انگريز (1843ع)
ميڙي ويندءِ ”مغربي“ تاريڪي ۾ تير،
ڇڏي ويندءِ ڇپرين، ڍونڍن سندا ڍير،
مدد ڏين ٿا مام ۾، سا ٿيڪي مٿير،
وجھ اٿئي، وِجھ پاڻ ۾، ھيڪڙائي جي ھير،
ناسودي ناخير، نپٽ پوءِ نابود ڪر.
(سچل سرمست رحه)
آخرڪار مسٽر فيلن، ڪرنل پئٽل، ميجر ريڊر ۽ ٻين ڪيترن آفيسرن، گھوڙي سوارن، پيادل فوج جي ٻن پلٽڻين سان قلعي ۾ داخل ٿيا ۽ سموري ملڪيت، جھڙوڪ سون، چاندي، ترارون، توبون، چاقو، خنجر، ڍالون، جواھر ۽ ٻي ھر اھا شيءِ، جنھنجو قلعي سان واسطو ھو، ڦَري ورتيون. قيمتي ڪپڙو، قرآن شريف ۽ ٻيا ڪتاب، گھوڙا، اُٺ، خچر، سون ۽ چانديءَ جا سنج ۽ ھر اھا شيءِ، جنھن جي قيمت ھڪ سُئيءَ کان وڌيڪ نه ھئي، ڦري ورتي. لُٽمار ايڏي ته مڪمل ھئي، جو ڪيترائي قيمتي پٿر، سپاھين جي واسڪوٽن مان ڪري ٿي پيا ۽ ھو اھي بازارن ۾ وڪڻڻ لڳا. انگريزن ساندھ ست ڏينھن، ڦرلٽ جاري رکي، ھو اسان جون کٽون ۽ بسترا به کڻي ويا ۽ سمھڻ لاءِ اسان کي خالي، ميدان ڏيئي ويا. مون کان منھنجا ڪتاب به کسي ورتائون. مرزا خسرو بيگ کي، اسان کان ڌار ڪري، ايڏي ته مار ڏنائون جو ھو بيھوش ٿي ويو. جڏھن کيس ھوش آيو، تڏھن کيس ٻن ڪلاڪن تائين ٻَڌل رکيو ويو.
(مير نصير خان)
(روزانه مھراڻ سالگرھ نمبر 1961ع)
انگريز ھندوستان ۾، واپاريءَ جو ويس پھري داخل ٿيا. ھنن برطانيا ۾، ھندوستان سان واپار لاءِ ھڪ تجارتي ڪاميٽي ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ نالي سان ٺاھي. سن 1600ع ۾ انگلستان جي سرڪار کي منظوريءَ لاءِ درخواست ڏني، جنھن ۾ ڪمپني ھڪ ٺھراءَ جو نقل به حڪومت کي پيش ڪيو، جنھن ۾ ھو ته ”ڪنھن به ذميواري جي ڪم تي ڪنھن ايماندار کي نه رکيو وڃي، ڇو جو ڪٿي، ائين نه ٿئي جو شريفن کي نوڪر رکڻ جي ڪري، ڪمپني جا ماڻھو (حصيدار) شڪ ۾ پئجي نه وڃن ۽ پنھنجي رقم واپس ڪرڻ جي گھُر ڪن. (روشن مستقبل ص نمبر 52) اھڙي طرح ھو مختصر تجارتي جماعت جي، صورت ۾ 31 ڊسمبر 1602ع ۾، ملڪئه برطانيه، راڻي ايلزبيٿ جي ھڪ فرمان موجب، ھندوستان ۾ قدم رکيو. ان مختصر جماعت ۾ 217 ميمبر ھئا ۽ ڪمپنيءَ جي ڏھ لک روپيا مُوڙي ھئي. ھن جو ڪاروبار ھڪ گورنر ۽ 24 چونڊيل ڊائريڪٽرن جي ھٿ ۾ ھو، جي سڀيئي پختـئه ڪار غنڊا ھئا. اھڙن ماڻھن ۾ لارڊ ڪلائيو ۽ وارن ھيسٽنگز جھڙا، ڌاڙيل ۽ رھزن به ھئا. راڻيءَ کين، ايسٽ انڊيز ۾ ھڪ چارٽر موجب واپار ڪرڻ جو پروانو ڏنو. ڪمپني 1612ع ۾ ھندوستان جي حاڪمن کان اجازت حاصل ڪري، احمد آباد سورت ۽ بمبئي ۾، پنھنجا تجارتي مرڪز ۽ ڪارخانا قائم ڪيا. مدراس ۾، سينٽ جارج جي نالي سان، قلعو ٺھرايو ۽ ڪارخانو قائم ڪيو. 1662ع ۾، بمبئيءَ جو بندر به کين ملي ويو. 1715ع ۾ ھئملٽن، فرخ سيد بادشاھ کان ڪلڪتي ۾ ھڪ قلعو ٺھرائڻ ۽ گورا پلٽڻ رکڻ جي اجازت وٺڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جيئن ته ھو ٻين يورپي قومن مان وڌيڪ حرفتي ۽ چالاڪ ھئا، ان ڪري 1612ع ۾ پورچوگيزن جي ٻيڙي کي سورت وٽ شڪست ڏيئي سمنڊ جا مالڪ بڻجي ويا.
اھڙي طرح ساري ھندوستان جي واپار تي، سندن قبضو ٿي ويو ۽ سندن ڏينھون ڏينھن ڌنڌو وڌڻ لڳو. 1615ع ۾ ٻن جھازن جو محصول 14 ھزار پائونڊ ڏنائون. ھڪ ھڪ جھاز تي، سندن ھڪ لک چاليھ ھزار پائونڊن جو ھندوستاني مال ھوندو ھو. برنيئر لکي ٿو ته: ”فرنگي واپارين جا جھاز ھر سال، سامان سان ڀرجي، ملايا ۽ اوڀر آفريڪا ڏانھن ويندا ھئا ۽ وڏي تعداد ۾ قيمتي جواھرات کڻي موٽندا ھئا. سورت، گوا، ڪاليڪٽ، سولي پٽم، چٽگانگ، ھگلي ۽ سونار گائون ٻاھرين واپارين لاءِ مشھور ھئا.
