ڪھاڻيون

سڪون ڪٿي آهي

”سڪون ڪٿي آهي“ نامياري ڪهاڻيڪار، ڊارما نگار، شاعر ۽ ليکڪ رزاق مهر جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
ڪيهر شوڪت لکي ٿو:
”رزاق مهر جي ڪهاڻين جا مجبور، دٻايل، ستايل، جڪڙيل، ڦاٿل، وساريل، بيمار، ڊنل، بي آرام، سڪون ۽ سلامتيءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ، زندگيءَ ۽ موت جو چاهه ۽ ڊپ کڻي جيئندڙ ڪردار ۽ انهن جي بي رحم، ظالم، مفادپرست، اوپري، ويساهه گهات، قياس جوڳي ۽ ڀوائتي دنيا. ان سڀ کي رزاق مهر فيشن پرستيءَ، نعريبازيءَ، ذات پرستيءَ ۽ وات ڳاڙهائپ کان هٽي ڪري جنهن سنجيدگيءَ، گهرائيءَ ۽ فنڪاريءَ سان پيش ڪيو آهي اُن رزاق کي اڄ جي مکيه جوابدار ۽ وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ کڻي بيهاريو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 1914
  • 810
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رزاق مھر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سڪون ڪٿي آهي

وئرٿ زندگي

انهيءَ کٽ تي جنهن ڏينهن هو ڪريو هو ۽ جنهن ڏينهن سندس پهريون ڀيرو ٻاهرينءَ دنيا ساڻ لاڳاپو ٽٽي ويو هو تڏهن به هن پنهنجي پاڻ کي ايڏو مجبور ۽ ايڏو دکي محسوس نه ڪيو هو پر اڄ جڏهن هو ڳالهائڻ جي سگهه به ساري نه ٿو سگهي تڏهن عجيب بي ڍنگي آواز ۾ روئي پيو. هن جي اندر جو سمورو سور هن جي هيڻي آواز ۾ شامل ٿي ويو. هڪ وڏيءَ ڪوشش سان هن ڪنڌ ورائي پنهنجي سامهون بيٺل ڀاءُ ڏانهن ڏٺو. ڀاڻس جو ڌنڌ ۾ وڪوڙيل وڏين مڇن وارو چهرو تڏهن ڏاڍو ڪريهه لڳو هئس ۽ ڏاڍي ڪرڀ محسوس ڪئي هئائين ان ويل هن جي اندر جي ٽي بيءَ واري سموري گندگي ڀاءُ جي چهري تي چنبڙيل محسوس ٿي هئس. حقارت وچان هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون هيون ۽ تڏهن کنگهه جو هڪ زوردار دورو پيو هو مٿس جنهن هن جي اندر جي سموري ڪائنات کي لوڏي ڇڏيو هو. سندس وات مان ٻاهر نڪتل غلاظت ڪيتريءَ دير تائين هن جي واڇن کان وهي هن جي گدلي هنڌ کي وڌيڪ گدلو ڪندي رهي هئي. تڏهن ڏاڍي بيوسيءَ ۽ ڏاڍيءَ شرمساريءَ وچان پنهنجي ننڍي ڀيڻ ڏانهن ڏٺو هئائين جا هن جي چهري ڏانهن ڏسڻ بنا (پرتي منهن ڪري) هڪ ميري ڪپڙي سان هن جو وات اُگهي رهي هئي ۽ جڏهن ڀيڻس هڪ نظر هن ڏانهن وڌي هئي تڏهن عليءَ ٿڪل ٿڪل اکين سان ڀيڻ جي چهري تي ڏاڍا ئي اڻوڻندڙ ڀاوَ ڏسي ورتا هئا جن پٺيان هن کي رشتن جي ڪلئي لهندي محسوس ٿي هئي.
