تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڏيئي ڏنڀ ڏڏن

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڏيئي ڏنڀ ڏڏن“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري محقق، تاريخدان ۽ اديب دادا سنڌيءَ جو لکيل آهي. ھن ڪتاب ۾ دنيا جي اھڙن لُٽيرن جو ذڪر ڪيل آھي، جيڪي ”عالمي لُٽيرا“ مڃيا وڃن ٿا. جن پنھنجي حرص ۽ ھوس جو نشانو دنيا جي ھر سرسبز خطي کي بڻايو. پر سنڌ کي ھنن پنھنجي ”پيءُ جي ملڪيت“ سمجھي کيس ڏُڌو! ھنن ڄؤرن وانگر سنڌڙيءَ جو رت چوسيو- ڪن کي پنھنجي ملڪ مان تڙايو ويو ته ھِت اچي آرام ڪيائون، ڪن کي دنيا جي لالچ ٿي، ته ھتان اچي اُٺ ۽ جھاز ڀريائون، ڪنھن کي ڌيءُ جو ڏاج گھربو ھو ته ھتان اچي اھو فرض پورو ڪيائين، ته ڪنھن کي وري پنھنجي بادشاھت کُٽل نظر آئي سنڌ کي قبضي ۾ آڻي، ان کي وسيع ڪيو.
  • 4.5/5.0
  • 4497
  • 980
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڏيئي ڏنڀ ڏڏن

شجاع الملڪ (1833ع)

شجاع! ويھ مَ سنڌ، اوڏا اڏي نجھرا،
ھتي راوت رند، وتن قلعي ڪوڏئا.
(خليفو نبي بخش رحه)


شجاع الملڪ جا ظلم حد کان وڌي ويا. رعيت مان، جنھن وٽ گھڻي دولت ٻڌندو ھو، ان کان زوريءَ کسي وٺندو ھو. عياشي ۽ بدڪاري ۾ ايترو ته وڌي ويو، جو انھن ٻنھي عيبن جو ذڪر ڪندي منشي عطا محمد لکي ٿو ته: ”جتي به کيس ڪنواري بالغ ڇوڪريءَ جي خبر پوندي ھيس ته زوري ان کي پاڻ وٽ کڻي ايندو ھو ۽ جتي به گھڻي دولت ڪنھن وٽ ڏسندو ھو ته پرواني وانگر اتي پھچي، زوري لُٽي ۽ ڦري ويندو ھو.“ خان الڪوزئي جي مرڻ کان پوءِ ان جي ساري ملڪيت تي قبضو ڪيائين ۽ ضائفائن کي بيڪار بندوقون ڪلھن تي رکي اُس ۾ بيھاريائين. سندس عياشيءَ جو ھي عالم ھو جو جمع خان فوفلزئي جون عورتون سندس خوف کان اُٺن تي چڙھي شڪارپور کان ڀڄي نڪتيون، ته سندس نوڪر نيڪو خان کي انھن جي پٺيان موڪليائين ته ڏسي ته ڪھڙي عورت ڪنواري بالغ ھمبستري لائق آھي. ھو ويو ۽ بيگمان جي وٽ عورتن کي وڃي پھتو. آخر جمع خان جي ڌيءُ، جنھنجو مڱڻو ۽ نڪاح ٿي چڪو ھو، کي زوريءَ کڻي شڪارپور آيو. شاھ ھن سان زوري نڪاح ڪيو.
مولانا اعجازالحق قدوسي
تاريخ سنڌ- جلد 2، ص نمبر 630.


سنڌ سونھاريءَ کي، پيرن فقيرن جي نگري چيو وڃي ٿو. ھيءَ درويشن ۽ صوفين جو مسڪن رھي آھي. انھن بزرگن جي صوفيانه ڪلام ھتان جي رھاڪن کي سادو، سٻاجھو، سلڇڻو ۽ سھڻو، نيڪ ۽ نرم طبع بڻايو آھي. ھنن جي مَن ۾ انساني محبت جو مھراڻ سدائين موجزن رھيو آھي. ھنن وٽ پنھنجن ۽ پراون جو ڪوبه سَنڌو نه آھي. ھو ڌارين کي به پنھنجو سمجھي، دلين ۾ جايون ڏيندا رھيا. اھي ئي خوبيون ۽ خصلتون، ھنن کي ورثي ۾ مليون. جيتوڻيڪ تاريخ شاھد آھي ته انھن پراون سدائين گڏ رھي، سنڌ کي ڦُرڻ جا گھاٽ گھڙيا. پر ھتان جي رھاڪن انھن ھٿان تڪليفون سھندي، وري به ساڳين مصيبت زدن جي مدد ڪرڻ انساني فرض سمجھيو. شاھ شجاع الملڪ به اھڙن خانه بدوش، بي گھر ۽ سُورن جو ستايل فرد ھو، جنھن کي سنڌ جي ميرن گھر ۾ جاءِ ڏني ۽ سندس سُورن کي ونڊيو. پر اُن ئي کين ڏنگيو ۽ وَس آھر، سنڌ کي ڏُھاڳ ڏيڻ ۾ ڪين گھٽايو.
نادر شاھ ايراني، جڏھن دھليءَ تي ڪاھ ڪئي تڏھن سنڌ ۽ ٻيا مھراڻ جي الھندي ڪپ وارا علائقا لکائي ورتا. جڏھن ھو 1740ع ۾ سنڌ تي حملو ڪري آيو، تڏھن سنڌ جو ھڪ حصو قلات جي والي محبت خان جي حوالي ڪيو ۽ شڪارپور جو حصو دائودپوٽن کي ڏنو. جڏھن ھن وفات ڪئي تڏھن احمد شاھ ابدالي تخت تي ويٺو. ھن سنڌ تي ڪاھ ڪري، 1775ع ۾ شڪارپور جي شھر کي ڦُري، ڌار ڪري پنھنجي پاٿاري بڻايو. ان کان پوءِ ھن شھر جي وسيلي، افغان ھر سال پنھنجن پالتو غنڊن ھٿان سنڌ کي ڦُريندا رھيا. اھڙن حڪمرانن مان شجاع الملڪ به ھڪ آھي.
شجاع، احمد شاھ ابداليءَ جو پوٽو ھو. سندس شُجرو ھيءُ آھي: احمد شاھ ابداليءَ مان تيمور شاھ- تيمور شاھ کي ڇھ پُٽ- عباس، فيروز، شجاع، شاھ محمود، زمان شاھ ۽ ھمايون. شجاع زمان شاھ جو سڳو ڀاءُ ھو. جڏھن تيمور شاھ وفات ڪئي، تڏھن سندس عمر 13 سال ھئي. ان کانپوءِ زمان شاھ سندس سنڀال ڪندو ھو. ھر سفر ھو ڀاءُ سان گڏ ھوندو ھو ۽ سندس تنبو ان کان انچ به پري نه ھوندو ھو. جڏن تيمور شاھ 1204ھ ۾ وفات ڪئي، تڏھن ھن جي موت کي مخفي رکيو ويو. جڏھن سڀ شھزادا گڏ ٿيا، تڏھن کين سندن والد جي موت جو ٻڌائي، اميرن ۽ سردارن، زمان شاھ کي تخت تي ويھاريو، جيڪو شاھي حڪم موجب اڳ ۾ ئي وليعھد مقرر ٿي چڪو ھو. عين ان وقت تيمور شاھ جي ھڪ فرزند عباس، زمان شاھ جي مخالفت تي اٿي بيٺو. پر اميرن موقعي تي ئي ھن کي گرفتار ڪري، زمان شاھ کي پڪي طرح تخت تي ويھاريو. ھن بادشاھ ٿيڻ شرط، سڀني ڀائرن کي بالاحصار جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو. ٽن سالن کان پوءِ اوچتو حالتن ڦيرو کاڌو. 1799ع ۾ پگھار نه ملڻ ڪري، قزلباش سپاھين بغاوت ڪئي ۽ شھزادي محمود جو پاسو ورتو. ان کانسواءِ، عين ان وقت زمان شاھ پنھنجي سپھ سالار ۽ وزير پايندھ خان بارڪزئي کان بدگمان ٿي پيو ۽ کيس مارائي ڇڏيائين. اھا حالت ڏسي پايندھ خان جو پٽ فتح خان، شاھ محمود سان وڃي مليو. خيبر جي دڙي وٽ زمان شاھ ۽ شاھ محمود جو زبردست مقابلو ٿيو، جنھن ۾ محمود کي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ زمان شاھ قيد ٿي پيو. محمود شاھ پنھنجي سڳي ڀاءُ، ھمايون جي قصاص ۾ زمان شاھ جون اکيون ڪڍرائي، کيس بالا حصار جي قلعي ۾ قيد تنھا ڪري رکيو.