سوٽي ڪپڙو، ڪارا مرچ، نير، آفيم، ريشم ۽ لاک ٻاھرين ملڪن ڏانھن موڪليا ويندا ھئا. سون، قيمتي جواھرات، ڪچو ريشم، گھوڙا ۽ چينيءَ جو سامان، انگريزن جي معرفت ھتي ايندو ھو. (روشن مستقبل، ص نمبر 45)
انگريزن ھندوستان ۾ قدم رکڻ سان ئي، سنڌ جھڙي سرسبز، خوشحال ۽ آسودي ملڪ کي تاڙي ورتو. ان ڪري ھند، سنڌ سان تجارتي ناتو رکڻ ٿي چاھيو. آڪٽوبر 1613ع ۾ سندن ھڪ واپاري نمائندو نڪولس وٿنگٽن، احمدآباد کان ميرپور بٺوري ۾، نير جي خريداري لاءِ آيو ۽ رپورٽ تيار ڪري کڻي ويو. ساڳئي سال ۾ ڪرسٽو فرنيو بورٽ جي سربراھيءَ ھيٺ، انگريزن جو ھڪ وفد، سنڌ ۾، واپاري فائدي جي جائزي وٺڻ لاءِ، لھري بندر ۾ آيو. مغلن جي نائب سندس آجيان ڪئي، ھن رپورٽ تيار ڪري مٿي موڪلي، جنھن ۾ ھن سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. 1615ع ۾ انگريز ڪمپني ٻيھر سر ٽامس رو کي سنڌ ۾ موڪليو. ھن به پنھنجي رپورٽ ۾، سنڌ ۾ واپار ڪرڻ تي زور ڏنو. 26 اپريل 1630ع ۾ ڪمپنيءَ ھڪ ديسي دلال کي، واپاري واءُ سواءُ لھڻ لاءِ سنڌ موڪليو، جيڪو ڪپڙي جون ٻه ڳٺڙيون ۽ نير کڻي سورت ويو. 1635ع ۾، ڪمپنيءَ جو ھڪ جھاز لاھري بندر تي پھتو، جنھن پنج ڏينھن ھت رھي، ڪپڙي، نير ۽ آفيم جو واپار ڪيو. 1635ع ۾، ڪمپنيءَ جو ھڪ تجارتي وفد، سنڌ ۾ وليم فريملين، جان سيلر ۽ رچرڊ موئلي سان گڏجي آيو، جنھن سنڌ ۾ واپاري ڪوٺي کولي. سندن ھيڊ آفيس ٺٽي ۾، ۽ شاخون نصرپور ۽ سيوھڻ ۾ ھيون. ھيءُ مغلن جو دورِ حڪومت ھو. 1647ع ۾ ڪمپنيءَ جا ٻه نمائندا، ھينري گاري ۽ گلبرٽ ھيئرسن، ٺٽي ۾ اچي، پنھنجي تجارت جو بنياد مضبوط ڪرڻ لڳا.
انھن ڏينھن ۾، سنڌ جا شھر واپار ڪري برک ھئا. ديسي شين کانسواءِ، بازارين ۾ ڪابل، قنڌار، تبريز، اصفھان، ڪشمير، لاھور ۽ ملتان جون شيون به وڪامنديون ھيون. انگريز بندر تي لھڻ شرط، غريب ۽ اٻوجھ عوام کي ٺڳڻ لاءِ، انھن ۾ نقد پئسا ورھائيندا ھئا. سنڌ جون شيون سستيون ۽ ساديون ھونديون ھيون، پر ڪمپنيءَ جون آندل ولايتي شيون مھانگيون ۽ ڪاريگريءَ جي نئين نموني موجب ھتان جي رھاڪن لاءِ عجيب ھيون. مثلاً: گرم ڪپڙو، نباتون، چيني ۽ شيشي جو سامان، آرسيون، واچون، گھڙيال، وڍ ٽڪ جا اوزار ۽ بارود جا ھٿيار. سندن واپاري پاليسي سنڌ کي ڦُرڻ ھئي، ان ڪري ھو غريب سنڌي ڪورين کي، اڳواٽ پئسا ڏيئي زيربار ڪري، سندن تيار ڪيل سمورو ڪپڙو، زوريءَ سستي اگھ تي کڻي ويندا ھئا، حالانڪه اھو تيار ڪيل ڪپڙو، ولايت ۾ سٺ سيڪڙو منافعي سان وڪامندو ھو. اھڙيءَ طرح ھو سنڌي ڪاريگرن تي، ظلم ڪري پنھنجي گودڙي ڀرڻ لڳا. 1662ع ۾ ھنن سنڌ ۾ واپار جي ڪوٺي بند ڪئي. ان عرضي ۾ ھنن 250، 400 ڳٺڙيون ڪپڙي، سُٽ ۽ ڇيٽن جون بمبئي ۽ سورت روانيون ڪيون. 1635ع ۾، 6 ھزار ٿان، 1656ع ۾ ويھ ھزار ۽ 1668ع ۾ ڇھ ھزار ٿان ڪپڙي جا خريد ڪيا. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي، ص نمبر 212) ان زماني ۾ سنڌ جي ڪپڙي جي ولايت ۾ وڏي مقبوليت ھئي. انگريز ايجنٽ لکي ٿو ته، ”سوٽي ڪپڙي جي ٻين سڀني ڪوٺين کان سنڌ جي ڪوٺي وڌيڪ اطمينان جوڳي ۽ جاري رکڻ جھڙي ھئي. ان کي سڄي مشرق ۾ تيار ٿيندڙ مال جو ”گل“ سمجھيو ويندو ھو ۽ ٻئي ھر ڪپڙي تي کيس ترجيح ڏني ويندي ھئي. (سنڌ جي اقتصادي تاريخ- مترجم: سراج، ص نمبر 125)
22 سيپٽمبر 1758ع ۾، سنڌ جي حاڪم غلام شاھ ڪلھوڙي کان، انگريزن ٻيھر، ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺي کولڻ جي اجازت گھري. سنڌ جي حڪومت طرفان کين نه صرف ڪوٺي قائم ڪرڻ جي اجازت ملي، پر قلمي شوري جو به کين ٺيڪو مليو. ان کانسواءِ ھنن رعايتن وٺڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويا. (سنڌ جي تاريخ- عھد ڪلھوڙا، ص نمبر 54) کانئن صرف ڏيڍ سيڪڙو محصول وٺڻ. (سنڌ جي تاريخ- عھد ڪلھوڙا، ص نمبر 54) ھو جھازن لاءِ سامان بنا محصول جي خريد ڪن. (سنڌ جي تاريخ- عھد ڪلھوڙا، ص نمبر 54) کين جاين ٺاھڻ جي به اجازت ملي. (سنڌ جي تاريخ- عھد ڪلھوڙا، ص نمبر 54) اھا ڪوٺي 1775ع تائين قائم رھي ۽ پوءِ سياسي حالتن جي بدتر ٿيڻ ڪري، ھنن ڪوٺي بند ڪئي. ھن مختصر عرصي ۾ انگريزن ھتان تمام گھڻو ڪمايو. 