ڀيڻس ڪجهه ڳالهائڻ کان سواءِ هن وٽان هلي وئي هئي. وڏو ڀاڻس جو کن پل لاءِ ورانڊي جي هڪ ٺلهه کي ٽيڪ ڏيون عليءَ ڏانهن ڏسندو رهيو هو تنهن به وڌيڪ بيهڻ ضروري نه سمجهيو. هو آڳر ۾ پنهنجن ٻارن سان وڃي ويٺو. هاڻ هو وري اڪيلو رهجي ويو. هن جي ارد گرد نظر نه ايندڙ ٽي بيءَ جا جراثيم ۽ هن جي اندر واري بوءِ فقط ڦهليل رهي. هن کي انهيءَ بوءِ کان – انهيءَ اڪيلائيءَ کان سخت وحشت ٿيڻ لڳي..... مسلسل عذاب واري ان ڊگهي بيماريءَ ۾ هن کي پيار جي مٺن ٻولن جي ضرورت هئي – همدرديءَ جي ضرورت هئي پر هن جي اُداس دنيا ۾ ڪنهن به ته جهاتي پائي ڪونه ڏٺو هو - ڪو به ته ڪو نه هو جو هن جي درد کي پنهنجو درد سمجهي – هن کي آٿت ڏئي. هت ته هرڪو هن کان بيزار هو – چڙيل هو. هن جي بيماريءَ جي جراثيمن کان هر ڪنهن پاڻ بچائڻ ٿي چاهيو ته ڇا هو اهڙي حال ۾ ائين ئي چُڙي چُڙي مري ويندو. ستاويهن سالن جي ڄمار ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ بنا ئي هليو ويندو. هن ته اڃان شادي به ڪانه ڪئي هئي. هن جي خوابن جو ڇا ٿيندو؟ ڪيڏا ته خواب ڀريا هئا هن پنهنجي اکين ۾ - بيحد دک کان هن جي ڏرا ڏنل اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هن جي منهن جي ڇڪيل چمڙيءَ ۾ گهٻ پئجي ويو. ڊگهن ڊگهن ساهن جي وچ ۾ هڪ وڏو شوڪارو ڀري ڏور پولار ۾ گهوريائين.... پوءِ هو لاڳيتو پولار ۾ ئي گهوريندو رهيو ڄڻ ته ڪجهه ڳولهڻ چاهيندو هجي انهيءَ پولار ۾.... اوچتي هن جي ماضيءَ جا عڪس هن اڳيان ٺهڻ لڳا – چٽا ٿيڻ لڳا – هن جو مري ويل ماضي هن اڳيان زندهه ٿيڻ لڳو. اُهو ماضي جنهن ۾ هو ٻيڙين جو اول درجي جو ڪاريگر مڃيو ويندو هو - جنهن ۾ هو هڪ حيثيت جو مالڪ هو – هڪ ڪٽنب جي جياپي لاءِ لڙندڙ اڪيلي جيو جي حيثيت جو مالڪ – گهر جي هر فرد کي جنهن جي رحم ۽ ڪرم تي جيئڻو پوندو هو. هن جو وڏو ڀاءُ وڏو هوندي به تڏهن وڏو نه ليکبو هو. کيس به ڪتابن ۽ فين جي ضرورت هن ڏانهن گهلي ويندي هئي. تڏهن علي فقط علي ئي تماڪ جي ساهه منجهائيندڙ تيز ڌپ واري ڀانڊي ۾ گهر جي ڀاتين مٿان ايندڙ معاشي طوفانن سان منهن ڏيڻ وارو اڪيلو شخص هو.
هن زور سان اڌ کليل اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ماضيءَ جا چٽا اڻ چٽا اُهي عڪس اڃا به هن کي ڏکوئڻ لڳا - هن جي موجودهه حيثيت جي خسيس هجڻ جو اڃان به شديد احساس ڏيارڻ لڳا. اڄ ڇا رهي هئي هن جي حيثيت؟ گهر جي فالتو سامان ۽ هن جي وچ ۾ ٿورو فرق به ته رهيو هو. جيئن پراڻو مدي خارج سامان بي ترتيبيءَ سان اسٽور ۾ سٽيو ويندو آهي ساڳيءَ طرح هو به گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ليٽايو ويو هو. (فالتو سامان جيان اُڇلايو ويو هو.) گذريل چئن مهينن کان هڪ کٽ ۽ ان سان لاڳاپيل بوءِ ڦهليل ڪمرو ئي ته هن جي ڪل ڪائنات هو.
