هڪ شخص جو موت
هو جيڪو هڪ اسڪول ۾ ڊرائينگ ٽيچر آهي ۽ پنهنجي گهرو پريشانين جا بار ڪتابن جا ٽائيٽل ڊزائين ڪري گهٽائڻ ٿو چاهي تنهن جو پريشان ذهن اڃان به پريشان ٿي ويو آهي. گذريل ٻن مهينن کان هن جي گهرو پريشانين جي ڀر ۾ هڪ ٻيو پريشان چهرو به اچي بيٺو آهي جو هن جو پنهنجو چهرو آهي.
هو جيڪو جنگ کان شديد نفرت ڪندو آهي. جنگين ۾ تباهه ٿيندڙ انساني وستين کي پنهنجي اندر جي ڪائنات ۾ ڀڄندي ۽ ڀُرندي محسوس ڪندو آهي جو خوبصورت گلن جو عاشق آهي ۽ جو فطرت جي حسن کي ڪئنواس تي آڻي خوبصورت چٽ ٺاهيندو آهي تنهن گذريل ٻن مهينن ۾ اهڙين چئن انساني جانين کي پنهنجي ئي رت جي دٻي ۾ ليٿڙيل ڏٺو آهي. هن جي مائٽن چار خون ڪيا آهن ۽ انهن جو پلئه وٺڻ جي نتيجي ۾ ايترا ئي خون ٿيا آهن. هن جي مائٽن جا پلئه وٺجي رهيا آهن ۽ ماڻهپي جو خون تاريخ جي ڦِڏن سڌن ورقن تي پنهنجا داغ ٺاهيندو رهيو آهي. هڪ ڌُر ٻيءَ ڌر جا ماڻهون انڌيءَ سوچ جي هٿيارن سان مارڻ ٿي چاهي - ماڻهپي جي سڙيل لاش تي هنبوڇيون هڻڻ ٿي چاهي – ٽهڪ ڏيڻ ٿي چاهي پر هو اهو سڀ ڪجهه نه ٿو چاهي - انهيءَ جنگ ۾ ماڻهوءَ خلاف ٽپي پوڻ نه ٿو چاهي - هو پنهنجي ڪٽنب جو وجود برقرار رکڻ لاءِ فقط معاشي محاذ تي وڙهڻ ٿو چاهي. هن کي زندهه رهڻو آهي – پنهنجي ڌيءُ جا انگل پورا ڪرڻا آهن – انڌيءَ ماءُ جون اکيون ڪرائڻيون آهن ۽ ٽي بيءَ ۾ ورتل زال جو ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻو آهي (جنهن جي اُجهاڻيل اُجهاڻيل اکين ۾ هن موت جهڙي بيوسي ڏٺي آهي.) تيستائين هن کي زندهه رهڻو آهي پر وقت هن تي ٺٺول ڪئي آهي ۽ هن کي انهيءَ جنگ جي منهن ۾ ڪنهن جبري ڀرتي ٿيل فوج جي سپاهيءَ جيان زوريءَ ڌڪي ڇڏيو آهي جو انساني خون جي اهڙي وحشتناڪ هولي ڏسي هراسجي ويو آهي.
گذريل ٻن مهينن کان هن جو ذهني توازن ڄڻ ته بگڙڻ لڳو آهي – هو اڪيلائين کان ڊڄڻ لڳو آهي – ماڻهن جي ڀيڙ کان هن کي وحشت ٿيڻ لڳي آهي. هو ڪنهن سان ڳالهائيندو آهي ته ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪٿي کوئجي ويندو آهي. لاڳيتو پولارن ڏانهن گهوريندو رهندو آهي. رکي رکي هن کي محسوس ٿيندو آهي ته هن جي سامهون جو شخص ويٺو آهي اُن جي چهري جي اندران ڪو ٻيو شخص هن ڏانهن گهوري رهيو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هن جون اکيون ڦاهيءَ چڙهيل اکين جيان سامهين شخص ڏانهن گهورينديون آهن بلڪل ئي مئل اکين جيان. هن جي ذهن تي سدائين اهو خوف ڇانيل رهيو آهي ته ڪوئي شخص هن جو مسلسل پيڇو ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن موڙ تان اوچتو ظاهر ٿي هن جي زندهه رهڻ واريءَ آس مٿان ڳاڙهي ڳاڙهي رت جو ليپو ڏئي ڇڏيندو – زندگيءَ جي چرپر کن پل ۾ قبرستان جي ويرانيءَ ۾ بدلائي ڇڏيندو. ساڳي خوفناڪ ويراني جهڙي هو ڪجهه گهڙيون اڳ انگوشي ۽ سندري پهريل شخص جي چهري تي ڏسي آيو آهي جو روڊ جي سخت سيني تي ڪنهن جهور ٿيل ميل جي پٿر جيان ڊٿو پيو هو ۽ موت جي ڀوائتي ويراني جنهن جي کليل وات منجهان ٻاهر گهوري رهي هئي.