1764ع ۾ ھنن 38،526 روپين جو مال بمبئيءَ کان ھت آندو ۽ 1254 ڳوڻيون قلمي شوري جون، جن جي قيمت 15884 روپيا ھئي، بمبئي موڪليون. ڪمپني سراسري طرح ڏھ ھزاز مڻ قلمي شورو، سال ۾ خريد ڪيو. غلام شاھ ڪلھوڙو کانئن ھر سال 45 ھزارن جو اوني ۽ ريشمي ڪپڙو خريد ڪندو ھو. ميان نور محمد کي انگريزن 16 بندوقون 33 ھزار و سؤ ۽ نوي روپين ۾، ۽ ڏھ توبون 63 ھزار 8 سؤ 52 روپين ۽ ٽن آنن ۾ وڪرو ڪيون. 1762ع ۾ ڪمپنيءَ کان سنڌ حڪومت 45،417 روپين جو مال خريد ڪيو. 1764ع ۾ ڪمپني بمبئي بندر کان شاھ بندر تي 15،884 روپين جو مال آندو ۽ نيڪال ڪيو. (سنڌ جي تاريخ- عھد ڪلھوڙا ج 2 مولانا غلام رسول مھر ص نمبر 58) اھڙي طرح اڳ ۾ 1697ع کان 1702ع تائين 8 لکن پائونڊن جو مال سنڌ مان ٻاھر روانو ڪيو، جنھن ۾ سنڌ جي ڪپڙي کانسواءِ چوپايو مال، کلون ۽ زرعي جنسون به ڪثرت سان ھيون.
ٽيون دفعو انگريزن کي 1798ع ۾، بمبئيءَ جي گورنر، لارڊ ويلزلي جي سفارش سان، مير فتح علي خان ڪراچيءَ ۾ واپاري ڪوٺي کولڻ جي اجازت ڏني. ناٿن ڪرو، انگريزي ايجنٽ، ڪراچيءَ ۾ عمارت ٺھرائي، وڏي پئماني تي تجارت شروع ڪئي. ھو ساليانو چئن لکن روپين جو مال نيڪال ڪرڻ لڳا، جنھن ۾ چين جي کنڊ، ملبار جا ڪارا مرچ ۽ ٻيون صنعتي شيون، چيني ۽ شيشي جا برتن، لوھ ۽ ٽين جو سامان وغيره ھيون. مير حاڪم کانئن ھڪ لک ٿان گرم ڪپڙو خريد ڪيو.
سنڌ ۾ انگريزن جي واپار ڪري، مقامي شين کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، ڪاريگر بيروزگار ٿيڻ لڳا. واپار ۾ بد ديانتي وڌي ويئي. ان ڪري واپاري طبقي جا سيٺ ۽ ھنرمند حڪومت جا در کڙڪائڻ لڳا. اھو ڏسي مير فتح علي خان ناٿن ڪرو کي 15 ڏينھن اندر، سنڌ مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڪيو. ان اوچتي قدم کڻڻ ڪري، ڪمپنيءَ کي 1،09،659 روپين جو نقصان پيو. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 308)
انگريزن پنھنجي واپار مان، معلوم ڪيو ته سنڌ زرخيز ۽ خوشحال آھي، ان ڪري ھن تي قبضو ڪري، چڱي طرح کيس ڦُرجي ۽ لُٽجي. دراصل ھو آيا به، سنڌ کي ڦُرڻ ھئا، پوءِ اھو واپار جي صورت ۾ ھجي يا سياسي طرح ھجي. سنڌ ۾ جيڪو به ايلچي پئي آيو، تنھن پنھنجي ھر رپورٽ ۾ ھتان جي دولت جو ذڪر ڪيو آھي. 1613ع ۾ ڪرسٽوفرنيو بورٽ سنڌ ۾ آيو، ھن لکيو ته: ”مغل سلطنت ۾، سنڌ، شاھوڪار ۾ شاھوڪار صوبو آھي.“ 1615ع ۾ سر ٽامس رو لکي ٿو ته: ”سنڌ جي آبھوا، صحت بخش آھي. سنڌ جو نير ۽ ٻيون قيمتي شيون، انگلنڊ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿينديون.“ ھڪ انگريز سياح ٿيوناٽ لکيو ته: ”سنڌ ملڪ عاليشان تجارت جو مرڪز آھي. خاص ڪري، ٺٽي شھر ۾، تمام گھڻو واپار ھلي ٿو. ھتان، ھندوستان جا واپاري، مقامي ماڻھن جو ٺھيل، عجيب و غريب شيون خريد ڪن ٿا. ھتان جا ماڻھو، سڀني قسمن جي ھنرن جا بي انتھا ماھر آھن.“ 1809ع ۾، ھينري ايلس، ڪائونسل کي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي، تنھن ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ جي سالياني اُپت، اڳ 80 لک روپيا ھئي، جيڪا ھاڻي گھٽجي 42 لک 78 ھزار روپيا ٿي آھي. ڪراچي بندر جي آمدني، ھڪ لک 30 ھزار روپيا آھي. ٺٽي جي سٺ ھزار ۽ حيدرآباد جي سٺ ھزار آمدني آھي. ھت چمڙي جو ڪم سٺو ٿئي ٿو. سنڌ مان چانور، گھوڙا، نِير، مڃٺ، چمڙو، گيھ، لوبان، کستوري، ۽ زعفران ٻاھر وڃن ٿا. سنڌ ھڪ آباد ملڪ آھي، مٿس قبضو ڪري، جي سڌارا ڪبا ته، بھترين آمدني ٿيندي.“ بمبئيءَ جي گورنر کي، لارڊ ويلزلي لکيو ته: ”سنڌ جا ٽالپر حڪمران، ڪابل جي ماتحت ٿي رھڻ کان بيزار آھن. سنڌ ۾ واپار جي ڪوٺي وجھڻ سان، انگريز آسانيءَ سان، افغانين، ايرانين، روسين ۽ فرينچن جي ڪارگذارين کي معلوم ڪري سگھندا.