تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڏيئي ڏنڀ ڏڏن

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڏيئي ڏنڀ ڏڏن“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري محقق، تاريخدان ۽ اديب دادا سنڌيءَ جو لکيل آهي. ھن ڪتاب ۾ دنيا جي اھڙن لُٽيرن جو ذڪر ڪيل آھي، جيڪي ”عالمي لُٽيرا“ مڃيا وڃن ٿا. جن پنھنجي حرص ۽ ھوس جو نشانو دنيا جي ھر سرسبز خطي کي بڻايو. پر سنڌ کي ھنن پنھنجي ”پيءُ جي ملڪيت“ سمجھي کيس ڏُڌو! ھنن ڄؤرن وانگر سنڌڙيءَ جو رت چوسيو- ڪن کي پنھنجي ملڪ مان تڙايو ويو ته ھِت اچي آرام ڪيائون، ڪن کي دنيا جي لالچ ٿي، ته ھتان اچي اُٺ ۽ جھاز ڀريائون، ڪنھن کي ڌيءُ جو ڏاج گھربو ھو ته ھتان اچي اھو فرض پورو ڪيائين، ته ڪنھن کي وري پنھنجي بادشاھت کُٽل نظر آئي سنڌ کي قبضي ۾ آڻي، ان کي وسيع ڪيو.
  • 4.5/5.0
  • 4497
  • 980
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڏيئي ڏنڀ ڏڏن

شاھ بيگ ارغون (1520ع)

برو بگيرد يام بلخا، مون نه پروڙيم مام،
ٿود ئي ٿو مان خشگان، ڇلي ڇير جي لام،
اچي پيئي تنھين سام، دراھ دراھ ڪن جي.
(شاھ لطيفؒ )



شاھ بيگ ارغون جي حملي کان پوءِ، ملڪ جا سڀيئي قلعا، وسنديءَ وارا واھڻ ۽ بستيون، مال ملڪيتون، مطلب ته سڄو ارڪو ترڪو ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويو، جن جي نه ٻولي سمجھ ۾ ٿي آئي ۽ نه سندن اٿڻ وھڻ، چال چلت ۽ رھڻي ڪھڻي مان ھِتان جي ماڻھن کي ڄاڻ سڃاڻ ھئي، ھنن ٻھراڙيءَ جون زمينون، جن تي سنڌ جي غريب عوام جو گذر بسر جو دارو مدار ھو، نانيءَ ويڙھو ٺاھي، پاڻ ۾ ورھائي کنيون. ڪن جي نالي تي جاگيرون ٿيون، ڪن خالصن جي صورتن ۾ ورتيون، ڪِن وظيفن ۽ چراغي جو نالو ڏيئي قبضو ڪيو. ملڪ جي اصل مالڪن کي نظر انداز ڪري، سڀئي اعليٰ عھدا پاڻ ۾ ورھائي ورتائون، گويا سنڌ جي قسمت جون واڳون مڪمل طرح انھن ٻاھرين جي ھٿن ۾ اچي ويون ۽ سنڌين ويٺي قدرت جو تماشو ڏٺو ۽ پنھنجي بدبختيءَ تي روئڻو ٿي رُنو-

- سيد حسام الدين راشدي
مير معصوم بکري ص 69


جن گھراڻن ڏورانھان ۽ ٻاھران اچي، ڏاڍ مڙسي ۽ جبر سان، سنڌ ۾ پيھي، ھت زوري پنھنجي حڪومت قائم ڪري، من مستيون ڪيون، تن مان ارغون گھراڻو سَرِ فھرست آھي، جنھن جو بنياد شاھ بيگ وڌو. شاھ بيگ جو اصل نالو شجاع بيگ ھو. سندس پيءُ جو نالو ذوالنون بيگ بن امير مصري بن فرخ بيگ ھو، جيڪو دنيا جو مشھور ڌاڙيل ۽ رھزن، چنگيز خان جي اولاد مان ھو. سندس شجرو ھن ريت آھي: ارغون خان بن اباقا خان بن ھلاڪو خان، بن تولي خان، بن چنگيز خان. (تحفة الڪرام- مير قانع ٺٽوي ص 205) چنگيز خان کي چار پُٽ ھئا. سندس مرڻ کان پوءِ اوڪتائي جاءِ نشين ٿيو، اڪتائيءَ کان پوءِ سندس پُٽ ڪئيڪ قا آن گاديءَ تي ويٺو، کانئس پوءِ تولي خان جو پُٽ منگوقا آن، گادي نشين ٿيو. منگوءَ جي پٺيان، قوبلاقا آن، چين جي تخت تي ويٺو، جنھن پنھنجي ڀاءُ ھلاڪو کي ايران جو حاڪم مقرر ڪيو. ھلاڪو کان پوءِ ، سندس اولاد ايران تي حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ قوبلاقا آن