سڪون ڪٿي آهي؟
انهن کان ڪجهه پرڀرو ميٽوڙي ڄارين واري در جي ڀر ۾ هڪ بئنچ رکيل هئي جنهن مٿان هو گذريل اڍائن ڪلاڪن کان ويٺو هو ۽ پنهنجي واري اچڻ جو شديد اڻ تڻ سان اوسيئڙو ڪري رهيو هو.
در تي بيٺل ٺوڙهي چپراسيءَ جڏهن به پنهنجي سنهڙي ڳچيءَ مان نڪتل نڙگهٽ کي حرڪت ۾ ٿي آندو ۽ ڪنهن ٻئي جو نالو ٿي ورتائين تڏهن هن جي چهري مٿان هڪ ڪروڌ ڀريو سونڊ ضرور پئجي ٿي ويو ۽ تڏهن جڪ کائي هن سنهڙي چپڙاسيءَ ڏانهن ائين ٿي گهوريو جيئن هن کي اندر نه گهرائڻ ۾ ان جي ئي ڪا سازش هجي.
پنج منٽ اڳ جنهن شخص کي اندر سڏيو ويو هو اُهو اڃان ٻاهر نه نڪتو هو. هن کي انهيءَ ڳالهه تي سخت چڙ لڳي رهي هئي. وقت جي ائين برباد ٿيڻ تي هن ڪاوڙ مان پاسو بدلايو. هن واچ ۾ ٽائيم ڏٺو ۽ تڏهن هن جي ذهن ۾ آوازن جو هڪ وڏو طوفان گهڙي آيو جنهن سان هن جي دماغ جي تندن وارو سرشتو ڄڻ ٽٽڻ لڳو. هن جي منهن تي ڪرب جا انيڪ گهنج مڙي آيا. هن گوڏن تي ٻانهون رکي منهن ترين ۾ لڪائي ڇڏيو. عذاب جي انهن سخت لمحن ۾ هو ماڻهن جي موجودگيءَ کي به وساري ويٺو.
۽ پوءِ جڏهن اهي لمحا آهستي آهستي مٿان گذري ويا. آوازن جي اها تيز لهر هن جي دماغ جا بنياد لوڏي باقي دائمي آواز ڇڏي هلي وئي تڏهن هن جي منهن تي صدين جي مسافت جهڙو ٿڪ ظاهر ٿي پيو. هن گهرو ساهه کڻي منهن مٿي ڪيو. اسپتال جي مخصوص دوائن جي پکڙيل بوءِ واري ماحول ۾ زندگيءَ ۽ موت جي سرد جنگ جاري هئي. هن جي ڀر ۾ ويٺل ماڻهو سياست تي ڳالهائي رهيا هئا ۽ لسي فرش مٿان قدم اچي وڃي رهيا هئا. هن پاڻ کي بئنچ سان ٽيڪائي ڇڏيو. ڪي لمحا ائين ئي گذاري پوءِ اکيون کولي هڪ اوٻاسي ڏنائين ۽ تڏهن وري سندس نظرون ورانڊي جي ڀت سان ٺهيل ٿلهي ڏانهن کڄي ويون جت ڪيترين ئي عورتن سان ويٺل ٻار عجيب عجيب نظرن سان نهاري رهيا هئا. انهن کان ڪجهه پرڀرو ميٽوڙي لسي فرش مٿان هڪ ڳوٺاڻي عورت ويٺي هئي. هوءَ ان مسافر جهڙي وياڪل نظر اچي رهي هئي جنهن کي ماڳ ڏانهن وٺي ويندڙ گاڏي ڪنهن گمنام اسٽيشن تي حادثي جو شڪار ٿي وئي هجي. هن جي منهن تي صدين جي پريشانيءَ جا اُهڃاڻ ظاهر هئا. هن جي هڪ ڄنگهه اڌ کليل چاقوءَ جيان وريل هئي ۽ ٻي ڄنگهه وچ ڏانهن سڌي ڪيل هئي.
۽ تڏهن هن کي پنهنجن ٽن سالن جي ڌيء ياد اچي وئي جا اڪثر بيمار رهندي آهي، جا ٿڪل ٿڪل ساهه کڻي هن جي اڻپوري حاصلات مٿان ڄڻ ٺٺول ڪندي آهي. انهيءَ لمحي ذهن ۾ ڪنهن ڀوائتي تصور اچڻ تي هن جون اکيون ٻاهر نڪري آيون. هن ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو ۽ ٻار ۽ ان جي ماءُ منجهان نظرون ڪڍي ذهني طور پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن موٽي آيو. بئنچ تي ويٺل پنج ئي ماڻهو اڃان تائين ڳالهائي رهيا هئا. اُهي ٿڪيا نه هئا. ساڳي جوش ۽ جذبي سان هاڻ هو اسپتال جي عملي بابت مختلف رايا ڏئي رهيا هئا. انهن تي راءِ زني ڪندي هڪ پيرسن شخص ڳاڙهو ٿي ويو. هن جا چپ ڪنبڻ لڳا. جوش ۾ اچي هن پنهنجي عمر جو لحاظ به نه ڪيو. هڪ اُگهاڙي گار ايل ايم سي هاسپيٽل جي ان نرس کي ڏئي ڪڍيائين جنهن جي غفلت جي سبب هڪ ٻار جو پير ٻلي چٻاڙي وئي هئي.