جنھن وقت ھيءَ جنگ لڳي ۽ زمان شاھ جيل ۾ پيو، تنھن وقت شجاع پشاور ۾ ھو. ھيءَ ڳالھ ٻڌي کيس ڏک ٿيو ۽ ڀاءُ جو بدلي وٺڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيائين. اتي زمان شاھ جو سپھ سالار شير محمد باميزئي به اچي پھتو. ھن شجاع کي بادشاھ بڻائڻ لاءِ خيبر جي افغانن باميزئي ۽ ٻين قبيلن کي پاڻ ۾ ملائي، تخت تي ويھاريو. حافظ شير محمد جي مدد سان، ھن جلال آباد جي ويجھو، محمود جي لشڪر سان جنگ ڪئي، پر ھارايائين. اھا حالت ڏسي، محمود ھڪ وڏو لشڪر وٺي، ڪابل جي ٻاھران، شجاع سان مقابلو ڪيو، پر ھو شڪست کائي قنڌار ڀڄي ويو. شجاع ڪابل ۾، فاتحانه انداز ۾ داخل ٿيو ۽ شير محمد کي محمود جي ڪڍ موڪليائين، جنھن کيس قنڌار ۾ گرفتار ڪري شجاع وٽ پيش ڪيو. ھن زمان شاھ کي قيد مان ڪڍي، اتي محمود کي رکي، پاڻ باقاعدي 1803ع ۾ تخت نشين ٿيو. سڀني افغانن ھن کي پنھنجو بادشاھ، يڪراءِ تسليم ڪري، ساڻس مڪمل تعاون ڪيو. حافظ شير محمد کي، نمڪ حلاليءَ جي صلي ۾، وزير اعظم مقرر ڪري، مختيارالدوله جو لقب ڏنو ۽ زمان شاھ جي رفيقن کي وڏا وڏا عھدا ڏيئي، پاڻ کي مضبوط ڪيائين. (دولت درانيه- رحيم بخش ميمڻ ص نمبر 6)
جڏھن افغانستان ۾، سياسي اڻبڻت زور وٺي وئي ۽ ڪابل ۾ حالتون ٺيڪ ڪين ھيون، تڏھن سنڌ جي ميرن ڍل ڏيڻ بند ڪري ڇڏي. شڪارپور، جيئن ته ڪابل سلطنت سان ڳنڍيل ھو، ان ڪري اتي گورنر به ڪابل سرڪار مقرر ڪندي ھئي ۽ ھر وقت اتي، 17 سون جو دستو ۽ 143 توبون، تيار رھنديون ھيون.
ڪابل ۾ انتظام درست ڪري، شجاع غزني ۽ قنڌار کي فتح ڪيو. ان کانپوءِ، ھن سنڌ ڏانھن رخ رکيو. اھو 1221ھ جو زمانو ھو. سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت ھئي ۽ مير غلام علي خان ٽالپر تخت تي ويٺل ھو. شجاع جو سنڌ ۾ اچڻ جو، مقصد صرف دولت ھٿ ڪرڻ ھو، ڇو ته وٽس لشڪر کي پگھار ڏيڻ لاءِ پئسو ڪونه ھو. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي رح ص 168)
افغانستان جو سمورو خزانو، گھرو لڙاين ڪري ختم ٿي چڪو ھو. منشي عطا محمد لکي ٿو ته: ”شجاع 1221ھ ۾ وڏي شان شوڪت سان، شڪارپور ۾ وارد ٿيو ۽ شاھي باغ ۾ اچي لٿو. سندس مقصد ھو ته، سنڌ جي ميرن کان رھيل ڍل اڳاڙجي. (تاريخ تازه نويٰ ھارڪ ص نمبر 18) ھن شڪارپور ۾ پھچڻ شرط، محمود جي مقرر ڪيل ھندو گورنر سکوسنگھ کي لاھي، نواب مدد خان پوپلزئي کي نئون گورنر مقرر ڪيو ۽ ساري انتظام جو نئين سر جائزو ورتو. مير حاڪم کي جڏھن شجاع جي اچڻ جي خبر پيئي ته، ساڻس مقابلي ڪرڻ لاءِ، پاڻ لشڪر وٺي، لاڙڪاڻي جي قلعي تي توبون چاڙھيون. ايتري ۾ سھراب خان به فوجون وٺي اچي ساڻس مليو. شجاع بلوچي لشڪر جي صف آرائي ڏسي، پنھنجي وزير اعليٰ، شير محمد جي معرفت صلح جون ڳالھيون ڪرڻ شروع ڪيون. حافظ شير محمد جڏھن مير کي، ڍل ڏيڻ لاءِ چيو تڏھن ھن جواب ڏنو ته: ”اُھا ڪُڪڙ ئي مري ويئي. جيڪا سونا آنا ڏيندي ھئي. اھي ڍَلن ڏيڻ وارا به مري ويا ته وٺڻ وارا به گذاري ويا. آئون تابعداري جي ڍل نه ڀريندس، باقي جيڪڏھن جنگ ڪرڻي ھُجيوَ، ته تيار آھيان.“ (سنڌ جو شاھنامو- مير حسن علي خان ٽالپر- ص 85) سنڌ جي حاڪم مير غلام علي جو ھي جواب بي باڪي، بھادري، جرئت ۽ سنڌي سورھيائپ جو زندھ مثال آھي. شجاع کي، ھن تي مَٺيان ته ڏاڍي لڳي پر ڪري ته آخر ڪري ڇا؟ سندس لشڪر خانه جنگي ۾ اڳيئي ختم ٿي چڪو ھو ۽ باقي جيڪو بچيل ھو، سو به ٿڪل، ھيڻو ۽ لاچار ھو. ان ڪري ھن سوچيو ته، اجائي آڪڙ ۽ ڏاڍائپ ڪرڻ مان ڪجھ نه ورندو، ان ڪري ھيٺاھين وٺي، مٺ ۽ محبت سان ڳالھيون شروع ڪيون. آخر گھڻي ڳالھ ٻولھ کانپوءِ، شجاع ميرن کان سترھن لک روپيا وصول ڪيا. شيرازيءَ جو چوڻ آھي ته، ”خراج ٽيھن لکن تائين پھتو، پر ميرن کيس ويھ لک روپيا ڏنا.“ ان کانسواءِ کيس ڪيترائي دستي تحفا ڏيئي روانو ڪيائون. (بحوالہ تاريخ سنڌ- مولانا قدوسي ج 2- ص نمبر 209)
