جنم جلي
هوءَ جنهن گهراڻي سان تعلق رکي ٿي ان جو شمار هيٺئين درجي واري وچولي طبقي ۾ ڪري ٿو سگهجي جت خواهشن جا شمشان گهاٽ ماڻهو پاڻ سان گڏ کڻي ٿا جيئن جت سندر سپنن جي ڀيانڪ تعبير آهي. تاريڪ گهٽيون آهن ۽ گدلا گدلا گهر جن ۾ رهندڙ ماڻهو انهن گهرن کان وڌيڪ گدلا آهن جت سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان کان پوءِ به اڻپوري آهي. بک آهي. لوساٽيل چهرن تي قبرستان جهڙي ويراني آهي. زرينا انهيءَ گهراڻي سان تعلق رکندڙ عورت آهي جت گهر جو سمورو بار ڪنهن اڪيلي جيوَ کي ڍوئي زندگيءَ جي ٿڪائيندڙ ڊوڙ ۾ حصو وٺڻو پوي ٿو ۽ هن جو پوڙهو پيءُ هاڻي وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو آهي. وڌيڪ لاگر ٿي ويو آهي. هاڻي هو ڏاڍيءَ تڪليف سان زندگيءَ جي انهيءَ ڊوڙ ۾ حصو وٺي سگهندو آهي.
هو جڏهن بوٽن جي هڪ دڪان تي هڪ سو ماهوار پگهار تي زندگيءَ جي گهرجن جو بار اڪيلي سر ڍوئيندو هو تڏهن زرينا سوچيو به ڪونه هيو ته سندس پيءُ جي دڪان تي آيل هڪ گراهڪ هن جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي ويل اونداهينءَ کي دور ڀڄائي ڪڍندو. هن جي ذهن جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ انهيءَ خواب جي ڪا تصوير چٽيل ڪانه هئي. هن گهڻو اڳ اهڙا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا هئا جو وقت جي ڀيانڪ سچائيءَ هن کان اهڙن خوابن جو حق ڦري ورتو هو ۽ هوءَ حقيقي دنيا ۾ هلي وئي هئي جا بک ۽ مفلسيءَ جي ننگي دنيا هئي ۽ انهيءَ رات – ها اها رات جا زرينا آڏو ائين ئي گذري ويندي هئي. ٿڪل ٿڪل سَڪرات واري ماڻهوءَ جي اُڀن اُڀن ساهن وانگر مرڻينگ حالت ۾ پر ان گهڙيءَ ان بي جان مرڻينگ رات ۾ ڄڻ ته زندگيءَ جي بهار اچي وئي هئي ۽ ان گهڙيءَ دنيا جي تمام تر خوبصورتي پنهنجي ڪاري وجود ۾ سموئي ڏاڍي نرالي ۽ ڏاڍي وڻندڙ لڳي هئي کيس. انهيءَ رات هڪ ڪچي گهر جي ڪوٺي ۾ ٻن پراڻين سوڙين مٿان نئين چادر وڇائي سيج ٺاهي وئي هئي ۽ جڏهن انهيءَ سيج مٿان دل جي تيز ڌڙڪڻ سان پورو ڪيو هئائين ان گهڙيءَ جو اوسيئڙو تڏهن ٽڙي پيا هئس دل جي ويرانيءَ ۾ ڪيئي ڪنول. هن جي مئل خواهشن ۾ زندگيءَ جي حرارت ڊوڙي وئي هئي ۽ تڏهن کان هن زندگيءَ کي ڀرپور انداز ۾ ماڻڻ شروع ڪري ڏنو جو سندس مڙس چوندو هو زندگي ماڻ! انهيءَ جي خوبصورتي روڙي وٺ! جو انهيءَ کان اڳتي اوندهه جو نه کٽندڙ پولار آهي ۽ هن پوليس واري جي هڻ وٺ جي ڪمائيءَ مان پراڻن ڏينهن سان ڄڻ ته تعلق ئي ٽوڙي ڇڏيو. خوشيون ئي خوشيون ٽڙيل پکڙيل هن جي چئني پاسن کان. بک، بيماريءَ ۽ محروميءَ جا ڪارا ڀوت ڀڄي ويل هن کان. هفتي جا ست ڏينهن، ٻه يا ٽي ڏينهن هڪ ٻن ويلن جو فاقو – باقي ڏينهن دال پٽاٽا، ڪڏهن ڪڏهن هڪ پاءُ گوشت، پاڻيءَ سان ڀريل ديڳڙي اندر لڙهي ويل، راشن ڊپوءَ تان سستي ۾ سستي ورتل ڳاڙهي اٽي جي مانيءَ سان پاڻيءَ جهڙي بدذائقي رس. بلڪل جيل جهڙي زندگي ۽ ان زندگيءَ مان رهائي ملي ويس. نئون ڪشادو گهر. مانيءَ جي پيسي جي ڪا ڳڻتي ڪانه. رڳو هڪ ڳڻتي ”اڙي نيٺ ڪڏهن ايندي اها ٽي وي؟