هو خاموش هو. نه پاڻ رايو ٿي ڏنائين نه ٻڌڻ ۾ ڪا دلچسپي هئس. اوچتو هڙٻاٽين نڪتل چپڙاسيءَ هن جو نالو ورتو ۽ تڏهن هن جي اندر ۾ هڪ اهڙي لهر اُڀري آئي جهڙي ڪنهن ڊگهي ٿڪائيندڙ ۽ بور سفر بعد ماڳ رسڻ ويل ٿيندي آهي. هو بنا ڪنهن دير جي اُٿيو ۽ ميٽوڙي در جو هڪ تاڪ ڇڪي اندر لنگهي ويو. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ شاهي ٽيبل رکيل هئي جنهن مٿان ٻه ماڻهو جهڪيل هئا. اهي چيلهه کي چٻو ڪري ڪجهه ڪاغذ اُٿلائي پُٿلائي رهيا هئا. انهن جي آڏو ڦرندڙ ڪرسيءَ مٿان پرڪشش اکين وارو آر ايم او ويٺو هو جنهن جي سامهون ٻين ڪاغذن سان گڏ هن جي آفيس وارو ليٽر پيو هو. هن جي نظر جڏهن پنهنجي انهيءَ ليٽر تي پئي تڏهن هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته هن جي صدين جو ٿڪ لهي ويو هجي. هن کي لڳي رهيو هو ته هن جي زندگيءَ جي ماٺي تلاءَ ۾ بيماريءَ جي ڳوري ڇپ ڪرڻ سان جيڪا هلچل پيدا ٿي هئي اُها هت پهچڻ سان هاڻ ڄڻ ته خاتمي جي آخري حدن ۾ داخل ٿيڻ واري هجي. هو ”ڇا ڳالهائڻ گهرجي“ بابت سوچي پوءِ ساڄي پاسي کان ڦري آيو جت آر ايم او جي ڀر ۾ بيمارن لاءِ رکيل ڪاٺ جي اسٽول تي هڪ نوجوان عورت ويٺي هئي. هوءَ نڪ جي چوٽيءَ تائين برقعي جو نقاب ڏئي هن سان ڳالهائي رهي هئي. ڳالهائي ڇا رهي هئي؟ هن کي پنهنجي اکين سان گهائل ڪرڻ جا سمورا هٿيار هن ڏانهن اُڇلائي هن جي دل کي ڦٽي چڪي هئي. آر ايم او هڪ زخمي مرڪ چپن تي آڻي پني تي ڪجهه لکيو ۽ پوءِ اسٽول تي ويٺل اُن خوبصورت عورت جي اکين ڏانهن ڪنهن شڪست کاڌل فوج جي سپاهيءَ جيان ڏٺائين ۽ هوءَ اکين جي عالمي ٻوليءَ سان هن جو ٿورو مڃي هن جي هٿ مان لکيل ڪاغذ وٺي جيئن اُن اسٽول تان اُٿي تيئن هو وڃي ويٺو. ويٺو نه ڄڻ ڪو ڪريو هجي.
آر ايم او جي ذهن تي چڙهيل رومانس جو ڇتو نشو ٽُٽي پيو. هن منهن ۾ وجهي هن ڏانهن گهوريو ۽ پڇيائينس ”نالو؟“
”منير احمد“ هُن وراڻيو.