شاھ شجاع الملڪ جو، سنڌ تي ھي پھريون حملو ھو، جيڪو صرف دولت ۽ پئسي ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو. مير غلام علي جھڙو، کيس جواب ڏنو ھو، تھڙو عمل ڪري ھا ته جيڪر ھن غنيم کي ڀڄائي ڪڍي ھا ۽ پئسن ڏيڻ کان بچي وڃي ھا، ڇاڪاڻ ته شجاع جو لشڪر وڙھڻ لائق ڪين ھو، پر ميرن سندس خوشامد ۽ چاپلوسيءَ وارين ڳالھين ۾ اچي، کيس سنڌين جي رتُ سَت جي ڪمائي ڏيئي ڇڏي. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته ”شجاع وڏي لشڪر سان، سڌ تي چڙھي آيو. پرڳڻي جا ماڻھو، ايترا ته ھراس ۾ ڀرجي ويا، جو ڪيترن شھرن ۽ ڳوٺن جا ماڻھو، ٿر جي طرف ڀڄي ويا. شجاع جا حافظ شير محمد کي، معاملي کي دوستانه طرح طئه ڪرڻ لاءِ موڪليو. ٺاھ موجب ميرن ڏھ لک بروقت ادا ڪيا ۽ آئيندي پنج لک ساليانو خراج ادا ڪرڻ جو انجام ڪيو.“ (تاريخ سنڌ- انگريزي ص نمبر 209)
شجاع جي ھِن پھرين ڪاھ، سنڌ ۾ افراتفري مچائي. سندس لشڪر بيٺل فصل کي تباھ ڪري ڇڏيو ۽ جيڪو اَن ڪڻو ھو، سو به ميڙي سيڙي کڻي ويو. ان ڪري سنڌ ۾ ڪافي ڏُڪر پيو. ڏُڪار جا ستايل، سنڌ ۾ ٽن چئن روپين تي، پنھنجا ٻار وڪڻڻ لڳا. ان زماني ۾، في رپئي ڇھ سير جوئر ۽ ٻاجھري وڪامجڻ لڳي. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 618) اھڙي طرح شجاع جي ھن ڪاھ سنڌ جي عوام کي ڏاڍو متاثر ڪيو. جيتوڻيڪ ميرن ڍَل ڏيئي، سندس مطالبو پورو ڪيو، پر ھِن انسان دشمن کي. شايد سنڌ واسين کي ستائڻ مان مزو ٿي آيو.
سنڌ مان ھي ڦرلٽ جو مال اڳاڙي، ھو ديري غازي خان رستي، ڪابل ويو ۽ اتي نھايت سڪون ۽ آرام سان حڪومت ھلائڻ لڳو. سنڌ جي مال مان ھن پنھنجو گھر به ٺاھيو ۽ فوجين کي به ورسايو. ھر ھڪ سپاھيءَ کي انعام اڪرام سان نوازي، سندن دل خوش ڪري، افغانستان ۾ اطمينان سان زندگي گذارڻ لڳو. جڏھن کيس خزانو به گھڻو مليو ۽ لشڪر به راضي ٿيو، تڏھن ھن، پنھنجي مملڪت کي وڌائڻ شروع ڪيو. ان لاءِ ھن 1125ھ مطابق 1810ع ۾، پنھنجي وزير اعظم شير محمد کي ڪشمير تي چاڙھي موڪليو، جيڪو ان وقت محمود شاھ جي طرفدار عبدالله الڪوزئي جي ھٿ ۾ ھو ۽ شجاع صاحب پاڻ وري، ڪجھ مال ھٿ ڪرڻ لاءِ سنڌ ڏانھن روانو ٿيو، ته جيئن ڏوڪڙ ھٿ ڪري، ڪشمير ۾ وڙھندڙ فوج جي رسد جو انتظام ڪري سگھي. ھو ساڳئي سال پشاور کان ٿيندو، سنڌ ۾ آيو ۽ شڪارپور ۾ اچي لٿو. ميرن سندس ٻيھر خاطر تواضح ۽ فرمانبرداري ڪئي ۽ ڍل جا اٽڪل ويھ لک روپيا ۽ ان کانسواءِ بيش بھا ۽ قيمتي تحفا؛ سندس خدمت ۾ پيش ڪيا، ۽ ميرن جو خاص مشير، نواب ولي محمد خان لغاري خراج جي ادا ڪرڻ تائين بطور يرغمال ديري غازي خان تائين شجاع سان گڏ ويو ۽ بعد ۾ واپس موٽي آيو. (تاريخ تازھ نوائي معارڪ ص نمبر 19) جتان شجاع الملڪ پشاور روانو ٿي ويو. اتي کيس خبر پيئي ته شير محمد، ڪشمير فتح ڪري ڪابل پھتو آھي، ۽ شير محمد کي پتو پيو ته اتان جي ھڪ وڏي عالم مير واعظ کي شجاع قتل ڪرايو آھي، ان ڪري شير محمد، زمان شاھ جي پٽ، قيصر کي ساڻ ڪري، شجاع خلاف محاذ کڙو ڪيو. ھو وڏو لشڪر وٺي ڪابل کان پشاور آيو، جتي شجاع ۽ ان جي وچ ۾ وڏي جنگ لڳي، جنھن ۾ شير محمد خان کي شڪست ڏيئي کيس قتل ڪري ڇڏيائين. ايتري ۾ وزير فتح خان، محمود شاھ کي ٻيھر تخت تي وھاريو. جڏھن شجاع کي اھا خبر پيئي، تڏھن لشڪر وٺي اوڏانھن روانو ٿيو. جلال آباد وٽ، ٻنھي لشڪرن ھڪ ٻئي سان جنگ ڪئي، جنھن ۾ شجاع کي شڪست ملي ۽ سندس وزير اڪرم خان ۽ غفور خان فوفلزئي مري ويا، ان ڪري ھو بچائڻ لاءِ ٻار ٻچا وٺي، لاھور ۾ پنجاب جي راجا رنجيت سنگھ وٽ پناھ ورتي، جنھن ڪوھنور ھيري کي ھٿ ڪرڻ لاءِ، کيس قيد ڪيو، پر ڪن وفادار نوڪرن جي مدد سان سرنگھ رستي اتان نڪري، ڪوھستان جي واٽ وٺي لڌياني پھتو، جتي ٻارن سميت انگريزي فوج وٽ پناھ ورتائين.
لڌياني ۾ شجاع ٻه چار سئو، ھندوستاني ڀاڙي جا ٽٽو، ڀرتي ڪري کين ھڪڙي، انگريز عملدار ڪپتان ڪئمپيل کان فوجي تعليم ڏياري، بھاولپور کان شڪاپور آيو. ھتي رھندڙ افغانن مان ٿورا ڀرتي ڪري، ڪجھ ميرن کان فوج وٺي، درھ بولان ٽپي، ٽيھ ھزارن جي لشڪر سان شال پھتو. ڪجھ وقت، واپاري قافلي کي لُٽي مال گڏ ڪرڻ کان پوءِ، ھو قنڌار تي ڪاھي ويو، مگر ھن ۾ وڙھڻ جي ته ھمت ئي ڪانه ھئي. سردار به کيس ڇڏي ويا، ھرات مان به مدد ڪانه مليس، ان ڪري، سردار محمد عظيم خان کان شڪست کائي، ناڪام ٿي واپس حيدرآباد آيو ۽ ٽن ڏينھن کانپوءِ ھٿ ٺوڪيندو لڌياني، انگريزن وٽ پھتو. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 661) انگريزن جي مرضي ھئي ته ھو کيس افغانستان جي سياست ۾ آلئه ڪار بڻائين، ان ڪري ھنن، ھن جي وڏي آجيان ڪئي ۽ کيس ماھيانو وظيفو مقرر ڪري ڏنو.
