پيڙا جي ڪوهيڙن ۾
عليءَ هٿ ٻڌي التجا ڪندي چيو هو ”سائين! منهنجي حال مٿان رحم ڪريو! منهنجي حال گهر ۾ وڌيڪ خراب ٿيندي! مون کي هتي رهڻ ڏيو سائين!“ ”ائين ٿي نه ٿو سگهي.“ ڊاڪٽر چيو ”تو کي اڄ ئي هتان وڃڻو پوندو.“
”اسپتال مريض تڏهن ئي ته ڇڏيندو نه جڏهن هن جو مرض ڇڏي وڃي!“ اُميد ڀريل لهجي ۾ عليءَ چيو هو. ”تون هاڻي بچي ويو آهين علي! اسان هت اُنهن مريضن کي رهائيندا آهيون جيڪي مرڻ جي ويجهو هوندا آهن.“
هن جي اُميدن جو آخري ڏيئو به اُجهامي ويو. تڏهن مايوسيءَ وچان چيائين ”پر منهنجي ڄنگهه ته ذرو به ٺيڪ ناهي ٿي. مان ههڙيءَ حالت ۾ هتان ڪيئن وڃان؟“ ڊاڪٽر چيو ”بابا چيم نه اسان جو ڪم مريض کي بچائڻ هوندو آهي سو توکي بچائي ورتوسين.“
”منهنجا ننڍا ننڍا ٻار آهن سائين!“ علي روئي ويٺو.
”ڀلا ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪريان؟“
”منهنجا ٻار بک وگهي مري ويندا. ايڏو عذاب سهي نه سگهندس.“
عليءَ درد ٻڏل لهجي ۾ چيو ”بس هڪ زهر جي انجيڪشن هڻي ڇڏيو. مون کان پوءِ سج اُڀري يا نه اُڀري مان ته نه ڏسي سگهندس نه!“ عليءَ جا لفظ ٻڌي ڊاڪٽر ڏانهُنس ائين گهوريو هو ڄڻ عليءَ کيس ڪا گار ڏني هجي.
ڊاڪٽر سخت لهجي ۾ چيو ”بيڪار ڳالهيون ڪري منهنجو وقت نه وِڃاءِ. جيڪي چيو اٿم اُنهيءَ تي عمل ڪر.“
”پر منهنجي ڄنگهه ته....“
جملو ڪٽيندي ڊاڪٽر چيو ”مان ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان. هاڻي ئي پنهنجي وڃڻ جو بندوبست ڪري وٺ.“ ايترو چئي ڊاڪٽر اُتان اڳتي وڌي ويو هو. ڊاڪٽر جي وڃڻ کان پوءِ عليءَ پنهنجي پٽ سجاد ۽ ڀائٽئي لطيف ڏانهن ڏٺو هو جيڪي ڪنڌ جهڪايون بيٺا هئا. سجاد جي اکين جون پتليون ڳوڙهن سان ڀريل هيون ۽ لطيف ڪنهن ڳوڙهيءَ سوچ ۾ مبتلا هو.
”سجاد!“ عليءَ مايوسيءَ منجهان چيو هو ”سجاد! پيسا کڻي آيو آهين نه پٽ!“
”ها بابا!“ چوڏهن سالن جي سجاد وراڻيو. هو پيءُ کي اهڙي رحم جوڳيءَ حالت ۾ ڏسي ڳوڙهن تي ضبط ڪري نه سگهيو. ٻارن جيان پيءُ کي ڀاڪر ۾ ڀري روئي پيو هو ۽ پوءِ وڏي اُڇنگار ڏئي منهن ٻنهي هٿن ۾ لڪائي ڇڏيو هئائين.
”نه رو سجاد!“ عليءَ پاڻ تي ضبط ڪندي چيو هو. ”نه ته مان به....“ هن جي آواز ۾ لرزش اچي وئي. جملو پورو ڪري نه سگهيو. هڪدم اکيون ٻُوٽي ڇڏيون هئائين.