اوچتي هن جي نڙيءَ ۾ اُڃ ڪنڊا بڻجي چڀڻ لڳي. خشڪ ٿيل چپن تي زبان ڦيري هن ڳيت ڏني پر ڳيت سان هن کان دانهن نڪري وئي. هن کي محسوس ٿيو ڄڻ ته هن جي نڙيءَ مان آهستي آهستي رت سمڻ لڳو هجي. ڏاڍي اُٻاڻڪائيءَ سان ورانڊي ٻاهران ويٺل ڀاتين ڏانهن ڏٺائين پر ڪنهن کي به هن جي اڃايل هجڻ جي پرواهه نه هئي. هيترن سارن ڀاتين هوندي به هو اڪيلو هو. سڄي گهر ۾ هڪ ڀيڻس ئي هئي جا ناگوار فرض نڀائڻ لاءِ هن جي سڌ رکندي هئي پر اڄ انهن بي رحم گهڙين ۾ هوءَ به وٽس موجود نه هئي. ڪنهن ڪم ڪار ۾ رڌل ڀيڻس به ان کان بي خبر هئي ته پاڻيءَ جي چند بوندن لاءِ هو هڪ وڏي عذاب مان گذري رهيو آهي. شديد اُڃ کان هن جو ساهه منجهي رهيو آهي. هن ڀيڻ کي سڏڻ چاهيو پر ڪمزور آواز چنگهه بڻجي هن جي نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو ۽ اوڏيءَ مهل کنگهه جو هڪ بي رحم دورو پئجي ويس. هو زور زور سان کنگهڻ لڳو. کنگهي کنگهي جڏهن بلڪل ئي نستو ٿي ويو تڏهن وري هن جا اُڀا اُڀا ساهه خاموش ڪمري ۾ گونجڻ لڳا جن کان هن جي ڀاءُ کي ڏاڍي ڪراهت اچڻ لڳي هئي. اهڙا ڀاوَ هن جي چهري تي ٺهي بيهي رهيا هئا هئا. ”مري به نه ٿو. سڄي گهر لاءِ آزار ڪيو اٿائين!“
جيتوڻيڪ اهي لفظ ٻاهر ويٺل ڀاڻس گهڻو ڏاڍيان ڪونه اُچاريا هئا پر تڏهن به سخت ڏکوئيندڙ معنيٰ ۽ مفهوم سميت ڏهن فوٽن جي فاصلي تي ستل عليءَ اهي ٻڌي ورتا هئا. نفرت ۽ ڌڪار ۾ ٻڏل لفظن جو زهر تڏهن هن پنهنجي نس نس ۾ ڦهلجي ويل محسوس ڪيو هو ۽ تڏهن هن کي لڳو هو ڄڻ ته هو پنهنجي گهر ۾ نه هجي - اوپرن ماڻهن سان ڀريل ڪنهن مسافر خاني ۾ هجي. هو پاڻ به ڪو اوپرو شخص هجي جنهن جي اهنج ۽ تڪليف تي سخت دلين وارن مسافرن کي همدرديءَ بجاءِ ڪراهت ايندي هجي – نفرت ٿيندي هجي.
”مون کي ته ببليءَ جو اُلڪو ٿي پيو آهي!“ هاڻ ڀاڄاهنس جو ڳڻتيءَ ڀريل آواز آيو.
”ٺيڪ ته آهي...... ڇا ٿيو آ ببليءَ کي؟“
”صبح جڏهن اسڪول ٿي وئي ڏسينس ته ها. منهنجو ته اصل ساهه ئي سڪائي ڇڏيو هئائين!“ کن لاءِ ڀاڄائنس جو آواز رڪجي ويو ۽ ان ساڳي لمحي ڀاڻس جي من ۾ اُڻ تُڻ جا ڪيئي طوفان آيا ۽ گذري ويا. اهڙي بي چيني هن جي چهري جي ريکائن منجهان ظاهر ٿيڻ لڳي هئي.