ماڻهن ۾ هن جو شڪ اڃان به وڌي وڃي ٿو. هن جي ڀر مان گذرندڙ هر شخص هن کي دشمن جو بڇيل ماڻهو ٿو محسوس ٿئي. خوف جي ساڳي ڇيت هن جي ذهن ۾ مسلسل چڀندي رهي ٿي. اڻ ڏٺا انديشا وڌڻ لڳن ٿا هن جي من جي پاتال ۾ - اڄوڪي رات هو پاڻ مٿان ڏاڍي ڳوري محسوس ٿو ڪري – وايو منڊل ۾ وحشت ڦهلجي ويل محسوس ٿئيس ٿي. هن کي پڪو يقين ٿي وڃي ٿو ته هو ڪنهن اونداهين گهٽيءَ ۾ ڏاڍي بي درديءَ سان ماريو ويندو ۽ هن جو بي جان جسم روڊ جي هڪ پاسي کان ڊٺو پيو هوندو. تڏهن خوف جي هڪ تيز لهر هن جي پٺيءَ جي ڪنڊي مان اُڀري ٿي وڃي. اونداهان پاسا ڇڏي هو روشنيءَ ڏانهن هليو اچي ٿو.
گذريل ٻن مهينن کان اهو هن جو دستور بڻيل آهي ته هو سوير گهر پهچي. هو اڪثر سج لهڻ کان اڳي ئي گهر پهچي ويندو آهي پر اڄ هو اهو دستور ٽوڙي ويٺو آهي. هو اسڪول جي هڪ ماستر جي شاديءَ ۾ ويو هو. شاديءَ ۾ وڃڻ کان اڳ ان ڪري به لنوائي نه سگهيو جو ذهن کي نستو بڻائيندڙ اسڪول جي بور ماحول کان نڪري هو ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ ماستر آڏو زندگيءَ جا ڪچا چٺا کولي رکندو آهي. هن جي ٿڪل ٿڪل اکين ۾ کيس ڏاڍي پنهنجائپ نظر ايندي آهي. اڄ اها پنهنجائپ ئي هن کي اوڏانهن گهلي وئي هئي ۽ نه چاهيندي به هن کي گهڻيءَ دير تائين اُت ويهڻو پيو هو جا دير هن جي گذريل ٻن مهينن جي سڀ کان وڏي دير هئي.
بي انداز ماڻهن جي وچ ۾ هن کي اوچتي هڪ اهڙو ماڻهو نظر اچي ٿو جنهن جي مٿي تي وڏو پٽڪو ٻڌل آهي ۽ جنهن جي وڏين وڏين مڇن ۽ ڏاڙهيءَ مٿان نظر ايندڙ ڀوائتيون اکيون هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيون آهن. هن جي هڪ هٿ ۾ ڪهاڙي پڪڙيل آهي جنهن جي مٿان اڇن ۽ ساون پٽن وارو وڏو رومال اهڙيءَ طرح ويڙهيل آهي جو فقط ڪهاڙيءَ جو رنگ ڏنل ڪارو ڳن ئي نظر اچي سگهي ٿو.
