تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڏيئي ڏنڀ ڏڏن

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڏيئي ڏنڀ ڏڏن“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري محقق، تاريخدان ۽ اديب دادا سنڌيءَ جو لکيل آهي. ھن ڪتاب ۾ دنيا جي اھڙن لُٽيرن جو ذڪر ڪيل آھي، جيڪي ”عالمي لُٽيرا“ مڃيا وڃن ٿا. جن پنھنجي حرص ۽ ھوس جو نشانو دنيا جي ھر سرسبز خطي کي بڻايو. پر سنڌ کي ھنن پنھنجي ”پيءُ جي ملڪيت“ سمجھي کيس ڏُڌو! ھنن ڄؤرن وانگر سنڌڙيءَ جو رت چوسيو- ڪن کي پنھنجي ملڪ مان تڙايو ويو ته ھِت اچي آرام ڪيائون، ڪن کي دنيا جي لالچ ٿي، ته ھتان اچي اُٺ ۽ جھاز ڀريائون، ڪنھن کي ڌيءُ جو ڏاج گھربو ھو ته ھتان اچي اھو فرض پورو ڪيائين، ته ڪنھن کي وري پنھنجي بادشاھت کُٽل نظر آئي سنڌ کي قبضي ۾ آڻي، ان کي وسيع ڪيو.
  • 4.5/5.0
  • 4497
  • 980
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڏيئي ڏنڀ ڏڏن

سڪندر مقدوني (324 ق- م)

موٽي مڱڻھار، شال نه اچين ڪڏھن
اٺئي پھر اجل جو، ڪنڊو منجھ ڪپار،
جھ تو سڀ ڄمار، ھنيا ڇٽ پٽن تي.
(شاھ رحه)

اوائلي زماني ۾، سڪندر جو ھي حملو خالص جنوني نوعيت جو ھو.. سنڌواسين جي زندگي زھر ڪئي ويئي. سندن مال ملڪيت لُٽي ويئي. کين بي دريغ تلوار جي منھن مان ڪڍيو ويو. حرص ۽ ھوس سببان، لکين انسانن کي بي درديءَ سان ڪُٺو ويو. سانگلا جي جنگ ۾، ستر ھزار سنڌي قتل ڪيا ويا. ملتان جي جنگ ۾، اڌ لک سنڌين کي ماريو ويو. سامبس جي شڪست بعد، اسي ھزار ماڻھو قتل ڪيا ويا. راجا سامبس ۽ سندس لشڪر جي سپاھين جا لاش وڻن سان لٽڪايا ويا. لسٻيلي جي ڇھن ھزارن رھاڪن کي قتل ڪيو ويو. اروڙ ۾ برھمڻن کي قتل ڪرائي، سندن لاشن کي رستي جي ٻنھي پاسن کان لٽڪائي ڇڏيو، جن کي ڳِجھون پٽي کائڻ لڳيون.


تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 99




مملڪت جي توسيع،دنيا ۽ دولت جو حرص ۽ ھوس اھڙا اوڳڻ آھن جن انسانيت جي مٽي پليد ڪئي آھي. ذاتي مفادن لاءِ، ھو جاھ و جلال جا پُتلا حاڪم، ڪمزورن جي آزادي ناس ڪري، پراون ملڪن تي قبضو ڄمائي، انھن کي ذاتي غرض لاءِ غلام بڻائي، ھيڻن جا حَق کسي، سندن زندھ رھڻ جي آرزو کي دفن ڪري ڇڏيندا آھن. دنيا جي تاريخ ۾، اھڙن متعدد ظالم شھنشاھن، جابر فاتحن ۽ جنگجو حاڪمن جا مثال عام ملندا، جن پنھنجي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ ڪروڙن بي گناھ انسانن جي خون سان بَر ۽ بحر کي لاله زار ڪري ڇڏيو ۽ معصوم عورتن ۽ ٻارن کي، پنھنجي نيزن جي نؤڪن سان، چيري ڦاڙي، پنھنجي وحشي ڪارنامن کي، تقويت پھچائي. اھڙن درندھ صفت، جابر حاڪمن ۽ جنگجو فاتحن مان سڪندر مقدونيءَ جو نالو به ھڪ آھي، جنھن دنيا کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسي 323 ق- م کان 333 ق- م تائين ايران، شام، ھند، سنڌ ۽ مصر کي تلف ۽ تاراج ڪري، لکين انسانن جو خون وھائي، پنھنجو خزانو ڀريو.