”ڏاڍي کنگهه ٿي پئي اٿس. صبح ته ادا عليءَ وانگر الٽي به ڪئي هئائين.“ ڀاڻس جي اڻ تڻ هاڻ وڌي وڃي ڪاوڙ جو شديد روپ اختيار ڪيو. ”هاڻي ماٺ ڪر نه ته هڻانءِ نه منهن وارا پادر.... هٿ سان ئي ته ڪيو اٿئيس بيمار!“
”نه مان نه بيمار ڪيو اٿس.... منهنجي هٿ وس آخر آهي ئي ڇا؟“
”تنهنجي وس ۾ اهو ته آهي ته ٻارن کي ان اندر ستل بيمار ڏانهن وڃڻ کان روڪين. اڙي ٽي بيءَ جهڙي نحوست ٿي پلجي هن گهر ۾. ڪو معمولي مرض ته ڪونهي.“
”ٻارن کي ته گهڻو ئي ٿي ڌت ڪريان!“ ڀاڄائينس ميسوڻو منهن ڪري ڳالهائڻ لڳي هئي.
”پر ڇا ڪريان ادا عليءَ اڳيان ته ڪجهه هلي ئي نه ٿي. جيئن صبح ٿيو هو.“ هوءَ کن لاءِ وري چپ ٿي وئي ۽ هو بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي خلا ۾ گهوريندو رهيو. ”صبح دوا سان پيو شربت ملائي پئي سو پهريان ته نرميءَ سان جهليومانس پر پوءِ اٽڪي به پئي مانس ته شربت نه پيئجو ڊاڪٽر ٿڌين شئين کان جهلين ٿا.“
”پوءِ!“
”پوءِ ڇا ڪو مڙيو ٿورو ئي..... سڄو گلاس پي ويو.“ ”هان! شربت پيتائين؟“ ڀاڻس جي جسم کي ڄڻ ته ڪنهن پيٽرول ۾ ٻوڙي تيلي ڏئي ڇڏي هجي. ڪاوڙ ۾ چرين جهڙي چمڪ اچي ويس اکين ۾. ”ڀيسان ڪميڻو – ڪتو – بيهودو – شربت ٿو پيئي – مٽ نه ٿو پيئي.“ مٺيون ڀڪوڙي عليءَ ڏانهن ڪاهه ڪيائين. ستاويهن سالن جي نٻل ۽ نستي عليءَ جڏهن ڇهن فوٽن جي قدآور ۽ جانٺي ڀاءُ ڏانهن ڏٺو - ڀاڻس جي ڳاڙهين ڳاڙهين وحشت ڀريل اکين ڏانهن ڏٺو ته هيسجي ويو. ”اڙي ڪُتا – ڪميڻا! ڇو پيتو هيئي شربت – جڏهن ڊاڪٽر منع ٿا ڪن ته پوءِ ڇو پيتئي؟“ ڀاڻس مٿس الر ڪئي ۽ تڏهن اوچتو هنڀ مچي ويو. ڀيڻس عليءَ تي کڳل هٿ کي جيئن تيئن روڪي گهڻين آزين ۽ نيزارين کان پوءِ وڏي ڀاءُ کي ٻاهر ڪڍي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي ۽ مڇريل ڀاڻس هو جو ٻه منٽ به ٻاهر نه ترسيو هو. انهن ئي پيرن تي هن طوفان جهڙي تيزيءَ سان وري عليءَ ڏانهن ڪاهه ڪئي ۽ جهڙپ هڻي هن جي ڀر ۾ رکيل شربت جو شيشو کڻي ورتو. ”آ! وٺ! پيءُ هي شربت!“ ساڳي تيزيءَ سان ورانڊي جي هڪ ٺلهه ۾ زور سان وهائي ڪڍيائين. شربت ڀريل شيشي منجهان هڪ زوردار ٺڪاءُ نڪتو ۽ ان اوچتي ٺڪاءَ کان پوءِ ڪيترين ئي گهڙين تائين ڪمري ۾ هڪ غير فطري خاموشي ڇانيل رهي. ساڳي خاموشيءَ ۾ هڪ لمحي لاءِ عليءَ جون نظرون هڪ پراڻي دوست پاران موڪليل انهيءَ شيشي ڏانهن ويون جنهن منجهان ڳاڙهو ڳاڙهو شربت هارجي فرش تي ننڍڙو دُٻو ٺاهي ويو هو ۽ ٻئي پل سانت کي ٽوڙيندڙ ڀاءُ ڏانهن ڏٺائين جنهن جي وات منجهان گڦ وهي رهي هئي. ”هي ته ڳڻ! لک لعنت اٿئي!“ ڀاڻس جو ڪروڌ هن جي کليل هٿ جي سيٽيل آڱرين ۾ واسو ڪري ويو. ”اڃان شربت ٿو پين! موت به نه ٿو اچئي! ڇا ته شڪل ٿي وئي اٿئي بدشڪلا!“