”هون!“
”اڄ کان ڏهه سال اڳ مون ٽيهه گوريون اسپرو جون کاڌيون هيون.“ هو ڳالهائڻ لڳو. ”تڏهن انهن گورين کي ئي موت جو ڪارڻ سمجهيو هئم. مون کي خبر نه هئي ته ننڍن ننڍن حادثن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ مان جو دڳ وٺي رهيو هئس اُهو منهنجي زندگيءَ جو روڳ بڻجي ويندو. مان مري نه سگهيس ڊاڪٽر! پر ٻٽيهن گورين ڏاڍو عجيب ريئيڪشن ڏيکاريو. منهنجي ذهن ۾ اهڙا آواز پيدا ٿي پيا آهن جن جو ٻاهر ڪو به واسطو نه هوندو آهي. اهو عذاب مون کي چُهٽي پيو آهي. اهي آواز مون کي.....“
”بيوقوف!“ هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي آر ايم او هن جي مٿان وڏي واڪ چٿر ڪئي. ”او بيوقوف! اها ڪٿا وڃي او پي ڊيءَ ۾ ڪجانءِ!“ هن جي چوگرد ويٺل ۽ بيٺل ماڻهو پنهنجن چهرن تي عجيب عجيب ڀاوَ آڻي هن ڏانهن ڏسڻ لڳا. هن جي منهن جو پنو لهي ويو. ڏٺل ۽ اڻ ڏٺل ماڻهن جي آڏو هن کي بيوقوف ڪوٺيو ويو هو. هن جي بيعزتي ڪئي وئي هئي. هن کي لڳي رهيو هو ڄڻ هن کي هيترن ماڻهن جي آڏو منهن تي ٿُڪيو ويو هجي. هن کي انهيءَ ڳالهه تي سخت شرم ۽ سخت چڙ اچي وئي ۽ تڏهن هن سخت ضرورت محسوس ڪئي ته هو ڳالهائي. هو پنهنجي ان بيعزتيءَ جو هن کان بدلو وٺي هن مٿان ثابت ڪري ته هو بيوقوف ناهي. اڻ پڙهيل ۽ جاهل ناهي. ايم اي جو اُهو اسٽوڊنٽ آهي جو سفارش نه هئڻ سبب ڪلارڪيءَ جو پٽو ڳچيءَ ۾ وجهي زندگيءَ جي گهاڻي ۾ وهي رهيو آهي. هن پهريان کنگهڪار ڪري نڙي صاف ڪئي ۽ پوءِ ڏسڻي آڱر هن ڏانهن نچائيندي هن چيو ”سرڪار! ڇا توهان کي ڊگري انڪري ڏني وئي آهي ته جيئن توهين ڊاڪٽر بڻجي انساني وهنوار مان ئي نڪري وڃو!“
آر ايم او ڦرندڙ ڪرسيءَ کي ٿورو ڦيرائي هن جي اکين ڏانهن پنهنجي پُرڪشش اکين کي چُنجهو ڪري گهوريو ۽ پوءِ چپن کي زور سان ڀيچي هن مٿان ٺٺول ڪيائين ”تون هن وقت جنهن جاءِ تي بيٺو آهين پنهنجي اُن سماجي حيثيت کي ذهن ۾ رکي پوءِ اُڀام! تو مون وٽ ان ڪري اچي ڌڪا کاڌا آهن جو توکي خيراتي علاج گهرجي ۽ خيرات پنندڙ ماڻهون جيڪڏهن تو وانگر ائين وڏي واڪ ڳالهائيندا ته ٻئي ڪنهن جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندا. پنهنجو ئي دٻو گل ڪندا آهن.“ هن ڦرندڙ ڪرسيءَ کي هوا ۾ ٿوري اُڇل ڏني. ٻين کان برتر هئڻ جي احساس هن جي گهنڊ کي چوٽ چاڙهي ڇڏيو.
تڏهن ڪمري ۾ ويٺل ۽ بيٺل ماڻهو ائين ڇپ هڻي ويا جيئن ڪو ننڍڙو ڪئو ڪنهن متاري ٻليءَ کي پنهنجي سامهون ڏسي هڪدم سسي ويندو آهي ۽ تڏهن منير کي لڳو هو ته واقعي هو ۽ ٻيا هزارين ماڻهو جيڪي خيراتي اسپتالن ۾ اچي ڌڪا کائن ٿا اُهي پينو آهن. اهي ڪنهن نه ڪنهن سفيد ايپران ۾ ملبوس ڊاڪٽر جا محتاج آهن.
هن کان وڌيڪ هڪ لفظ به ڳالهائڻ نه ٿيو. شايد ان ڪري ته آر ايم او هن کي هيترن ماڻهن آڏو سندس حيثيت جي خسيس هئڻ جو احساس ڏياري ڇڏيو هو. هن ڏڪندڙ هٿن سان ٽيبل تي رکيل پنهنجو ليٽر کنيو ۽ پوءِ ماڻهن ڏانهن هڪ بي معنيٰ گهور وجهي ٻاهر نڪري آيو. در تي بيٺل چپڙاسي وري اندر ويو ۽ ٻي گهڙيءَ وري ڪنهن جو نالو وٺي رڙ ڪيائين ۽ هڪ هڏائون پڃرو در جي ڀر ۾ رکيل بئنچ تان اُٿيو ۽ اندر هليو ويو ۽ هو در جي ٻاهران ئي ڪي گهڙيون بيٺو رهيو. اجايو بنا ڪنهن مطلب جي ڪي پل ماٺ رهيو ۽ پوءِ جڏهن هيڏي ذلت سهڻ جي باوجود جيئڻ جي مجبوري هن کي او پي ڊيءَ ڏانهن گهلڻ لڳي تڏهن هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. هن هڪ لمحي لاءِ هيڏي هوڏي بيٺل ماڻهن ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ هٿ جي تريءَ سان ڳوڙها اُگهي درن مٿان ٽنگيل نالن واريون تختيون پڙهندو او پي ڊيءَ جي ٻاهران اچي پهتو.