سڪندر جي پيءُ جو نالو فيلقوس ھو ۽ سندس ماءُ جو نالو اولمپياس ھو. ھو 302 ق- م ۾ پئدا ٿيو. جڏھن ڄائو تڏھن سندس ماءُ، ھنجي ذھن ۾، ھي اثر وھارڻ جي ڪوشش ڪئي ته، ھو ھڪ ڏينھن يونان جو حاڪم ٿيندو. (سؤ بڙي آدمي- مولوي عبدالمجيد سالڪ ص 49) کيس والد دنيا جي عظيم فلاسافر، ارسطو وٽ تعليم پرائڻ لاءِ وھاريو ۽ کيس طب سيکارڻ لاءِ چيو، مگر ھن جي والدھ، استاد کي سياست ۽ ملٽري جا راز ۽ اصول سيکارڻ جو حڪم ڪيو. ھڪ دفعي بادشاھ فيلقوس ھن کي قبائلي شورش کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ سان وٺي ويو، جتي ھن ڏاڍي بھادري ڏيکاري. ان ڪري ئي والد کيس پنھنجو نائب مقرر ڪيو. شاھي مُھر به، ھن وٽ رھڻ لڳي ۽ بادشاھ جي غير موجودگيءَ ۾، ھو ڪل مختيار ھو. ھو ڍل به وصول ڪري سگھندو ھو. 18 ورھين جي عمر ۾، ھن شيرونيه جي جنگ ۾، ھڪ دستي جي اڳواڻي ڪندي، دشمن کي شڪست ڏيئي فتح حاصل ڪئي. (سڪندر کي مان- سياره ڊائجسٽ مئي 1975ع)
سڪندر ھوشيار جرنيل، قابل حڪمران ۽ اعليٰ منتظم ھو. گھوڙي سواري ۽ جنگي ھنرن ۾ ماھر ھو. ھن دور ۾، ايرانين جي ڪاھن ڪري، يونان جي رياست ڪمزور ٿي پيئي. يونان ۾ اٿينز، اسپارٽا ۽ ٿيبس ٽي رياستون ٿي پيون. سڪندر جي پيءُ پنھنجي نيم وحشي ۽ تازھ دم مقدوني لشڪر سان، ايرانين کان، انتقام وٺڻ ۽ يونان کي متحد ڪرڻ لاءِ، سانباھا ڪيا ته، اوچتو 337 ق- م ۾ ھڪ شاھي محفل ۾ قتل ٿي ويو. مقدونيا جي جرنيلن ۽ فوجي آفيسرن، سڪندر کي تخت تي وھاريو. ھن پاڻ کي ”سڪندر اعظم“ سڏايو ۽ قوم کي خطاب ڪندي چيو ته: ”ھڪ ڏينھن اوھان کي، ايشيا جي حڪمران قوم بڻجڻو آھي.“ ھن جي مرضي ٿي ته، سندس نالو تاريخ ۾، سُميري قوم ۽ ايران جي مشھور شھنشاھ سائرس وانگر چمڪي. ان ڪري، ھن پھرئين يونان جي ڀرسان، ننڍين ننڍين رياستن کي تابع ڪري، درياءِ- ڊينيوب تائين، حڪومت جون واڳون وڌايون. 323 ق- م ۾ ھن يونان جي فسادن کي مِٽائي، کين اتحاد ۾ آڻي، ايراني شھنشاھت جي ايشيائي مقبوضات تي ڪاھ ڪئي. ايشيائي ڪوچڪ فتح ڪرڻ کان پوءِ، شام جي سرحد تي، اسوس وٽ، دارا ثالث، سندس 45 ھزار لشڪر جو 3 لک فوجن سان مقابلو ڪيو پر شڪست کاڌائين، ھاڻي ھن لاءِ شام، فلسطين ۽ مصر جا در کُلي پيا. ھن صور تي ستن مھينن جي گھيري کانپوءِ، قبضو ڪري بابل، سوسا، اصخار ۽ ايڪبينانا کي فتح ڪري، صدين جا گڏ ڪيل خزانا لُٽي بي شمار قيدين کي، ڀرتي ڪري ڪرمانيا، پارٿيا، ميڊيا، آرمينيا، ھوڪينيا، گيدروشيا، ايريا، آرچوسيا، بئڪٽيرينيا ۽ افغانستان کي قبضي ۾ آندو. ھاڻي ھو، پاڻ کي ايران جو شھنشاھ سڏائڻ لڳو. ھن ھندوستان تي ڪابل ۽ سوات جي رستن کان ڪاھ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. (سؤ بڙي آدمي- عبدالمجيد سالڪ ص 49) خصوصاً سنڌ سندس نظر ۾ ھئي.
ھن ۾ ڪو شڪ نه آھي ته، سڪندر کي سنڌ جي خوشحاليءَ جي پوري خبر ھئي. سڪندر کان ٻه ٽي صديون اڳ سنڌ جو واپار، ايشيا توڙي اولھ جي ڪيترن ملڪن سان ھلندڙ ھو. ان وقت سنڌ مان لوھ، ٽامو، املھ ماڻڪ، سون ۽ مور، سوسا ويندا ھئا. ھن کان 4- 5 صديون اڳ، ايران جي بادشاھ دارا اعظم، سنڌ تي قبضو ڪري ان کي ايراني سلطنت جو حصو بڻايو ھو. ھنن ڏينھن ۾، سنڌ کي ”سون جو گھَر“ سڏيو ويندو ھو. ھن کي سنڌ مان ساليانو ڏھن لَکن پائونڊن جي ڍل، سون جي صورت ۾ ملندي ھئي. جڏھن سڪندر ايڪبتانا، سوسا ۽ بابل تي قبضو ڪيو، تڏھن اتان جا خزانا، ھن سون سان ڀريل ڏٺا ۽ اھو سارو نج سنڌي سون ھو. (سنڌ جو ماضي ۽ تجارتي عروج- گل حسن لغاري سه ماھي مھراڻ 1- 1975ع) اھي ڳالھيون خيال ۾ رکي، سڪندر، اول پنھنجا ايلچي سنڌ موڪليا، جن ۾ ھيروڊوٽس جو نالو قابلِ ذڪر آھي. ھن سنڌ لاءِ ھڪ مفصل رپورٽ پيش ڪئي، جنھن ۾ سنڌ جي خوشحالي ۽ سرسبزيءَ جو ذڪر ڪندي، چئي ٿو ته، ”سنڌ جي ٻي شئي ته پنھنجي جاءِ تي پر، ھتان جي واريءَ ۾ سون موجود آھي، جيڪو سنڌي واريءَ مان ڪڍندا آھن. ان کان پوءِ نيرڪوس سنڌونديءَ جي سروي ڪرڻ آيو. اوني سيڪر ٽيوس کي، جھازن جي رستي سان، سنڌ جا حالات معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. ارسطو بيولس ھڪ جاگرافي دان به ھت آيو ۽ سنڌ جي مڪمل سروي ڪري، ھڪ جامع رپورٽ پاڻ سان کڻي ويو. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 42) ھنن سڀني رپورٽن ۾، يوناني ايلچين سنڌ جي معيشيت جو ڪثرت سان ذڪر ڪري، يونانين کي اچرج ۾ وجھي ڇڏيو. انھن لکيو آھي ته سنڌ ھڪ عجيب ۽ غريب ملڪ آھي، جنھن ۾ دلچسپ مخلوق، جانور، قِسمين قِسمين زھري جڙي ٻوٽيون، سون ۽ جواھر بي انت آھن. سنڌ جي مصري بلور وانگر شفاف آھي ۽ چٻاڙڻ ۾، ماکي ۽ انجيرن کان به مٺي آھي. زمين نھايت زرخيز آھي. جوئر ۽ چانورن جي پوک اونھاري ۾، ۽ سياري ۾ جَون جي پوک ٿيندي آھي. ڪمند جي رس مان مکين کان سواءِ ماکي ٺاھي ويندي آھي. ھتان جي ڪپھ پشم کان به نرم آھي. جھنگلي جانورن ۾ ھاٿي، باندر ۽ نانگ آھن. سنڌي سونين ٿالھين ۾، ڀاڄي ۽ چانور وجھي کائين ٿا. سنڌي جنگ جي وقت، ھاٿين کي سون ۽ چانديءَ جي پالڪين سان سينگاريندا آھن. ھِت سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو، عطر، مصالحا، ريشم، خوشبودار شيون، سچا موتي ۽ جواھرات جام آھن. (تمدن سنڌ- مولائي شيدائي- ص نمبر 99) ان دور ۾ گڏيل ھندوستان جو وڏي ۾ وڏو تجارتي بندر ڀنڀور ھو، جنھن کي يوناني مؤرخن باريڪان چيو آھي. ان بندر جو مصر جي شھر، اسڪندريه جي معرفت روسي سلطنت سان واپار ھلندو ھو. تصويرن وارو فلئڪس مان ٺھيل ڪپڙو، زمرد، ياقوت، مرجان، سارجيت، لوبان، شيشو، شيشي جو سامان، سون ۽ چانديءَ جا برتن درآمدي سامان ھو ۽ برآمد ۾ لاجورو، نير، رنگ، ڪپھ، ريشمي ڪپڙو، کَلون، گُگر، کونئر، گِھ ۽ عطر ھو. ان کانسواءِ عنبير، مُشڪ، کاڌي لاءِ ڪي ھندوستاني جانور، جسم کي لڳائڻ جون دوائون، طوطا، ڀولا، شينھن، ھڪ سِڱ وارو دريائي گھوڙو، سِپ، عاج، مصالحا ۽ دوائون، سرڪي جو گاھ، کنڊ ۽ چانور، جوئر، پتل، شيھو، لوھ، ٽامو ۽ قيمتي پٿر روم، ٿٻيٽ، چين وغيره ويندا ھئا. ھن واپار ڪري سنڌ ۽ ھنڌ کي ساليانو 55000000 سيسر ٽن سون ملندو ھو.(محمد حسين پنھور- سه ماھي مھراڻ 1- 1981ع) ھن بندر جي ايڏي ڪمائيءَ جو يوناني مؤرخ پلني دي ايلڊر ذڪر ڪيو آھي. 2301 ق- م ۾، ھڪ يوناني حڪيم ڪٽسياسيد ايران مان موٽندي، مھراڻ جا ڪي تحفا، باندر، نير ۽ سوٽي ڪپڙو پاڻ سان يونان آندا، جنکي ڏسي يونانين کي مشرقي ملڪن کي ڦُرڻ جو شوق ٿيو. خاص ڪري سڪندر ھنن رپورٽن کي پڙھي ۽ سنڌ جي اميريءَ جو ٻڌي، مٿس ڪاھ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ھن کي خبر ھئي ته سنڌي مُئي مارائي سنڌ نه ڏيندا، انڪري ھن پنھنجي عسڪري قوت کي مضبوط ڪيو. سڪندر پنھنجي لشڪر ۾ بلقاني، ٿريس، فنيقي ۽ توراني سپاھي گڏ ڪري ھڪ لک ويھ ھزار پيادا ۽ 15 ھزار گھوڙيسوار تيار ڪري، سنڌ ڏانھن روانو ٿيو.
انھن ڏينھن ۾، سنڌ آزاد ۽ خودمختيار مُلڪ ھو. ھتان جا مُک قبيلا خودمختيار ھئا. ھِت عوامي جمھوري سرشتو (Welfare State) رائج ھو، ۽ حڪومتي نظام اسپارٽا جي جمھوريت وانگر نمائندگي يا اٿينس جي نظام وانگر سِڌي جمھوريت جي بنيادن تي بيٺل ھو. (ايڇ- ٽي لئمبرڪ- سنڌ- ھڪ عام جائزو) اسپارٽيا جيان، ھِت به بچاءَ وارين فوجن لاءِ گڏيل کاڌي جو رواج ھو ۽ لشڪر لاءِ باقاعدي Riess ٺھيل ھئا. ھت فوجي حڪمت عملي جي اٽڪلن واري نظرئي کي ”ڏوھارين جي حرڪت“ چئبو ھو.