پوءِ ڪجهه گهڙين بعد پٽ جي ڪلهي ۾ هٿ وجهي ٽٽل ٽٽل لهجي ۾ چيو هئائين ”سجاد وڃو! پٽ سوزوڪي ڪرائي اچو!“
اسٽريچر مان لاهي جڏهن عليءَ کي سوزوڪيءَ ۾ ليٽايو ويو تڏهن هن جي خيالن جو سلسلو هڪدم ٽٽي پيو. هو پاڻ کي دنيا جو اُهو ٺُڪرايل ماڻهو تصور ڪرڻ لڳو جو اوچتي ئي اوچتي زماني کان ڪٽجي ويندو آهي ۽ جنهن لاءِ ماڻهن وٽ ڪو چاهه ناهي هوندو جو پنهنجي پاڻ تي ۽ زماني تي هڪ وڏو ٻوجهه بڻجي ويندو آهي. انهيءَ مهل بغير ڇت واري سوزوڪي هلڻ لڳي ۽ تڏهن هن پنهنجي پٽ ڏانهن ڏٺو جو ڏانهُنس جوهه پائي ڏسي رهيو هو. ڪجهه لمحن لاءِ پٽ ڏانهن وڌل نظرون ڪڍي وري پنهنجي ڀڳل ڄنگهه ۾ کپائي ڇڏيائين تڏهن بيحد دک کان هو سوچڻ لڳو. ”منهنجي حيثيت هاڻي اُن پرزي جهڙي ٿي پئي آهي جنهن جي ڪا به اهميت ناهي هوندي. مان بيڪار ۽ ڀڳل پرزو آهيان.“ تڏهن هن کي پراڻي ماڊل واري اها ڀڳل ٽٽل ڪار ياد اچي وئي جا گهڻي پراڻي هجڻ سبب رستي جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ رهي وڌيڪ فنا ٿي ويندي آهي ۽ جنهن جي ڪو واهر ڪرڻ وارو نه هوندو آهي ۽ نه ئي ان جي وڌيڪ تباهيءَ تي ڪنهن کي اُونو هوندو آهي.
هن کي پنهنجي دل ۾ وڍ پوندي محسوس ٿيڻ لڳا. سوزوڪي اسپتال جي احاطي مان نڪري سڌي روڊ مٿان ڊوڙڻ لڳي ۽ هو وري خيالن جي صحرا ۾ ڀٽڪڻ لڳو.
هو پنجويهن سالن کان ڊرائيونگ ڪندو آيو هو. انهيءَ ڊگهي عرصي ۾ هن کان فقط ٻه حادثا ٿيا هئا. هڪ حادثو کانئنس تڏهن ٿيو هو جڏهن ڊرائيونگ ڪندي کيس پنج سال ٿيا هئا. تڏهن واهه جي مٿان بڻايل ڪچي موريءَ تان بس هيٺ لهي وئي هئس. انهيءَ حادثي ۾ ٻه ماڻهون زخمي ٿي پيا هئا. هڪ جي ڄنگهه ڀڄي پئي هئي ۽ ٻئي جي اک نڪري پئي هئي پر هو بچي ويو هو. کيس معمولي ڌڪ رسيا هئا. انهيءَ کان پوءِ ٻيو حادثو ويهن سالن کان پوءِ ٿيو هئس جنهن ۾ هن جي ساڄي ڄنگهه جي هڏيءَ جا ٽي ٽڪر ٿي پيا هئا. سندس ويهن سالن جو رڪارڊ ٽٽي پيو هو. کيس اها گهڙي ياد آئي جڏهن سپر هاءِ وي تي بس هلائيندي ٽائر نڪري وڃڻ ڪري بس مٿان ڪنٽرول نه ڪري سگهيو ۽ گاڏي ڪلٽي ٿي پئي هئي.