1234ھ جو سَن ھلي رھيو ھو. سنڌ جو حاڪم مير غلام علي خان فوت ٿي ويو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ ڪرم علي تخت تي ويٺو. شجاع ان وقت لڌياني ۾ ھو، جتان افغانستان جي اندروني حالتن جو جائزو وٺي رھيو ھو. افغانستان تي بارڪزئين جي حڪومت ھئي، مگر شاھ سدوزئي خاندان مان ھئڻ ڪري، پاڻ کي تخت ۽ تاج جو حقيقي وارث سمجھندو ھو. ھن جي دل ۾، افغانستان تي حڪومت ڪرڻ جو جذبو جاڳيو، پر ان لاءِ لشڪر ۽ پئسو ڪٿان اچي؟ ايسٽ انڊيا ڪمپني، پاڻ مالي ڏولائن ۾ ھئي، ان ڪري دلگير ٿيو. کيس بادشاھي کسجڻ ۽ تخت ڦرجڻ جو ڏاڍو ارمان ھو ۽ ڏينھن ۽ رات ھن کي اھا وائي ھئي ته، ڪنھن طرح افغانستان جو حاڪم ضرور ٿيان. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 661)
ان وقت انگريزي جنرل لارڊ آڪلنڊ، کيس دلداري ڏني ۽ سمجھايس ته شجاع گھٻراءِ نه، ميرن کان مقرر ٿيل ڏَن جي گھـُر ڪر، ڇو ته ھو افغانستان جو حقيقي حاڪم آھي، ۽ ٻيو نه ته، نالي ۾ ته سنڌ ضرور، افغان سلطنت جي تابعدار ھئي، جنھن ڪري مقرر ڏن وٺڻ جو حق کيس ئي ھو. ان کان سواءِ شجاع جي مدد لاءِ انگريزي لشڪر کي به سنڌ مان افغانستان پھچائڻ جو بندوبست به سنڌ کي ڪرڻو ھو. (چيتن ماڙيواله جو ھڪ مضمون- سه ماھي مھراڻ 1- 1968ع) انگريزن جي انھن ڏَٽن ڏيڻ تي، ھمراھ ٻانھون کُنجي سنڌ طرف وڌيو ۽ ميرن کي پناھ ڏيڻ لاءِ عرض ڪيائين. شڪارپور جي سالياني آمدني جو جائزو ورتائين ته ڏٺائين ته ھن جو گذارو ان مان نه ٿيندو، ان ڪري ٻيڙين تي چڙھي حيدرآباد ويو. ميرن کي چيائين ته: ٻيلي ڏتڙيل آھيان، خانه بدوش آھيان، پنھنجن جو ستايل آھيان، تخت کسجي ويو آھي، نه پئسو آھي نه سپاھ آھي. ڪا واھر ڪريو، مالي ۽ جاني قرباني ڪيو ته اوھان جا ٿورا عمر ڀر لاھي نه سگھندس. آخر ميرن سان معاھدو ڪيائين، جنھن جا 3 شرط ھئا: (1) بادشاھ جو دشمن اسان جو دشمن (2) بادشاھ جي نيڪي، بدي ۽ ناموس ساڳيو اسان جو آھي ۽ (3) بادشاھ جي امداد ڪرڻ ۾ وس آھر ڪوشان رھنداسون. معاھدي سان گڏ ميرن 25 ھزار روپيا نقد ۽ ٻيا ڪيترائي قيمتي تحفا کيس ڏنا. ان کان سواءِ بادشاھ جي خرچ لاءِ ديھ گوسڙجي، ڪرن ۽ ڳڙھي ياسين جو علائقو ۽ روپاھ تعلقي جي اُپت جي ٽين پتي به بادشاھ جي حوالي ڪري کيس روانو ڪيو. (ھفتيوار آزاد- شجاع شڪارپور ۾- 10 جنوري 1966ع)
اھو ٺھراءُ حيدرآباد جي ميرن، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان شجاع سان ڪيو ۽ ھنن حاڪمن خيرپور رياست جي ميرن کي لکي موڪليو ته: جيڪي نيون ديھون ھاڻي شڪارپور سان لاڳو ڪيون ويون آھن، تن جي سالياني پيداوار شجاع کي موڪلي وڃي. حيدرآباد مان ٿي شجاع خيرپور آيو. ان وقت خيرپور ۾ مير رستم خان ۽ مير سھراب خان راڄ ڪندا ھئا. شجاع ھنن ميرن سان به اھڙو صلح ڪرڻ پئي چاھيو. پر ھنن نٽائي ڇڏيو. مير سھراب خان ته، حيدرآباد جي ميرن جي عقل ۽ سمجھ تي ارمان ڪندي چيو ته: بادشاھن جي معاملن کي ھلائڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. حيدرآباد جا مير ھن معاھدي کي پورو ڪري نه سگھندا ۽ اھڙي طرح ھو ھروڀرو، پنھنجو پاڻ کي بدنام ڪندا ۽ عھد شڪنيءَ جي عذاب ۾ مبتلا ٿيندا. (تاريخ تازه نوائي معارڪ ص نمبر 107)
آخر شجاع خيرپور کان ٿي شڪارپور پھتو. اچڻ سان ئي شڪارپور جي ساري آمدني تي قبضو ڪيائين. ھِتان ھُتان جا رولو، ڦورو، چور ۽ ڌاڙيل ٽولا گھرائي پاڻ وٽ گڏ ڪرڻ لڳو ۽ خراسان جي حصول لاءِ جنگي تياريون شروع ڪري ڏنائين. ھفتي ۾ ھڪ دفعو ھن جون فوجون، ھزاري دروازي کان ٻاھر جنگي مشقون ڪنديون ھيون. انھن مشقن جي توبن جو آواز جڏھن ميرن جي ڪَنن تي پھچندو ھو، تڏھن چوندا ھئا ته ”ھيءَ بلا اسان کي ڪيئن واٽ ويندي ڳچي پئجي ويئي ۽ اسان ڪيئن ھن بلا مان جند ڇڏايون.“ شجاع جو رويو ھاڻي تمام سخت ٿي ويو. ھن ڦرلٽ تي اچي چوتو ٻڌو. رعيت مان، جنھن وٽ گھڻي دولت ٻڌندو ھو، ان کان زوريءَ کسي وٺندو ھو. شڪارپور جي واڻين لاءِ ته، ويل ٻاري ڏنائين ۽ کانئن رنجيت سنگھ واري بدلي وٺڻ لاءِ کڻي جيل وڌائين. آخر ھنن لکين روپيا ڏيئي، پاڻ کي آزاد ڪرايو. عيش و عشرت ۽ بدڪاريءَ ۾ حد کان وڌي ويو. شل نه ڪا حسين ڇوڪري ڏِسي، پوءِ اھا مسلمان ھجي يا ھندو، جلد وٽن ڏياري موڪلي. ان دور ۾ ئي ھن ڄيٺمل نالي ھڪ ھندو امير جي ڀيڻ سان شادي ڪري، ان جي ساري ملڪيت تي قبضو ڪيائين.