“ ڏاڍي ناز ڀرئي انداز ۾ مڙس کان پڇندي ۽ مڙسهنس وراڻي ڏيندو ساڳي لهجي ۾. ”بس جاني هاڻ رڳو هڪ ڇڪو لڳي. پوءِ عام ٽي وي ڇا مان توکي رنگين ٽي وي وٺي ڏيندس – رنگين ٽي وي!“
۽ هڪ ڏينهن ته ايڏي خوشي ملي هئس – ايڏي خوشي ملي هئس – ڏاڍي خوشي ملي هئس. هوءَ هئي جنهن پاڻ هواءِ کان به هلڪو ٿي محسوس ڪيو. ان ڏينهن مڙسهنس هن اڳيان خواهش جي ڀري کڻي پٽ تي رکي هئي. اسمگلنگ ٿيل ڊبل گهوڙا، بوسڪيءَ جا ٻارهن ٿان هن جي آڏو پيا هئا جي مڙسهنس ڇاپو هڻي پنهنجي حصي ۾ کڻي آيو هو ۽ تڏهن ڏينهن ٻن اندر گهر ۾ ايندڙ نئين ٽي ويءَ جي خوشيءَ ۾ الائي جي ڪيتريون ته چميون ورتيون هئائين مڙس کان. هر غم کان بي نياز هئي تنهن گهڙيءَ ۽ تڏهن کيس اها خبر ئي نه هئي ته ايندڙ هڪ ڏينهن هن جي خوشين جو – هن جي تمنائن جو شهر اُجاڙي قبرستان بڻجي ويندو. دفن هوندا جت خوشين جا، خواهشن جا ۽ سندس اُميدن جا لاشا. کيس خبر نه هئي ته ايندڙ هڪ ڏينهن سپر هاءِ وي ڪنٽرولنگ اسٽيشن تي سندس مڙس ڪنهن بدحواس پٺاڻ جي ٽرڪ جو کاڄ بڻجي ويندو.
ان ڏينهن ها ان ڪاري ڏينهن مڙسهنس جو لاش اڱڻ ۾ رکيل کٽ مٿان پيو هو ۽ هوءَ انهيءَ مٿان رڙيون ڪري روئي رهي هئي. هن سان گڏ هن جي ماءُ، پوڙهي پڦي، ننڍي ڀيڻ ۽ پاڙي مان آيل سموريون عورتون روئي رهيون هيون.
مڙسهنس جي موت سان گڏ سندس زندگيءَ ۾ آيل نئين تبديلي به ختم ٿي وئي ڄڻ سئنيما جي پردي مٿان ٽن ڪلاڪن جي ڪا فلم هڪدم پنهنجي الميا پڄاڻيءَ کي پهتي هجي. پوءِ ساڳي ئي رڙيون ڪندڙ ويراني! هوءَ پٺتي موٽي زندگيءَ جي پراڻن پيچرن مٿان ڏک وستيءَ ۾ هلي آئي. هوءَ هئي ۽ هن جي پيءُ جو پراڻو ڪچو گهر هو پر هن ڀيري هوءَ اڪيلي زرينا نه هئي. ڇوڪريءَ منجهان عورت بڻجڻ واري لمبي سفر دوران هٿ آيل ٻئي ٻار به ساڻ آندا هئائين ۽ هن جي گهر ۾ هئي ساڳي بک، مفلسي ۽ ڪروڌ. ڪا تبديلي ئي ڪانه. سڄي گهر ۾ رڳو هڪ شئي بدليل. پڻهنس پنجن سالن جي عرصي ۾ پوڙهائپ جي سرحدن ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويل. گهر اڳ ۾ ئي اڻپورين خواهشن جو قتل گاهه. هڏ رت پنهنجو هوندي هڪٻئي جا چهرا ڄڻ ڏٺي نه وڻنِنِ. رهندو زرينا، زرينا جا ٻه ٻار پوءِ اهو ڏينهن خالي ڪونه جڏهن ٻارن تي، مانيءَ تي ۽ ڳالهه ڳالهه تي جهيڙو نه ٿيندو هجي ۽ جهيڙي ۾ سوين مهڻا، ڦِٽ لعنت ڄڻ مڙسهنس کي ماريندڙ اهو پٺاڻ هن جو يار هجي.