در جي اڳيان هشام ماڻهن جا اڳ ۾ ئي موجود هئا. ڏهن فوٽن جي ويڪر واري ورانڊي اندر انساني شڪلن واري ڊگهي قطار ورانڊي کان ٿيندي ٻاهرين ڏاڪڻ جي آخري ڏاڪي تائين ڦهليل هئي. جيئن پوءِ تيئن ڀيڙ اڃان به وڌي رهي هئي. ماڻهو ماڻهوءَ مٿان ڪرندا لوهي ڄارين واري ميٽوڙي در تائين پهچڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا هئا. دروازي جي وچ ۾ ٽنگون کولي هڪ ڪرڙوڍ پٽيوالو ٻئي ٻانهون در جي طاقن ۾ وجهي بيٺو هو. هو ماڻهن جي هڪٻئي کي ائين ڌڪا ٺيلها هڻڻ تي اخلاقي درس ڏئي رهيو هو جڏهن ته ماڻهو ماڻهوءَ مٿان ڪري رهيا هئا ۽ هڪٻئي کي ڌڪا ٺيلها هڻي اخلاقي پابندين جو ڏيوالو ڪڍي رهيا هئا.
هو هلندو سڀني جي پويان اچي بيٺو جڏهن ته لوهي ڄارين وارو در لائين ۾ بيٺل ڪنهن به شخص لاءِ اڃان نه کليو هو. ڪو به اندر وڃڻ جو شرف حاصل ڪري نه سگهيو هو. انتظار جي سخت بوريت کان ماڻهو آپي مان نڪري ويا هئا. ڪي ڏند ڪرٽي ڀُڻ ڀُڻ ڪري رهيا هئا ڪي وڏي واڪ نرسن تي ۽ ڊاڪٽرن تي ڇوهه ڇنڊي رهيا هئا. منير جي اڳيان بيٺل هڪ ڪرڙوڍ شخص وري ناقص دوائون ڏيڻ تي اختياريءَ وارن مٿان سخت ڪاوڙيل نظر اچي رهيو هو. هو بار بار ان سور جو روئڻو به روئي رهيو هو جو گذريل پندرهن ڏينهن کان هن جي پيٽ ۾ پيل هو.
ويهينءَ صديءَ جي بيشمار مسيحائن خلاف منير جي من ۾ به نفرت ڀرجي وئي پر پوءِ به هو هت چپ ڪري بيٺو رهيو. اندر ۾ ڦهليل نفرت جي ڪڙاڻ لهجي ۾ آڻڻ بنا انتظار جو زهر پيئندو رهيو. (ڪڏهن ڪڏهن ڪي ماڻهو دنيا جي هيڏي وڏي ڀيڙ ۾ به اڪيلا رهي ڪيڏي نه پيڙا ڀوڳين ٿا. هو اهو سڀ ڪجهه ٻين کان الڳ رهڻ جي عيوض ڀوڳي رهيو هو. ڀوڳڻ تي مجبور هو.
بيٺي بيٺي هن کي هڪ اپٿائي آئي ۽ انهن لمحن ۾ ئي ڪيترا سائن جهڙا آواز هڪ وڏي شور سان هن جي بيمار ذهن ۾ گونجي اُٿيا. آوازن جي شدت کان هن جي ڪنن جا پڙدا ڦاٽڻ لڳا. هن جي مغز جون نسون تنبوري جي تارن جيان شوخ ٿينديون ويون. شديد عذاب کان هُن کي محسوس ٿيو ڄڻ ته هن جي لوندڙيءَ وٽان زور سان ڦرڪندڙ رڳ ٽٽڻ واري هجي. تڏهن سور جي هڪ تيز سٽ سان هن کي ڀانواٽي اچي وئي. اکين اڳيان ساوا ڳاڙها ترورا نچڻ لڳس ۽ پوءِ هو بيهي نه سگهيو. ويهي رهيو. بلڪل ائين ويٺو جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي نئين باس سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪرسيءَ جي ٽيڪ ۾ هٿ وجهي ويهي رهيو ۽ ڪجهه لمحا گذرڻ بعد جڏهن سامت ۾ آيو هو ۽ ٿڪل ٿڪل اکيون کڻي ڳالهائڻ واري ٽٽل سلسلي کي ڳنڍڻ لاءِ هن گهرو ساهه کنيو هو تڏهن سندس آفيسر پنهنجون ڀوائتيون اکيون سندس اکين ڏانهن وڌيون هيون. مٿس همدردي ڪرڻ بدران سخت لفظن ۾ تنبيهه ڪئي هئائين. کيس وارننگ ڏني هئائين ته هو ڊيوٽيءَ لاءِ پاڻ کي اهل بڻائي ۽ سخت نشي واريون دوائون واپرائي آفيس ڊسيپلين جو ٻيڙو نه ٻوڙي ۽ ٻن ڏينهن بعد جڏهن کيس ميڊيڪل ٽريٽمينٽ واسطي ليٽر ڏنو ويو هو تڏهن ائين لڳو هئس ڄڻ ته سندس وجود سان چهٽيل بيشمار پريشانين مان ڪا هڪ پريشاني خارج ٿي وئي هئي. درد جو اهو سفر گذريل لمبي عرصي کان هو ڪري رهيو هو. چند وکن جيترو ڄڻ ته کٽي ويو هو. هاڻ علاج مڪمل ٿيڻ تائين آفيس نه اچڻ جا هن کي مڪمل اختيار هئا. ذهني طور وکريل ماڻهن لاءِ آرام ڪيتري اهميت رکي ٿو؟ ان جو ٺيڪ اندازو فقط اهي ماڻهو ئي ڪري سگهندا جيڪي انهيءَ باهه مان گذريا هجن. هو انهيءَ باهه ۾ هڪ عرصي کان لاڳيتو سڙي رهيو هو. هن کي آرام جي ضرورت هئي. هن جي ٿڪل ۽ مُنتشر ذهن کي سڪون جي ضرورت هئي پر سڪون ڪٿي هو هن وٽ! هن ته شروعاتي ڏينهن ۾ ئي سي ليو ۽ ارنڊ ليو جو بيماريءَ کي ٻليدان ڏئي ڇڏيو هو ۽ ڪالهه جڏهن آفيس پاران ليٽر مليس ته هو سڌو گهر هليو ويو. اهو سڄو ڏينهن هو سخت نشي واريون گوريون کائي ستو رهيو (جيڪي مختلف ڊاڪٽرن مٿس تجربا ڪندي کيس وٺرايون هيون.) ۽ صبح جو جڏهن اک کليس ته هزارها تڏين جهڙن آوازن ۾ هو ڦٿڪي اُٿيو. هن اکيون ٻوٽي ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو. آوازن جي سخت اذيت کان هن کي لڳو ڄڻ ڪنهن ٻُڪ بارود جو ڀري هن جي ذهن ۾ تيلي ڏئي ڇڏي هئي. هن جو مٿو ڦاٽڻ لڳو. مٿي کي ٻئي هٿ ڏئي اُٿي ويٺو. ساهه تيز تيز کڄڻ لڳس. هن کي لڳي رهيو هو ته ايندڙ ڪجهه غمناڪ گهڙين ۾ هو چريو ٿيڻ وارو هو. هن جا احساس مرڻ وارا هئا. هن تي بي حسيءَ جو ڪڏهن نه کٽندڙ دورو پوڻ وارو هو جنهن ۾ هن جا حواس هن جو ساٿ هميشه لاءِ ڇڏي چُڪا هوندا.
هن ڦاٽل اکين سان پنهنجي ڀر ۾ ستل ڌيء ڏانهن ڏٺو جا خواب ۾ شايد ڪنهن ننڍڙي خواهش جي پوري ٿيڻ تي مُرڪي رهي هئي. ڌيڻس جي بيمار چهري تي صبح جي هير جهڙي ڌوتل تازي مرڪ اذيت جي اُنهن سخت لمحن ۾ به هن کي ڏاڍي وڻي. ٿورو هيٺ نِوِڙي ڌيڻس جي چپن کي هن چمي ورتو ۽ پوءِ ڀت کي ٽيڪ ڏئي ڪي اُداس گهڙيون ائين ئي گذاري ڇڏيائين ۽ پوءِ گهڻي دير بعد جڏهن جوڻس نيرن لاءِ سڏيو هو تڏهن ماني کائڻ بدران هو سڌو اسپتال ڏانهن وڌي ويو هو. او پي ڊيءَ جي آڏو لڳل ڊگهيءَ لائين ۾ سڀني بيٺل ماڻهن جي پويان هو اڃان به هيٺ اوڪڙو ٿي ويٺو هو. عذاب جو هڪ وڏو طوفان جو هن جي ذهن مان لنگهي ويو هو تنهن هن جي جسم مان سمورو ست ڄڻ ته ڪڍي ڇڏيو هو. هن هڪ گهرو ساهه کڻي هيڏي هوڏي ڏٺو. ڪنهن کي به هن ڏانهن ڏسڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ٿي هئي. لائين ۾ بيٺل هر شخص کي فقط ان ڳالهه جي اُڻ تُڻ هئي ته هن جو وارو ڪڏهن ٿو اچي؟
هو هاڻي اُٿي بيٺو ۽ ٻين سڀني ماڻهن جيان ميٽوري در ڏانهن ڏسڻ لڳو. اوچتو وچ لائين ۾ بيٺل هڪ ٿلهي شخص جو هڪ هٿ ٻاهر نڪتو. هن اکيون ڦوٽاري در تي بيٺل پٽيوالي ڏانهن گهوريو ۽ پوءِ جوشيلي انداز ۾ هٿ لوڏي اندر ويٺل ڊاڪٽر کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ چِلائڻ شروع ڪيائين. احتجاج ڪرڻ جو مڃيل عالَمي طريقو اختيار ڪري هن بيٺل ماڻهن جي ڊگهي لائين ۾ هلچل مچائي ڇڏي. هڪ ماڻهو جو ڪجهه گهڙيون اڳ منير جي پويان بيٺو هو ۽ اڃان تازو توانو هو تنهن نهايت ئي ڪاوڙ وچان هُن ڏانهن گهوريو. ”حرامي ڪالهه تائين جسم جي ڪپڙن وانگر سياسي پارٽيون مٽائيندو رهيو. ڪٿي به ڪنهن ڄمي بيهڻ نه ڏنس. هر هنڌان ڪِڪ لڳي اٿس ته هاڻ رستن تي بيهي ٿو ليڊر بڻجي!