جو اولاد چين تي. ھلاڪو جي اولاد مان، احمد نقودار پھريون مغل حاڪم ھو، جنھن اسلام قبول ڪيو ۽ پاڻ تي محمود نالو رکايو. امير ذوالنون بيگ ارغون، پوئين تيموري شھزادي، ھرات جي والي، سلطان حسين بائقارا جو، اميرالامراءُ ۽ سپھ سالار ھو، جنھن اتر ايران، افغانستان، خراسان ۽ سيستان تي، 25 ورھيه حڪومت ڪئي. 884ھ ۾ امير ذالنون بيگ ارغون سلطان حسين پاران قنڌار، زميد، داور، ساغر تولڪ ۽ فراھ جو والي مقرر ٿيو، جنھن پنھنجي پُٽ شاھ بيگ کي قنڌار ڏنو ۽ ساغر تولڪ پرڳڻن مٿان، عبدالعلي خان کي مقرر ڪيو ۽ غور جو علائقو، امير فخرالدين ۽ امير درويش جي حوالي ڪري، پاڻ داور مٿان حڪومت ڪرڻ لڳو. ھو 913ھ مطابق 1507ع ۾، سلطان حسين پاران، امير محمد خان شيباني، ازبڪ سان وڙھندي مارجي ويو. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي- ص 363)
امير ذوالنون جي وفات کان پوءِ، ارغونن ۽ ترخانن گڏجي، شاھ بيگ کي پنھنجو سردار تسليم ڪيو. ھن ان وقت ئي نقارا وڄائڻ جو حڪم ڪيو ۽ جيڪي امير جي عھدن تي ھئا، ان تي برقرار رکيائين، محمد خان شيباني کي جڏھن اھا خبر پيئي، تڏھن ھن قنڌار کي، فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر شاھ بيگ قاصد موڪلي، پنھنجي اطاعت ۽ فرمانبراريءَ جو اظھار ڪيو ۽ خُطبي خواھ سِڪي تي، سندس نالو لکرائي، خدمت ۾ حاضر ٿيو. ان تي محمد خان مٿس راضي ٿي خراسان ھليو ويو. (تاريخ معصومي- ص 96) ان کانپوءِ شاھ بيگ ڪابل ۽ قنڌار تي مستقل قبضو ڪري، ھرات جي مرڪزي حيثيت ختم ٿيڻ بعد پنھنجي گورنريءَ کي نيم آزاد سلطنت جو رنگ ڏيئي ڇڏيو.
ھي زمانو وچ ايشيا ۾ وڏي اھميت وارو ھو. ايران اندر، ان وقت ٽي نيون طاقتون، ظھور وٺي رھيون ھيون. شاھ اسماعيل صفوي، محمد خان شيباني ۽ امير تيمور گرگان جي دورمان جو بلند اقبال نوجوان بابر. ھي ٽيئي قوتون، ھڪ ئي وقت، ايران جي سرزمين تي، پنھنجي قيام ۽ بقا لاءِ جدوجھد ڪري رھيون ھيون. شاھ بيگ جيتوڻيڪ خودمختيار ھو، پر منجھس خودمختياري رکڻ جي طاقت نه ھئي. (سيد حسام الدين راشدي- نئين زندگي جون 1956ع ص 6) مٿان بابر پنھنجي اباڻي سلطنت کي ھٿ ڪرڻ لاءِ حملا پئي ڪيا. ھن ٽي گھمرا، پنھنجي پيءُ جي تختگاھ سمرقند کي ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، پر ازبڪن کيس شڪست ڏني ھئي. ان ڪري ھن ڪابل تي حملو ڪري قنڌار کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو. اھا حالت ڏسي، شاھ بيگ کي ھاڻي پنھنجي اچي لڳي- ھن پنھنجي دوستن سان صلاح ڪئي ته “اسان باھ ۽ پاڻيءَ جھڙين ٻن خودمختيار، سلطنت جي وچ ۾، ڦاسي ويا آھيون. ھڪ طرف شھنشاھ بابر آھي ته ٻئي طرف شاھ اسماعيل صفوي. بابر اسان کي سُک سان وھڻ نه ڏيندو، اسان کي ضرور ويچار ڪرڻ گھرجي. (تاريخ معصومي- ص 109) ان ڪري ھاڻي ھن کي ڪو اھڙو سُکيو زمين جو ٽُڪرو گھربو ھو، جتي پنھنجي مچائي ويھي. اھوئي سبب آھي جو ھن قنڌار خالي ڪري رِندن جي سردار مير چاڪر خان کان شال، پشين، گرم سيل ۽ ميوي جا علائقا فتح ڪيا ۽ سلطان محمد کي سيوي جو حاڪم مقرر ڪري، گجرات ۽ سنڌ فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ڊاڪٽر ايشوري پرشاد لکي ٿو ته- ”شاھ بيگ سنڌ تي ان ڪري حملو ڪيو جو، وچ ايشيا ۾ بابر کيس آرام ڪرڻ نه ٿي ڏنو. (مسلم رول ان انڊيا- سنڌ ان سڪسٽينٿ سينچري ص 536)
