ڪتاب بابت : بادل جمالي
حيرت جي ڳالهه آهي ته هن گهٽ ۽ ٻوسٽ جي ڪربلا ۾ جيڪي راتيون جاڳي، نور نچوئي، رت ولوڙي ڪهاڻيءَ جي لڄ رکيون اچن تن جا نالا مضمونن جي فهرست مان هميشه نڪتل هوندا آهن پر تاريخ شاهد آهي ته ”آڱر ڪپي شهيدن ۾ پاڻ ڳڻائڻ“ وارن جا نالا ڪڏهن به محفوظ نه رهيا آهن.
اڄ جي سنڌي ادب ۾ جيڏانهن به ڪو نئون ليکڪ ٿو اُڀري ته هڪ ئي موضوع کنيون ٿو اچي جيڪو عشق آهي. گهڻو ڪري ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪنهن شاگردياڻيءَ سان عملي يا خيالي گهاريل گهڙين کي جذباتي رنگ ۾ پيش ڪري ذهني سڪون ٿو حاصل ڪري يا وري ڪنهن گريجوئيٽ مگر ڪنگلي انٽيليڪچوئل کي کنيون ٿو وڃي جيڪو اعليٰ تعليم ۽ سمورين خوبين ۽ صلاحيتن هوندي به رڳو غلط نظام جي ڪري معاشري ۾ ڪو مقام حاصل نه ٿو ڪري. لڳاتار ناڪاميون کيس چرس پيئڻ ۽ آپگهات لاءِ سوچڻ تي مجبور ٿيون ڪن. انهن ٻنهي موضوعن کان سواءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو هجي – ڪو موضوع ڇڏيو ئي ڪونه اٿس جنهن تي قلم کڻجي! پر ائين ڪونهي. اڄ به چند اهڙا ليکڪ موجود آهن جيڪي جڏهن به ميدان ۾ اچن ٿا ڪانه ڪا نئين شئي کڻي اچن ٿا. اهڙن ئي ليکڪن مان هڪ رزاق به آهي.
رزاق جي سڀ کان پهرين ڪهاڻي ”سڪون ڪٿي آهي؟“ سنگت ۾ پڙهي هئم. تڏهن کان ئي مون کيس ڪهاڻيڪارن جي ڊگهيءَ لسٽ مان ڪڍي الڳ ڪري بيهاريو. ان کان پوءِ سندس ڪجهه پراڻيون ڇپيل ڪهاڻيون نظر مان گذريون ته هو مون کي وڌيڪ وڻڻ لڳو ۽ هينئر مان بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي سگهان ٿو ته رزاق اڄ جي انتهائي ايماندار، مخلص ۽ نمائيندن ليکڪن مان آهي. هو ڏيڍ پيج جي ڪهاڻي لکي رڳو نالي ڳڻائڻ وارن مان ناهي ۽ نه وري سماجي ڪارج، ڪلاس، اسٽرگل، پارٽي لائين، بورجوا يا پرولتاريا جي چڪر ۾ آهي ۽ نه ئي سندس ٻولي، ڪلا، رچنا، ڪوتا، ڪارڻ / اڪارڻ، سڀاويڪ / اسڀاويڪ جهڙن غير سنڌي لفظن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي. هو سچو ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻين مان سنڌ جي مٽيءَ، ماڻهن، وڻن، ٻوٽن، هوائن، موسمن، بادلن، برساتن، بکن، بيمارين، مجبورين، محرومين، پيڙائن ۽ خوشين جا رنگ ۽ عڪس صاف صاف بِکن ٿا. هن کي اهو چوڻ جي ڪائي ضرورت ناهي ته هو سنڌ جو ڪهاڻيڪار آهي. سندس سڃاڻپ ٻولي، موضوع ۽ ڪردار خود ڪرائن ٿا.
ڪن ليکڪن کي پنهنجن ڪن ڪردارن سان بي انتها محبت هوندي آهي. هو زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي انهن کي وساري نه سگهندا آهن. اهڙا ڪردار سندن فن ۾ مستقل حيثيت رکندا آهن. رزاق جي ڪهاڻين جو مستقل ڪردار هڪ اهڙو شخص آهي جيڪو معاشري ۾ مناسب مقام حاصل ڪري نه ٿو سگهي. هو جيڪو ڪمائي ٿو سو سندس ضرورتن جي پورائي لاءِ ناڪافي آهي. مٿان وري ظلم اهو آهي ته سڄي گهر جي ڪفالت به هو ئي ڪري ٿو جنهن ۾ ڪڏهن پوڙهي ماءُ، جوان ڀينرون ۽ ننڍڙا ڀائر اٿس ته ڪڏهن وري جوان زال ۽ ابهم ٻارڙا. انهن سڀني جون معصوم ۽ نماڻيون خواهشون سندس دل کي جهير وجهيو ڇڏن. اهڙن جذبن، اُمنگن ۽ پيڙائن جي صحيح ۽ چٽي عڪاسي ئي ليکڪ کي امرتا بخشي ٿي ۽ رزاق وٽ اهڙا عڪس هر وقت نظر اچن ٿا.