هن ٿڌو شوڪارو ڀري مٿي آسمان ۾ ڏٺو جت ڪارن ۽ ڀورن ڪڪرن جي سج سان اکٻوٽ راند ٿي رهي هئي. هاڻ هن کي پنهنجي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد اچڻ لڳا. جڏهن هو راند ڪندي تيزيءَ سان ڊوڙندو هو ۽ ايترو ته تيز ڊوڙندو هو جو ڇوڪرا سندس ڊوڙ جا مثال ڏيندا هئا. هن کي اسڪول وارو اُهو دؤر ياد آيو جڏهن ٻارن جو ڏينهن ملهايو ويو هو ۽ ان ڏينهن ٻارن جي ڊوڙ ۾ حصو وٺي هن پهريون نمبر حاصل ڪيو هو. تڏهن هيڊماستر ڪيئن نه گهڻو خوش ٿي پٺي ٺپي چيو هئس ”تون ته ڀڄڻو گهوڙو آهين!“ انهن ڏينهن جي ياد سندس اکين مان ڳوڙها بڻجي وهڻ لڳي.
هن پنهنجي ڄنگهه ڏانهن ڏٺو. اڄ هن جي هيٺان ٻه سَوِڙيون وڇايل هيون جن جي مٿان هو سڌو سنئون ليٽيل هو. سندس سڄي ڄنگهه اڇي پلستر سان ويڙهيل هئي ۽ پلستر ڄنگهه کان وٺي سيني تائين ويڙهيل نظر اچي رهيو هو.
سوزوڪيءَ آهستي آهستي هلندي هڪ ننڍي ناليءَ تان هلڪو ڌِڏڪو کاڌو. ان ڌڏڪي سبب سندس ڀڳل ڄنگهه جوڙ وٽان ٿوري سرڪي وئي. تڏهن بيحد عذاب مان کانئنس دانهن نڪري وئي. هن کي اوڏيءَ مهل ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته ڪنهن تيزاب جو ڀريل شيشو سندس ڦٽن مٿان هاريو هجي. شديد تڪليف کان پوءِ ساهه مُنجهڻ لڳس ۽ جسم جو سمورو رت منهن ۾ مڙي آيس.
سخت تڪليف وارين انهن گهڙين ۾ ڏاڍي روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين ”سجاد! ڊرائيور کي چئُه ته گاڏي آهستي هلائي!“ پيءُ جي اهڙي حالت ڏسي سجاد جي منهن مان رت ئي ڇڏائجي ويو. هن ڳيت ڏئي ڊرائيور کي سوزوڪي آهستي هلائڻ لاءِ چيو ۽ سوزوڪيءَ جي رفتار وڌيڪ ڍري ٿي وئي ۽ سُست رفتار سان ڪارين، موٽرن، رڪشن ۽ ٽانگن جي درياهه مان هلندي ايلائيٽ سينيما کان ٿيندي صدر روڊ مٿان ڊوڙڻ لڳي. فوٽ پاٿ جي ڀر سان اُٺ گاڏن جي ڊگهي قطار بيٺل هئي ۽ انهن جي ڀر سان دوائن جي هڪ ڪمپنيءَ واري پڪ اپ بيٺل هئي جنهن جي مٿان ٻه امپلي فائر ٿيل هئا جن منجهان انهيءَ ڪمپنيءَ جي مشهوريءَ لاءِ ڪن ڦاڙ آواز گونجي رهيا هئا.
سوزوڪي هاڻي لاهيءَ تان هيٺ لهڻ لڳي هئي. انهيءَ عرصي ۾ هو پنهنجي ڀائٽئي لطيف جي موجودگيءَ کي ڄڻ ته وساري چُڪو هو. اوچتو لطيف جو خيال ڪنهن بس جي وسريل نمبر وانگر سندس ذهن ۾ آيو. هن لطيف ڏانهن ڏٺو جو سندس پيرن کان چپ چاپ ويٺو هو.
”ادي کي بيمار ٿئي گهڻا ڏينهن ٿيا آهن؟ لطيف!“ عليءَ ڳالهائڻ جي سلسلي کي قائم رکڻ لاءِ ائين پڇيو.
”ٻه هفتا کن ٿيندا چاچا!“ لطيف وراڻيو. ”حادثي جي تار بابا کي وڌيڪ بيمار ڪري ڇڏيو هوندو.“
علي وري خاموش ٿي ويو. هن شايد وڌيڪ ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيو. ان لاءِ لطيف منجهان نظرون هٽائي ڇڏيائين.