سنڌ ۾ اُن وقت سما خاندان جي حڪومت ھئي ۽ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو، سنڌ جو حاڪم ھو. ھو نھايت نيڪ، ڪردار ۽ گفتار جو سچو، منتظم، جري ۽ خوش اطوار سلطان ھو. جاھ و جلال، شان و شوڪت، تدبر خواھ فھم فراست ۾ سندس شاني ۽ ثاني ٻيو ڪو ڪونه ٿيو. سندس اڌ صديءَ جي حڪمراني، سنڌ لاءِ سچ پچ رحمت ثابت ٿي، ملڪ ۾ امن امان ھو، خير ۽ برڪت جو جواب ڪونه ھو. سنڌ جا ماڻھو سُکيا ستابا ٿيا. سڄو ملڪ ريان کيان ھو، ديانتداري ۽ دنياداري ملڪ ۾ ٻئي گڏوگڏ ھيون. ديني ۽ دنوي علومن جي اشاعت، سنڌ جي چئني ڪُنڊن ۾ انتھائي عروج تي ھئي. مھرسا ۽ خانقاھون آباد، راڄ ۽ رعيت، امير خواھ سپاھي، سڀ آرام ۽ آسائش ۾ ھئا. (مڪلي نامو- سيد حسام الدين راشدي ص 162) اھو سنڌ ۾ قومي جاڳرتا جو دور ھو. سنڌ واسين ۾، قوميت جو احساس ڪر موڙي رھيو ھو. مخدوم بلاول سمو، سنڌين ۾ قومي احساس ۽ روحاني جذبا پئدا ڪري رھيو ھو. ھو سنڌي تھذيب، سياسي اقتدار ۽ اندروني خودمختياري ۽ ترقيءَ جو قائل ھو. سندس خليفا سيد حيدرؒ ۽ مخدوم ساھڙ لنجار ھئا. ھن گروھ تي سنڌ جي نامور سورھيه دريا خان جو گھڻو راضپو ھو. (پيغام لطيف- جي ايم سيد) ھن ئي زماني ۾، شاھ بيگ ارغون سنڌ تي پھريون حملو ڪيو.
اھو 895ھ (1440ع) جو دور ھو. شاھ بيگ قنڌار کان اچي اڪڙي، چانڊڪي، سنديچہ ۽ ڪوٽ ماڇي جي ڳوٺن تي قبضو ڪري، ڦرلٽ ڪئي. ھن سيوي جو قلعو، بھادر خان کان کسي، ان تي پنھنجي ڀاءُ سلطان محمد کي حاڪم مقرر ڪيو. (جنت السنڌ- ص 364) پر جلد ئي سنڌي سورمن جو لشڪر، دريا خان جي اڳواڻيءَ ھيٺ اچي پھتو، جنھن کيس جلوھ گير جي ڳوٺ وٽ شڪست ڏني. ان سخت لڙائيءَ ۾، شاھ بيگ جو ڀاءُ سلطان محمد مارجي ويو ۽ مغل شڪست کائي قنڌار ڀڄي ويا. دريا خان وري ساڳين ڳوٺن ۾، امن امان قائم ڪيو. ھن ذليل شڪست شاھ بيگ جي چيلھ ڀڃي وڌي ۽ مير معصوم جي لفظن ۾، ” وري کيس طاقت نه ٿي جو سنڌ ڏانھن اکيون کڻي نھاري سگھي.“ (تاريخ معصومي- ص 353)
892ھ ۾، ھِرات جي حڪومت سنڌ جي ڪنھن حصي تي لشڪر ڪشي ڪئي. ان جو ذڪر ھڪ سرڪاري فرمان ۾ ھن طرح ملي ٿو. ”ھن زماني ۾ واپارين جي ھڪ ٽولي، جنھن جو واپاري سلسلي ۾، سنڌ جي علائقن ۾، (جيڪو اسان جي قلمرو سان مليل آھي) ۾ اچڻ وڃڻ ھو، اچي فرياد ڪئي ته، دشمنان اسلام (سنڌي لشڪر) جي ھڪ جماعت مسافرن تي ڏاڍ ڪندي رھي ٿي. اھو ٻڌي اسان کي ڏاڍو ڏک ٿيو. اسان ھڪ وڏو لشڪر، انھيءَ ملڪ تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. جڏھن لشڪر اسلام (شاھ بيگ جو لشڪر) جي انھن ڪفارن (سنڌين) کي خبر پيئي ته انھن وڏي فوج مقابلي لاءِ موڪلي. غدارن ۽ ڪفارن جي انھيءَ فرقي، اسان جي فوج جو خاتمو ڪرڻ گھريو ٿي. چناچه شب خون جو منصوبو سِٽيائون. راتاھي ھڻڻ لاءِ، جيئن ھو نڪتا ۽ ھڪ فرنج تي مس پھتا ته اسان جي فوج کي خبر پئجي ويئي ۽ فوج تيار ٿي مقابلي لاءِ نڪتي. صبح تائين ٻيئي فوجون منھن مقابل ٿيون. اسلامي فوجن انھن بدبختن ھندن (سنڌين) جي لاشن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. خدا تعاليٰ جي فضل سان فتح عظيم حاصل ٿي. (مڪلي نامو- ص 177)