مون هميشه سنڌي ادب ۾ تنقيد جي کوٽ جي دانهن ڪئي آهي پر ان تي توجهه گهٽ ڏنو ويو آهي. پنهنجي حال آهر ان ڏس ۾ وک وڌائيندي هڪڙو ڪتاب ”چار ڪهاڻيڪار چار نقاد“ ترتيب ڏيان پيو پر هڪڙو ڪتاب ته ڪافي ناهي. ٻيا ليکڪ ۽ ادارا به هن سلسلي ۾ ڪجهه ڪن ته شايد تنقيدي ڏڪار ۾ ڪجهه ڪمي اچي وڃي. منهنجيءَ نظر ۾ تنقيد تخليق کي زندگي بخشي ٿي پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ اها اڃان تائين غير مانوس ۽ اجنبي آهي. اهو تنقيد جي کوٽ جو ئي نتيجو آهي جو اسان جا سٺا سٺا ليکڪ به پنهنجي فن سان پورو انصاف نه ٿا ڪري سگهن يا ته موضوع کي اڌورو ڇڏيو ڏين يا وري ڏورڻي ڇوڙ آزادي سمجهي سموري الا بلا ڪهاڻيءَ ۾ ٽنبيو ڇڏين. پوءِ ان جو تعلق ڪهاڻيءَ سان هجي يا نه هجي. اهڙي ڪهاڻي پڙهڻ به عذاب بڻجيو وڃي ۽ پڙهندڙ هڪ ٻن صفحن کان پوءِ يا ته ڪتاب بند ڪري رکي ڇڏيندو آهي يا وري ڪا ٻي ڪهاڻي پڙهڻ شروع ٿو ڪري. ڪهاڻيءَ جي ڊيگهه ۽ ويڪر تي ڪا پابندي ته نه ٿي لڳائي سگهجي پر شرط اهو آهي ته ان مان هرون ڀرون ڪا شئي ڪڍي ڇڏجي ته ان جي ڪمي ضرور محسوس ٿئي. دراصل ڪهاڻيءَ مان ضروريءَ ۽ غير ضروريءَ جو فرق تنقيد ذريعي ئي واضح ٿي سگهي ٿو ۽ تنقيد جي اڻهوند جي ڪري اسان سڀني جي ڪهاڻين ۾ ڪوتاهيون نظر اچن ٿيون.
ڪهاڻي جيتري ڊگهي نڀائڻ ۾ اوتري ڏکي هوندي آهي. شايد ان ڪري ئي اسان وٽ فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي ليکڪ آهن جيڪي مڪمل ۽ طويل ڪهاڻيون لکندا آهن. انهن جي ڪهاڻي پڙهي پوري ڪرڻ کان پوءِ تشنگيءَ جو احساس نه ٿو رهي. نه ته اڌوريون ۽ اڻ پوريون ڪهاڻيون لکڻ ته ٻاراڻي راند ٿي پئي آهي. ان راند جو فائدو وٺي هاڻ نه رڳو مني شارٽ اسٽوري لکجڻ لڳي آهي. ڪهاڻي شارٽ ته اڳي ئي هئي پر هاڻي خير سان مني به ٿي وئي آهي. اها ته سنئين سڌي ڪهاڻيءَ سان مذاق آهي. لکڻ کان فرار آهي. هن سلسلي ۾ يورپ جي مني شارٽ اسٽوريءَ جو مثال ڏيڻ اجايو آهي. اُتي پڙهندڙ کي وقت گهٽ ٿو ملي جڏهن ته اسان وٽ اڃان اهڙي صورتحال ڪانهي. ان ڪري ڀرپور ڪهاڻي لکجي. رڳو ڪلائيميڪس واريون پنج ست سٽون کڻي لطيفو لکڻ جي رسم کي روڪڻ گهرجي.
هن افراتفريءَ ۽ فراريت جي دور ۾ به جيڪي چند فنڪار سنڌي ڪهاڻيءَ کي زندهه رکيو اچن بيشڪ رزاق مهر جو نالو به انهن ۾ شامل آهي البت منهنجو کيس مشورو آهي ته پنهنجي انفراديت کي قائم ۽ برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهي. جيتري قدر ٿي سگهيس گروهي دائرن کان پاڻ بچائي نه ته سٺا سٺا فنڪار به مخصوص ۽ محدود دائرن ۾ اچي پنهنجي شناخت وڃائي ويٺا آهن.
[b]بادل جمالي
[/b] ڪراچي