گهر جا سڀ ڀاتي چپ هئا. فقط وڏو ڀاڻس رڙيون ڪري ڳالهائيندو رهيو هو ۽ علي بنا ڪجهه ڪڇڻ جي سهندو رهيو. اندر ئي اندر ڪڙهندو رهيو. ڪجهه لمحا ڳالهائڻ کان پوءِ وڏو ڀاڻس ڪاوڙ ۾ سهڪندو ٻاهر وڃي بيٺو. پوءِ آهستي آهستي ٻيا ڀاتي به وڃي ٻاهر بيٺا. هاڻي ڪمري ۾ فقط علي اڪيلو رهجي ويو. هيڏي بيعزتيءَ کان پوءِ به عليءَ لاءِ ڪنهن وٽ همدردي نه هئي. رحم جو ڪو جذبو نه هو. هن جي سيني ۾ بي حد ڏک کان هڪ لاوو دکڻ لڳو جنهن ۾ هو آهستي آهستي اندر ئي اندر غرق ٿيندو ويو. پوءِ هڪ ٽائيم اهڙو به آيو جڏهن ٻاهر ويٺلن جا آواز هن تائين اچڻ بند ٿي ويا. هن جي جسم جون رڳون نستيون ٿيڻ لڳيون. هو جيئن پوءِ تيئن ڪنهن اونهين پاتال ۾ لهندو پئي ويو. اوچتي هن آڏو روشنيءَ جو هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو جنهن کان پوءِ اوندهه ئي اوندهه ڦهلجي وئي هن جي چوطرف.
پوءِ اهي پل جيڪي سڄي جڳ جي ذلت کڻي عليءَ جي نٻل ۽ نستي سرير ۾ سمائجي ويا هئا انهن ئي لمحن ۾ هن جي ساڻي ساڻي وجود اندر جڏهن موت ۽ جيوت جي ڇتي جنگ ڇڙي وئي ۽ جڏهن شديد عذاب وچان هن جي وات منجهان ڪنهن ڪُسندڙ ڍور جي رنڀ جهڙو آواز نڪتو ته ورانڊي ٻاهران ويٺل اُهي سڀئي ڀاتي جيڪي بيزار هئا سي چڙيل هئا. تيزيءَ سان هن ڏانهن ڌوڪي آيا ۽ سڀئي هن جي چوگرد ميڙ ڪري ايندڙ گهڙين ۾ ڪنهن نئين تبديليءَ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳا تڏهن ڌڙڪندڙ دل سان ڪاوڙيل ڀاڻس عليءَ جي سرد ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ پوءِ بند ٿيل نبض واريءَ ٻانهن کي مسلسل اکيون ڇنڀي ڍرو ڇڏي ڏنائين. انهن ساڳين ئي لمحن ۾ هن جي منهن جا ڪاوڙيل گهنج بيحد غم جي ريکائن ۾ بدلجڻ شروع ٿي ويا. پوءِ اوچتو ئي اوچتو ماهوار چئن سَوَ رپين جي عيوض ڳهندڙ ڪلارڪ جو ماسڪ چهري تان لاهي وڏي ڀاءُ جو ماسڪ چاڙهي ڇڏيائين ۽ هڪ وڏي اوڇنگار ڏئي عليءَ جي ڪوريل ماس واري هڏائين پڃري مٿان جهڪي ويو ۽ تڏهن گهر جا باقي ڀاتي جيڪي ڄڻ ته وڏي ڀاڻس جي اهڙي ئي ڪنهن اشاري جا منتظر هئا تن روڄ ۽ راڙي جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو چالو ڪري ڇڏيو. اهو ڏسڻ بنا ته ان اوچتي تبديليءَ تي عليءَ جون ڦاٽل ۽ بي جان اکيون ڄڻ ته حيرت وچان ڏانهُنِ گهوري رهيون هيون.