ھن بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته، اھو ارغوني حملو 892ھ ۾ ٿيو ۽ لازماً انھيءَ ۾ شاھ بيگ جو ھٿ ھو، ڇاڪاڻ ته ھو سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ آتو ھو. ھن ان وقت بکر ۽ سيوھڻ جا قلعا ھٿ ڪيا. شاھ بيگ مرزا عيسيٰ ترخان کي لشڪر ڏيئي، فکر جي قلعي کي فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو، جنھن قاضي قادن صاحب کان قلعو کسي قبضي ۾ ڪيو ۽ فاضل بيگ ڪوڪلتاش کي، بکر مٿان نائب مقرر ڪري پوءِ سيوھڻ فتح ڪيو. سيوھڻ مٿان خواجه بيگ کي حاڪم مقرر ڪري، پاڻ شال ڏانھن موٽي ويو. (جنت السنڌ- ص 363) اھو سندس ٻيو حملو ھو.
شاھ بيگ ھنن شھرن کي فتح ڪرڻ کان پوءِ، نئين سر قلعا ٺھرايا. انھن کان سواءِ، ننڍا ننڍا قلعا ۽ ڇانوڻيون به ھيون، جن کي مرڪز طرفان خاص امداد ملندي ھئي. مغلن جا اھي لشڪر، سنڌين ۾ خوف ۽ ھراس پيدا ڪرڻ لاءِ ڪاھ ڪرڻ کان اڳ ڳوٺن کي ڦريندا ھئا. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي ص 372)
1508ع ۾، ڄام نندو وفات ڪري ويو، سندس پٽ ڄام فيروز تخت تي ويٺو. جيئن ته ھو ننڍو ھو ان ڪري سندس حڪومت جو سمورو ڪاروبار دريا خان ھلائڻ لڳو. اھا ڳالھ فيروز جي ماءُ کي نه وڻي، ان ڪري ھن دريا خان جي زور کي ٽوڙڻ لاءِ دولت شاھي نور گاھي ۽ ڪيبڪ ارغونن کي پاڻ وٽ گھرائي، کين جاگيرون ۽ خلعتون ڏيئي، ٺٽي ۾ ھڪ خاص جاءِ ۾ رھايو، جنھن کي ”مغل پاڙو“ سڏيو ويندو ھو. انھن جو سردار مير قاسم ڪيبڪي ھو. فيروز، ماءُ ۽ مامي ڪاھو ڏنور جي چوڻ تي، دريا خان کي درٻار مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي مير قاسم ڪيبڪي کي رکيو. (تحفة الڪرام- مير علي شير قانع ص 252)
ھن ڪاروائيءَ تي غور ڪيو ويندو، ته خبر پوندي ته فيروز جي اھا وڏي سياسي غلطي ھئي. اھي مغل موڪليا ئي شاھ بيگ ارغون جي طرفان ويا ھئا ته، جيئن خفيه طور سموريون حقيقتون، شاھ کي لکي موڪلين ۽ اندروني طور ھن لاءِ ميدان ھموار ڪن. ان کانسواءِ ڪجھ علماءِ ڪرام به شاھ بيگ موڪليا، جيڪي مذھب جي آڙ ۾، ھن لاءِ عام راءِ کي متاثر ڪن. ان عالمن ” چئن يارن جي چونڪڙي“ مشھور آھي، جيڪا تاجرن جي ويس ۾ ٺٽي ۾ پھتي. منجھن ھڪ خاص قسم جو اتحاد ھو. انھن آخر ۾ پاڻ کي ”غوث الثقلين پيران پير دستگير“، جو اولاد سڏائيندي، ظالم ۽ ڦورو، ارغوني حڪومت جي کپائڻ ۽ ھلائڻ ۾، ارغونن جي مذھبي مدد ۽ ساڻن مال غنيمت ۽، اقتدار ۾، ڀاڱي ڀائيواري ڪئي. (شاھ سچل ۽ سامي. محمد ابراھيم جويو ص 41) انھن عالمن ۾ قاضي شڪرالله شيرازي، سيد مبنه، سيد ڪمال ۽ سيد عبدالله اچي وڃن ٿا. ان کان سواءِ محمد احمد جونپوري سنڌ جي عالمن ۾ ٻه گروھ پئدا ڪرڻ ۽ سنڌي عوام ۾ اتحاد ۽ ٻَڌيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ، ھڪ نئون فتنو، ”مھدوي تحريڪ“ کڻي سنڌ ۾ آيو. اھو اصل ۾ شاھ بيگ جو مرشد ھو- سندس چوڻ تي، ھن صاحب قنڌار جي جامع مسجد ۾ ھڪ مدلل تقرير به ڪئي. (سنڌ ۾ مھدوي تحريڪ- قريشي حامد علي خانائي سه ماھي مھراڻ 1، 71 ص 18) ھو سنڌ ۾ شاھ بيگ ارغون طرفان موڪليو ويو ھو، جنھن ھت پنھنجو ھڪ مخصوص گروھ پئدا ڪيو، جنھن جو مُک سنڌي قاضي قادن ٿيو. ھن گروھ سنڌ ۾، پئن اسلامزم ۽ فرقيواريت پئدا ڪري سنڌ جي وحدت کي ٽوڙي، حمله آور دشمن لاءِ جاسوسي ڪئي ۽ ان جو ساٿ ڏنو. جڏھن ھي چند مغل، سنڌ ۾ آيا، تڏھن ھرکجي پيا، کين طمع وٺي ويئي ۽ ھنن چالبازيءَ سان، دريا خان کي قتل ڪرڻ ٿي گھريو. ان بيوفائي ڪرڻ ۾، ھنن کي ذري ماتر به پرواھ ڪانه ھئي- (ظفر الواله بحوالہ مڪلي نامو ص 152) ھو ھيا به ڌاريا. ”ڌريان ئي ڌاريا مِٽ مُئي جا نه ٿيا“ وانگر ھو موقعي جي تاڙ ۾ ھئا ۽ ڳالھ به بڻي آئي، جو فيروز، دريا خان کي ٺٽي مان ئي ڪڍي ڇڏيو ۽ ھو پنھنجي ڳوٺ ڪاھان ۾ وڃي رھيو.اھو ڏسي، مير قاسم ڪيبڪي شاھ بيگ کي سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ لاءِ، چوائي موڪليو، پر شاھ بيگ کي اڃا به دريا خان کان خوف ھو، ان ڪري، 921ھ مطابق 1515ع ۾، ھڪ ھزار سوار، سيويءَ کان سنڌ تي موڪليا. ھنن ڪاھان ۽ باغبان جي ديھن ۾ ڦرلٽ ڪئي. مخدوم جعفر بوبڪائي مرزا عيسيٰ کان نقل ڪيو آھي ته ”ھن حملي ۾، شاھ بيگ جي فوج جي ھٿان، جيڪي تباھيون سنڌ ۾ ٿيون، ان مان ھڪ ھيءَ به ھئي ته، ھن حملي ۾، ھڪ ھزار اُٺ ھو اھڙا به ڦري ويا، جيڪي رات جو باغن جي نارن ۾ وھندا ھئا. ٻئي سامان جي نقصان ۽ ملڪ جي آباديءَ جي جيڪا بربادي ٿي، ان جو اندازو خود لڳائي سگھجي ٿو. شاھ بيگ جو ھي ٽولو ھڪ ھفتي تائين ھن علائقي جي چوڌاري، ڦرلٽ ڪري واپس موٽي ويو. ( تاريخ سنڌ- ج 2 اعجازالحق قدوسي ص 20)
ارغونن جو سنڌ تي ھي ٽيون حملو ھو. ھن ڪاھ کان پوءِ به ڄام، سندس مامي، ماءُ ۽ ٻين درٻارين جي اک نه کلي، ھو غيرن جي خوشامدي چنبي ۾ جڪڙجي چڪا ھئا. مھدي ۽ چئن يارن جي چوڪڙي ۽ مغلن، ھت اھڙو ته ڄار پکيڙيو، جو حڪومت جا سڀيئي پرزا سندن ھم خيال بڻجي پيا. دريا خان، حڪومت مان نڪري چڪو ھو. پر ھن سجاڳ سياستدان ۽ مدبر سپھ سالار، خطري جي گھنٽي کي نظر ۾ رکي، پنھنجي ڳوٺ ۾ سنڌي سوڍن جو لشڪر تيار ڪري، ملٽري ٽريننگ ڏيڻ لڳو، ته جيئن ضرورت جي وقت، دشمن سان مقابلو ڪري سگھجي. اھڙي طرح پسگردائيءَ ۾ دريا خان جو اثر وڌڻ لڳو ۽ سنڌي عوام ھن ڏانھن متوجھ ٿيڻ لڳو. اھا حالت ڏسي، سنڌ جا وڏيرا ۽ زميندار، مغلن جي چوڻ تي فيروز جي ماءُ وٽ ويا ۽ کيس چيائون ته، ”سڄي ملڪ تي قبضو ھن غلام دريا خان جو آھي ۽ ڪوبه فيروز کي نٿو مڃي- اسان دريا خان کي گرفتار به نٿا ڪري سگھون. سندس وڌندڙ اثر رسوخ ۽ اقتدار کي، ختم ڪرڻ جو ھڪ طريقو ھي آھي ته، مغلن ۽ ارغونن کي اسان جي ملڪ تي، قبضو ڪرڻ جي دعوت ڏني وڃي، جيئن ھو، ان جو دماغ درست ڪن. جي ھو ھن ملڪ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ملڪ اسان جي حوالي ڪن ته سٺو، نه ته به، ان جي غلامي، ھن زرخريد جي غلامي جي ذلت کان ڪيترا دفعا بھتر آھي“ (تاريخ طاھري- بحوالہ تاريخ سنڌ- ج 2 مولانا قدوسي)