“ 1828ع ۾ جيمس برنس، برطانيا سرڪار کي لکيو ته ”سنڌ بي حساب دولت سان ڀرپور ھڪ نھايت زرخيز علائقو آھي، جنھن تي جاھلن جو راڄ آھي، ان ملڪ جي وڌيڪ جاچ پڙتال ڪرڻ ۽ ان ۾ پير کوڙڻ نھايت ڪارآمد ٿيندو. “ اليگزينڊر برنس لکيو ته: ميرن وٽ بي قاعدي فوج آھي ۽ حيدرآباد جي قلعي ۾، ميرن وٽ ويھ ڪروڙ روپيا آھن.“ انگريزن جي ذھن تي سنڌ جي دولت جو ڀوت، ڪيتري قدر سوار ھو، ان لاءِ سندن قوم جو ھڪ فرد، چارلس ڊيڪي لکي ٿو ته: ”انگريز فوجي بالا عملدار، جڏھن کاڌي جي ميز تي ويھن ٿا، تڏھن اھا گفتگو ڪن ٿا ته: ”فلاڻو نواب يا راجا، مالدار آھي. خاص ڪري ٽالپرن لاءِ چون ٿا ته، وٽن سون ۽ چانديءَ کانسواءِ ڪيترائي جواھرات آھن. سندن چوڻ آھي ته، سنڌ جا بندر اتر ھندوستان ڏانھن، مال پھچائڻ لاءِ مفيد آھن. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 51) خود سر چارلس نيپيئر جو چوڻ آھي ته: ”صدين جي تعليم ۽ تربيت انگريزن جي رھزن فطرت کي بدلائي نه سگھي. ھندوستان ۾ جڏھن به ڪو انگريز، ڪنھن دولتمند ماڻھوءَ يا ڪا عاليشان عمارت کي ڏسي ٿو ته، بي ساخته چئي ٿو ته ڪھڙو نه سٺو شڪار آھي مارڻ لاءِ، ڪھڙو نه سھڻو محل آھي ساڙڻ لاءِ؟ (بحوالہ روزانه مساوات لاھور)
مذڪوره بالا بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ تي انگريزن جو قبضو سياسي لحاظ کان ڌاڙو ھو. ان وقت سنڌ جي معاشي حالت تي نظر ڪبي ته معلوم ٿيندو ته ھنن جو حريص نگاھون، ان دولت ۽ جواھرات تي ھيون، جيڪي مير حڪمرانن جي گھرن ۾ موجود ھئا. اھوئي سبب آھي جو انگريز ھر وقت ميرن، سان معاھدا ٽوڙيندا رھيا. ھو پنھنجي مفاد لاءِ ھڪ ٺھراءُ ڪري وري ڪجھ وقت کان پوءِ ان کي منسوخ ڪندا ھئا. ان ڪري ئي مير نور محمد خان اول، انگريزن جي ايلچي ايسٽوڪ کي چيو ته، ”فرنگين جي وعدي تي، جيڪو اعتبار ڪري تنھن تي لعنت ھجي. اوھان سھولتن ۽ ضرورتن مطابق تبديل ٿيندا رھندا آھيو. ڇا دوستن ۽ محسنن سان، اوھان وٽ اھڙي سلوڪ ڪرڻ جو دستور آھي. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 515) پر تاريخ شاھد آھي ته انگريز نه دوست ھئا نه سڄڻ ھئا ۽ نه وري گھڻگھرا ھئا. ھنن کي ته سنڌ جو ناڻو گھربو ھو، سنڌ جو پئسو گھربو ھو. ھنن کي ته ھر لحاظ کان ميرن ۽ سنڌي عوام کي ڦرڻو ھو، دوستي ۽ ٺھراءُ ته سندن صرف ڏيکاءُ ۽ ڍونگ ھو. ان ڪري، ھنن پنھنجي ھڪ لاڏلي جرنيل، سر چارلس نيپئر کي ڏھ ھزار فوج ڏيئي، سنڌ تي چاڙھي موڪليو، جنھن اچڻ سان سڀني عھدنامن کي ڦاڙي چيري، رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. ھن وڏي واڪي اعلان ڪيو ته ”سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو اسان کي ڪو حق نه آھي، پر ان ھوندي به اسين قبضو ضرور ڪنداسين ۽ سچ پچ ته، اسان جو اھو قدم، تمام فائديمند، ڪارائتي ڪميڻپ ۽ بدمعاشي جو ثبوت ٿيندي. (لٽيرا حاڪم- خان صاحب عبدالله چنا ماھوار روح رھاڻ جولاءِ 1969ع) اھڙي طرح ھن 17 فيبروري 1843ع تي، مياڻيءَ جي ميدان ۾ ميرن جي لشڪر سان مقابلو ڪري، سنڌ تي تسلط ڄمايو، پنھنجي سابقه روايت وانگر، سنڌ جي رھاڪن، مُرڪندي وطن تان جان نثار ڪئي. ھو ايڏي ته بھادري ۽ سورھيائي سان وڙھيا، جو دشمن انگريز آفيسر پوسٽنس لکي ٿو ته ”ھو اِئين وڙھيا، جيئن ڪو ماڻھو، پنھنجي اھڙي شيءِ لاءِ وڙھندو آھي جا کيس زندگيءَ کان وڌيڪ عزيز ھجي.“ خود سر چارلس نيپئر لکي ٿو ته ”بلوچ جوڌا، پھرين پنھنجي پستولن ۽ ٽونٽي دار بندوقن سان وڙھيا، پر پوءِ بندوقن ۽ سنگينن جي مقابلي ۾، وڏي دليريءَ ۽ ھوشياريءَ سان ترارون ھلائڻ شروع ڪيائون. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 515) ھن جنگ ۾، سنڌ جي باشندن، انگريزن خلاف، پنھنجي آزادي جي بقاءَ، وطن جي سالميت ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو جيڪو عظيم مظاھرو ڪيو، انجو مثال قومن جي آزاديءَ جي تاريخ ۾ ھڪ انفراديت جو حامل آھي. انگريزي فوجن ميدان جنگ ۾ جيڪو مال اسباب بلوچن ڇڏيو ھو سو، کنيو ۽ توبخاني کان سواءِ تنبو به ڦريا ۽ ٻين کي باھ لڳائي ڇڏي.