ان وقت سنڌ ھيٺين صوبائي ۽ خود مختيار حڪومتن ۾ ورھايل ھئي. پھريون صوبو اروڙ ھو، جنھن کي سوگڊي چوندا ھئا، جنھنجو حاڪم موسيڪاموس ھو ۽ ھن جي قوم کي موزيڪائي چئبو ھو. ھو سورج ونسي راجائن مان، راجا بليڪا جي پٽن مان ھو. سندس حڪومت سنڌ سما سڏبي ھئي، جنھنجون حدون رابلستان تائين ھيون. ھنجي حڪومت درياءَ جي کاٻي پاسي ڪناري تي اُچ کان وٺي بھاولپور، رحيم يار خان، سکر، خيرپور ۽ نواب شاھ ضلعن ۾ ھئي. (محمد حسين پنھور- سه ماھي مھراڻ 1- 1981ع) اروڙ، ان وقت تمام شاھوڪار ۽ سرسبز علائقو ھو، جتي ھر قسم جي پيداوار جھجھي انداز ۾ ھوندي ھئي. ھتان جا ماڻھو صحتمند، گھڻو جيئندڙ ۽ سٺن عادتن وارا ھئا. حڪومت رڳو ڏوھن ڏانھن ڌيان ڏيندي ھئي، باقي ٻيا ڏي وٺ جا مسئلا ۽ امن امان جو ذميواريون، عوام جي ھٿ ۾ ھيون. شھر، محلاتن ۽ باغن سان ڀرپور ھو. ماڻھو ڏاڍا بھادر ۽ بي ڊپا ڪاريگر ھئا. (پراچين سنڌ- دوارڪا پرشاد- ص نمبر 103) عوام کي کاڌ خوراڪ ۽ ٻين گھرجن لاءِ خرچ پکو سرڪار پاران ملندو ھو. ھتي سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون ھيون. ٻيو صوبو سيوھڻ ھو، جنھن کي سنڊيمن سڏيو ويندو ھو، جتي سمبس قبيلي جا ماڻھو رھندا ھئا. ھتان جو حاڪم سامبوس ھو. ھي صوبو لاڙڪاڻي، دادو ۽ سيوھڻ تائين ڦھليل ھو. ھتان جو عوام آزاد ۽ خود مختيار ھو. ماڻھو آزاديءَ جا ڪوڏيا ھئا ۽ ھر فيصلو عوام گڏجي ڪندو ھو. ٽيون صوبو پاتل ھو، جيڪو لاڙ واري علائقي تي مشتمل ھو. ھتان جو صدر مقام پٽالا (حيدرآباد) ھو ۽ حڪومت سانگھڙ، ميرپور خاص، بدين ۽ حيدرآباد ضلعن تائين ھئي. ھتان جو راجا موئرس يا موريا خاندان مان ھو. سندس نالو موڪريس ھو. ھت سوگدائي قبيلي جو راڄ ھو. ھي صوبو به خود مختيار ھو ۽ ان جو سياسي نظام اسپارٽا جھڙو ھو. حڪومت جو انتظام، سندن وڏن آزمودگار ماڻھن جي ھٿ ۾ ھو. ميدان جنگ ۾، ھنن جي نمائندگي ٻن گھراڻن جا سورما گڏجي ڪندا ھئا. چوٿون صوبو، بيمباڪتا ھو، جيڪو ڪراچي ۽ لسٻيلي تي مشتمل ھو، ھت اورتان نالي، قوم رھندي ھئي. ھن قبيلي جو، حڪومتي نظام به جمھوري ھو. ھن صوبي کي اوريٽاءِ به چئبو ھو. پنجون صوبو سمانگر ھو، جنھن کي اريٽي چئبو ھو. ھت سما ذات رھندي ھئي. ھتان جي حڪومت ٺٽي، سجاول ۽ ڪوھستان وارن علائقن تائين ڦھليل ھئي. ھتان جو راجا سامبس ھو، جيڪو يادونسي راجائن مان ھو. ھنن صوبن کان سواءِ مئلوئي جي حڪومت ھئي، جا شرڪوٽ ۽ ساھيوال کان وٺي ملتان ۽ اُچ تائين ھئي. آڪسيڪئنس جي ڪنڌڪوٽ کان وٺي درياءَ جي ساڄي ھٿ تي جيڪب آباد، شڪارپور، سبي ۽ ڪڇي ضلعن ۾ ھئي. (تاريخ سنڌ- ايڇ- ٽي لئمبرڪ ۽ سماھي مھراڻ 1981ع ۽ روزانه مھراڻ سالگرھ نمبر 1959ع) ھي شھر، صوبا ۽ حڪومتون، جيتوڻيڪ خود مختيار ھئا، مگر مجموئي طور، ھنن سڀني ۾ ھڪ خاص مخفي اثر موجود ھو، جيڪو ڌارين جي مقابلي لاءِ، ماڻھن جي ارادي کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪندو ھو. اھو اثر ھتان جي عوام ۾ فطري ھو. ھو پنھنجي جنم ڀوميءَ کي بچائڻ لاءِ، ان جي دشمن کي ختم ڪرڻ کي پنھنجي جان کان مقدم ۽ برتر سمجھندا ھئا. اھوئي جذبو ۽ اثر ھو، جنھن ھر غنيم کي ھتان تَڙي ڪڍيو.