ٽُٽل انسان
سگريٽ جو آخري ڪش هڻي سگريٽ ڦٽي ڪيائين. ڊگهي سوٽي سبب کنگهه جو دورو پئجي ويس. هو زور زور سان کنگهڻ لڳو – اصل ٻٽجي ويو. پوءِ مٿي کي هٿ ڏئي ڌرتيءَ تي اوڪڙون ويهي رهيو. اها ڳالهه بري لڳس ته يڪدم اُٿي بيٺو ۽ وري گهر ڏانهن رڙهڻ لڳو. هلندي هلندي الائي ڇو بيهي رهيو ۽ پٺتي ڏسڻ لڳو. ائين ئي کن پل بيهڻ کان پوءِ وري اڳتي وڌڻ لڳو. هاڻي هو آهستي آهستي کنگهي رهيو هو ۽ ساڳي وقت اڀا اڀا ساهه کڻي رهيو هو. اوچتو سندس نظرون ڌرتيءَ ۾ ڄمي ويون. نرڙ ۾ گهنج پئجي ويس. ذهني قلابازي محسوس ڪيائين. گنجو ڪلارڪ نظرن آڏو ڦري ويس. آفيس ۾ ٿيل اڄوڪي واقعي تي سوچڻ لڳو. ان سوچ ساٿ نه ڏنس. ذهن ۾ هزارين سوچن جا طوفان محسوس ڪيائين. ٺيڪ اُن مهل سول اسپتال جو ڌنڌ ۾ ويڙهيل خاڪو نظر آيس. هڪدم ڊاڪٽر غلام قادر مٿان چڙ اچي ويس. ”ڀيڻسان ٺڳ!“ ڀڻڪيو. ”ڀيڻسان ٺڳ!“ ٻيهر ڀُڻڪيو.
رستو پار ڪرڻ لاءِ جيئن ئي وچ رستي تي پهتو ته ڏٺائين هڪ ڪار آئي ۽ ڇوهه منجهان هن جي ڀر سان لنگهي هلي وئي. جان مان رڙيون نڪري وينس. بلڪل موڳن جيان هيڏي هوڏي ڏٺائين. پوءِ روڊ پار ڪري فوٽ پاٿ مٿان هلڻ لڳو.
”الائي ڇا پئي سوچيم؟“ سوچيائين. هن منهن ۾ گهنج وجهي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هاڻي هو ريلوي اسٽيشن تي ماڻهن جي انبوهه ۾ پاڻ کي بيٺل محسوس ڪرڻ لڳو.”نه مون کي تڪڙو تڪڙو هلڻ گهرجي!“ ڪنڌ کي هلڪو جهٽڪو ڏنائين. انهيءَ جهٽڪي سبب ذهن هلڪو هلڪو محسوس ڪرڻ لڳو. هاڻي هن جي رفتار پهريان جهڙي سست نه رهي هئي. هو تيز تيز هلي رهيو هو. ڪجهه وکون تڪڙيون تڪڙيون کڻندو رهيو. پوءِ چاٻي ڏنل رانديڪي جيان وري سست رفتار هلندي هلندي اوٻاسي ڏنائين. اوٻاسي ڏيندي آڱرين جي هلڪي ٿڦڪي وات تي هنيائين ته لاشعوري طور هٿ هفتي جي وڌيل ڏاڙهيءَ ڏانهن کڄي ويس. کيسي ۾ هٿ هنيائين. چارانا به ڪونه هئس جو بليڊ وٺي. زندگيءَ کي اُگهاڙي گار ڏئي ڪڍيائين. هاڻي هو اهڙي نموني هلي رهيو هو ڄڻ ٿيڙ کائي رهيو هجي. ڏاڍو ٿڪ پئي محسوس ڪيائين. گوشت مارڪيٽ ٻاهران دستور پٽاندڙ پيهه لڳي پئي هئي. اُتان لنگهيو ته ياد آيس. ڪالهه جوڻس چيو هو ”اڄ ٻارهون ڏينهن آ دال ۽ پٽاٽا کائيندي. اڄ ته گوشت کاراءِ!“ دل ۾ وڍ پيو هئس. فقط ايترو چيو هئائين ”اَڻهوند ۾ اهي فرمائشون نه ڪندي ڪر شمشاد! روح زخمي ٿي پوندو آهي.“ هو پيهه منجهان نظرون ڪڍي گوشت مارڪيٽ ڀر سان نئين ٺهيل سبيل ڏانهن وڌي ويو. ڪُپڙي ڀري پيتائين ۽ وري اڳتي وڌي ويو. ”اڄ پريس تي نه ويندس. ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. اڄ آرام ڪبو!“ فيصلو ڪيائين.