جناب مولائي شيدائي صاحب لکي ٿو ته ”سنڌ جا وڏيرا، جيڪي دستور موجب ابن الوقت آھن، جيڏانھن اُڀرندڙ سِج ڏسن، اوڏانھن لاڙو ڪن، سي اندروني طور، شاھ بيگ جا طرفدار ٿي بيٺا ۽ شاھ بيگ کي ٺٽي تي قبضي ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏيڻ لڳا“ (تاريخ تمدن سنڌ- ص 374) اھڙي طرح سنڌ جو اٽڪل ٽيون حصو، ڌارين کي سنڌ ۾ آڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو. آخر 924ھ ۾ مير قانع جي لفظن ۾ ”فيروز جي ماءُ، شاھ بيگ کي پاڻ سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ لکيو.“ (تحفةالڪرام ص 253) ھن کي ٻيو ڇا گھربو ھو؟ ھو ويٺو ئي انھيءَ تاڙ ۾ ھو. ھاڻي ھو، ڇيرين جامن سان تيار ٿيو، ڇو ته پنھنجي ڪاميابي، ھو اکـئين ڏسي رھيو ھو. جنم ڀوميءَ جا فرزند، خود پنھنجي ماتا جي سينڌ ۾ ڪاتي وجھڻ لاءِ ڪوشان ھئا. ھن سيويءَ جي قلعي تي، ننڍي ڀاءُ کي مقرر ڪري، پاڻ فاضل ڪوڪلتاش سان گڏ، وڏو لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاھي آيو. اھو 924ھ مطابق 1520ع جو زمانو ھو. جڏھن دريا خان کي اُھا خبر پيئي تڏھن ھن فيروز کي چيو ته ”تون پاڻ پنھنجن پيرن تي ڪھاڙي ھنئي آھي. اچ، ھاڻي به موقعو آھي ته سڀ گڏجي متحد ٿي، ھن فتني کي پاڙؤن پٽي ڇڏيون، جيڪو شاھ بيگ جي شڪل ۾ ظاھر ٿيو آھي. اھڙي طرح جو ھي ملڪ مغلن جي قبضي ۾ نه اچي. جي اسان گڏجي مقابلو نه ڪيو ته، پوءِ تون پنھنجي ڪيتي تي سخت پريشان ٿيندين.“ پر ھِن عيش عشرت جي بندي حاڪم دريا خان کي ڪوبه جواب نه ڏنو. (تاريخ طاھري ص 58) دريا خان ھڪ لشڪر وٺي، ساموئيءَ جي ميدان تي ارغونن جي سامھون ٿيو. سنڌي وڏي بھادريءَ سان وڙھيا. مولائي شيدائي لکي ٿو ته ”ھن جنگ ۾ سھتن ۽ ھندو سوڍن به مدد ڪئي ۽ سنڌي ھڪٻئي جون چيلھيون ٻَڌي ميدان ۾ آيا.“ (تاريخ تمدن سنڌ ص 374) ارغونن ڏٺو ته جيستائين دريا خان زندھ آھي، انھن جي فتح نه ٿيندي، اُن ڪري وچ ۾ قرآن شريف آڻي، صلح جو ڍونگ رچائي. کيس قتل ڪيو ويو. (تاريخ طاھري ص 59) سندن شھادت ۾ ڪاھو ڏنور ۽ ڪِن سنڌي وڏيرن جو ھٿ ھو. اھڙي طرح ھي سوڍو، ساڻيھ تان سِر صدقو ڪري سرھو ٿيو. فيروز ٻار ٻچا ٺٽي ۾ ڇڏي، پير پٺي ڏانھن ڀڄي ويو ۽ ارغوني لشڪر 11 محرم 924ھ تي ٺٽي ۾ داخل ٿي، عام ڦرلٽ ۽ قتل عام شروع ڪيو. گويا سنڌ جي رھاڪن لاءِ، ٻيو ماتم شروع ٿيو. عالم، فاضل، امير غريب، سڀ مغلن جي لشڪر جي لپيٽ ۾ اچي ويا. فيروز ۽ قاضي قادن جا ٻار ٻچا به قيد ٿي پيا. ٺٽي تي قبضي کان پوءِ به مخدوم بلاول، راڻو رڻمل، سوڍو محمود، مِٺڻ ۽ ٻين سوين سوڍن ۽ سورمن گڏجي، ھڪ لشڪر تيار ڪري، ٽلٽيءَ وٽ ارغونن سان جنگ ڪئي. ھنن بھادرن پنھنجي چيلھن سان پَٽڪا ٻڌي، وڏي سورھيائيءَ سان جنگ ڪندي، پنھنجي جيئري، اکين سان دشمنن کي سنڌ تي حڪومت ڪندي نه ڏٺو.آخر ھي سڀ سوڍا مارجي ويا ۽ سنڌ تمام گھڻي وقت لاءِ ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويئي جن، ڪيترن سالن تائين، ڄورن وانگر سندن رت چوسيو.