”ڏانئڻ! مڙس مارائي هاڻي پيءُ جو سر کڻندينءَ؟“ جهيڙي ۾ ڏنل طعنا، نه صرف ڀيڻس ۽ پڦهنس هردم هن سان جهيڙي لاءِ آتي بلڪِه ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻس به پنهنجائپ جا ليڪا لتاڙي بلڪل غيرن جيان لڳندڙ ڏاڍي عجيب عورت، ڪڏهن شديد مامتا واري جذبي کان مغلوب ٿي ايترو ته پيار ڏيندس جو لڳندو اهو پيار مرڻ پڄاڻان ئي ٽٽندو ۽ ڪڏهن زندگيءَ کان بيزار ڪندڙ به اها ئي ماڻس ۽ اهو سڀ ڪجهه پٺتي پيل معاشي حالتن سبب پنهنجو پاڻ ٿي ويندڙ – ڪنهن جو به انهيءَ ۾ ڪو ڏوهه نه. گهر ۾ پنهنجن هوندي لڳندڙ غيرن جي وچ ۾. هڪ پڻس ئي اهڙو جنهن وٽ هن لاءِ احساس جو سندس مٿي تي هٿ گهمائي ڪيتريءَ دير تائين پرچائيندو رهندو. باقي گهر جي ٻين ڀاتين جا ڄڻ ته احساس ئي مئل. سندس نازڪ دل تي بي رحميءَ سان طعنن ۽ مهڻن جا سوين تير هڻي کيس زخمي ڪيو ويو ۽ اهو سڀ هن جي سهپ کان ٻاهر ٿيندو ويو. بيزار ٿي پئي انهيءَ گهر مان ۽ پوءِ هڪ رات ٻن ٻارن سميت زندگيءَ جي ان ٻيءَ رات جو اوسيئڙو پورو ڪيائين. پوءِ هوءَ ٻيءَ شاديءَ جي ونگن ۾ ٻڌجي وئي ڄڻ ڪا ڦر سوڌي مينهن ڪنهن نئين هاڏر اڳيان اچي بيٺي هجي. انهيءَ رات هن کي پنهنجو پهريون مڙس ڏاڍو ياد آيو – انهيءَ جون ڳالهيون ياد آيُنس جنهن سان گهاريا هئائين زندگيءَ جا ارڙهن سئو ڏينهن ۽ ڪجهه لمحا.
هوءَ ساڳي ئي هنڌ ٻن سوڙين مٿان وڇايل نئين چادر تي ڪنوار بڻي ويٺي هئي. ساڳيءَ ئي پهرينءَ رات وانگر عورتون هن جي چوڌاري ميڙو لايون بيٺيون هيون ۽ هن جي ڀر ۾ ويٺل هن جا ٻئي ٻار، عورتن جي ان هل هنگامي سبب هراسجي ويا هئا. هو روئي رهيا هئا ۽ تڏهن زرينا کي ائين لڳو هو ڄڻ هوءَ راڻي باغ اندر لوهين شيخن ۾ ڦاٿل ڪو جانور هجي.
انهيءَ رات ماءُ جي چوڻ تي ڏاڍي ڪوشش ڪيائين ته پنهنجي چهري تي نئين نويليءَ ڪنوار جو چهرو چنبڙائي ڇڏي پر هوءَ ائين ڪري نه سگهي ۽ ائين نه ڪري سگهڻ ئي هن جي زندگيءَ جي ڪتاب جو المناڪ باب بڻجي ويو. سندس نئين مڙس هر مرد جيان هن کي به رڳو زال جي روپ ۾ ڏسڻ ٿي گهريو. ان زال جي روپ ۾ جنهن جي من جي مندر جو ديوتا ڪو ٻيو نه سندس مڙس هجي پر هوءَ ٻن ٻارن لاءِ دل جا تاڪ بند ڪري گهڙيءَ کن لاءِ به هن کي ديوتا بڻائي نه سگهي.
هڪ رات
”ڇا ٿي ڪرين؟“
”ڇوڪري کي کير ٿي پياريان.“
”ڇوري کي کير ڏيڻ کان سواءِ ڪو ٻيو ڪم به ايندو اٿئي؟“ ڌڪار ڀريو آواز.
”بس اجهو آيس! رڳو ٻه منٽ!“
”اوهه!“ چڙ – پوءِ سخت ڪاوڙ ۾ ڏند ڪرٽي پرتي منهن.
ڪجهه گهڙين کان پوءِ هڪ کٽ تان اُٿڻ جو آواز ۽ گهڻيءَ دير کان پوءِ زرينا جي گهٽيل گهٽيل آواز رات جي خاموشيءَ کي چيري ڇڏيو.