سڪندر ڪابل ۽ سوات جي رستن کان ٿي پنجاب ۾ آيو. پنجاب تن ڏينھن ۾، ننڍين آريائي رياستن ۾ ورھايل ھو. اھي راجائون پاڻ ۾ برسر پيڪار ھئا. منجھانئن ڪن، سڪندر جو طرف وٺي، آڻ مڃي. پنجاب جي سڀني ھندو راجائن، جيڪي ڪابل ۽ راوي نديءَ جي وچ ۾ حڪومت ڪندا ھئا، جھڙوڪ: يوروا، ڪامبو جاءِ ڪاٺي، مالي ۽ شيوي، تن کي ياونا فاتح سڪندر اڳيان آڻ مڃڻي پيئي. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 102) اٽڪوٽ ٽـئڪسيلا جي راجا امڀي، لکين روپين جي تحفن سان سندس خدمت ۾ اطاعت جا گل پيش ڪيا. ان کان پوءِ، ھيءُ عظيم ڌاڙيل ملتان ۾ آيو، جو سنڌ جو ئي ھڪ حصو ھو ۽ ان جي گاديءَ جو ھنڌ سنگھارا ھو. جتي راجا ڪورو پورس حڪومت ڪندو ھو. سندس عوام ۽ فوج ۾ سنڌي کترين جو تعداد گھڻو ھو. ان ڪري پورس کي سڪندر جي اطاعت ڪرڻ جي جرئت نه ٿي ۽ ھو ساڻس سامھون ٿيو. ھن جي لشڪر ۾ ھڪ لک 35 ھزار سپاھي ھئا، جن ۾ ديسي سپاھي به گھڻا ھئا ۽ پورس جي فوج ۾ 30 ھزار پيادا، گھوڙيسوار ۽ ھاٿي ھئا. سنڌي کترين پنھنجي تاريخي روايتن ۽ سنڌ جي شان کي بلند رکڻ لاءِ سڪندر جي عظيم لشڪر سان، ھن پھرين ملھ ڪئي، پر راويءَ جي اڀيسار راجائن جي غداريءَ ڪري ھنن کي شڪست ملي. ليڪن تاريخ ۾ ھنن پنھنجو نالو سوڍي ۽ سورمن ۾ لکرايو. يوناني لشڪر کي اھڙا ته ٽوٽا چٻايائون جو، مؤرخن کي چوڻو پيو ته ھو بھادر ۽ دلير ھئا. يوناني مؤرخن سندن بھادريءَ جو نقشو ھن طرح چِٽيو آھي. ”پورس جا ماڻھو به ترارون ۽ ھڪڙي ڍال کڻي وڙھن ٿا. سندن ڪمان ماڻھن جي قد جيڏي ھئي. تير اڇلائڻ مھل ڪمان کي پَٽ تي بيھاري، ھو پنھنجي کاٻي لَت جي زور سان، ڪمان جي تار کي، پوئتي ڇِڪي تير ھڻندا ھئا. سندن تير چار فوٽ ڊگھا ھئا، جيڪي ڪيتري به مضبوط ڍال مان لنگھي پار ٿي ويندا ھئا. پنھنجي کاٻي ھٿ ۾ ھو، چمڙي مان ٺھيل ڊگھي پر سوڙھي ڍال کڻندا ھئا. ٻيا تلوار باز ھئا، جن جون تلوارون ساڍا چار فوٽ ڊگھيون ھيون. ھو ٻنھي ھٿن سان ترار ھڻندا ھئا ته جيئن زورائتو ۽ اثرائتو ڌڪ لڳي. پورس جي پيادي فوج مان، جتي ھڪ ٿي مئو ته سڪندر جي پنجن ماڻھن جو سِر ٿي کنيائين. (ھلال پاڪستان مئگزين- جنوري 1983ع غلام دستگير ڀٽي) سڪندر کي ھِت وڏو مقابلو ڪرڻو پيو. ھن سنڌ کي اَڪ جي ماکي ٿي سمجھيو، پر ھت وِھ جو ڍُڪ ڀرڻو ھو. ھن مجبورن پورس کي راجا تسليم ڪيو. مشھور مؤرخ پليو ٽارچ لکي ٿو ته: ”پورس خلاف وڙھندي، سڪندري فوجون پست ھمت ٿي پيون. کين جڏھن دشمن جي صرف اسي ھزار پيادن ۽ ٻن ھزار سوارن کي، کي شڪست ڏيڻ لاءِ به کين ايڏي موتمار مقابلي کي منھن ڏيڻو پيو ھو، تڏھن سڪندر مجبور ٿي پيو، ويتر جو کيس تِير لڳو، تنھن ته سندس جيئڻ ئي حرام ڪري ڇڏيو. دراصل ھِت کيس شڪست ملي ھئي. جيئن مشھور مؤرخ رابن لين فاڪس لکي ٿو ته، ”ھندوستاني مؤرخن جو خيال آھي ته، پورس سڪندر کي ماري مڃايو ھوندو. ان ڪري سڪندر کيس اعزاز ڏنو ھوندو.“ (ھلال پاڪستان مئگزين- جنوري 1983ع غلام دستگير ڀٽي) بھرحال ملتان جي جنگ ۾ اٽڪل اڌ لک سنڌي شھيد ٿي ويا. (سنڌ جي چار ھزار ساله تاريخ. روزانه مھراڻ سالگره 1959ع)
ملتان کان پوءِ، سڪندر بھار جي مند ۾ اروڙ ۾ داخل ٿيو. ھن پنھنجو حشر ملتان ۾ سنڌي سوڍن سان وڙھندي ڏٺو ھو، ان ڪري اروڙ ۾ گھڙڻ کان اڳ، پنھنجي لشڪر مان مکيه سپھ سالارن، پھلوانن ۽ قابل جوڌن جي چونڊ ڪري، سڀني کي پاڻ سان ملائي، ھڪ لک کان وڌيڪ يوناني ويڙھاڪ تيار ڪري اروڙ تي حمله آور ٿيو. ھتان جي راجا اول ته آڻ مڃي، ان ڪري يونانين ھت فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي ته جيئن ڪا مقامي بغاوت ٿئي ته ان کي چِٿي ڇڏجي. جڏھن سڪندر ڪجھ ماڻھو ڇانوڻيءَ ۾ ڇڏي، سنڌ جي ٻين شھرن کي فتح ڪرڻ لاءِ ويو پٺيان اروڙ جي راجا موسيڪاموس عوامي نمائندن جي گڏجاڻي سڏائي، اھا رِٿ پيش ڪئي ته پرڏيھي پرمارن خلاف جنگ جوٽڻ گھرجي ۽ کين پنھنجي علائقن ۾ ڇانوڻيون يا شھر اڏڻ ۽ مقامي ماڻھن