ڪجهه وکون ساڳي فيصلي تي قائم رهي اڳتي وڌيو.
”نه ويندس ته گهر جو خرچ.....“ گهر جي خرچ پوري نه ٿيڻ جي اوني پريشان ڪري ڇڏيس. هڪدم فيصلو بدلائي ڇڏيائين. گذريل رات ٻارهين تائين لاڳيتو ڪم ڪيو هئائين. راتوڪي اوجاڳي سبب دماغ ڳورو ڳورو محسوس ڪري رهيو هو. هن وري اوٻاسي ڏني. اوچتو نئين نڪور ڪار زوڪاٽ ڪري هن جي ڀر سان اچي بيٺي. ڇرڪ ڀري اوڏانهن ڏٺائين. ڪار مان ٻه ننڍڙا سهڻا ٻار نڪتا ۽ اڳينءَ سيٽ تان اُٿي ايندڙ نوجوان سان اڳتي وڌي ويا. ڪار جي پوئينءَ سيٽ ڏانهن ڏٺائين جت ٻه خوبصورت نوجوان ڇوڪريون ويٺيون هيون جن کي اهڙا قيمتي ڪپڙا پهريل هئا جيڪي هن جي گهر وارا فقط خوابن ۾ پائي سگهيا ٿي. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ اڳتي وڌي ويو. الائي ڇو ياد آيس پنهنجا ننڍا ڀائر، ڀينرون، ماءُ، زال ۽ پنهنجا ننڍا ٻار؟ صبح ننڍي ڌيڻس وڏيءَ کنگهه جي دوري سبب اڀا اڀا ساهه کڻي رهي هئي. تڏهن اکين ئي اکين ۾ جوڻس دوا لاءِ چيو هو ۽ هن منهن ڦيري ڏند ڪرٽيا هئا. پوءِ روئي به ڏنو هئائين. ٻاهر آيو ته ماڻس آهستي چيو هو ”ابا! جوڻهين منهنجي ٻچن سان ڏاڍو ساڙ ٿي رکي. ڪڏهن ڏس ته سهين اصل نه ڏيڻ جيترو ٻوڙ ماني ڏيندي اٿن. ڪجهه سمجهائينس.“
”گهر مان ڪڍي ڇڏيانس.“ چڙي پيو هو. ماڻس فقط وات پٽي حيرت مان هن کي ويندو ڏسندي رهي هئي ۽ هو توائيءَ ۾ ٻاهر نڪري آيو هو. ”هي چڱو ڪم نه ڪيم.“ گهٽيءَ ۾ اچي سوچيو هئائين ۽ واپس موٽي آيو هو. پوءِ ماءُ کي آهستگيءَ ۾ چيو هئائين ”سمجهائي ڇڏيندومانس امڙ سمجهائي ڇڏيندومانس.“ ۽ وري ٻاهر نڪري آيو ته گهٽيءَ جي منڍ ۾ ننڍو ڀاءُ مليس. چولي جو آڳو ڦاٽل، وار وکريل، منهن تي لينگها لڳل هئس.