ھن جنگ کانپوءِ نيپئر سڀني ميرن کي، گرفتار ڪري، ريزيڊنسي جي ڀر ۾، ھڪڙي جاءِ ۾ نظربند ڪري، مٿن پھرو بيھاري، ٻن پلٽڻين کي ساڻ ڪري، حيدرآباد جي قلعي ۾ داخل ٿي، اھا عظيم ڦرلٽ ڪئي، جا دنيا جي تاريخ ۾ ياد رھندي ۽ انگريز قوم جي انسان دوستي، حيوانيت، درندگي، وحشانيت، مطلب پرستي ۽ زرپرستيءَ جو ثبوت ڏيندي. ان ڦر جو تفصيل مورخن جي لفظن ۾ پيش ڪريان ٿو ته جيئن سنڌ وارن کي ”دوست“ لفظ جي خبر پئجي سگھي.
انگريزي سياسي ايجنٽ ايس- ٽي وڪ لکي ٿو ته ”نيپئر اول، مير ڪرم علي خان جي، زنانه خاني ۾ داخل ٿيو ۽ مرزا خسرو بيگ سان، بدسلوڪي سان پيش آيو ۽ ان کان سڀ قيمتي شيون ڦريائين، مير ڪرم علي خان جي زنانه خاني مان، ھن اٽڪل 15 لکن جي قيمت جو سامان ڦريو. مير صاحب جي عورتن اھا حالت ڏسي، کيس چوائي موڪليو ته، ھو کين پالڪي گھرائي ڏي ته ھو، ڪپڙن جا ٽي جوڙا کڻي نڪري وڃن، پر صاحب انڪار ڪيو ۽ منشي علي اڪبر سان گڏ، زنانه خاني ۾ زوريءَ داخل ٿيو، اتي جيڪي به زيور، سون ۽ چاندي جا ٿانو، نقد ۽ ڪپڙا ھئا، سي سڀ ڦريا ۽ عورتن جي ھٿن ۽ ڪَنن مان زيور به لاٿا. بدنصيب مائيون، شرم، حيا ۽ خوف کان شھر مان نڪري، حيدرآباد کان 5 ميل پري ڀڄي ويون. ان کانپوءِ ھي لٽيرا مير نور محمد جي گھر ويا ۽ اتي به اھڙي طرح ڌاڙو ھنيائون. اھي عورتون گھرن مان نڪري کٿڙ ھليون ويون. ان کانپوءِ، ھي ڦورو مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان جي گھرن ۾ داخل ٿيا. عورتون ويچاريون پنڌ پيادو نڪري ويون. ظالمن سندن زيور لاھي ورتا. مير فتح علي خان کان زوريءَ ڪپڙن جا ٻه وڳا ڦريائون. مير صوبدار خان جي گھر جي ھڪڙي عورت جا ڀڄڻ وقت ڪجھ پئسا ڪري پيا. جھٽ پٽ، انکي گرفتار ڪري، سندس پئسا ڦريا ويا. ان کانپوءِ ھر ھڪ عورت کي جدا وٺي، انھن جي ھٿن، پيرن، نَڪ ۽ ڪَنن مان زيور لاٿا ويا. ھاڻي عام ماڻھوءَ کي قلعي ۾ وڃڻ جي سخت منع ھئي. مير نور محمد ۽ مير نصير خان جون عورتون، ٻن ڏينھن کان اڃايل ھيون. مير حسن علي خان ۽ مير عباس علي خان، جيڪي قلعي ۾ نظربند ھئا. ھڪ ماڻھو کي پاڻيءَ لاءِ موڪليو، پر جواب مليو ته، نيپئر صاحب جو حڪم آھي ته ”ھر ھڪ پاڻي پيئڻ لاءِ ڪمانڊر جي بنگلي تي پاڻ اچي.“
آخرڪار نون ماڻھن لاءِ ھڪ مَشڪ موڪلي ويئي. ان ٿوري پاڻيءَ مان، ھڪ ماڻھو جي نڙي به آلي ٿي نه سگھي. ڪجھ ڏينھن کانپوءِ، نيپئر ان جاءِ تي آيو، جتي بيگمون پناھگير ھيون. سپاھين ڪھاڙين سان دروازا ڀڳا ۽ سندن زوريءَ زيور لاٿا. ھڪ عورت، جنھن کي ريشمي شلوار ھئي، ڀڄڻ چاھيو، انکي گرفتار ڪري، سندس ڪپڙا لاٿا ويا. ميان نور محمد خان جي بيوھ گھر واري، ھڪ نوڪرياڻيءَ کي ڪجھ ڪپڙا ڏنا ته، وڪڻي ڪجھ کائڻ لاءِ وٺي اچي، نيپئر جي ڇاڙتي محمد حسن کيس ماريو ۽ ڪپڙا به کسي ورتا. ان کانپوءِ ٻن عورتن کي، در تي بيھاريو ويو، جيڪي ھر ٻاھر ويندڙ عورت کان تلاشي وٺڻ لڳيون. مطلب ته ميرن وٽ جيڪي به شيون ھيون سي سڀ ڦريون ويون. (عبرت ڪدھ- مترجم ضامن ڪنتوري ص نمبر 55- 354)