خلاف، سازش ڪرڻ جي کليل ڇوٽ نه ڏجي. نيٺ فيصلو ٿيو ته، يوناني فوجي ڇانوڻي جي پاڙ پٽي وڃي ۽ پوءِ يوناني ڇانوڻيءَ تي حملو ڪيو ويو. يوناني پھريدار ماريا ويا ۽ ڪجھ ماڻھو جان بچائي وڃي سڪندر سان مليا. اھا ڳالھ ٻڌي سڪندر واپس اروڙ موٽي آيو. بس مڙس باھ ٿي آيو. اچڻ سان ڳوٺن ۽ شھرن کي باھيون ڏنائين. موسيڪاموس جي سِسي ڌڙ کان ڌار ڪئي ويئي، اسي ھزار ماڻھن کي قتل ڪيو ويو ۽ سندن عيوضين کي گرفتار ڪري ڦاھي تي چاڙھيو ويو. سڀني برھمڻن جو سِسيون لھرائي انھن کي ڳِجھن جو کاڄ ڪيائون. سنڌ ۾ سوين برھمڻ قتل ٿي ويا. (سنڌ گزيٽيئر ص 85) ان وقت به سنڌي سوڍن نھايت بھادريءَ سان مقابلو ڪيو. يوناني مورخ لکن ٿا ته، مقامي ماڻھو، ھٿيارن ۾ بلڪل کُٽل ھئا پر تنھن ھوندي به زبردست دليريءَ جو مظاھرو ڪندي، پنھنجي وطن لاءِ سِر گھوريندا رھيا. (ھلال پاڪستان مئگزين- جنوري 1983ع غلام دستگير ڀٽيءَ جو مضمون)
اروڙ کانپوءِ ھو، سنڌو درياءَ جي اولھ طرف، پورٽوگام تي چڙھائي ڪري ويو. ھي شھر لاڙڪاڻي کان، ڏھ ميل پري ھو ۽ منجھس وڏيون وڏيون عمارتون ھيون. ھن شھر کي ڦُري جاين کي تباھ ڪري، سيوھڻ (سنڊيمن) ڏانھن وڌيو. ھتان جي شھر واسين سڪندر سان زبردست مقابلو ڪيو ۽ سندس فوج جو ڳپل حصو ماري وڌو. يونانين جو ھڪ سردار پتولومي، زخمي ٿي پيو. جڏھن سيوھڻ جا سردار گرفتار ٿي، سڪندر واٽ آيا تڏھن ھنن کيس چيو ته: ”اسين ڊيونيس کان وٺي، اڄ تائين خودمختيار رھيا آھيون، ان ڪري جنگ کي اطاعت تي فوقيت ڏيندا آھيون. “ (سنڌ ھڪ تاريخي جائزو- ايڇ ٽي لئمبرڪ) اھو ٻڌي سڪندر آپي کان ٻاھر نڪري ويو. ھن عام ڪوس جو حڪم ڏنو ۽ اک ڇنڀ ۾ ھزارين ماڻھو بي گناھ ڪُسجي ويا. اتان پوءِ ھو پاتال آيو. شھر تي قبضو ڪري، ان کي ويران ڪري ڇڏيائين. ھن مقامي ماڻھن کي تابع ڪرڻ لاءِ پنھنجي فوج جو ڳپل حصو، اتي ڇڏي سمانگر (ٺٽي) روانو ٿيو. ھن جي روانگيءَ کان پوءِ، پٽالا جي ماڻھن يوناني فوج کي شھر مان تڙي ڪڍيو ۽ ھو شھر ٻاھران، آرماڙ ٺاھي رھڻ لڳا. ٺٽي جو حاڪم ساڻس بھادريءَ سان مقابلو ڪندي مارجي ويو، اتان پوءِ ھو ڪراچي آيو. ھن ھتان جي ماڻھن کي شڪست ڏيئي، اپولوفينس کي گورنر مقرر ڪري مڪران آيو. ھتي سنڌي سيدن ساڻس مقابلو ڪري کيس بابل ڏانھن ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، جتي ھو 333 ق م ۾ مري ويو. (سڪندر جو رستو- خالد محمود- روزانه ھلال پاڪستان جولاءِ 1972ع)
اوائلي زماني ۾، سڪندر جو ھي حملو خاص جنوني نوعيت جو ھو. ھن سنڌ ۾ خون جا درياءَ وھايا. سنڌ واسين جي زندگي زھر ڪئي ويئي. سندن مال ملڪيت لُٽي ويئي، کين بي دريغ، تلوار جي منھن مان ڪڍيو ويو. حرص ۽ ھوس سببان لکين انسانن کي بيدرديءَ سان ڪُٺو ويو. سانگلا جي جنگ ۾ ستر ھزار سنڌي قتل ڪيا ويا. ملتان جي جنگ ۾، اڌ لک سنڌين کي ماريو ويو. سامبس جي شڪست بعد اسي ھزار ماڻھو قتل ڪيا ويا. راجا سامبس ۽ سندس لشڪر جي سپاھين جا لاش وڻن سان لٽڪايا ويا. لسٻيلي جي ڇھن ھزارن رھاڪن کي قتل ڪيو ويو. اروڙ ۾ برھمڻن کي قتل ڪرائي، سندن لاشن کي رستي جي ٻنھي پاسن کان لٽڪائي ڇڏيو، جن کي ڳِجھون پٽي کائڻ لڳيون. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي ص 99)
سنڌين کي ھيءَ سزا صرف ان جي ملي ته، ھو لڪير جا فقير نه بڻيا. ھنن چمچاگيري ۽ چاپلوسي نه ڪئي، ھنن ذلت جي زندگيءَ کان عزت جي موت کي بھتر سمجھيو. سڪندر سنڌي راجائن کي مطيع ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون لالچون ڏنيون پر سنڌين ان کي ٿُڪ ئي نه ھنئي ۽ سڪندر سان خوب چڪريون کاڌيون. ھو ھت ٽي سال رھيو ۽ ھر وقت سنڌين سان مقابلو ڪندو رھيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته، ”سڪندر کي سنڌ ۾ گھڻي مخالفت ڏسڻ ۾ آئي. ھو سنڌ مان جتان به گذريو اتان سندس فوج جو سخت مقابلو ٿيندو رھيو. ھن جي سپاھين جي تلوارن ملتان ۾ گھڻي خونريزي ڪئي ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ ڏاڍو ڪوس ڪيو ۽ ان ريت سڪندر جي دل ٺَرڻ لڳي.