ڀوائتين اکين وارو اهو شخص ويهن قدمن جيتري مفاصلي تي هاڻ بيهي رهي ٿو. هن جي اوچتي بيهڻ تي منير جي بُت مان ساهه ئي ڇڏائجي ٿو وڃي – هن جي جسم جا وار ڪجهه لمحن لاءِ اُڀا ٿي وڃن ٿا – خشڪ ٿيل چپ کلي وڃنس ٿا – اکيون ڦاٽي وڃنس ٿيون تڏهن اڌ رنگي جي ڪنهن مريض جيان هن جا پير اڳتي وڌڻ جي شڪتي وڃائي ويهن ٿا. هو پاسي کان بيٺل اليڪٽرڪ پول ۾ هٿ نه وجهي هان ته شايد ڪري پوي هان. تڏهن موت جهڙين انهن سخت گهڙين ۾ راڪاس جهڙو اهو بيٺل شخص سيڌي جي هڪ دڪان اندر گهڙي وڃي ٿو ۽ ٿڪل ٿڪل ساهن سان منير ڪنهن زخمي ٿيل پکيءَ جيان جسم جي سموري سگهه ڪٺي ڪري اڳتي وڌي ٿو وڃي. دڪان ۾ گهري ويل اهو شخص جو ڪنهن کي ڳولڻ واري انداز ۾ رستي تان لنگهندڙ ماڻهن ڏانهن ڏاڍي وحشت وچان ڏسي رهيو آهي تنهن ڏانهن اک ٽيٽ ڪري منير هڪ نظر جيئن ئي وجهي ٿو ته لرزندڙ ٽنگن سان هلڻ جي رفتار اڃان به وڌائي ڇڏي ٿو. هن کي هاڻ پڪو يقين ٿي وڃي ٿو ته اهو اوپرو شخص هن کي ئي مارڻ وارو شخص آهي. پنهنجي خون ٿيل مائٽ جو پلئه وٺڻ لاءِ هو هن جو ئي رستو تڪي رهيو آهي. اک ڇنڀ ۾ هن جا زندگيءَ کان لاڳاپا ٽوڙڻ جي ارادي سان ئي انهيءَ دڪان ۾ لنگهي ويو آهي ۽ هن جي پٺيان چپ چپ ڪري هن تي ڪهاڙين جو وسڪارو لائي ڏيندو. هڪ هڪ وار سان خوفناڪ گاريون ڪڍندو. هن کي اها به ته خبر ڪانه آهي ته هن جي دشمن جو چهرو ڪهڙو هوندو؟ هي ته بس اهڙي ئي ڪنهن رهزن ماڻهوءَ جي ڪهاڙين جو کاڄ ٿيڻ وارو آهي – اهڙي ئي ڪنهن اڻ ڄاتل چهري منجهان هن کي موت جو خوف آهي جو هن جو ذاتي دشمن نه هئڻ جي باوجود هن جو دشمن هجي. هو اڻ ڪيل دشمنيءَ جي سزا ڪٽڻ تي مجبور آهي.
هو هاڻ فٽ پاٿ تي هلڻ لڳي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن هراسيل نگاهن سان پٺتي به ڏسي ٿو وٺي. هن جي ويجهو هاڻي اُهو شخص نه رهيو آهي. ڪيترا ئي ڄاتل ۽ اڻڄاتل ماڻهو هن جي ڀر مان گذرن ٿا. چهرا ايندا ۽ ويندا رهن ٿا ۽ هو چاهي ٿو ته چهرن جي انهيءَ هجوم ۾ ڪنهن ڪک وانگر گم ٿي وڃي پر هيترن سارن ماڻهن ۾ ڪو به ته هن کي تحفظ ڏئي نه ٿو سگهي. ڪو به هن جي زندگيءَ جي ضمانت جي هام هڻي نه ٿو سگهي. هو چونڪ تي اچي پريشان ٿي بيهي رهي ٿو ۽ هڪ لمحي ته هو موت کي اوچتو سامهون ڏسي وٺندڙ ماڻهوءَ جيان عجيب وحشت ۽ بي وسيءَ وچان رڙيون ڪرڻ وارو ٿئي ٿو - هن جو سڄو جسم ڏڪي وڃي ٿو جڏهن هڪ شخص جي هٿ جو دٻاءُ پنهنجي ڪلهي تي محسوس ٿئيس ٿو.
”خير ته آهي منير صاحب اڄ ائين پريشان پريشان پيا لڳو!“
هو حيرانيءَ وچان ان شخص ڏانهن ڏسي ٿو جو هن جو پراڻو واقفڪار نڪري پوي ٿو. کيس ڪو به جواب نه ڏئي فقط هن ڏانهن ڊنل ڊنل نظرن سان ئي گهوريندو رهي ٿو. ”ڇو يار منهن ائين پيلو پيلو ٿي ويو اٿوَ؟ ڪا ايڏي وڏي پريشاني آهي ڇا؟“ هن جو دوست وري هن جي ڪلهن تي هٿ رکي ٿو.