“ هن ملائيشيا جي ڪاري سُٿڻ ۽ قميص پهريل ان لمبي ۽ ٿلهي شخص مٿان چٿر ڪئي. تازي تواني شخص جي انهيءَ اوچتي انڪشاف تي ڪنهن به پنهنجي راءِ جي آزاديءَ واري حق کي استعمال نه ڪيو. شايد اِن لاءِ ته انهيءَ مهل لوهي ڄارين وارو اهو ميٽوڙي در جنهن سان سڀني ماڻهن جون نظرون ڄڻ ته ڪنهن کونر سان چنبڙائي ڇڏيون هيون اوچتي کلي پيو هو ۽ ان منجهان هڪٻئي پٺيان ٻه ڊاڪٽر ٻاهر نڪتا. نيوروفزيشن ڊاڪٽر حيدر جنهن جي پٺيءَ جي نڪتل ڪٻ ٿلهي ڪوٽ جو استر به لڪائي نه سگهيو هو تنهن ماڻهن مٿان هڪ نظر وڌي. ليڊر ڪلها مٿي ڪري لائين مان هڪ پير ٻاهر ڪڍيو ۽ ٻئي ڊاڪٽر ات بيهڻ بدران هلندا رستي جي هڪ پاسي کان بيٺل ايمبولنس ۾ وڃي چڙهيا. لائين ٽُٽي وئي.
ليڊر مطالبن جي ڳنڍ کڻي ايمبولنس ۾ ويٺل ڊاڪٽرن ڏانهن وڌي ويو. هڪ نظر ماڻهن جي بيزار هجوم ڏانهن وجهي دائري جي شڪل ۾ هن جي چؤگرد بيهي رهيا. اڌ کليل شيشن پٺيان ويٺل ٻن ڊاڪٽرن مان هڪ ڊاڪٽر ڪجهه ڳالهايو. انهيءَ جي چيل لفظن جو هن جي هيٺئين چپ تي بيحد اثر ٿيو. ٻاهر نڪتل هيٺئين چپ سان هن ليڊرن جيان ٻه چار گهمرا ڪنڌ کي لوڏي ماڻهن ڏانهن ڏٺو. گول دائري ۾ بيٺل ماڻهن جا چهرا لهي ويا. ايمبولنس هڪ جهٽڪي سان اڳتي وڌي وئي ۽ ليڊر وري ڏاڪڻ جي آخري ڇيڙي وٽ موٽي آيو. هو موٽيو ته پاڻ سان هڪ عدد ڇرڪائيندڙ خبر به کڻي آيو. ”ٻئي ڊاڪٽر ايڪسائيز آفيس ڏانهن ويا آهن.“ نرڙ ۾ گهنج وجهي هو ڳالهائڻ لڳو. ”هو شهر جي اُنهن تباهه ٿيل ماڻهن جو معائنو ڪندا جن جي رت ۾ آفيم جو زهر ملي ويو آهي. انهن جي زندهه رهڻ لاءِ هو آفيم جي هڪ حد مقرر ڪندا. ٿي سگهي ٿو ته ڪلاڪ اندر موٽي اچن.“ ماڻهو بيزار ٿي وڃڻ لڳا.
ورانڊي جي در وٽ هڪ گول پلر کي ٽيڪ ڏئي منير ڪاوڙ ۾ بيٺو رهيو. هن جي چهري منجهان ائين ٿي لڳو ڄڻ ته سينيما جي ٽڪيٽن واري دريءَ ۾ هن جو وڌل هٿ ڪنهن زور سان ٻاهر ڪڍي اُتي هائوس فل جو بورڊ لڳائي ڇڏيو هو. لاڳيتي بيزار ڪندڙ انتظار ۽ ان مٿان ناڪاميءَ جي وار هن جي اندر ۾ ڪروڌ ڀري ڇڏيو هو، چڙ ڀري ڇڏي هئي. هن جي نس نس ۾ رت بجاءِ ڄڻ گندرف ڊوڙڻ لڳو. انتهائي خار مان ڏند ڪرٽي هو اڌ کليل ان ميٽوڙي در ڏانهن گهوريندو رهيو جتان ٻئي ڊاڪٽر ٻاهر نڪتا هئا ۽ پوءِ اوچتي هن هڪ فيصلو ڪري ورتو. گهر وڃڻ جو فيصلو، اسپتال جي دوائن مليل ڌپ واري ماحول کان نجات جو فيصلو. هو ورانڊي واريءَ ڏاڪڻ تان هڪ هڪ ڏاڪو ڪري هيٺ لٿو ۽ گهر ڏانهن ويندڙ رستي مٿان هلڻ لڳو پر ڇا اهو سک هو گهر وڃي ماڻي سگهندو جنهن لاءِ هو هڪ عرصي کان ڀٽڪندو رهيو، هڪ عرصي کان جنهن جي هن کي ڳولا هئي، جنهن لاءِ هن پنهنجي بيمار ڌيءُ، زال ۽ نوجوان ڀيڻ جو سک ڦٽائي ڇڏيو هو. هن جي اندر جي بيمار ماڻهوءَ پيڙا وچان هڪ دانهن ڪئي. آوازن جي شديد گونج ۾ هن جا گهر جي دڳ ڏانهن کنيل قدم بيهي رهيا ۽ هاڻ هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته جنهن وقتي چڙ ڏياريندڙ بوريت مان هن ڇوٽڪارو ٿي چاهيو، هن جو دڳ ورتو هو سو ته عذاب جو ساڳيو لمبو رستو هو جنهن مٿان هن گذريل ڇهن مهينن کان لاڳيتو سفر ڪيو هو. هن جي سڪون جو ماڳ انهيءَ رستي ۾ نه هو. ڪو به سک جو گهر هن کي انهيءَ واٽ تي ملي نه ٿي سگهيو. هن جي نجات جي هڪ آس به انهيءَ عمارت ۾ بند هئي جنهن جي دوائن واري بوءِ کان هن ڀڄڻ ٿي چاهيو. هو وري هلندو انهيءَ ساڳي هنڌ اچي بيٺو جت ڪجهه گهڙيون اڳ بيٺو هو.