”مٺا!“
”هون!“
”هڪ ڳالهه چوانءِ!“
”هڪ ڇو؟ ڪيئي چئه! هي جو مان سڄو ڏينهن تنهنجي ڳالهائڻ ڪاڻ ترسان ٿو تنهن سان ڇا رڳو هڪ ڳالهه ڪندينءَ؟“
”ڏس مٺا! مون کي خوش رکڻو اٿئي ته انهن معصوم ٻارن جو......“ جملي پوري ٿيڻ کان اڳ رات جي خاموشيءَ ۾ زوردار چماٽ جو آواز گونجي ويو. پوءِ ڪاوڙ، زهر جهڙو ڪسارو، ڪڙو لهجو. ”تو کان ته چڪلي جي رنڊي چڱي جنهن وٽ ٻه گهڙيون ته پنهنجي مرضيءَ سان گهاربيون آهن!“
۽ هڪ عرصي کان پوءِ هڪ ٻي رات
”اهو ڇو ٿو رڙيون ڪري ڇورو؟ چپ ڪرائينس!“
”ڪلهه لاڪئون بيمار آهي!“
”بيمار آهي ته پيڪن ڏانهن ڇو نه ٿي موڪلي ڏينس. هيءَ ڪا پڻهنس جي اسپتال آهي ڇا؟“
اوترو ئي لهجي کي ڪسارو بڻائي هن به چيو ”اها ڳالهه ڪرڻ کان اڳ اهو ڇو ٿو وسارين ته مون هيءَ شادي پنهنجي سک لاءِ نه ٻارن جي خوشين لاءِ ڪئي آهي. سمجهئي!“
”ته ڇا تون چاهين ٿي ته اسان جي ازدواجي زندگي ڊانوانڊول ٿي وڃي.“
”آخر انهن معصومن تنهنجو ڇا بگاڙيو آهي؟ تون انهن کان ايڏي نفرت ڇو ٿو ڪرين؟ جڏهن ته هڪ پيءُ وٽ جيڪي جذبا هئڻ گهرجن سي هاڻي تو وٽ به موجود آهن. پوءِ انهن ڳالهين جو آخر سبب ڪهڙو آهي؟“
”جيڪڏهن مان تو کي سبب ٻڌائي ڇڏيان ته پوءِ ڪيتريءَ دير ۾ ٻارن مٿان هن گهر جا در بند ڪندينءَ؟ ٻڌاءِ!“
”مان پهريان سبب معلوم ڪرڻ ٿي چاهيان.“
”ته پوءِ ٻڌي ڇڏ! مان تنهنجي ڇورن کي جڏهن به ڏسندو آهيان ته منهنجي اڳيان هڪدم اُهي راتيون ڦري وينديون آهن جيڪي تو انهن جي ذليل پيءُ سان ننگيون ٿي گهاريون هيون. مان غيرتمند آهيان. مان اها ڳالهه برداشت نه ٿو ڪري سگهان.“
”جڏهن خبر به هيئي ته مان ٻن ٻارن جي ماءُ آهيان ته پوءِ ڇو ڪئي هيئي مون سان شادي؟“
”مون کي خبر نه هئي ته شاديءَ جي نالي ۾ تنهنجي ڇورن جي شيطان وانگر هر هنڌ موجودگي منهنجي لاءِ دائمي عذاب بڻجي ويندي.“
”ته ڇا مان تنهنجي ڪري گهٽو ڏئي انهن کي ماري ڇڏيان؟ تون اهو ٿو چاهين؟“
”ڪيئن به سهين. مان انهن کي هن گهر ۾ هڪ پل لاءِ به سهي نه ٿو سگهان!“
۽ ٻئي ڏينهن گهر ۾ زبردست جهيڙو ٿيو. مڙسهنس اڳئين مڙس مان ڄاول هڪ ٻار کي ڌرتيءَ کان چار فوٽ مٿي ڪري پوءِ زور سان هيٺ اُڇليو. ٿڏي تي ئي ڇوڪر جي ساڄي ٻانهن ڀڄي پئي. گهر ۾ رڙين جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. رڙيون ڪوڪون – چرين جيان منهن مٿو ڪُٽڻ ”اڙي منهنجو بيمار پٽ...... او ماريا ظولمي..... شل ڪا هن معصوم جي.....“
۽ تڏهن ئي ٻنهي جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي ۽ پوءِ ساڳيو ئي پراڻو گهر جت خواهشون ۽ تمنائون محروميءَ جي مضبوط هٿن ۾ تڙپي ڦٿڪي موت جو شڪار ٿيو وڃن. هوءَ انهيءَ گهر ۾ واپس هلي آئي جنهن مان بيزار ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ اڃان هڪ ٽئين ٻار جي ماءُ بڻجڻو پيو هئس ۽ هن جي پيءُ جي گهر ۾ هئي اُها ئي پٺتي پيل ملڪن جي هيٺئين درجي وارن گهرن سان تعلق رکندڙ اُگهاڙي بک – گهر جو ساڳيو ئي نقشو – ڪجهه بدليل نه.
سياري جا ڏينهن هئا. ٽئي ٻار موسمي بخار جي حملي جو شڪار، کنگهه، زڪام ۽ بخار. هڪڙي کي پيٽ ۾ سخت بخار ۽ هوءَ بيوس – ڏاڍي مجبور – ٽن ٻارن جي پرورش هن لاءِ پيچيدو مسئلو بڻجي ويل – انهن سڀني ڳالهين مڙي حد درجي جي چيڙاڪ بڻائي ڇڏيس.
هڪ ڏينهن ته هن جي چڙ آسمان جي بلندين کي ڇُهي ورتو. ڪا نئين ڳالهه ڪانه ٿي هئي. اها ئي ڳالهه جا اهڙن گهرن لاءِ ڏاڍي پراڻي هوندي آهي. ايڏي پراڻي جا روز مرهه جي زندگيءَ جو معمول بڻجي ويل لڳندي آهي.