منشي عطا محمد شڪارپوري لکي ٿو ته: ”جتي به کيس ڪنواري بالغ ڇوڪريءَ جي خبر پوندي ھئي ته زوريءَ ان کي پاڻ وٽ کڻائي وٺندو ھو ۽ جتي به گھڻي دولت، ڪنھن وٽ ڏسندو ھو ته پرواني وانگر اتي پھچي زوري لُٽي ۽ ڦري کڻي ايندو ھو.“ (تاريخ تازه نوائي معارڪ- بحواله تاريخ سنڌ- ج 2 مولانا قدوسي)
خان الڪوزئي جي مرڻ کانپوءِ، جڏھن کيس ان جي مال ملڪيت جي خبر پيئي، تڏھن ان جي سڄي ملڪيت تي قبضو ڪيائين ۽ سندس عورتن کي جيل ۾ وڌائين. انھن ضائفن کي اھڙي ته سخت سزا ڏيندو ھو جو بيڪار بندوقون سندن ڪلھن تي رکائي، کين اُس ۾ بيھاريندو ھو. سندس عياشيءَ جو ھي مقام ھو، جو جمع خان فوفلزئي جون عورتون سندس خوف کان اُٺن تي چڙھي، شڪارپور کان نڪري ويون. جڏھن اھي بيگمانجي وٽ پھتيون ته شجاع کي خبر پيئي. ھن بروقت پنھنجي نوڪر نيڪو خان کي موڪليو، ته ڏسي ته انھن مان ڪھڙي عورت ڪنواري بالغ ھمبستريءَ لائق آھي. ھو ويو ته عورتن ڌاڙ گھوڙا مچائي ڏني. آخر جمع خان جي ڌيءُ، جنھنجو مڱڻو ۽ نڪاح ٿي چڪو ھو، کي زوريءَ کڻي شڪارپور آيو. شاھ ھن سان زوريءَ نڪاح ڪيو. (تاريخ سنڌ- ج 2 مولانا قدوسي، ص 620) جڏھن ماڻھن اھي ظلم ڏٺا، تڏھن ڪي ته شڪارپور ڇڏي ويا ۽ ڪن ميرن کي ھن کان جند ڇڏائڻ لاءِ عرض ڪيو. آخر سنڌ جي حڪومت، افغانستان جي حاڪم سردار محمد عظيم خان کي چوائي موڪليو ته ”اوھان ھِت اچي شجاع کي سنڌ مان تڙي ڪڍو.“ شجاع، عظيم خان جي آمد جو ٻُڌي ڇرڪي ويو ۽ شڪارپور به ڇڏي ڏنائين ۽ درازن ۾ اچي رھيو. سندس حالت رحم جوڳي ھئي. وٽس پئسو به ڪونه ھو، جو پنھنجي فوج کي پگھار ڏيئي سگھي. ان ڪري مجبورن جيسلمير کان ٿي نھايت خراب حالت ۾ لڌياني پھتو. ۽ ھيڏانھن سردار عظيم خان، وري شجاع کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ميرن کان معاوضو ۽ ڍل طلب ڪرڻ لڳو، جيڪو ٻارنھن لک ھو. ان کانسواءِ بيش بھا تحفا، جن ۾ ميرخاني بندوقون، جوھردار ۽ مرصع تلوارون ۽ قيمتي ڪپڙا به عظيم خان ورتا، جن جي مجموعي قيمت ٻارنھن لک ھئي. ان سان گڏ لشڪر جو خرچ ۽ پگھارون به ادا ڪرڻ جو واعدو ورتو. (تاريخ سنڌ- ج 2، مولانا قدوسي- ص نمبر 630) اھڙي طرح سنڌ مان شجاع کي ڀڄائڻ تي به 24 لک روپيا خرچ ڪيو، جيڪو سنڌ جي پورھيت عوام جي ھڏن مان نڪتو. ان کانپوءِ، ميرن شڪارپور مان، افغانستان جي گورنر کي ھڪالي سيد ڪاظم شاھ کي گورنر مقرر ڪيو، جيڪو اھلِ علم جو قدردان، شريف نواز ۽ نھايت فياض ھو. ھن شڪارپور جي واڳ سنڀالڻ سان ئي، اتان جو نظامت حڪومت نھايت خوش اسلوبيءَ سان ھلايو. ھر ڪو رھنما راضي ھو ۽ شجاع جي ظلمن کي وساري ويٺو.
شجاع جي ڏاٺ ھِري، سو سنڌ کي ڪٿي ٿي ڇڏيائين. لڌياني ۾ ته انگريز کيس سُڪل ڍوڍو به مس ڏيندا ھئا. سنڌ جون ست رڇيون ۽ اعليٰ طعام ياد ڪري سندس وات پاڻي پاڻي ٿي ويندو ھو. ان ڪري 1148ھ مطابق 1732ع ۾، لاڙڪاڻي سنڌ ۾ آيو ۽ اتان ٿي حيدرآباد پھتو. ميرن کي چيائين ته ”لڌياني ۾ منھنجي دال نه ڳري، بکر جو قلعو ڏيو ته ٻارن کي حفاظت ۾ رھائي سگھان ۽ شڪارپور جو علائقو ڏيو ته پيٽ قوت ڪريان.“
عطا محمد شڪارپوري لکي ٿو ته ”ان وقت، ميرن ۽ شاھ جي وچ ۾، فيصلو ٿيو ته مير چاليھن ڏينھن ۾ شاھ کي چاليھ ھزار ڏيندا ۽ شاھ ايترا ئي ڏينھن ھت رھي، پنھنجي منزل مقصود ڏانھن ھليو ويندو. (تاريخ تازھ نويٰ معارڪ ص نمبر 257) آخر ٺھراءُ ڪري، شجاع ٻيھر شڪارپور ۾ آيو. شڪارپور جا ماڻھو لکي دروازي وٽ ھن درندي کي ڏسڻ آيا. شجاع جي اميرن، ماڻھن کي ڏسي پنھنجا گھوڙا ڀڄائڻ شروع ڪيا. جيئن ئي انھن ڦوٽ ۾ گھوڙا ڊوڙايا، تيئن انھن مان ڪن جا پٽڪا زمين تي ڪري پيا ۽ ڪي پاڻ به زمين تي ڊٺا. ماڻھن ھن سٺو سوڻ نه سمجھيو.