منير جي حالت ائين ٿي وئي آهي ڄڻ ته ماڻهن جي هشام وچ ۾ هو سڳ سوڌو پڪڙجي پيو هجي. ائين اوچتو اندر جي چوري پڪڙجي پوڻ تي هو هڪو ٻڪو ٿي وڃي ٿو. ”نه نه..... اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي..... اصل ۾ هو.....“ ان جملي سان هو کيس مطمئن ڪري نه ٿو سگهي. اهي ڀاوَ ان شخص جي چهري منجهان صاف ظاهر ٿين ٿا.
”خير هلو ته مان توهان کي چانهن پياريان. توهان سان ٿوري ڪچهري به ڪرڻي آهي.“
هو پريشان ٿي وڃي ٿو. ”اصل ۾.... مون کي.... مون....“ ”اچو ته سهين!“ هو هجت وچان هن جي ڏونري ۾ هٿ وجهي ٿو.
منير جيڪو وقت وڃائڻ نه ٿو چاهي جنهن کي گهر پهچڻ جي ڏاڍي جلدي آهي جو اڄوڪي رات پاڻ تي ڏاڍي ڀاري محسوس ٿو ڪري نه چاهيندي به هن جي ڪڍ ڪڍ هلڻ لڳي ٿو.
هوٽل جي هڪ خالي ٽيبل تي ويهندي دوست کانئنس پڇي ٿو.
”ٻيا ڪهڙا حال اٿوَ؟“
”هون!“ هو ڇرڪ ڀري ٿو.
”ڀائو سچ ٻڌايو ويچار ڪهڙي ۾ گم آهيو؟ ڪجهه ڳالهايو! ڪم ڪيئن ٿو هليوَ اڄڪلهه؟“
هو سمجهي ٿو ته اڄ هو ڪجهه به ڳالهائي نه سگهندو. هن جي اندر جو ڊپ هن جي هر لفظ مان ظاهر ٿي پوندو. هو جيڪو دنيا جي هر مسئلي تي ڏاڍو سٺو ڳالهائي سگهندو آهي ادب ۽ آرٽ کان فلم جي سطحي موضوع تائين جيڪو وڏي يخي هڻي ڄاڻي تنهن پنهنجي پاڻ کي اڄ ڏاڍو بيوس محسوس ڪيو آهي. ان کان اڳ جو هن جو دوست ڪنهن اهڙي مسئلي تي ڳالهائي ۽ هو چرين وانگر ماڻهن جي نظرن جو مرڪز بڻجي. هو چوي ٿو ”هون..... هڪ دوست سان ملڻو آهي.“
لفظن جي کيڏاريءَ سان لفظ ساٿ نه ٿا ڏين. هيسيل هيسيل اکين سان هو هن ڏانهن ڏسي ٿو ”توهان برو نه ڀانيو ته.... ته جيڪر مان اجازت وٺان.... اڄ منهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي. مان گهر وڃڻ.....“ اوچتو کيس ياد اچي ٿو ته هو صرف هڪ گهڙي اڳ ڪنهن دوست سان ملڻ جو بهانو گهڙي ويٺو آهي ۽ هاڻ جنهن نموني هن ٻيو بهانو گهڙيو آهي اُهو گهٽ ۾ گهٽ هن جي حق ۾ بهتر نه ٿو لڳي. هن کي شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته هو وِڦلڻ لڳو آهي ۽ هو ڪنهن به ڳالهه جو صحيح جواب ڏئي نه سگهندو.
دوست هن ڏانهن معنيٰ ڀريل نظرن سان ڏسي هلڪو مرڪي ٿو ۽ منير اڃان به وڌيڪ هڪو ٻڪو ٿي وڃي ٿو. ”سائين مان..... هاڻ اجازت وٺندس ڇاڪاڻ ته.....“ هو اُٿڻ جي ڪري ٿو.
”ويهو ته بادشاهه..... چانهن جو هڪ ڪوپ ته پي وڃو..... ڪجهه ڪچهري به ٿي ويندي ان بهاني.“
۽ منير اندر جي اُڻ تُڻ اندر ۾ دٻائي پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڍلو ڪري ڇڏي ٿو.