ان ڏينهن هن جي ماءُ ۽ ڀيڻ گهر کڻي مٿي تي کنيو. ٻيو ڪجهه نه ٿيو. زرينا جي پهرئين مڙس مان ڄاول وڏي پٽ زرينا جي پيءُ لاءِ تختي تي رکيل ماني چورائي کاڌي هئي ۽ پوءِ ته گهر جي ايوان ۾ ڄڻ قيامت لهي آئي هئي ۽ تڏهن زرينا ٻيو ڪجهه نه ڪيو. ماري ماري شموءَ کي اڌ مئو ڪري ڇڏيائين. ايترو جو هن جي ٻانهن جي هڏيءَ جو جوڙ هڪ ڀيرو وري ٽٽي پيو ۽ پوءِ رات جي تاريڪيءَ ۾ هن جي وجود اندر انڌي مامتا واسو ڪري وئي ۽ تڏهن شموءَ کي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي ڪيتريءَ ئي دير تائين پيار ڪيو هئائين ۽ رات جي خاموشي هن جي سڏڪن جي آواز سان چيربي رهي هئي.
انهيءَ سموري عرصي ۾ زرينا لاءِ ٽي مِٽيون اچي چڪيون هيون پر زرينا هئي جنهن کي نفرت ٿي وئي هئي شاديءَ جي نالي کان. هڪ ڏينهن ته مٽيءَ جو پيغام کڻي ايندڙ عورت کي الاهي ساريون گاريون ڏئي ڀڄائي ڪڍيو هئائين ۽ ان ڏينهن جنهن ڏينهن گهر ۾ مانيءَ واري چوريءَ جو واقعو ٿيو هو تنهن جي ٻئي ڏينهن ساڳي ئي گارين کاڌل مائي زرينا لاءِ ساڳي ئي چاليهن کان ٽپيل مرد جي مائٽيءَ جو نياپو کڻي آئي جنهن کي زرينا جي ماءُ زرينا جي مرضي نه هئڻ سبب وري به موٽائڻ چاهيو پر زرينا کيس پاڻ ڏانهن سڏ ڪري مامتا جي انڌي جذبي کان مجبور ٿي پنهنجي لاءِ بڻايل اصول پاڻ ئي ٽوڙي ڇڏيا ۽ هن کي هڪ ڀيرو وري انهن ٻن سوڙين مٿان وڇايل چادر مٿان ويهڻو پيو. انهيءَ رات هن جي چهري تي بيٺل پاڻيءَ جهڙو ٺهر مڙي ويو هو. هن پنهنجي پاڻ سان جنگ ڪئي هئي. پنهنجي اصولن کي مامتا جي بندوق ساڻ زخمي ڪرڻ بعد ئي انهن ٻن سوڙين مٿان اچي و يٺي.
”مان سڀ کان پهريان هن کان ٻارن جي حقن جي ضمانت وٺنديس. هن کي ٻڌائي ڇڏينديس ته مون هيءَ شادي پنهنجي تمنائن کي دفنائي ٻارن جي زندگيءَ لاءِ ڪئي آهي.“ ۽ تڏهن هن جي چهري تي مڙي ويل بيٺل پاڻيءَ وارو ٺهر پاڻيءَ ۾ اڇلايل وزني پٿر کان پوءِ جي پيدا ٿيل هلچل ۾ تبديل ٿي ويو. نرڙ ۾ گهنج پئجي ويس. اڻ ڏٺل انديشا سندس وجود کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ويا. ”۽ جي هو اڳتي هلي ٻارن کي ڪنهن به صورت ۾ گهر ۾ رهائڻ تي راضي نه ٿو ٿئي.... ته پوءِ.....“ ۽ اڃان هوءَ سوچن جي سوريءَ تان لٿي ئي نه هئي جو سندس ٽيون مڙس هن جي اڳيان اچي ويٺو. شاديءَ ۾ جيتريون به رسمون ٿينديون آهن انهن جي ٽينءَ پتيءَ جيتريون مس پوريون ڪيون ويون. (شايد پهرين شادي نه هئڻ ڪري.) بهرحال آهستي آهستي ڪوٺيءَ ۾ آيل سڀ ماڻهو ٻاهر هليا ويا تڏهن سندس ٽيون مڙس هن جي ويجهو – اڃان به ويجهو سرڪي ويٺو.
زرينا جي ذهن ۾ سوچن جا سٽ الجهي پيا. بي آواز روئڻ ۽ سوچڻ ۽ وري سوچڻ – هڪ خوف هو جنهن سندس ساهه ٿي ٻوساٽيو. اُتڻ تُڻ – ڳوڙها هن جي اکين کان ٻاهر.