تاريخ جو ھي المناڪ باب، سنڌي جي غلاميءَ جو باب آھي، ۽ پورا سوا ٻه سو سال (927ھ کان 1152ھ) تائين، ملڪ ۽ ماڻھو، ڌارين جي غلاميءَ جو ڳٽ، پنھنجي ڳچيءَ مان ڪڍي ڪونه سگھيا. سواءِ ڪنھن گناھ ۽ ڏوھ جي، ھتان جو ھر انسان صدين تائين عذاب ۽ اذيت ۾ مبتلا رھيو ۽ بنا ڪنھن ڪيتي جي مسلسل لوڙَ لوڙيندو رھيو. ظفرالواله جو مصنف لکي ٿو ته: ”سنڌ، سنڌين جي ھٿن مان نڪري ويئي. ھو مغلن جي رعيت بڻجي، شاھ بيگ جي دور کان وٺي جاني بيگ جي دور تائين (1000ھ) نه، پر ان کان پوءِ ڏيڍ صديءَ تائين برابر پيسبا ۽ پيڙھبا رھيا. تاريخ ۾ سنڌ جو ھي دور، غلاميءَ جو بدترين دور آھي. وقت جي مؤرخن، ھن عظيم سانحي کي ”خرابي سنڌ“ سڏي، ابجد جي حساب سان سنڌ جي برباديءَ جي تاريخ ڪڍي. (مڪلي نامو ص نمبر 163. مرتب حسام الدين راشدي) ھن عظيم بدترين دور ۾، ملڪ جا سڀيئي قلعا، وسنديءَ وارا واھڻ ۽ وستيون، مال ملڪيتون، مطلب ته سڄو ارڪو ترڪو، ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويو، جن جي نه ٻولي سمجھ ۾ ٿي آئي ۽ سندن اُٿڻ ويھڻ، چال چلت ۽ رھڻي ڪھڻيءَ مان ھتان جي ماڻھن کي ڄاڻ سڃاڻ ھئي. ھنن ٻھراڙيءَ جون زمينون، جن تي سنڌ جي غريب عوام جو گذر بسر جو دارومدار ھو، ناني ويڙھو ٺاھي، پاڻ ۾ ورھائي کنيون. ڪن جي نالي تي جاگيرون ٿيون، ڪِن خالصن جي صورت ۾ ورتيون، ڪن وظيفن ۽ چراغيءَ جو نالو ڏيئي قبضو ڪيو. ملڪ جي اصل مالڪن کي نظر انداز ڪري سڀئي اعليٰ عھدا پاڻ ۾ ورھائي ورتائون. گويا سنڌ جي قسمت جون واڳون، مڪمل طرح انھن ٻاھرين جي ھٿن ۾ اچي ويون ۽ سنڌين ويٺي قدرت جو تماشو ڏٺو ۽ پنھنجي ۽ پنھنجي بدبختيءَ تي روئڻو ٿي رُنو. (مير معصوم بکري- سيد حسام الدين راشدي ص 69)
ارغونن سنڌ ۾ داخل ٿيڻ شرط، جنھن بربريت ۽ خونريزيءَ جو مظاھرو ڪيو، تنھن سندن اباڻي ورثي ھلاڪو ۽ چنگيز خان کي به مات ڪري ڇڏيو. مير معصوم شاھ بکري لکي ٿو ته: ”11 محرم تي ارغونن جو لشڪر ٺٽي ۾ داخل ٿيو ۽ مغل 20 تاريخ تائين، شھر ۾ لٽمار ڪندا رھيا ۽ اتان جي ماڻھن کي ذليل ڪيائون جنھن مان آيت سڳوري:
ان الملوڪ اذا دخا وقراة افسدوھا