مير نصير خان، پنھنجي تباھڪاريءَ جو حال بيان ڪندي لکي ٿو ته ”آخرڪار مسٽر فيلن، ڪرنل پئٽل، ميجر ريڊر ۽ ٻين ڪيترن آفيسرن، گھوڙي سوارن، پيادل فوج جي ٻن پلٽڻين سان قلعي ۾ داخل ٿيا ۽ سموري ملڪيت ، جھڙوڪ: سون، چاندي، ترارون، توبون، چاقو، خنجر، ڍالون، جواھر ۽ ٻي ھر اھا شيءِ، جنھنجو قلعي سان واسطو ھو، ڦري ورتيون. قيمتي ڪپڙو، قرآن شريف ۽ ٻيا ڪتاب، گھوڙا، اُٺ، خچر، سون ۽ چاندي جا سنج ۽ ھر اھا شيءِ، جنھن جي قيمت سئو کان وڌيڪ نه ھئي، ڦري ورتي. لُٽمار ايڏي ته مڪمل ھئي جو ڪيترائي قيمتي پٿر سپاھين جي واسڪوٽن مان ڪري ٿي پيا ۽ ھو اھي بازارن ۾ وڪڻڻ لڳا. انگريزن ساندھ ست ڏينھن، ڦرلٽ جاري رکي. ھو اسانجون کٽون ۽ بسترا به کڻي ويا ۽ سمھڻ لاءِ، اسانکي خالي ميدان ڏيئي ويا. مون کان منھنجا ڪتاب به کسي ورتائون. مرزا خسرو بيگ کي، اسان کان جدا ڪري، ايڏي ته مار ڏنائون، جو ھو بيھوش ٿي ويو. جڏھن کيس ھوش آيو، تڏھن ٻن ڪلاڪن تائين ٻَڌل رکيو ويو. (انگريزن جو سنڌ تي قبضو- حنيف صديقي- روزانه مھراڻ سالگرھ نمبر 1960)
”تاريخ تازھ نوائي معارڪ“ ۾ آيو ته انگريزن سنڌ جا سڀ خزانا، اوني ۽ نفيس ڪپڙا، بيش بھا ھٿيار، مرصع تلوارون، رومي، خراساني ۽ ميرخاني بندوقون، جواھردار خنجر ۽ ڇريون، ولايتي گھوڙا ۽ اُٺ ۽ بھترين چوپايو مال، زنانه مرصع طلائي زيور، جن جي قيمت لکين روپيا ھئي ۽ ٻه ڪروڙ ٽيھ لک روپيا نقد جيڪي حيدرآباد جي ميرن جي تھ خاني ۾ ھئا، ساري سامان تي قبضو ڪيو. ان کانسواءِ ميرن جي ڪن نوڪرن کي، انگريزن سئو سئو روپيا ڏيئي لِڪل خزاني لاءِ پڇيو ۽ اھو سارو خزانو کوٽي پنھنجي قبضي ۾ آندو. (673 بحواله تاريخ سنڌ ج 2 مولانا قدوسي ص نمبر 607)
ٽالپر حڪمرانن جي عورتن، ھڪ خط ملڪئه وڪٽوريا جي نالي لکيو، ان ۾ انگريز حاڪم نيپئر جي ظلم ۽ ڦُر جي تصوير ھن طرح چِٽي آھي. ”ٻن سالن جو عرصو گذريو ته، نيپئر حيدرآباد سنڌ ۾، فوج ۽ توبخانو آندو، ۽ اسان جي گھر مان زر، نقد، جواھرات ۽ زيور مطلب ته سڀ قيمتي شيون ڦُري کڻي ويو. ان سان گڏ ھو، اسان جي گھرن ۾ زوري گھڙي، اسان جا سڀ زيور ڦُري ويو ۽ اسان جي لاءِ ڪجھ به نه ڇڏيائين. ٻه سال ٿيندا جو، ھنن اسان کي، اسانجن گھرن ۽ وطن کان جدا ڪيو ۽ اسان کي جھوپڙين ۾، فقيرن وانگر، رھڻ تي مجبور ڪيو ۽ اسان کي گذران لاءِ، ايترو ڏنو جو ھڪ ڏينھن کائڻ لاءِ به ڪافي نه ھو. خدا ئي، اُن مصيبت کي ڄاڻي ٿو، جيڪا اسان کي کاڌي ۽ ڪپڙي جي طرف کان آھي. مڙسن ۽ ٻارن کان جدائيءَ ڪري، زندگي وبال آھي. اسان کي ھر روز ھڪ نئين تڪليف سھڻي پوي ٿي. (عبرت ڪدھ سنڌ- مترجم ضامن ڪنتوري ص 337)
انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ مير نصير خان، مير فتح علي خان، مير محمد علي خان، مير حسن علي خان ۽ مير عباس علي خان سان گڏ مرزا خسرو بيگ، محمد بچل متعلوي، ديوان ميٺارام ۽ آخوند حبيب الله کي گرفتار ڪري، قيدي بڻائي بمبئي موڪليو. اتي سنڌ جي ھنن حاڪمن کي جيڪي تڪليفون ڏنيون ويون، تن جو ذڪر ڪندي، مير نصير خان لکي ٿو ته ”جھڙا ظلم، اسان تي ٿيا، تھڙا نه ڪنھن ڏٺا نه ٻُڌا. اسان کي گھڙي گھڙي، پئي ستايائون. اسان جن نوڪرن کي، ھٿڪڙيون وجھي، مٿن طرح طرح جا ظلم ڪيا ويا. اسان جي عورتن جي جسمن تان ڪپڙا لاھي کين اگھاڙو ڪيو ويو. تاج ۽ تخت کسيو ويو. مال ملڪيت، زر ۽ جواھر لُٽيا ويا. وطن ڇڏائي، غريب الوطن بڻايو ويو. اسانجا ارڙھن ڪروڙ روپيا نقد ضبط ڪيا ويا. اسان کان ملڪ کسي، اسان جي بي آبروئي ڪئي ويئي. مون کي اھا خبر ڪانه ھئي ته ڪو دوستيءَ جي آڙ ۾، مون تي اھڙا ظلم ڪيا ويندا. اسان کي جيڪا ماھوار، پينشن ملي ٿي، ان مان پورت ڪانه ٿي ٿئي. (مياڻيءَ جي جنگ کانپوءِ- مرزا سڪندر علي بيگ، ماھنامه نئين زندگي فيبروري 1962ع- ص نمبر 28) اخبار ٽائيمس انھن جلاوطن مير حاڪمن جي تصوير، ھن طرح چٽي آھي، ”مير جئين ته، حڪومت جا قيدي آھن، تنھن ڪري انھن کي الڳ الڳ رکيو پيو وڃي. اھي بيحد مايوس ۽ دلشڪن چيا پيا وڃن. ڏک جي ھن گھڙيءَ ۾، ھو ڪابه دانھن نٿا ڪن ۽ نه ڪي وڙھن ٿا. انھن کي ڪابه شيءِ خوش ڪري نٿي سگھي.“