بيٺي بيٺي اسپتال جي دوائن واريءَ ڌپ کان وري هن کي ڪِرڀ اچڻ لڳي. هن جو کنيل هر ساهه هن جي اندر ۾ هڪ عجيب ڪراهت پيدا ڪرڻ لڳو. هن جي دل ڪچي ڪچي ٿيڻ لڳي ۽ تڏهن وري هن سوچيو ۽ وري هو ورانڊي جي ڏاڪڻ تان هيٺ لٿو. هاڻ هو شهر ڏانهن ويندڙ رستي مٿان هلڻ بجاءِ بيمارن جي هڪ وڏي هجوم مان گذرندو اسپتال جي پوئين پاسي واري باغ ڏانهن وڌي ويو. دوائن جي ڌپ کان آجي هوا ۾ وڻن تي ويٺل پکين جا کنڀ اُڏامي رهيا هئا. اُهي مٺيون مٺيون لاتيون لنوي رهيا هئا. انهيءَ گهلندڙ تازي هوا ۾ هن هڪ گهرو ساهه کنيو ۽ پوءِ پپل جي گهاٽي ڇانوَ ۾ هن وڃي پناهه ورتي. هو پپل جي ٿلهي وڻ کي ٽيڪ ڏئي سامهون گهورڻ لڳو. اسپتال جي احاطي کان ٻاهرا نظر ايندڙ هڪ زبون ٿيل مسجد ڏانهن هو لاڳيتو گهوريندو رهيو جنهن جون اُڀيون اُڀيون ڪر کڻي بيٺل نيلون هُن کي پري کان بيمار ماڻهن جيان ڏاڍيون اُداس ۽ ويڳاڻيون نظر اچي رهيون هيون. هو مسجد ۾ جوڙيل انهن نيلن ۾ انساني زندگيءَ جا چيچلائيندڙ اهنج محسوس ڪندو رهيو ۽ پوءِ هن هڪ آرس ڀڃي ٻئي پير ڦهلائي اکيون ٻُوٽي ڇڏيون.
وقت ٿڪل ٿڪل قدم کڻي هن جي اڳيان گذرڻ لڳو ۽ هو هر شئي کان بي خبر بڻجي اکيون ٻوٽي ويٺو رهيو. پوءِ گهڻيءَ دير کان پوءِ جڏهن فضا ۾ ڦهليل خاموشيءَ جي هيناوَ ۾ هڪ غمناڪ آواز جي بڙڇي کُپي وئي ته هن اکيون کولي سامهون ڏٺو. هن جي نظر ان ڳوٺاڻي عورت مٿان پئي جا ان مسافر جهڙي وياڪل نظر اچي رهي هئي جنهن کي ماڳ ڏانهن وٺي ويندڙ گاڏي ڪنهن گمنام اسٽيشن تي حادثي جو شڪار ٿي وئي هجي. هن جي منهن تي صدين جي پريشانيءَ جا اُهڃاڻ ظاهر هئا. هوءَ پنهنجي ٻارڙي کي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي وڃي رهي هئي. ٻارڙو اڀا اڀا ساهه کڻي هاڻي چپ ٿي ويو هو. هن جو ننڍڙو وجود چپ ٿي ويو هو. موت سان هن جي جوٽيل جنگ اسپتال جي مضبوط ديوارن اندر ختم ٿي چُڪي هئي. اها عورت جڏهن هن جي ڀر سان هڪ گهُٽيل اوڇنگار ڏئي وڌڻ لڳي تڏهن هن کي محسوس ٿيو هوا ۾ رڙين جون صدائون شامل ٿي ويون هيون. هن کي پکين جي آوازن ۾ روحن جو روڄ محسوس ٿيو. الائي ڪهڙي جذبي کان هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. ڌنڌ ۾ ويڙهيل عورت جي پٺي ڏٺائين. هوءَ آهستي آهستي ٻاهر وڃي رهي هئي ۽ تڏهن وري هن کي پنهنجي ڌيءُ ياد اچي وئي جا اڪثر بيمار رهندي آهي. جا ٿڪل ٿڪل ساهه کڻي هن جي اڻپوري حاصلات مٿان ڄڻ ٺٺول ڪندي آهي. هن ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو. انهيءَ ياد مٿان هن ذهن جا سڀ در بند ڪري ڇڏيا. هن وري زور سان اکيون ٻوٽي ڇڏيون. هن نه ٿي چاهيو ته ڪو به پريشان چهرو هن جي ذهن ۾ اُڀري هن کي وڌيڪ پريشان ڪري. وڌيڪ تڙپائي. هر عذاب، هر پريشانيءَ مان اڄ هن نجات ٿي چاهي. سڪون ٿي چاهيو.