”اڙي ها!....“ هن جو دوست اوچتو ڪنهن ڳالهه جي ياد اچي وڃڻ تي ڏاڍي تجسس وچان هن ڏانهن ڏسي چوي ٿو ”يار منهنجو هڪ دوست آهي جو ڪتاب ڇپائڻ ٿو چاهي سو ٽئين ڏينهن رات ٽائيٽل ٺهرائڻ جي سلسلي ۾ توهان جي گهر آيا هئاسين...... پر اڌ ڪلاڪ در تي بيهڻ کان پوءِ به ڪو گهر کان ٻاهر ئي نه نڪتو.... خير..... اصل ۾ هن کي ڪنهن ڪتاب لاءِ ٽائيٽل ٺهرائڻو آهي.... اهڙو ٽائيٽل جنهن ۾ روشنيءَ بدران رت وسائيندڙ سج نظر اچي..... سمجهو ٿا نه منهنجي ڳالهه!“
۽ تڏهن اوچتي ياد اچي ٿي هن کي ٽئين ڏينهن واري اها رات جڏهن ڪي نامعلوم شخص هن جي سوٽ پٺيان ڪهاڙيون کڻي ڊڪيا هئا ۽ وڏيءَ مشڪل سان هو زندگي بچائڻ ۾ ڪامياب ويو هو. هراس واري ان ساڳي ئي رات جڏهن وقفي وقفي سان در جو ڪڙو کڙڪڻ لڳو هو ۽ جڏهن رات جي گهري خاموشيءَ ۾ هن جو نالو ورتو ويو هو ته هن کي پنهنجي جسم تي هزارها ڪولين جهڙي چرپر محسوس ٿي هئي. هو جنهن جي هڪ مائٽ کي اهڙي ئي هڪ رات گهران سڏي ڪهاڙين سان ماريو ويو هو تنهن جڏهن در جي ٻاهران اوپرن ماڻهن جو چوٻول ٻڌو ته هيسجي ويو هو. تنهن گهڙيءَ هن جي زال پنهنجو ڪمزور هٿ هن جي ڪلهي ۾ وجهي هن کي زور ڏنو هو. هن جي انڌي ماءُ ٽپ ڏئي اُٿي ويٺي هئي ۽ پنهنجي بي نور اکين کي مسلسل ڇنڀيو هئائين. ”هن آويلي رات ڪير ٿي سگهي ٿو ٻاهر.... نه نڪرجانءِ!“ شديد خوف وچان هن جي ماءُ چيو هو ”نه وڃجانءِ منير ٻاهر نه وڃجانءِ! ڪنهن تي ڪهڙو ڀروسو آهي ابا؟“
پوءِ جڏهن ان واقعي کي گهڻي دير گذري وئي هئي ۽ جڏهن در تي وقفي وقفي سان ٺڪ ٺڪ جو آواز اچڻ به بند ٿي ويو هو تڏهن هو ڊڄندو ڊڄندو ٻاهر آيو هو ۽ ان لمحي خالي خالي گهٽيءَ ۾ ڪو به ماڻهو نه ڏٺو هئائين ته سک جو ساهه کنيو هئائين.
هو هڪ ڊگهو ساهه کڻي ٿو ۽ ان رات گهر کان ٻاهر نه اچڻ واري ڊپ کي لڪائي هڪ بهانو گهڙي وٺي ٿو.
”سائين! اصل ۾ ان رات مان گهر ۾ هيس ئي ڪونه... نه ته ڀلا گهر ۾ ويهي ٻاهر نه اچان ها؟ سو به توهان جي ايندي.... منهنجو مطلب آهي ته مان گهر ۾ ڪونه هيس. يقين ڪريو مون پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ائين ناهي ڪيو.“
”اڙي ڀائو! منهنجو مطلب هرون ڀرون اهو ڪونه آهي. بهرحال ڇڏيو ان ڳالهه کي.... ها اهو ٻڌايو ته ڪڏهن ٿا ٽائيٽل ٺاهيو!“ اوچتو هن جي دوست جي نظر ڪائونٽر تي بيٺل هڪ هندو شخص تي پوي ٿي جنهن کي ململ جي ڪپڙي جي ڌوتي پهريل آهي تڏهن هن جي چهري تي ڪنهن ڳالهه ياد اچڻ جا ڀاوَ اُڀرن ٿا ۽ هو ٽائيٽل وارو موضوع اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏئي ٿو. ”اڙي يار ها!... واسو مل جي مانڊڻيءَ وٽ اڄ جيڪو خون ٿيو آهي ان جي ته خبر اٿوَ نه؟“
منير کان وري ڇرڪ نڪري وڃي ٿو. وڏيءَ مشڪل سان فقط هڪڙو ئي لفظ ڳالهائي سگهي ٿو. ”ها....“
”ڀائو! ايترو سو چئبو ته فوتي نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾ هو. هو غريب ته رڳو هڪ ذات مان هئڻ ڪري ماريو ويو. ڀائي مارجي اُن کي جيڪو ڏوهي هجي. باقي اهو ڪهڙو انصاف چئبو چوري ڪر مُڇن وارو پڪڙيو وڃي ڏاڙهيءَ وارو؟“
منير کي هڪدم ڪاوڙ اچي وڃي ٿي. هٿ ڏڪڻ لڳنس ٿا. جوش کان ڏند ڪرٽي وڏا وڏا ساهه کڻي ٿو.
