيو هو جنهن سان هو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي ڏڍ ڏيندو هو پر اڄ اها تصوير ۽ ساڳيو جملو کيس لڳي رهيو هو. ڄڻ هن تي چٿرون ڪري رهيا هئا. هن کي خار اچي وئي. دل ۾ آيس ته اها تصوير پٽي ڦٽي ڪري ڇڏي ۽ جملو ڦاڙي پرزا پرزا ڪري باهه ۾ ساڙي ڇڏي.
هن سرڪڻ ڦاهي اڃان به وڌيڪ تنگ ڪري ڇڏي. ڪجهه گهڙين کان پوءِ هن جو سڏڪن ڀريل آواز ڪمري جي خاموشيءَ کي ٽوڙڻ لڳو. هو ڏڪندڙ آواز ۾ آهستي آهستي چئي رهيو هو ”جيتوڻيڪ مان ڪنهن به مذهب کي ناهيان مڃيندو. اڻ ڏٺي شئي تي منهنجو ويساهه ناهي پر پوءِ به هن ڪائنات جو مالڪ جي ڪا لڪيل هستي آهي ته منهنجي هڪڙي خواهش پوري ڪري منهنجي مٿان احسان ڪري.“ هن جو آواز گهٽجڻ لڳو. ”مون دنيا ۾ رڳا ڏک ڏٺا آهن ۽ هاڻي به ڏکن ڪري......“ هن جو آواز گهٽجي ويو. ”منهنجي ننڍڙي خواهش آهي.“ ٽٽل لهجي ۾ چيائين ”تمام ننڍڙي خواهش – جڏهن مان مري وڃان ۽ جڏهن منهنجا مائٽ منهنجي مٿان روئندا هجن تڏهن اها هستي مون کي ٻه گهڙيون زندهه ڪري – زندگيءَ جون ٻه گهڙيون عطا ڪري ته جيئن مان روئندڙن جا چهرا ڏسي سگهان.“ ڳوڙها وهي ڳل آلا ڪري ويس. ”فقط ٻه گهڙيون!“ هن هڪ سڏڪو ڀريو. پوءِ حسرت ڀريل نظرن سان آخري ڀيرو ڪمري جو جائزو وٺڻ لڳو. ساڄي پاسي ڀت ۾ لڳل هينگر ۾ هن جا ڪپڙا ٽنگيل هئا. نيري شنگريلا جا ڪپڙا جيڪي گذريل مهيني اڌ پگهار ڀري سبرايا هئائين هو ڪي گهڙيون انهن ڪپڙن ڏانهن حسرت ڀريل نظرن سان ڏسندو رهيو. پوءِ پاسي واري ڀت ڏانهن ڏٺائين جتي هن جي سندس زال سان گڏ نڪتل تصوير فريم ٿيل هئي جا شاديءَ کان هڪ هفتي بعد ڇڪرائي هئائين. ننڍپڻ کان وٺي هيل تائين مليل ڏک ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ انهن ڏکن ۾ شامل ٿيندڙ شمي – تصوير ڏانهن گهورڻ لڳو. نرڙ ۾ گهنج پئجي ويس. ”شميءَ کي به رڳو ڏک ئي ڏنا هيم.“ سوچيائين ”سڄو ڏينهن بک – مارون ڪڍيون مانس – گاريون بجا پوءِ به نڀايائين.“ هن کي ياد آيو. جڏهن هن جي ماسيءَ هن سان جهيڙو ڪيو ۽ هن کي قرض جا پئسا وقت سر نه ڏيڻ ڪري گاريون ڏئي وئي هئي تڏهن شميءَ سندس زخمي دل تي ڪيئن ته پيار جي مرهم رکي هئي. هن چيو هو ”ڀل سڄي دنيا بدلجي وڃي ان جو ڪو ڏک نه ڪر. مان توسان گڏ آهيان. پوءِ غمگين ڇو ٿو ٿئين؟ ڏس! مشڪلاتون سڀ تي اينديون آهن. انهن ساڻ همٿ سان مقابلو ڪرڻ گهرجي. تون ئي ته چوندو آن زندگي جدوجهد جو نانءُ آهي. پوءِ تون همٿ ڇو ٿو هارين؟ هي ڏس! ٻانهون ٿي ٻڌانءِ! تو کي منهنجو قسم آهي. ڪو غم نه ڪر!“ تڏهن انور مرڪي ڏنو هو. ”اجايو چماٽون هنيون مانس.“ پڇتاءَ جو احساس وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي ويس. ”آخر ۾ ته ڪو ڏک نه ڏيانس هان! ڪيئن نه روئندي هلي وئي. هن جي جذبن جو قاتل – هن جي خواهشن جو ويري – اُف! مان ڪيڏو نه ڪريل انسان آهيان.“ شميءَ جي مرڪندڙ چهري پٺيان هن کي غمن جو شهر نظر آيو. هن نظرون ڦيري ڇڏيون.