ھي آھي، سنڌ ۾ انگريزن جي ظلمن ۽ لُٽمار جو داستان. زر ۽ جواھرات کانسواءِ، اٽڪل ڏھن لکن پائونڊن جيترو خزانو فرنگين کي قلعي جي ڦُر مان ھٿ لڳو. صرف نيپئر کي ستر ھزار پائونڊ حصي ۾ مليا، ان کانسواءِ فوج جي ھر سپاھي ۽ آفيسر کي به، انعام ڏنا ويا. انھن انگن اکرن مان تمام ٿورا ھيٺ ڏجن ٿا، جن مان خبر پوي ٿي ته ڪيترن سورھين ھتان جي ”حلال مال“ مان جاوا ڪيا.
22 :::: نمبر رجمنٽ مان:::: 649 سپاھي ۽ آفيسر
9 نمبر گھوڙي سوار مان 492 =
بمبئي واري پھرين ۽ ٻي بٽالين مان 225 =
گوله انداز توبخاني مان 151 =
پھرين نمبر برگيڊ مان 668 =
بمبئيءَ واري فوج جي 12 نمبر مان 739 =
بمبئيءَ واري فوج جي 21 نمبر مان 005 =
بمبئيءَ واري فوج جي 25 نمبر مان 803 =
سنڌ ھارس مان 253 =
جنرل اسٽاف مان 013 =
نيپئرس مائنرس مان 062 =
وارنٽ آفيسرس مان 004 =
پوءِ پيش ٿيل درخواستن تي 105
ڪل انعام يافته 4731 (مياڻي جي جنگ، محمد دائود بلوچ، ماھنامه زندگي- فيبروري 1969ع)
ھن ڦُرلٽ جي قصي مان معلوم ٿئي ٿو ته دنيا جي ھيءَ ”مھذب“ ۽ ”منصف“ قوم ڪيڏي نه وحشي ۽ درنده ھئي. نيپئر جي لفظن ۾ صدين جي تعليم ۽ تربيت، ھنن جي رھزن فطرت کي بدلي نه سگھي. خود سندن اڳواڻ نيپئر کي سندن ڀاءُ ”شيطان“ سڏيو آھي. دنيا ۽ دولت کي، ھٿ ڪرڻ سان گڏ، ھن ذليل قوم، ھِتان جي عوام ۽ حاڪمن کي جيڪو ذھني ۽ نفسياتي عذاب ڏنو، اھو ڪڏھن به وساري نٿو سگھجي. ھڪ انگريز مورخ ”ڪمپني جي حڪومت“ ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ لاءِ برطانوي حڪمت عملي، ھڪ آزاد ملڪ کي غلام بڻائڻ لاءِ، سازشن جو فرضي داستان بڻائي، صرف ھڪ فوجي آفيسر جي ٿورين خواھشن جي پورائي لاءِ لکين انسانن کي، ڳڀي کان محروم ڪرڻ ھو. حيدرآباد جي شاھي محلن کي، جنھن بي دردي ۽ بي رحميءَ سان ڦُريو ويو، ان جو مثال، چنگيزي ڪارنامن جي، ياد تازي ڪرائي ٿي. شاھي حرم کان جواھرات جو ڦُرڻ ته ھڪ لازمي امر ھو، پر صرف ڪپڙن لاءِ، عورتن کي اگھاڙو ڪرڻ، انساني ذلت جي انتھا ھئي.“ ساڳئي طرح ھڪ ٻيو انگريز مورخ S.T.Vick لکي ٿو ته ”اي انگلنڊ جا رھاڪو، پنھنجي زندگيءَ جي صدقي، ان قوم جو خيال به ڪريو، جيڪا پنھنجي آزادي بچائڻ لاءِ، تلوار ھيٺان شھيد ٿي. اي انگلنڊ جون عورتون! ھڪ دفعو انھن مائرن، ڀينرن، نياڻين ۽ شھزادين جو تصور ڪريو، جن جا زيور زوريءَ ڦُريا ويا ھجن ۽ کين گھرن مان تڙيو ويو ھجي ۽ ان طرح کين شھر نيڪالي ڏني ويئي ھجي ته جيئن بي گھر، بي سرو سامان، خطرناڪ جبلن ۽ جھنگل ۾ موت جو انتظار ڪن.“ (عبرت ڪدھ سنڌ- ضامن ڪنتوري)
ھيءَ ته ھئي سنڌ فتح ڪرڻ وقت انگريزن جي ظلم ۽ ڦُر جي ڪھاڻي، جيڪا صرف اتي ختم نه ٿي ٿئي. پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته ھن عادل قوم، جڏھن ھِت حڪومت قائم ڪئي تڏھن به ھن ملڪ جي مال کي ”قاعدي ۽ قانون“ جي صورت ۾ به ڦُريندي رھي. ھن جيڪي حڪمران، آفيسر ۽ ملازم رکيا ۽ انھن کي جيڪي پگھارون ڏنيون، تن ۾ به ”عادلانه ڦُر“ واري پاليسيءَ کي قائم رکيو. ان وقت سنڌ ۾ وڏا وڏا عھدا گورنر، ڪمشنر، ڪليڪٽر ۽ ڊيپوٽي ڪليڪٽر ھئا، جن جون پگھارون آسمان سان ڳالھيون ڪنديون ھيون. گشت جا خرچ پکا ان کان علاوه ھئا.