هن کي روئندو ڏسي هن جي ٽئين مڙس ڳالهايو ”پنهنجن کان جدا ٿيندڙ ڇوڪريون اڄوڪيءَ رات مائٽن کي ياد ڪري ضرور روئنديون آهن پر مون کي خبر آهي ته تنهنجا اهي ڳوڙها انهيءَ جدائيءَ واري احساس کان نه ٿا وهن. تو سان ننڍيءَ وهيءَ ۾ جيڪي وهيو واپريو آهي مون کي انهيءَ جو سمورو علم آهي. مون کي ايتري به خبر آهي ته تنهنجي پهرئين مڙس مان ڄاول هڪ ٻار جي ٻانهن تنهنجي ٻئي مڙس ڀڃي وڌي هئي.“ کن لاءِ هو چپ ٿي ويو. ”مون کي اهي سموريون ڳالهيون پنهنجي ماسيءَ وٽان معلوم ٿيون آهن.“ هو وري ڳالهائڻ لڳو. ”جنهن جو ڪم آهي پراون گهرن ۾ وڃي ڳالهيون هٿ ڪرڻ ۽ وري ڪنهن گهر جي ڀاتيءَ آڏو انهن ڳالهين جا دفتر کولي ڇڏڻ. سڀاڻي جڏهن تون هن گهر جي ڀاتياڻي بڻجي ويندينءَ تڏهن هوءَ تو کي بنا ڪجهه سوچڻ جي گهر جي هر فرد سان تعلق رکندڙ ڪونه ڪو داستان کولي ٻڌائي ڇڏيندي. هوءَ شايد تو کي اهو به ٻڌائي ته منهنجي هيءَ تو سان ٻي شادي آهي.“
لفظ ٻيءَ شاديءَ تي زرينا جو منهن ائين لهي ويو جيئن ڪنهن اجنبي شهر ۾ ڪو ماڻهو ڪنهن ڄاتل شخص جو در کڙڪائي پر در کلڻ تي کيس خبر پوي ته اهو ڄاتل شخص هڪ عرصي کان اهو شهر ڇڏي ڪنهن اڻڄاتل هنڌ وڃي چڪو آهي. هن جي منهن ۾ ڏک ۽ اچرج جون انيڪ ليڪون اُڀري آيون. تڏهن ڳيت ڏئي اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. شايد تبديل ٿيندڙ حالتن سان ٽڪر کائڻ جي پاڻ ۾ همٿ ساري نه سگهي هئي.
زرينا جو نئون مڙس سري اڃان به هن جي ويجهو ٿي ويٺو ۽ وري ڪجهه لمحن لاءِ ڪمري ۾ گهڙي آيل خاموشيءَ کي پنهنجي هستي وڃائڻي پئي.
”پر تو کي پريشان نه ٿيڻ گهرجي!“ هن چيو. ”منهنجي پهرين زال هڪ حادثي ۾ اڄ کان پنج سال اڳ مون کان وڇڙي چڪي آهي.“ هن هڪ گهرو ساهه کنيو ۽ پوءِ پراڻين سوڙين مٿان وڇايل نئين چادر تي پير ڊگهيري ليٽي پيو. هن جون نظرون زرينا جي چهري ۾ کتل هيون. زرينا روايتي ڪنوار بڻي هزارها ڳالهين جا طوفان سيني ۾ سانڍي ڪنڌ جهڪائي ويٺي هئي. چاهيائين ته مڙس سان ڳالهائي ساڻس ٿيل هڪ هڪ پل جي ناانصافين ۽ زيادتين جو سمورو داستان کيس يڪ ساهي ٻڌائي ڇڏي پر روايتي ڪنوارپڻي کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو. سندس نئين مڙس هن منجهان نظرون ڪڍيون ۽ پوءِ لالٽين جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ دونهاٽيل ڀت ڏانهن ڏسڻ لڳو.
”زرينا!“ هو پهريون ڀيرو نالو وٺي ساڻس مخاطب ٿيو. ”زرينا هي جيڪو مان تنهنجي سامهون ليٽيو پيو آهيان تنهن جي ڳالهين کي عام ماڻهن جي ڪُند ذهن جي پيداوار نه سمجهجانءِ! مان تو کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته مون وٽ سوچڻ جو انداز ٻين جي ڀيٽ ۾ بنهه مختلف آهي. مان چاهيان هان ته هن وقت پندرهن سالن جي ڪا نوجوان ڇوڪري تنهنجي بدران منهنجي سامهون ويٺي هجي هان ۽ اهو سڀ ڪجهه ممڪن به هو. ڪتابن جي اسٽال تان جيترو ڪمايان ٿو انهن انگن اکرن کي ٿورو وڌائي ٻڌائڻو پوي ها ۽ بس! پر مون کي اهو سڀ ڪوڙهه ورتل نوجوان ڇوڪريءَ جي چهري وانگر لڳندو آهي.“ هو وري چپ ٿي ويو ۽ ڪا گهڙي زرينا جي خاموش نگاهن ڏانهن گهوريندو رهيو.