”شل سکي گذارين شمي!“ سرڪڻ ڦاهي تنگ ڪري اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. ڪرسيءَ کي لت هڻڻ لاءِ هڪ پير کي ٿورو حرڪت ۾ آندائين ۽ هڪ دفعو ٻيهر نظرون سامهون کڄي ويس. هڪ آرٽ ٿيل تصوير ۽ ان جي هيٺان اُڪريل جملو ”زندگي مسلسل جدوجهد جو نانءُ آهي.“ ۽ تڏهن الائي ڇو ان جملي جو خالق هن جو اپاهج آرٽسٽ دوست هن کي ياد اچي ويو جنهن کي هن هڪ ڀيري همدرديءَ وچان ڪجهه ڏوڪڙن جي آڇ ڪئي هئي ۽ موٽ ۾ جيڪي ڪجهه هن چيو هو ان لاءِ انور سوچيو به ڪونه هو. هن چيو هو ”مون کي فخر آهي ته منهنجو سهارو منهنجون پنهنجون صلاحيتون آهن. مان ڪنهن جي اڳيان جهڪيل ناهيان.“ هن وڏي اعتماد سان ڳالهايو هو. ”هن ڪاليج ۾ منهنجي الڳ انفرادي حيثيت آهي. مان جڏهن پاڻ مان مطمئن آهيان ته پوءِ تون ڪير ٿيندو آن مون کي گهٽتائيءَ واري احساس ۾ مبتلا ڪرڻ وارو؟“ هن جون نظرون آرٽ ٿيل تصوير ۾ کُپي ويون. هڪ ٿوهر جو وڻ جنهن جا ڪنڊا اُڀا اُڀا – ٿوهر مان نڪتل ٿڙ، ان مان نڪرندڙ ٻيا ٿڙ، سڄو ٿوهر ڪنڊن سان ڀريل ۽ ڪنڊن جي ڀر ۾ ٻه اڇا گل نظر ايندڙ – ٿوهر جو وڻ آسمان تائين ڊگهو نظر ايندڙ ۽ آسمان ڳاڙهي ۽ نيري رنگ سان ٺهيل ڪٿي ڪٿي اڇا اڇا ڪڪر نظر ايندڙ – هن تصوير مان نظرون هٽائي ساڳي جملي ڏي ڏٺو. تصوير هيٺان اُڪريل لفظ ڄڻ ڳالهائڻ لڳا. ”زندگي.... مسلسل..... جدوجهد..... جو نانءُ..... آهي.....“ هو ساڳي جملي ڏانهن ساندهه ڏسندو رهيو ۽ تڏهن اوچتو لڳس مايوسين جي اونداهين ۾ هزارين ڏيئا ٽمڪندڙ – روشنيءَ جو درياءُ، مايوسين جي ٻيٽ کي ٻوڙيندڙ درياءُ، موت کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندڙ عوام جون لڪيرون چهري مٿان اُڀري آينس.
اوچتو هن پنهنجي دل ۾ خودڪشي ڪرڻ وارو جذبو ڪنهن زخمي پکيءَ وانگر تڙپندڙ، تڙپي تڙپي ٿڌو يخ ٿي ويل محسوس ڪيو ۽ اها جاءِ زندهه رهڻ واري روشن جذبي والاري ڇڏي. مايوسين جي ٻاٽ اوندهه ۾ هن پاڻ کي صبح جي پهر ۾ ڌوتل پوتل سج وانگر روشن محسوس ڪيو. زندگيءَ لاءِ اُتساهه جاڳيس. وڃايل حوصلو موٽي آيس. سٽ ڏئي ڳچيءَ مان رسو ڪڍيائين. پوءِ ٻانهن ڀڳل ڪرسيءَ کي لت هڻي ٻاهر نڪري ويو. هن جا پير ساهرئين گهر وڌي رهيا هئا.