ان وقت اناج جي مَڻن جو اگھ يا گيھ جي سير جي قيمت روپين ۾ نه، پر آنن ۾ ھوندي ھئي، ڪڪڙ جي قيمت ھڪ ٽَڪو ھئي. ان حساب سان، ان وقت جي رپئي ۽ ھِن وقت جي رپئي ۾ وڏو فرق آھي. ھاڻي انگريز آفيسرن جي پگھارن جا نُرخ ڏسو. گورنر جي پگھار 8 ھزار روپيا، ڪمشنر ساڍا پنج ھزار روپيا، ڪليڪٽر 1200 روپيا ۽ ڊيپوٽي ڪليڪٽر 700 روپين کان به مٿي (لٽيرا حاڪم- خانصاحب عبدالله چنا- ماھوار روح رھاڻ جولاءِ 1966ع) ۽ وري ديسي زيردستن جي پگھار ڏسو: ڪاردار 35 روپيا، منشي 15 روپيا، سپاھي 5 روپيا، ۽ پٽيوالو 3 روپيا. ھنن پگھارن رستي به برٽش حڪومت جي پاليسي سنڌ کي ڦُرڻ ۽ لُٽڻ ھئي ۽ صاف ظاھر آھي ته اھي انگريز آفيسر جيڪي ٻارھوئي گشت ۽ شڪار تي ھوندا ھئا، سندن کاڌ خوراڪ به وڏيرن جي معرفت سنڌي پورھيتن جي ھَڏن مان نڪرندي ھئي، بيگمون به ”صاحب لوڪن“ سان سدائين گڏ ھونديون ھيون، ته ھي ھزارين روپيا اھي ”ٽوپلي وارا“ ڪيڏانھن ڪندا ھئا. تاريخ شاھد آھي ته اھو سنڌ واسين جي ست ۽ رَت وارو چوسيل ناڻو، برطانيه جي ڪارخانن ۽ لنڊن جي روڊن تي خرچ ٿيو. انگلنڊ، پرائي پئسي تي، ترقي ڪري، صنعتي ملڪ ٿي ويو ۽ ھِن ديس کي ڄڻ ته ماڪڙ کائي ويئي.
خود، انگريز به تسليم ڪن ٿا ته سندن جبر، تشدد ۽ ظلم ڪرڻ جو مقصد ھِتان جي دولت لُٽڻ ھو ۽ اھڙيءَ طرح پنھنجي ملڪ کي معراج تي پھچائڻو ھو، ان ڪري ئي ايسٽ انڊيا ڪمپني، برطانيه جا بھترين غنڊا ۽ سماج دشمن عناصر، ھِت اچي گڏ ڪيا، جن پئسي ڦُرڻ سان گڏ ٻيون جيڪي بداخلاقي ۽ سماجي برايون ۽ بڇڙايون پيدا ڪيون، اھي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آھن. ھندوستان جي ھر صوبي ۽ ھر علائقي ۾ ھن قوم دنيا، دولت ۽ پئسي کي ھٿ ڪرڻ لاءِ، ھِتان جي ماڻھن کي ڪيڏو نه عذاب ڏنو. سر چارلس نيپئر، ضمير جو آواز ٻڌندي لکي ٿو ته ”ھندوستان کي فتح ڪرڻ جو خاص مقصد صرف دولت ھئي.“ چيو وڃي ٿو ته سٺ ورھين جي مدت ۾، ڏھن ڪروڙ پائونڊن کان به وڌيڪ رقم ھندوستان کان پيڙھي حاصل ڪئي ويئي آھي. انھيءَ رقم جو ھڪ ھڪ شلنگ، اتي جي بي گناھ ماڻھن جي خُون مان ڪڍي، انھيءَ کي اُ گھي سُگھي، خونين جي کيسي ۾ وڌو ويو آھي، پر انھن پئسن کي کڻي ڪھڙي به طرح ڌوئي ڌٻولي صاف ڪريو، انھن تان لعنت جو ٽِڪو ڪڏھن به نه لھندو. (مياڻيءَ جي جنگ جو سياسي ۽ تاريخي پس منظر، مراد علي مرزا، ماھوار نئين 'زندگي' مارچ 1968ع)
انگريزن جي ھنن وحشي ڪارنامن ۽ سنڌ ۾ ڦُرلٽ ڪرڻ طرف اشارو، اسانجي عوامي شاعر ”سچل سرمست“ به ڪيو آھي، جنھن اسان کي اڳي ئي آگاھ ڪندي چيو ھو ته:
اولھ سِج نه اُلھي، متان ٿئي اَوير،
ميڙي ويندءِ 'مغربي' تاريڪيءَ ۾ تير،
ڇڏي ويندءِ ڇپرين، ڍونڍن سندا ڍير،
مدد ڏين ٿا مام ۾، ساٿيڪي مٿير،
وجھ اَٿئي، وجھ پاڻ ۾، ھيڪڙائيءَ جي ھير،
ناسوري ناخير، نپٽ پوءِ نابود ڪر.