”ادا خرچي.“ الائي ڇو ڀاڻس ڪنهن پينو فقير جيان لڳو هئس؟ کيسي ۾ هٿ وجهي ڏهه پيسي ڪڍي هئائين. ڏهه پيسي ڏئي هلڻ جي ڪئي هئائين ته پويان چولي کي پڪڙي ننڍي پٽ چيو هئس ”هن کي نه ڏي بابا! هي ڪنو آ. هي مون کان سڀ پيسا ڦري ويندو آهي.“
ڀاءُ ڏانهن ڏٺائين. ڀاڻس چيو ”نه ادا مان نه ڦريندو آهيان.“ هو ڊڄندي ڊڄندي چئي روئي ويٺو.
”نه روء چرياڻ – مان تنهنجو آهيان نه – ڀلا مان توکي ڪجهه چوان ٿو جو روئين ٿو نه روءُ!“ هن ڀاءُ جا ڳوڙها اُگهيا. کيس لڳي رهيو هو ڄڻ هو ننڍي ڀاءُ جو ڏوهي هجي. ڀاءُ کي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي پيار ڪيائين. پوءِ آخري ڏهه پيسي پٽ کي ڏئي چيائين ”چاچو اٿئي انڌا چاچو اٿئي!“ ۽ آفيس ڏانهن وڌي ويو هو.
آفيس ۾ جا ٽيبل مليل اٿس اُن کان سخت نفرت ڪندو آهي. ڪا مٿين آمدني ئي ڪانه. رڳو سڪي پگهار ٻه سئو ستر رپيا. نه پنهنجا حال سٺا نه گهر جا. هن کان پوءِ جا ڀرتي ٿيل به موج ۾ آهن. هيءُ سدائين پريشان. گنجو ڪلارڪ روز سئو ٻه هنيون وڃي. هيءُ رڳو ڏسندو رهي. اصل ڪڙهندو رهي. گهر جي حالت خراب کان خراب تر. انهن حالتن پريس تي ڪمپازيٽر بڻائي ڇڏيس. پوءِ به پورت ڪانه. گوشت مارڪيٽ کان ڪجهه اڳڀرو عيد اچڻ ڪري چوڏيل ۽ چيڪلا لڳايا ويا هئا. انهن تي نظر پيس ته کيس ياد آيو. ”ادا اڳينءَ عيد تي به ڪپڙا نه وٺي ڏنئي – ڏس هي ڦاٽي ويا آهن. هن عيد تي وٺي ڏيندي نه؟“ وڏيءَ ڀيڻس چيو هو.
چپ ڀڪوڙي هڪ نظر پنهنجن ڪپڙن تي وڌائين. قميص ڪالر وٽان ڦاٽل – شلوار چتين هاڻي – منهن ۾ گهنج پئجي ويس.
”ڇوڪري ائين مري ويندئي. ڪجهه ته دوا دارون ڪرينس.“ ٽئين ڏينهن جوڻس چيو هو. ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنائين. دماغ ۾ چر چر جا آواز پيو محسوس ڪري. آواز اڻڄاتل آواز جيڪي وڌندا پئي ويا. ”هيءُ ڇا پيو ٿئي؟“ هو پريشان ٿي سوچڻ لڳو. ”هي ڇا پيو ٿئي؟“ هو وڌيڪ پريشان ٿي سوچڻ لڳو. ”هي ڇا پيو ٿئي؟“ مغز کي ڀانواٽي اچي ويس. هيٺ ويهي رهيو. آواز اڃان به وڌي ويا.
”مون کي بچايو! مون کان پوءِ منهنجي گهر جو ڇا ٿيندو؟“ هن جون اکيون ٻاهر نڪري آيون. ”مان چريو ٿي رهيو آهيان. منهنجو گهر ڪير سنڀاليندو؟ مون کي بچايو!“ ۽ هو زور زور سان رڙيون ڪرڻ پيو چاهي پر هن جو آواز هن جي ساٿ ڏيڻ ۾ ناڪام ويو.