“ (سنڌ جي تاريخ- روزانه ھلال پاڪستان 2 مارچ 1975ع) مؤرخ لکن ٿا ته ”اوڀر وارن علائقن مان سنڌي ھر وستي ۽ ھر ڳوٺ ۾، پرڏيھي پرمارن سان ويڙھاند ۾ رُڌل ھئا ۽ ڪنھن به وستيءَ جي ماڻھن آڻ نه مڃي.“ (ھلال پاڪستان مئگزين- جنوري 1983ع) سنڌ واسين جنھن جوانمردي ۽ بھادريءَ سان يونانين سان جنگ ڪئي ۽ حب الوطنيءَ جو مظاھرو ڪيو، ان کي خود يوناني مؤرخن به تسليم ڪيو آھي. سڪندري فوج جو ھڪ عالم ھيرو ڊوٽس لکي ٿو ته، ”سنڌي جنگ جا ڪوڏيا ھئا. وٽن تير ڪمان، رَٿ ۽ جنگي ھاٿي ھئا، سيتاني سنڌين کي ڊگھيون ٽوپيون پاتل ھيون. بلوچستاني سنڌين وٽ پتل ۽ فولاد جا ھٿيار ھئا. سندن پوشاڪ چمڙي جي ھئي. سنڌي جاٽ جا محنتي، سادا، ايماندار، بدن جا مضبوط، قد جا ڊگھا ۽ جنگي جوان ھئا. جنگ جي ميدان ۾، ھو لشڪر جي اڳيان ھاٿين جون قطارون کڙيون ڪندا ھئا، جن جي پٺيان پيادا سپاھي، صِفن ۾ بيھندا ھئا. ساڄي ۽ کاٻي کان، سوارن جا دستا راجا جي حڪم لاءِ انتظار ڪندا ھئا، جنھن جي پالڪي لشڪر جي وچ ۾ ھوندي ھئي. سوارن سان رَٿ به ھوندا ھئا. سنڌي جنگ ڪرڻ وقت، مرڻ ۽ مارڻ کان سواءِ، ميدان ھرگز ڪونه ڇڏيندا ھئا. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي. ص 101) مشھور مؤرخ ايڇ- ٽي- لئمبرڪ سنڌين جي سورھيائيءَ کي ساراھيندي لکي ٿو ته، ”ھن مغرب جي پھرئين ڌاڙيل سان، سنڌين جون ھي طويل خوني جنگيون ظاھر ڪن ٿيون ته، سنڌين اندر آزاديءَ لاءِ وڏو جوش ھو، جيترو عرصو سڪندر سنڌ ۾ رھيو، سڪون گھڙيءَ لاءِ نه مليس ۽ نيٺ ھو سيپٽمبر325 ق م ۾ روانو ٿي ويو.“ (تاريخ سنڌ- ص 212)
سڪندر سنڌ تي ھي حملو صرف ان جي دولت کي لُٽڻ، ڦُرڻ ۽ ملڪيت ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪيو. کيس سنڌ جي زرعي ۽ معدني پئداوارسان گڏ، ان جي واپاري رستن تي به قبضي ڪرڻ جو ارادو ھو. ايچ ٽي لئمبرڪ لکي ٿو ته، ”سڪندر ڪيترن ملڪن جي آزادي سلب ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ جي شاھوڪاري، سرسبزي ۽ ايشيا کنڊ ۾ اُتم ۽ اُپت واري ڌرتي ڄاڻي، سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ اُسھيو. ٻين ڌاڙيلن وانگر ھن به، سنڌي ماڻھن کي مارائي، سندن گھرن ۾ ڪوڏي به نه ڇڏي، جن سندس مقابلو ڪيو، ان ڄڻ مڇريل شينھن کي چيڙايو. ان ڪري ھن سنڌ ۾ اھا ته عظيم ڦُر ڪئي، جيڪا سندس ديوانگي ۽ زرپرستيءَ جي کُليل تصوير آھي. ھِن کي ھتان جيڪي به ھٿ آيو سو يونان موڪليو. چوپايو مال، مور ۽ ڪبوتر به ھتان يونان ويا. ھن سنڌ مان اڻ کٽ خزانا لٽيا. ھن پنھنجي فوج مان ھر ھڪ کي نوازيو. سڪندر سنڌ مان ايترو ته وڏي انداز ۾ سون ھٿ ڪيو، جو پنھنجي ملڪ ۾ سونو سِڪو جاري ڪيائين ۽ ان سِڪي ۾ خالص سون ھو. (سنڌ جو تجارتي عروج- گل حسن لغاري- سه ماھي مھراڻ 1- 1975ع)
دنيا جي ھن عظيم لٽيري، ھتان جي واپار تي قبضي ڪرڻ لاءِ، فوج سان گڏ، پاڻ سان انجنيئرن ۽ واپارين جي ھڪ جماعت آندي ھئي، جن مھراڻ جي ڪپ تي نوان شھر تعمير ڪيا. پٽالا، ڀنڀور ۽ سون مياڻي جي بندرن تي دِڪا ٺھرايا ته جيئن جھازن کي تجارتي مال لاھڻ ۽ چاڙھڻ ۾، سھوليت ٿئي. انھن ڏينھن ۾ پٽالا ۽ ڀنڀور ۾ وڏيون مارڪيٽون ھيون. ھن کي خبر ھئي ته مھراڻ ھڪ اھم تجارتي شاھراھ آھي، جنھنجي ذريعي دنيا جو مال ايراني نار ۽ ڳاڙھي سمنڊ رستي يونان تائين آسانيءَ سان پھچائي سگھبو. ھن نيل جي ڊيلٽا تي، اسڪندريه جو بندر تعمير ڪرايو، جنھن جي رستي ايشيا آفريڪا ۽ يورپ جو مال اچڻ وڃڻ لڳو ۽ اھڙي طرح يونانين سنڌ مان واپار رستي، ايڏو ته ڪمايو، جو روم ڏانھن ويندڙ قافلن جي ماليت 2000000 پائونڊ ساليانو ھوندي ھئي. (مھراڻ تي جھازراني- مولائي شيدائي روزانه مھراڻ سالگرھ نمبر 1961ع) اھڙي طرح سڪندر سنڌ ۾ تجارتي ھڪ ھٽي قائم ڪري، پنھنجي من ماني ڪري بين القوامي سطح تي، دنيا کي لٽندو رھيو.