شجاع شڪارپور ۾ اچي آڪڙجي ويٺو. گرمي ۽ لُکن جو بھانو کيس ملي ويو. جنگي سامان گڏ ڪرڻ ۽ فوجي مشقون شروع ڪري ڏنائين. ميرن جا امير جيڪي ھن انتظار ۾ ويٺا ھئا ته شجاع کي الوداع چئي پوءِ واپس وڃون، سي انتظار ڪري ٿڪجي پيا، پر شجاع ته ھِت بالم بڻجي ويھي رھيو، ۽ مير مراد علي خان کي چوائي موڪليائين ته ”ٽي سئو اُٺ باربرداريءَ لاءِ ۽ ڪجھ نقد پئسااماڻيو ته، آءٌ خراسان وڃان.“ مير صاحب کيس چوائي موڪليو ته ”اھڙا اُٺ جيڪي خراسان تائين سامان کڻي وڃن، سنڌ ۾ نه آھن. جيڪڏھن اوھان سامان کي بيل گاڏين ۾ وجھي کڻي وڃو ته ان جو بندوبست ڪجي.“ پر شجاع ان کي قبول نه ڪيو ۽ ايتري ۾ مير مراد علي گذاري ويو. شجاع اھو ٻڌي تعزيت لاءِ مير ڪاظم شاھ ۽ قاضي محمد حسين کي موڪليو ۽ کين چيائين ته ”اُٺ ۽ پئسا جلدي موڪليو.“ ان دور ۾، شجاع شڪارپور ۾ سختي ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ھو پاڻ کي شڪارپور جو مالڪ سمجھڻ لڳو. ھن ميرن طرفان مقرر ڪيل ناظم کي معطل ڪري، بھادر خان کوکر کي ناظم مقرر ڪيو. سارو انتظام پنھنجي ھٿن ۾ رکي، ميرن طرفان مقرر ڪيل، سڀ آفيسر معزول ڪري ڇڏيائين. (ھسٽاريڪل ميمريز آف شڪارپور- ص نمبر 36) ميرن سندس آمرانه رويي کي ڏسي فيصلو ڪيو ته، ھن کي سنڌ مان تڙيو وڃي. شاھ کي جڏھن خبر پئي تڏھن باھ ٿي ويو. ٽانڊي ڪاڻ آيل، ھاڻي بورچي بڻجي ويو. ميرن جي ٽُڪرن تي پليل غلام ھاڻي سائين سڏائڻ لڳو. ان نانگ جنھن کي ھنن پاڻ پاليو. کين ڏنگڻ لڳو. ميرن کي بي پرواھيءَ سان چوائي موڪليائين ته ”ڪن ضروري حالتن ھيٺ، شڪارپور ۾ رھڻ ضروري ٿو سمجھان ۽ خراسان وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪيو اٿم. جيئن ئي حالتون سڌريون ته ھليو ويندس.“
اھو جواب ٻڌي، ميرن ۾ وڏو تاءُ پيدا ٿيو ۽ شجاع سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. مير ڪرم علي خان حيدرآباد مان، سھراب خان ۽ رستم خان خيرپور مان وڏيون فوجون تيار ڪري آيا. شجاع سمندر خان جي قيادت ھيٺ، 18 توبون ۽ ٽيھ ھزار لشڪر ساڻ ڪري، سکر کان ٿورو پري، لال واھ جي ڀرسان اچي خيمه زن ٿيو. ميرن جو لشڪر به سيد غلام مصطفيٰ شاھ جي سرڪرگيءَ ھيٺ سکر اچي پھتو. شجاع جي لشڪر اوچتو، سنڌي لشڪر تي، توبن رستي گوله باري شروع ڪئي. ميرن جي فوج انتھائي مردانگيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ جان کان ھٿ ڌوئي، آدم شاھ جي ٽَڪريءَ طرف وڌي. غلام مرتضيٰ شاھ، دشمن سان وڙھندي شھيد ٿي ويو. جھان خان مري، پنھنجن رفيقن جا پلئه ھڪ ٻئي سان ٻڌي ۽ دشمن جي سوين ماڻھن کي ماري فوت ٿي ويو.
ڪاظم شاھ ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي سوڍا ھن جنگ ۾ شھيد ٿي ويا. سنڌ جي تاريخ ۾ ھن کي کرڙي جي جنگ سڏجي ٿو، جنھنجو ذڪر خليفي نبي بخش ڪيو آھي، جنھن ۾ ھن انھن سوڍن جي بھادري، شجاعت ۽ دليريءَ جو نقشو چٽيو آھي، جن غنيمن سان جنگ ڪري، سنڌڙيءَ کي سِرن جا نذرانا پيش ڪيا. ھن جنگ ۾ سنڌ جا سورھيه جنھن نموني سان کرڙيءَ جي ميدان ۾ وڙھيا، سو اسانجي تاريخ جو اھم باب آھي. افسوس آھي جو ھڪ درٻاري مورخ ”تاريخ تازھ نوائي معارڪ“ ۾ لکي ٿو ته- ميرن جو ھيءُ لشڪر، جنھن ڪڏھن به ٻاھرين سان جنگ نه ڪئي ھئي، انھن جي شمشير زنيءَ جو ھي عالم ھو ته، انھن پنھنجن تلوارن کي ڪتي، ٻلي، ڪڪڙ ۽ ٻڪريءَ جي جھڳڙن ۾ وڃايو ھو. ھو پنھنجي غلط شجاعت ۽ بھادريءَ جي نشي ۾ مست ۽ سرشار ھئا. ساڳيو صاحب اڳتي لکي ٿو ته ”بلوچن جي عجيب بيوقوفي جو ميدان جنگ ۾ گھوڙن تان لھي، پيادا ٿي، تلوار ھٿ ۾ ۽ چَپ وات ۾ ڪري، نعرا ھڻندا ڊوڙندا بي تماشا ٽڪري ڏانھن رخ رکيائون ۽ چوٽيءَ تي رسڻ کان اڳ مخالف جي تير تفنگ جو نشان بڻجي، پنھنجون زندگيون پئي ضايع ڪيائون.“ (تاريخ تازھ نوائي معارڪ)
ھي صاحب منشي عطا محمد ترين افغان ھو ۽ سندس ھمدرديون شجاع سان وابسته ھيون ۽ ھونءَ به درٻاري مورخ، حقيقت کي غلط روپ ڏيندا آھن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”ظاھر آھي ته ويچارو افغان مولف ۽ منشي، وطن جي حب جي بي پناھ جذبي ۽ سنڌ جي سورھين جي قومي غيرت ۽ مردانگيءَ جو پورو اندازو ڪري نه سگھيو آھي. دنيا ۾ اھڙي سورھيائي جا ڪي ٿورا مثال ٿا ملن. سنڌ جا پھلوان ٿورا ھئا، مگر ان ھوندي به، حياتين بچائڻ جي ڪَٿ ئي ڪانه ڪيائون ۽ مرد ٿي، منھن ڏيئي موت سان مقابلو ڪيائون.“ (خليفي صاحب جو رسالو- سمجھاڻي ۽ اشارا ص نمبر 278)