”ماڻهوءَ جو وحشيپڻو اڃان به ڪو ٻيو ٿي سگهي ٿو ڇا؟“ هو ڳالهائڻ لڳي ٿو. ”ته ڪنهن شخص سان دشمنيءَ کي ڇڪي تاڻي ان سطح تي آندو وڃي جو ان کي ماريو وڃي – ان جي هستيءَ کي نابود ڪيو وڃي. اهو سوچڻ بنا ته اهو شخص جو زندهه رهي ٿو اهو رڳو پنهنجي ذات لاءِ نه ٿو جيئي. انهن رشتن لاءِ به هن کي جيئڻو پوي ٿو جن ۾ هو ورهائجي ويل آهي. هاڻ مون کي ڪو ماڻهو جيڪڏهن اوچتي ماري ڇڏي ته ان سان ڇا ملندو هن کي؟ سواءِ ان جي ته مون اڪيلي جو موت انهن سڀني جو موت بڻجي سگهي ٿو جن سان منهنجي رت جون تندون جڙيل هونديون. جذباتي وابستگيون هونديون جن سان ٻڌايو هيڏي وڏي دنيا ۾ ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو جو انهن جي زندهه رهڻ لاءِ مون جيان ورهائي ڇڏي پاڻ کي.“ جذبات ۾ اچي هو ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو. چپ ڦرڪڻ لڳنس ٿا. اکين ۾ چرين جهڙي چمڪ اچي وڃيس ٿي. ”هڪ ماڻهوءَ جي موت سان جيترا به فرد زندهه مريو وڃن ٿا اوترا ئي ڀيرا اُن خونيءَ کي – انسانيت جي دشمن کي اذيتون ڏئي ڦاهيءَ تي لڙڪايو وڃي. فائرنگ اسڪواڊ آڏو بيهاري گولين سان اُڏايو وڃيس ته به جيڪر ان وحشيپڻي جي تلافي ٿي نه سگهندي.“
”هونئن اها خبر ته اٿوَ نه ته اهو خون ڪنهن ڪيو آهي؟“ منير هن ڏانهن فقط خاموشيءَ وچان ڏسندو رهي ٿو جنهن منجهان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هو انهيءَ مري ويل شخص جي باري ۾ ڪجهه نه ٿو ڄاڻي. نه ان جي ماريندڙن جي باري ۾ ڪا معلومات رکي ٿو. هو ڪنڌ سان ننهنڪر ڪري ٿو.
تڏهن ڏاڍي رازداراڻي نوع ۾ هن جو دوست چوي ٿو ”ڀائو! مون کان ٿا لڪائڻ چاهيو ڇا؟“
”ڇا مطلب؟“ خوف کان هن جي چيٽ نڪري وڃي ٿي.
”ته چئبو توهان کي واقعي اها خبر ڪانهي.“ منير فقط ڌڙڪندڙ دل سان ايندڙ لمحن جو وڏي اُڻ تڻ سان انتظار ڪري ٿو.
”ڀائو! حد درجي جو ڪو ساڌو آهين.“ هن جو دوست ڳالهائڻ لڳي ٿو. ”تنهنجي مائٽن پلئه ڪري وڌو آ. ڏيهه سڄي کي ڄاڻ پئجي وئي پر تون آهين جو....“
”ڇا؟“ ڄڻ ته هن جي ڀر ۾ ڪو زوردار ڌماڪو ٿيو هجي. هن جون وايون بتال ٿي وڃن ٿيون. شديد خوف وچان هن جو چهرو هيڊو ٿي وڃي ٿو. ”سائين! معاف ڪجو مون کي هڪ تمام ضروري ڪم ياد اچي ويو آهي.... مان.....“ هو جملي کي اڌ ۾ ڇڏي اُٿي ٿو ۽ دوست جي ڪنهن به جواب جو انتظار ڪرڻ بنا هوٽل مان ٻاهر نڪري اچي ٿو.