”زرينا!“ هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”زرينا تون پاڻ ئي سوچ! هڪ ٽن ٻارن واري عورت جنهن پنهنجي خوبصورتيءَ جي ٽيهن ٻٽيهن سالن ۾ ٻن مڙسن کي ماڻيو هجي تنهن جي حصول لاءِ هڪ ماڻهون آخر ايڏي جاکوڙ ڇو ٿو ڪري؟ جڏهن ته انهيءَ جي مائٽي کڻي ويندڙ عورت کي هڪ ڏينهن انهيءَ گهر مان بيعزتو ڪري ڪڍيو به ويو هجي.“ کن لاءِ هو وري چپ ٿي ويو ۽ پوءِ ميرانجهڙيءَ روشنيءَ ۾ دونهين سان ڪاراٽيل ڀت ڏانهن ڏسڻ لڳو. ”هي ڪو ان بيعزتيءَ جو بدلو ڪونهي.“ هن چيو ”مون بڪ اسٽالن تي ويهي بي جان ڪتابن ۾ زندگي ڏٺي آهي ۽ هاڻي ان زندگيءَ کي اڃان به ويجهو – اڃان به سامهون ڏسڻ ٿو چاهيان. اُٿ زرينا! پنهنجا ٽئي ٻار اندر وٺي آءُ! اڄوڪي رات اسان انهن جي بهتر مستقبل جي نانءِ ٿا ڪري ڇڏيون!“
۽ تڏهن روايتي ڪنوارپڻو ٽوڙي هن جي هنج ۾ منهن ڏئي ايڏي خوشي ملڻ کان پوءِ به سڏڪا ڀري روئڻ لڳي هئي ۽ ڪالهه جڏهن گڏجاڻيءَ کان پوءِ پيڪن وٽان واپس ورڻ واري هئي تڏهن سندس سوٽ جي ننڍي ڌيءُ ڪن ۾ ڪجهه چيس ۽ تڏهن زرينا جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا. منهن ٽامڻي هڻي ويس ۽ نڙيءَ ۾ ڄڻ ته زهر اوتجي ويو هئس. ڪاوڙ هئي جا رت ۾ شامل ٿي سڄي وجود ۾ ڊوڙي وئي هئس. هوءَ جنسي ٽانڊا بڻجي وئي هئي. جيستائين مڙسهنس اچي تيستائين هن جو ڪروڌ، اندروني ولوڙ ويو شدت اختيار ڪندو. وقت ڪٽڻ ڏکيو ٿي پيس. لڳو هيس وقت ڄڻ هماليا هيٺان دٻجي چپجي بيهي رهيو هجي. ٽي ٻار موڪلي چڪي هئي پنهنجي مڙس ڏانهن – هن جي ڪتابن جي اسٽال تي پر هو آيو ان ساڳي ٽائيم تي جو هن جي ڪاروباري زندگيءَ جو هڪ حصو هو ۽ هوءَ ٽن ٻارن موڪلڻ جي باوجود مڙس جي ساڳي ٽائيم اچڻ تي زال جي حيثيت ۾ ڪاوڙ ۽ رسامي جو حق جو هن وٽ موجود هو سو پاڻ وٽ محفوظ رکيائين ۽ تڙ تڪڙ ۾ اُهي لفظ جن هن جي اندر جي دنيا ۾ ڀنڀٽ ٻاري ڇڏيا هئا سي ڪڍي مڙس آڏو رکيائين. پوءِ خاموشيءَ ساڻ مڙس جي ڳالهائڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. مڙسهنس ڪوٽ لاهي هينگر ۾ ٽنگڻ لڳو. هن جي چهري تي اها ئي ڳنڀيرتا ڇانيل هئي جا ڏيڍ سال اڳ شاديءَ واريءَ رات نظر آئي هئس.
”زرينا!“ هن جذبات کان خالي لهجي ۾ چيو. ”زرينا! جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي اشتعال انگيزي محض ان لاءِ وڌي وڃي جو هن جي طلاقيل زال هن جي ئي شهر ۾ ڪنهن ٻئي سان شادي ڪري ان جي غلط ماحول طرفان مليل اصولن کي قبول نه ٿي ڪري ۽ انهيءَ ڪري هو ڇتو ٿي ڌمڪين تي به لهي ٿو اچي ته پوءِ انهيءَ مٿان سڀاڻي پوليس ۾ رپورٽ درج ڪجي! هن کي اُبتو ٽنگرائي پادر سان هن جي پٺي رت ۾ ڳاڙهي ڪرائي ڇڏجي! تنهنجي چوڻ تي جيڪڏهن مان ائين ڪريان ته ڇا اهو فعل نندڻ جوڳو نه ليکبو؟“ هن زرينا ڏانهن ڏٺو جنهن جي اکين ۾ سڄي ڪائنات جي وحشت لهي آئي هئي.