ھن جنگ ۾ سنڌين جي ھر فرد روايت موجب، پنھنجي جنم ڀومي سان محبت ھجڻ جو ثبوت ڏيندي، ميدان ڪارزار ۾، مردانگيءَ جا جوھر ڏيکاريا. انھن سوڍن ۾ مکيه غلام مرتضيٰ شاھ ھو، جنھن لاءِ منشي صاحب لکي ٿو ته ”شاھ بھادر ۽ شجاع انسان ھو، جنھن شجاع جا ڪجھ ماڻھو ماري پاڻ به مري ويو.“ ان کانسواءِ ٻين بھادرن لاءِ لکي ٿو ته ”عاليجاھ سيد ڪاظم شاھ، عالم خان مري ۽ شجاعت نشان جھان خان مري جھڙا دلير ۽ بھادر مڙس ھن جنگ ۾ ائين مرڻ جا ڪين ھئا، پر تقدير ائين ھئي.“ (تاريخ تازھ نوائي معارڪ) ملا محمد عالم پنھور خيرپوري، انھن سوڍن جي شجاعت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”خونخوار جنگ لڳي، جنھن ۾ جڏھن سيد ڪاظم علي شاھ صفون چيري ڇڏيون ته دشمن کانئس ڀڄي پري کان مٿس بندوقون ڇوڙيون ۽ کيس شھيد ڪيو. ان بعد سندس چاچو سيد ابوالحسن، تلوار کڻي، ميدان ۾ ڪُڏي پيو ۽ بھادريءَ سان وڙھندي شھيد ٿيو. ابراھيم خان صفون چيري چوٽ ڪري، توب ھڻندڙ تي حملو ڪري وڃي ڪن کي ماريو. جھان خان پرواني مثل ميدان ۾ ٽپي پيو. جھڙو سندس پيءُ جنگ جو جھونجھار ھو، تھڙو جھان خان ٿيو، جو سورھيائيءَ سان سِر ڏيئي سَرھو ٿيو. ساڻس گڏ سندس رفيق ۽ خاصخيلين جو سردار ھاشم شھيد ٿيو. پھلوان بھادر پڻ بھادريءَ سان وڙھندي ماريو ويو. وزير مشير ۽ امير ڪبير دريا خان نظاماڻي درياءَ جي موجن وانگر پلٽ ڪئي ۽ پنھنجن رفيقن سان گڏ سِر گھوري ميدان جنگ ۾ گھڙي پيو ۽ سيف الدين جي نيزي لڳڻ سان مانائتو ٿيو. پر آفرين ھجي غلام مرتضيٰ کي، جو پنھنجي پوري اٽالي سميت ميدان ۾ شھيد ٿيو. غلام مرتضيٰ جي مارجڻ تي، باقي لشڪر بي دليو ٿي پوئتي ھٽيو. جي مقابلو جاري رکن ھا ته فتح سندن ٿئي ھا.“ (شاھنامهءِ عالم يعني وقائع جنگ کرڙي- بحواله خليفي صاحب جو رسالو، ص 278)
بھرحال ھن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي مَردن شجاعت جا خوب جوھر ڏيکاريا. مَرد ته پنھنجي جاءِ تي، پر عورتن به پنھنجي نَڪ کي مَر نه لاتي. خليفو نبي بخش سنڌي زال جي دليريءَ جو نقش چِٽيندي چئي ٿو ته:
”جي تو ڀڄي آئين، تان تون ڪانڌ مَ ڪُڇ،
ويھ ڪوڙائي ڪوڏ سين، مادر جھولي مُڇ،
جا ڏاڙھي پکيءَ پُڇ، سان کونڌ ته کاڏي اُجري.“
مطلب ته ھنن سنڌي سوڍن عظيم قربانيون ڏيندي شجاع سان مقابلو ڪيو، پر ڪجھ پنھنجن جي غداري، ڪجھ اميرن ۽ سپھ سالارن جو شھيد ٿيڻ ۽ ڪجھ قيادت جي فقدان ڪري ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي. شجاع جي لشڪر جي سپاھين جيڪي خراساني روھيلا ۽ ھندوستاني ھئا، انھن بلوچ مقتولن جي سون ۽ چانديءَ کي ڏسي خوب ڦريو ۽ لُٽيو. اھي جڏھن ڪنھن سنڌي بلوچ کي ماريندا ھئا، ته بي رحميءَ سان ان جو سِر وڍي، سندس لاش زمين تي اڇليندا ھئا. منشي عطا محمد لکي ٿو ته ”شجاع الملڪ جي سپاھين، بلوچن جي رت سان کيڏڻ سان گڏوگڏ لٽمار ڪري، ان جي مال ۽ دولت سان خوب ھٿ رڱيا. ھو ٽالپوري زربفت ۽ ڪيمخواب جون ٽوپيون، مٿن تي ڏنگيون رکي ۽ ڪاشان جون چادرون ۽ لاڙ جون رنگين لوئيون پنھنجي ڪلھن تي رکي ۽ طلائي نقرئي مرصع تلوارون پنھنجين چيلھن ۾ لٽڪائي دف وڄائي وڄائي بلوچن تي چٿرون ڪرڻ لڳا.“ (تاریخ تازہ نوائے معارک- بحوالہ تاریخ سندھ- ج 2، ص 648)
اھڙي طرح شجاع الملڪ جي لشڪر ڦرلٽ جو ايترو ته مال گڏ ڪيو جو سمندر خان مال غنيمت سان ٽُٻ ٿيل ھاٿي، بادشاھ جي آڏو پيش ڪري انعام حاصل ڪيو.
شجاع ھن جنگ ۾، ڪيترن ئي سورمن کي مارڻ کان پوءِ به، نه ٺريو، ڇوته سندس مطلب ھو دولت ھٿ ڪرڻ، پر ھِت ته سنڌين کيس سِرن جا نذرانا پيش ڪيا. ان ڪري ھن مير حڪمرانن تي دٻاءُ وجھڻ شروع ڪيو ته، جيئن انھن کان ڪجھ ڪڍائي سگھي. آخر مير حاڪمن کان، بار کڻڻ لاءِ، پنج سؤ اُٺ ۽ چار لک روپيا نقد خرچ لاءِ ۽ ھڪ لک روپيا خراج جا اڳاڙي، خير سان ھتان قنڌار روانو ٿيو. قنڌار ۾ کيس قسمت ساٿ نه ڏنو. سنڌ سان ھن جيڪي ظلم ڪيو، ان جو بدلو قنڌار ۾ ڏنائين، جتي ڪافي لشڪر مارائي، خزانو ڦرائي لڌيانه ويو. اتي انگريزن سان ملي ڀڳت ڪري، کين سنڌ وٺي آيو، جن جي مدد سان بکر ۽ جيڪب آباد جي قلعي تي قبضو ڪيو ويو ۽ شڪارپور تي قبضو ڪري ٽامس پوسٽن کي اتان جو ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو. اھو 1839ع جو زمانو ھو ۽ ان کان چند سال پوءِ، انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. اھڙي طرح شجاع، ھنن غير مسلمانن يارن سان پنھنجي ياري کي نڀايو.
ھي آھي شجاع جي سنڌ ۾ ٺڳي، دولاب، فريب، اٽڪل، بربريت ۽ وحشانيت سان دولت ھٿ ڪرڻ جي سياست جي قلمي تصوير. شاھ پئسي جو پُٽ، انگريزن ۽ رنجيت سنگھ جو پٺو ھو. ھن ھر وقت، سنڌ تي قبضو ڪري دولت ڦرڻ ۽ قنڌار تي بادشاھي ڪرڻ لاءِ پئي سوچيو. ھو سنڌ جي ميرن کي ٻڌائيندو ھو ته ”مان اوھان جو دوست آھيان. منھنجي موجودگيءَ ۾ ڪوبه سنڌ ڏانھن ميري اک کڻي نھاري نه سگھندو ۽ سنڌ ڏينھون ڏينھن ترقي ڪندي. مون کي خبر نٿي پوي جو اوھان منھنجي ان مخلص راين تي اعتبار ڇونه ٿا ڪريو.“ ۽ ھن مھمان دوست، جيڪي سنڌ کي عذاب ڏنا، اھي تاريخ ۾ ھميشہ ياد رھندا. ھن حڪمرانن کي ڦرڻ لُٽڻ سان گڏ، عوام جي به نه ڇڏي ڪا ڪاري ڪوڏي. سڀ ميڙي چونڊي قنڌار کڻي ويو. خليفي محمود، المحبوبية المحموديه ۾ لکيو آھي ته ”انھن ڏينھن ۾ شجاع الملڪ سنڌ تي دھشت ۽ خوف مان لشڪر ڪشي ڪئي. ماڻھن ۾ وڏو تفرقو نظر پئي آيو. ٽالپر حاڪمن ان جي مقابلي لاءِ لشڪر آندو. ٿورڙي مال وٺڻ ۽ خراج کان پوءِ موٽي آيو. (حديفته الاولياءَ، مقدمو- سيد حسام الدين راشدي ص نمبر 55) ساڳـئي طرح فردوس العارفين جو مولف لکي ٿو ته ”شاھ شجاع سنڌ ۾ آيو. ماڻھو وطن ۽ جايون ڇڏي ڀڳا. حضرت خواجه محمد زمان ثاني به جھاني رسم سان ٻه منزلون لنواري شريف کان ٻاھر ويو ھو. مقام شريف ۾، جيڪي سامان پيل ھو سو لٽجي ويو ۽ روضي منور جون شيون، جيئن ته آئينه ۽ قنديل به کڄي ويون. (حديفته الاولياءَ، مقدمو- سيد حسام الدين راشدي ص نمبر 55)