ڀوائتين اکين واري شخص بابت هن جو خدشو هاڻ يقين ۾ بدلجي وڃي ٿو جو ڪنهن کي ڳولڻ واري انداز ۾ رستي ڏانهن ڏاڍيءَ وحشت وچان گهوري رهيو هو. هن جي وکن ۾ ان لمحي بيحد تيزي اچي وڃي ٿي جڏهن اُمالڪ ٻانهن ۾ ٻڌل واچ ڏانهن نظر وڃيس ٿي. ”ٻارهن!“ هرو ڀرو ايڏو اويلو ٽائيم به ڪونهي پر اڄ اهو ٽائيم هن کي محسوس ٿئي ٿو ڪنهن گجگاهه رات جي اويري وقت جيان ڏاڍو ڀوائتو.
شهر جون حدون لتاڙي هو جڏهن ڊگهن ۽ گهاٽن وڻن سان ڍڪيل سنسان مسجد وٽ پهچي ٿو ته ڊپ وچان هن کان ڌرڙيون نڪري وڃن ٿيون. دور دور تائين ڦهليل گهاٽن وڻن جي وچ مان گذرندڙ اونداهين ۽ خاموش رستي مٿان هلڻ جو خيال هن جي سرير ۾ خوف ڦهلائي ڇڏي ٿو. ڊنل من سان جيئن جيئن اڳيان وڌي ٿو تيئن تيئن زندگيءَ جي چرپر ۾ ٺاپر ايندي وڃي ٿي. فقط سانت جون صدائون رهجي وڃن ٿيون. اوچتي هو وري ڇرڪجي وڃي ٿو. موت جا سرد هٿ هن کي پنهنجي جسم تي ڦرندي محسوس ٿين ٿا. بي پناهه خوف وچان هن جا پير ڌرتيءَ کي چنبڙي پون ٿا. اوندهه ۾ هو اکيون ڦاڙي ڏسڻ لڳي ٿو. سامهون موريءَ تي ڪي اونداهان پاڇا نظر اچنس ٿا جيڪي هيڏانهن هوڏانهن ٿي رهيا آهن. هن جي دل زور زور سان اُڇلون کائڻ لڳي ٿي. انهن ئي لمحن ۾ کيس لڳي ٿو ته اهي پاڇا هن کي ڏسي هڪ هنڌ ساڪن ٿي ويا آهن. هن کي مارڻ لاءِ هنن جي چرپر رڪجي وئي آهي. ضرور انهن مون کي ڏسي ورتو آهي. هاڻ ته ڀڄڻ جي به ڪا واهه نه رهي آهي. جي ڏٺو اٿئون ته ڪٿي ڇڏيندا؟ ڏاڍيءَ ويچارپ سان جيئن ئي پٺتي ڇڏي آيل رستي ڏانهن ڏسي ٿو ته هن جي جسم جا وار هڪدم ڪانڊارجي وڃن ٿا. جنهن رستي تان هلندو هو هيستائين پهتو آهي اُن رستي جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪنهن شخص جو اونداهون پاڇو بيٺل محسوس ٿئيس ٿو. ذهن ۾ گونجندڙ خطري جو سائرن تيز ٿي وڃيس ٿو. کيس شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته رستي تي بيٺل اهو شخص به انهن جو ئي وانگاري آهي جو شهر ڏانهن ويندڙ گهاٽ جهلي بيٺو آهي. موت جهڙي انهيءَ سانت ۾ خوني چهرا ڦري وڃن ٿا هن آڏو. ڪهاڙين جا اوندهه ۾ چمڪاٽ ۽ هن جون آزيون نيزاريون مڏن هٿيان جيان انهن آڏو بي اثر – تيز ڪهاڙين جا چيچلائيندڙ وار – گهٽيل رڙيون – اکيون ٻاهر نڪري آيل – هو پاڻ کي پنهنجي ئي رت ۾ ليٿڙيل محسوس ڪري ٿو. هڪ گهڙيءَ ته هن جون رڙيون نڪرندي