سڪندر معاشي ۽ اقتصادي ڦُرلٽ سان گڏ، سنڌ ۾ علمي ڦُر به ڪئي. ھن سنڌ مان ڪيترائي قيمتي، نادر ۽ چيده ڪتاب ھٿ ڪيا ۽ انھن کي اسڪندريه جي ڪتب خاني ۾ محفوظ ڪيو- علامه جرجي زيدان لکي ٿو ته، ”سنڌ مان ڪيئي ڪتاب يونان پھتا.“ جن مان يونانين استفادو ڪيو. خاص ڪري سنڌ جو طب آيور ويدڪ مشھور آھي، جنھن يونان ۾ مقبوليت حاصل ڪئي. يونانين سنڌ جي وڏن وڏن شھرن کان ٻاھر گھمي ڦري ڪي ساڌو ويڄ ڏٺا، جن کان مريضن دوائون پئي ورتيون. ھڪ يوناني، پنھنجي ترجمان جي وسيلي ھڪ سنڌي ويڄ کان دوائن جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي. جنھن تان ان ساڌو، ڪروڌ ۾ اچي، يونانين کي کُتو جواب ڏيندي چيو ته، ”يونانين کي پنھنجي ھٿيارن تي گھمنڊ آھي. اوھان ايڏا ڪشالا ڪڍي، جنھن نموني ملڪن کي تباھ ڪندا ٿا رھو، سو توھان کي دوائن جي ڪھڙي ساڃھ! اوھان سان ڳالھائڻ اِئين آھي، جيئن صاف پاڻيءَ کي زمين تي ھارڻ.“ (سنڌ جي طبي تاريخ- ج اول نياز ھمايوني) بھرحال سنڌ جو طب سڪندر جي معرفت يونان پھتو ۽ اتان پوءِ عربن وٽ پھتو. ھڪ عالم لکي ٿو ته ”طب يوناني، سنڌي آيور ويدڪ جو سنئون سڌو نقل آھي. سڪندر جڏھن سنڌ تي ڪاھي آيو، ته ڪيئي يوناني عالم به ساڻس گڏ ھئا، جن ھن علم کي، افضل تصور ڪندي، ھتان جي ويدن يا ويڄن وٽان ان کي حاصل ڪيو. اھا به حقيقت آھي ته: شرٽ ۽ اچرڪ سنڌي ويڄن جون تصنيفون، سڪندر واري دور ۾، سنڌ ۾ موجود ھيون، جيڪي يونانين ھٿ ڪيون. (ماھوار الحڪيم سيپٽمبر 1926ع) سڪندر ھتان ڪيتريون ئي ديسي دوائون ۽ جڙي ٻوٽيون ۽ معدني دوائون ڦُري لُٽي يونان موڪليون، جن تي ارسطو جي شاگرد ۽ جانشين ٿيو، فرانس توس ڪيئي مضمون ۽ ڪتاب لکيا. سڪندر ھتان ھزارين سنڌي غلام بڻائي يونان وٺي ويو، جتي کانئن ھنر ۽ طبي معلومات ڪئي ويئي. در اصل يونان، جيڪا علمي، فڪري ۽ تمدني ترقي ڪري دنيا ۾ وقار حاصل ڪيو ان ۾ سنڌ جو ئي حصو آھي. ڇاڪاڻ ته اھو سڄو علمي خزانو ھتان ئي يونان ويو ھو.
چون ٿا ته سڪندر سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ جي ھڪ علائقي ۾ ويو، اتي ھڪ درويش، دنيا کان بي خبر پنھنجي جھوپڙيءَ ۾ سمھيل ھو. سڪندر ان کي جاڳائڻ لاءِ لت ھڻي چيو ته ”مان ھن شھر کي فتح ڪيو آھي ۽ تون اھڙي طرح بي فڪر سمھيو پيو آھين.“ ان ماڻھوءَ سڪندر طرف ڏٺو ۽ چيو ته، ”شھر فتح ڪرڻ بادشاھن جو ڪم آھي ۽ لت ھڻڻ گڏھ جو ڪم آھي. ڇا ڪو انسان، دنيا ۾ نه رھيو آھي جو ھڪ گڏھ کي بادشاھت ملي ويئي آھي.“
بھرحال ھي آھي، سڪندر جي حملي جو تفصيلي ذڪر، جنھن سنڌ کي خوب نقصان پھچايو. سندس دولت کي ڦُرڻ، واپاري رستن تي قبضي ڪرڻ، علم، فڪر، فلسفي ۽ حِڪمت کي سنڌين کان کسڻ کان سواءِ، ھتان جي رھاڪن جي، قيمتي جانين سان، جيڪا راند کيڏي، سا سندس وحشانيت ۽ بربريت جي ننگي تصوير آھي. ھي، جاھ و جلال جا بندا حاڪم، حرص ۽ ھوس جا پتلا حاڪم، اقتدار ۽ راڄ بُکيا حاڪم ھوندا آھن. ھنن کي انسانن جي رت وھائڻ مان مزو ايندو آھي. ھو پنھنجي زندگيءَ جو مقصد ۽ متاع حيات به ھن کي سمجھندا آھن. اھڙا حاڪم، انساني معاشري ۽ انسانيت جي مٽي پليد ڪندڙ ھوندا آھن. ھو صرف پنھنجي ذاتي مفاد لاءِ، دنيا ۾ ڳاڙھي رت جا درياءَ وھائي، انسانن کي ڍورن وانگر، غلام بڻائي، پنھنجي انا ۽ خودي ڀر ۾ رکندا آھن. اھڙن ئي حاڪمن لاءِ لطيفؒ چيو آھي ته:
موٽي مڱڻھار، شال نه اچين ڪڏھن،
اٺئي پھر اجل جو، ڪنڊو منجھ ڪپار،
جھ تو سڀ ڄمار، ھنيا ڇٽ پٽن تي.