ھن مان معلوم ٿيو ته شجاع سنڌ ۾ عام ڦرلٽ به ڪئي. کرڙيءَ جي جنگ ۾ ڪيترن ئي سپھ سالارن ۽ امير شھيدن جا ڪپڙا به لاٿا ويا، جن ۾ سيد غلام مرتضيٰ جو قيمتي لباس به ھو. شڪارپور جي ھندن کان پوئين دفعي ٽيھ ھزار نقد ۽ ٻيو سامان ڦريو ويو. ان کان وڌيڪ شاھ، سنڌين جي رت سان جيڪا راند ڪئي، سا خطرناڪ آھي. کيس، سنڌ جو ايڏو احسان فراموش نه ٿيڻ گھربو ھو. جنھن جيجل کيس جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ جھوليءَ ۾ امان ڏني. جنھن ديس کيس، مصيبت ۽ ڏک ۾ آٿت ڏني، ان کي پنھنجو ڪيو، پناھ ڏنس، اجھو ڏنس، ان ۾ ھن طرح رت جا درياءَ وھائڻ جو، کرڙي کائي رت، ڀت نه وجھي وات ۾. ۽ ان مادر وطن جي ماروئڙن جو خون چوسڻ نه گھربو ھو. انھن دوستن مير حاڪمن سان، دوستيءَ جي آڙ ۾، دشمني نه ڪرڻ گھربي ھئي. پر انسان پنھنجي لالچ ۽ خودپرستي جي انڌي جنون ۾، الائي ڇا ڇا نٿو ڪري؟ شجاع به سنڌ ۾ اھو ڪجھ ڪيو، جيڪو ھڪ ڌاريو حاڪم ۽ پڪو دشمن پئسي، ناڻي ۽ غلامن ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪندو آھي. حالانڪ ھن سان دوستيءَ جو معاھدو ھو. پر سچ آھي ته جڏھن ڪوبه پئسي جي پٺيان لڳندو آھي تڏھن منجھانئس ماڻھپو ۽ انسانيت ختم ٿي ويندي آھي. اھڙن حاڪمن جو ضمير مري ويندو آھي. ھنن مان انساني اوصاف ختم ٿي ويندا آھن. دنوي لوڀ ۽ لالچ، جاھ و جلال، کين معصوم انسانن جي، رت وھائڻ تي مجبور ڪندا آھن.
شجاع جي اُن ظلمي ڪاروائي، تشدد ۽ آمرانه ھلت چلت کي سنڌ جي عوامي زندگيءَ ۾ نفرت ۽ ڌِڪار جي صورت ۾ ڏٺو ويو. شڪارپور جو عوام کيس اصل پسند نه ڪندو ھو. جڏھن آخري دفعو ھو شڪارپور ۾ آيو، ته ماڻھن سندس شڪل ڏسڻ به پسند نه ڪئي ۽ شھر جي ٻئي دروازي کان نڪري ويا. ھو اسان وٽ ”فساد جي جڙ“ ۽ ”ظلم جو ابو“ سڏيو وڃي ٿو. مرحوم لطف الله بدوي رح لکي ٿو ته ”شاھ شجاع کي، سنڌ جو عوام، شاھ سجاول جي نالي سان سڏيندو آھي. جڏھن ڪو، ڪنھن کي ڏي ڇنڊ ڦوڪ سان ڏسندو آھي ته چوندو آھي ته 'ڄڻ سجاول اچي ويو آھي'. اُتر سنڌ ۾ ھي نالو، ھڪ ڦورو ۽ لُٽيري جي حيثيت ۾ مشھور آھي.“ (شجاع الملڪ- سه ماھي مھراڻ- 1/1980- ص نمبر 188) شاھ شجاع جيئن ته قنڌار جو ھو، ان ڪري اسان جي ”لوڪ ادب“ ۾ به ھڪ بيت ملي ٿو، جنھن مان سنڌي عوام جي زمين جي، انھيءَ ٽُڪري لاءِ نفرت جو اظھار ملي ٿو، جنھن اھڙن انسانن کي جنم ڏنو، جن سدائين سندن جنم ڀومي کي ڏھاڳ ڏنو:-
جڏھن ڪڏھن سنڌڙي، توکي قنڌارون جوکو،
سائين ڪري سوکو، وري سُک سري ۾.
اسان جي ادب ۾ به، شجاع الملڪ جي ڪاھ، ڦرلٽ ۽ تشدد بابت ڪافي مواد ملي ٿو. خاص طرح ته خليفي نبي بخش رحه ته ڪيڏارو چيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”سنڌ جي محبت ۽ وطنين جي جذبي، کيس (خليفي صاحب کي) کرڙيءَ واري واقعي ڏانھن متوجه ڪيو ۽ اھي دلير مرد جي افغانن جي حمله آورفوج سان، آخري دم تائين وڙھندي شھيد ٿيا، تن جي ناموس ۽ سنڌ جي سرفرازي خاطر، سُر ڪيڏارو جوڙيائين. ھن سُر جي شروعات ئي، حمله آور شجاع کي تنبيھ ۽ سنڌ جي باشندن جي سرفرازي ۽ بلنديءَ جي تصديق سان ٿئي ٿي:
شجاع! سنڌ مَ ويھ، اوڏا اڏي نجھرا،
ھيءُ تنين جو ڏيھ، حامي حيدر جن جو.
شجاع! ويھ مَ سنڌ، اوڏا اڏي نجھرا،
ھتي راوت رند، وتن قلعي ڪوڏيا-
(خليفي صاحب جو رسالو- مھاڳ- ص نمبر 44)
آخوند محمد عالم به ھڪ مثنوي لکي ٿو، جنھن ۾ شجاع جي ظلم جو ذڪر ڪيو ويو آھي. ان کانسواءِ آندل فقير ماڇي به بيتن جي صورت ۾ ھڪ ڪتاب جوڙيو آھي، جنھن ۾ شجاع جي ظلم جو ھن طرح احوال لکي ٿو:
چڙھيو ڪٽڪ ساڻ قنڌار مئون، رکي دور ڌيان،
اچي لوڙيا لشڪر سان ڪندو، ويو ڪنبي ڪوھستان،
تنھن ظلمي زمستان مئون، ڪيو تابئون تابستان،
تڏھن سنڌ ۾ سخت سريس ٿي ويو، دھلي جڳ جھان،
جھاڳيو بر بئبان، اچي ظلمي زيادتيون ڪيون-
(وکريل موتي- جناب عطا محمد حامي، ص نمبر 74)
مطلب ته شجاع الملڪ جي ھنن ڪاھن، سنڌ جي تاريخ ۽ ادب ۾ اڻ مٽ نشان ڇڏيا آھن، جنھن مان اسان کي ھن غنيم ۽ ڦورو حاڪم جي بربريت ۽ حيوانيت سان گڏ، سنڌ جي لائق فرزندن جي انھن قربانين جو به ڀلي ڀت پتو پوي ٿو، جن سنڌ جي مٽيءَ جي لڄ لاءِ، سِرن جا سودا ڪيا ۽ انھن ئي غريب ۽ پورھيت سوڍن، شجاع کي سنڌ مان تڙي ڪڍيو، جن لاءِ خليفي صاحب چيو ته:

پرھ جھليندا پَس، عام طوق امير جا،
ڌڙ ڌرتين گڏيا، لوٿون لُڇن لس،
حُورون پائي ھَس، اچي ويٺيون اوڏڙو.