”زرينا!“ هن ڳالهائڻ کان چپ نه ڪئي. ”زرينا! هڪ ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن اندروني ايذاءَ کان رات جي خاموشيءَ ۾ رڙيون ٿو ڪري ته ڇا هن کان انهن رڙين جو حق ان ڪري ڦري وٺجي جو هو ستلن جي ننڊ ۾ خلل وجهڻ جو ذميوار آهي؟ ڇا هن کي انهيءَ ڏوهه جي سيکت هن کان زندگي ڦري وٺڻ جي صورت ۾ ڏجي يا اثر رسوخ ۽ پئسي جي زور تي هن کي اڌ مئو ڪرائي ڇڏجي ۽ جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ مئل زندگي گهارڻ تي مجبور ڪجيس؟ ڇا تون اهو ٿي چاهين زرينا؟“
۽ تڏهن زرينا کي پنهنجي مڙس جي باهه جهڙي انتقامي جذبي کان خالي سرد ۽ مئل سوچ مٿان دلي صدمون رسيو هو. هوءَ حد کان وڌيڪ مايوس ٿي وئي هئي. هن سوچيو هو ته هن جو مڙس هن کي مليل ڌمڪيءَ جو ٻڌي هڪ پل ۾ پنهنجي زندگيءَ جا بڻايل سڀ اصول ٽوڙي ڇڏيندو. ان شخص کان ڀرپور بدلو وٺندو جنهن هن جي زال جي ماضيءَ وارن زخمن جون ڪڙيون مستقبل ۾ وري پٽڻ ٿي چاهيون پر مڙس طرفان جڏهن سکڻي آٿت به نه مليس ته ڏاڍي ڏکايل لهجي ۾ چيائين ”مان جيڪو چاهيان ٿي توهين اُهو ڪرڻ نه ٿا چاهيو جو اوهان جي اندر ۾ ڏاڍ کي ٻوڙيندڙ انتقامي جذبن تي اوهان جي اصولن جا بند ڏنل آهن. نه ٿا ڀڃي سگهو اهي بند ته مرڻ ڏيو مون کي!“
۽ انهيءَ ڪالهوڪي رات هن پهريون ڀيرو مڙس جي زندگيءَ ۾ داخل ٿيل اصولن خلاف احتجاج ڪيو ۽ هن سان ڏيڍ سال جي سڄي عرصي ۾ پهريون ڀيرو ڪاوڙجي ٽن ٻارن کي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي سمهي پئي هئي ۽ اڄ هن جي زندگي اُجڙي ويل نمائش گهر جي خالي ميدان ۾ تبديل ٿي وئي. سامهون بڪ اسٽال تي ويهندڙ شخص جو لاش اڱڻ ۾ رت سان وهتو پيو آهي. صبح زرينا جي اڳئين مڙس ساڙ جي باهه ۾ جاقوءَ جا ڪيئي وار ڪيا هئس ۽ هن جو زندگيءَ سان لاڳاپو ڇني پاڻ ماحول طرفان مليل زندگيءَ جي ورن وڪڙن ۾ گم ٿي ويو هو. تڏهن بڪ اسٽال تي رکيل ڪيترا ئي ڪتاب جن ۾ هن زندگي ڏٺي هئي – زندگيءَ جو فلسفو سمجهيو هئائين هن جي ئي رت سان رنڱجي ڳاڙها ٿي ويا هئا ۽ هاڻي هوءَ لاش مٿان بي وسيءَ جا ڳوڙها ڳاڙي روئي رهي آهي. هن سان گڏ هن جي ماءُ، پوڙهي پڦي، ننڍي ڀيڻس ۽ پاڙي مان آيل سموريون عورتون روئي رهيون آهن. هن جي مڙس جو لاش هن جي سامهون رکيو آهي جنهن کي مري وئي چار ڪلاڪ گذري چڪا آهن ۽ انهيءَ سموري عرصي جي هڪ هڪ پل ۾ هوءَ زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ هلندڙ جنگ جهڙي ڪيفيت مان گذري آهي – هن ڀوڳيو آهي – هن جي اندر ۾ لوڇ آهي – ڦٿڪو آهي – ازل کان هڪ روڄ آهي جو وڌي رهيو آهي – ڪٺو ٿي رهيو آهي. هن جي روح ۾ پيل صدين جا پوسرجي ويل ڦٽ هن جي ڪٺي ٿيل روڄ سان وڌيڪ ڪنا ٿي رهيا آهن. هوءَ چئن ڪلاڪن کان لاڳيتو روئندي رهي آهي. روئي روئي هن جي نڙي ويهجي وئي آهي. هن جي اندر جي عورت ڀڄي ڀري ڊهي پئي آهي. هن جو حال، هن جو مستقبل ڊهي موهن جو دڙو ٿي پيو آهي. هوءَ پنهنجي اندر جي تباهه ٿيل عورت مٿان روئي رهي آهي ۽ هن کي لڳي رهيو آهي ڄڻ ته هوءَ صدين کان ائين ئي روئي رهي آهي. هر جنم ۾ صدين جا سور کڻي روئندي رهي آهي. هڪ لمحي لاءِ به هن ماٺ ناهي ڪئي ۽ هاڻي منهن تي ٻانهن ڏئي منهن کٽ جي ٻانهينءَ تي رکي ڇڏي ٿي. سندس روح جي پراڻن ڦٽن مان اُٿندڙ ازلي ايذاءَ جون سٽون هن جي آواز ۾ لهي اچن ٿيون ۽ پوءِ اوڇنگارن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو جنهن گهر جي ديوارن جا ڄڻ ته بنياد ئي لوڏي وڌا آهن.