نڪرندي رهجي وڃن ٿيون. جڏهن پاسي کان آيل هڪ آوارو ڪتو اوندهه جو سينو چيري ڪمند جي گهاٽي پوک ۾ ڇوهه منجهان گهري وڃي ٿو تڏهن هن جو سڄو جسم لرزي اُٿي ٿو. ڊپ وچان هن جا ساهه پاڻ ۾ وچڙڻ لڳن ٿا ۽ هاڻ جڏهن ٿورو ٿورو سامت ۾ اچي ٿو ته وري روڊ جي هڪ پاسي کان بيٺل پاڇي ڏانهن ڏسي سوچي ٿو. هي شخص جيڪڏهن منهنجي مارڻ لاءِ موڪليو ويو آهي ته هيترو وقت بيهي ڇو رهيو آهي اتي؟ چُري پُري به ته نه ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو پاڇو نه هجي. ڪنهن وڻ جو ڪٽيل ٿڙ هجي. اهو منهنجو وهم به ته ٿي سگهي ٿو نه! مسلسل خوف جي دٻاءَ مان نڪرڻ لاءِ هو پاڻ کي آٿت ڏئي ٿو ۽ موريءَ تي نظر ايندڙ پاڇن لاءِ به هو اهڙي قسم جو دل کي ڏڍ ڏيندڙ رايو قائم ڪري ٿو. ”هي ته مون کي سرن جا ڪي ٻوڙا ٿا نظر اچن جيڪي اڳهڻو هوا جي ڪري شايد لڏيا هئا. هن کي پنهنجي پاڻ تي کل اچي وڃي ٿي. مان به ڪيترو ته ڊڄڻو آهيان. اجايو هيترو ٽائيم پاڻ کي رستي تي بيهاري ڇڏيم ۽ هاڻ هن جي اندر جي شڪتي وري موٽي اچي ٿي. هو هاڻ بنا ڪنهن ڊپ جي موريءَ ڏانهن وڌڻ لڳي ٿو پر جيئن جيئن موري ويجهي ايندي وڃي ٿي هن جي اُميد جي اُبتڙ موريءَ تي نظر ايندڙ پاڇا ماڻهن جو روپ وٺندا وڃن ٿا. انهن جي سرن هجڻ وارو شڪ جڏهن چئن ماڻهن جي حقيقت ۾ بدلجي وڃي ٿو تڏهن ڀو کان هن جا لڱ ايترا ته ساڻا ٿي وڃن ٿا جو اڳتي هلڻ جو ساهس ئي وڃائي ويهن ٿا. هو ڏڪندڙ قدمن سان بنهين انهن جي ويجهو اچي وڃي ٿو. تڏهن شڪست کاڌل فوج جي ان سپاهيءَ جيان جيڪو زندگيءَ ۽ موت جي ڇتي جنگ ۾ هٿيار ڦٽا ڪري زندگيءَ جي خيرات لاءِ ٻئي هٿ مٿي کڻندو آهي. ٺيڪ اهڙيءَ طرح خوف وچان ڦاٽي ويل آواز ۾ هو ويٺلن کي سلام ڪري ٿو ۽ ان لمحي ته جسم منجهان ساهه ئي ڇڏائجي وڃيس ٿو. هو بنهه ڪرڻ وارو ٿئي ٿو. جڏهن موريءَ تي ويٺل ماڻهن منجهان هڪ ڄڻو پنهنجي ساٿيءَ کي ڏاڍي آهستگيءَ ۾ ڪجهه چوي ٿو تڏهن بي پناهه خوف وچان هن جي منهن تي پگهر جا ڦڙا نڪري اچن ٿا. هو وڏيءَ مشڪل سان ساهه کڻڻ لڳي ٿو ڄڻ ته ساهه جي نليءَ ۾ ڪجهه ڦاسي پيو هجيس. ساهن جي انهيءَ بي ترتيبيءَ سان لڙکڙائيندو / ڀانواٽيون کائيندو هو جڏهن ڏهن قدمن جيترو مفاصلو طئه ڪري وڃي ٿو تڏهن امالڪ ئي موت کان زندگيءَ ڏانهن رڙهندڙ ماڻهوءَ جيان جسم جي سموريءَ سگهه سان چرين جيان ڊوڙڻ لڳي ٿو.