لطيف جا گهر وارا جڏهن به عليءَ ڏانهن ايندا هئا ته هو کين ڏاڍو مان ڏيندو هو. رڳو عليءَ جي پهرين زال ساڻن کيٽو ڪندي هئي ۽ جڏهن به کيٽو ڪندي هئي ته علي کيس مارڪٽ ڏئي خاموش ڪري ڇڏيندو هو ۽ هوءَ ساڻن وڙهڻ ڇڏي ڏيندي هئي. مار کائي ماٺ ٿي وڃڻ سندس پراڻي عادت هئي. سو علي کين ڏاڍو مان ڏيندو هو. هو هنن کي راڻي باغ گهمائيندو هو ۽ پنهنجي بس ۾ ڪراچيءَ جا چڪر ڏياريندو هئن ۽ جڏهن هو واپس گهر ڏانهن ورندا هئا ته کين سوکڙيون پاکڙيون ڏئي روانو ڪندو هو. لطيف جن گهڻو ڪري گرمين جي ڏينهن ۾ ايندا هئا. تن ڏينهن ۾ علي هنن لاءِ ميرپور مان خاص انب آڻيندو هو جيڪي ٽوڪرن جا ٽوڪرا هوندا هئا.
هو خرچ ڪرڻ جو ڪوڏيو هو. جيڪي ڪمائيندو هو سو کپائي ڇڏيندو هو. انهيءَ سبب هو اڄ ڏينهن تائين پنهنجي لاءِ ڪا غريباڻي جاءِ به نه اڏي سگهيو هو. هو سرفراز ڪالونيءَ ۾ هڪ کڏ جهڙيءَ جاءِ ۾ رهندو هو جنهن جي مسواڙ ماهوار هڪ سئو رپيا هوندي هئي.
تلڪ چاڙهيءَ تان لهندي عليءَ جي نظر هڪ گڏهه گاڏي مٿان پئي جنهن تي انبن جا ٽوڪرا سٿيل هئا. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو. کيس پنهنجي حيثيت کوٽي سڪي جيتري محسوس ٿيڻ لڳي.
سوزوڪي تلڪ چاڙهيءَ کان ڦرندي سرفراز ڪالونيءَ ڏانهن ڊوڙڻ لڳي. تڏهن عليءَ هڪ تيز رفتار بس ڏانهن ڏٺو جيڪا زوڪاٽ ڪندي اڳتي وڌي وئي هئي ۽ ذري گهٽ سوزوڪيءَ سان ٽڪرائجي وئي هئي.
”لطيف!“ عليءَ ڏانهنس ڏسندي چيو ؟اها بس ڪراچيءَ پئي وڃي نه!“
لطيف هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”جڏهن ٻئي ڀيري آئين نه لطيف! ته مان توکي پنهنجي بس ۾ ڪراچيءَ وٺي هلندس!“ عليءَ چيو.
”ها چاچا!“ لطيف رڳو ايترو چئي چپ ٿي ويو.
”۽ ٻڌ لطيف!“ عليءَ چيو ”ڀاڄائيءَ ۽ انور کي به وٺي...“ پر پوءِ لطيف کي پنهنجي ڀڳل ڄنگهه ڏانهن ڏسندي جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. پنهنجي اپاهج ٿي وڃڻ جو ڏکوئيندڙ احساس هن کي اندر ئي اندر ڪورڻ لڳو.
هڪ ڊگهو شوڪارو ڀري مٿي آسمان ڏانهن ڏٺائين جت اڇن مٿان ڪارا ڪڪر تيزيءَ سان پکڙبا پئي ويا. اوچتو ڪڪرن منجهان نڪتل گجندڙ آواز ٻڌي هو پريشان ٿي ويو ۽ تڏهن هن سوچيو ”جيڪڏهن مينهن وسي پيو ۽ منهنجي ڄنگهه جو پلستر پسي ويو ته......“ ان کان اڳتي هو سوچي نه سگهيو. خوف وچان اکيون ٻوٽي ڇڏيائين پر پوءِ به هو ڪڪرن جو گوڙ گهمسان ٻڌي رهيو هو.