ڪي اُداس لمحا ائين ئي گذري ويا. هو گوتم جي مورت وانگر ڪيتريءَ ئي دير تائين سانت ويٺو رهيو. هن جي چهري تي ٿڪ واري سوچ هئي. گوتم جي مورت ۽ هن جي مورت ۾ ٻن دورن جو تضاد حائل ٿي ويو هو. هن جي چهري تي پريشانيءَ جون ريکائون ڦهليل هيون. هن جي آئيندي جا کنڊر هن جي چهري تي بيهي رهيا هئا. هن جي منهن جا پريشان گهُنج وڌڻ لڳا ۽ تڏهن وري هن کي پنهنجي ڌيءُ ياد اچڻ لڳي. نه چاهيندي به پنهنجي نوجوان ڀيڻ جو اُداس ۽ ٿڪل چهرو هن جي اڳيان ڦري ويو جنهن ڏانهن هو ڪڏهن ڪڏهن ائين گهوريندو آهي ڄڻ ته هو انهيءَ اداس ۽ ٿڪل چهري ۾ زندگيءَ جي گم ٿيل رونق ڳوليندو هجي، هن جا ٽهڪ ڳوليندو هجي، هن جا ارمان ڳوليندو هجي جيڪي گهرجن جي دوزخ ۾ سڙي رک ٿي ويا هئا. انهيءَ لمحي هن پنهنجي زال لاءِ سوچيو، زال جي خواهشن ۽ ناڪامين تي سوچيو، هن پنهنجي گهر تي سوچيو، زبون ٿيل گهر جي درين ۽ ديوارن تي سوچيو جنهن ۾ هن جي حيثيت ڇت کي ڏنل ٿنڀي جهڙي هئي. انهيءَ گهر جو ٿنڀو جيڪڏهن ڪري پيو؟ هو ڊهي پيو ته ۽ تڏهن ڪنهن اوچتي انديشي کان هن جي اندر ۾ هڪ ڊپ ڦهلجڻ لڳو. هن جي ذهن جا آواز تيز ٿيڻ لڳا. ”نه نه اهو منهنجو وهم آهي. مان چريو نه ٿي رهيو آهيان. اهو.... اهو سڀ ڪجهه گورين جو ريئيڪشن آهي جو ڪڏهن به منهنجي پچر ڇڏي ٿو سگهي. مان.... مان......“ ۽ پوءِ هو ائين اُٿيو ڄڻ ته کيس ڪو بجليءَ جو شاڪ لڳو هجي. هو ذري گهٽ ڊوڙندو او پي ڊيءَ تائين ويو ۽ اُتي پهتو ته هن جي چهري جا پريشان گهنج اڃان به وڌي ويا. هن جا پير ٿڙڻ لڳا. هو جسم جي سموريءَ سگهه سان بئنچ تي جهوٽا کائيندڙ پٽيوالي ڏانهن وڌي ويو. هن جي ڪُلهي ۾ هٿ وجهي هن کي ڌونڌاڙيائين ۽ اوڏيءَ مهل هن پاڻ کي هوا ۾ لڙڪندو محسوس ڪيو جڏهن ٻنهي ڊاڪٽرن جي واپسيءَ کان پوءِ انهن جي آپريشن ٿيٽر ڏانهن وڃڻ واري خبر ٻڌائين. تڏهن اُداسي ڪنهن ڀت تي چنبڙيل اشتهار جيان هن جي چهري تي بيهي رهي. بند ٿيل در ۾ لڳل تالي ڏانهن هڪ ٿڪل ۽ اداس نظر وڌائين ۽ پوءِ ٿڙندو قدمن سان ٻاهر نڪري آيو. هاڻي هن جا پير وري اُنهيءَ رستي مٿان هلڻ لڳا جنهن جو انت اذيت جي ان ساڳي کاهيءَ وٽ وڃي ٿئي ٿو جنهن منجهان نڪرڻ لاءِ هو گذريل ڇهن مهينن کان هٿوراڙيون هڻندو رهيو.