(بادشاھ جڏھن ڪنھن شھر ۾ داخل ٿيندا آھن؛ تڏھن اُن کي ويران ڪري ڇڏيندا آھن.) جي وضاحت اکين آڏو اچي ويئي. ھن ٺٽي شھر کي تباھ ۽ تاراج ڪري ذلت جي ڌوڙ، ماڻھن جي منھن ۾ وڌي. جڏھن سندن لشڪر ٽلٽيءَ ۾ داخل ٿيو، تڏھن ٽن ڏينھن تائين، اتان جي رھاڪن کي ھنن پوري طرح برباد ڪيو. باغبان پھچڻ سان، ارغونن ماڇي ذات جي ماڻھن جو قتل عام ڪري، سندن مال ملڪيت کي غارت ڪري، گھر گھاٽ آبرو ۽ مانُ لاھي، ڍور ڍڳا ڦري، سندن قلعن ۽ گھرن کي ڊاھي زمين برابر ڪري ڇڏيو- (تاريخ معصومي ص 124) شاھ بيگ سنڌ ۾ بلوچن جي قوت کي زائل ڪرڻ لاءِ، ھر آباديءَ ۾ ھڪ جماعت مقرر ڪئي، جا وقت جي انتظار ۾ رھي ۽ جڏھن مقرر وقت آيو، تڏھن ھر جماعت پنھنجون تلوارون بار بار اگھندي، ان بدبخت قوم کي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ اھڙي طرح اٽڪل ھڪ ئي وقت، بلوچن جي 42 آبادين جا ماڻھو قتل ۽ برباد ٿي ويا. چيو وڃي ٿو ته، صبح کان شام تائين قتل عام جي بازار گرم رھي ۽ تقريباً ويھ ھزار ماڻھو قتل ٿيا. (تاريخ معصومي) تاريخ طاھري ۾ آھي ته ”جيڪي المناڪ تباھيون، ٺٽي وارن تي شاھ بيگ جي لشڪر ھٿان ٿيون، اھي انھن جي خواب خيال ۾ به نه ھيون.“ آغا سليم، سندن ٺٽي ۾ ظلم جي تصوير ھن طرح چِٽي ٿو. ”شاھ بيگ جو فوجون ٺٽي شھر ۾ گھڙي آيون آھن. ھنن شھرن کي لُٽڻ ۽ گھرن کي باھيون ڏيڻ شرو ڪيون آھن. سارو شھر جلي رھيو آھي ۽ بي ھٿيار ۽ معصوم ماڻھن جو ڪوس ٿي رھيو آھي. ٺٽو جلي رھيو آھي. سنڌ سڙي رھي آھي. سنڌ جو ٻنيون ۽ ونيون لُٽجي رھيون آھن. بي گناھن جي دانھن ۽ ڪُوڪُن سان عرش لُڏي رھيو آھي ۽ سنڌ کي بچائڻ وارو ڪو ڪونھي.“ (دريا خان- ڊرامو- ماھوار سھڻي آڪٽوبر 1970ع) باغبان وارن ماڇين کي شاھ بيگ ان ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جو ھنن سندس آڻ نه مڃي ۽ سينو ساھي مقابلو ڪيو. (تاريخ مظھر شاھجھاني- مترجم. نياز ھمايوني ص نمبر 13) جڏھن ھن بکر جي قلعي تي قبضو ڪيو، تڏھن سلطان محمود کي حڪم ڪيائين ته ھو اتان جي رھاڪن کي قتل ڪري. ھن بروقت ڌاريجن کي ماري ڇڏيو. ڪن کي بکر جي قلعي تان، ڳوڻين ۾ بند ڪري، اُن برج کان درياءَ ۾ اڇليو، جيڪو ھن وقت تائين ”خوني بُرج“ جي نالي سان مشھور آھي. (ص نمبر 14) ان کانپوءِ بکر جي قلعي مان سادات ڪڍي ڇڏيائين، جيڪي ٻارين ٻچين روئندا رُلندا، روھڙيءَ ۾ وڃي رھيا ۽ پوءِ بکر جي قلعي ۾ پنھنجن اميرن ۽ سپاھين کي رھايائين. سيوھڻ ۾ پھچي، ھن پنھنجي امير کي حڪم ڏنو ته ھو، پنھنجي لاءِ مضبوط حويليون ٺھرائي. ان لاءِ ھن پنھنجي اميرن ۾ زمينون ورھايون. ۽ حڪم ڪيو ته ساري زرعي پيداوار ماڻھن کان کسي سيوھڻ جي قلعي ۾ گڏ ڪئي وڃي. (تاريخ معصومي- ص نمبر 120) سنڌ جو مشھور مؤرخ سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو ته: ”ارغونن جي قبضي کانپوءِ، سنڌ ۾ امن ۽ سڪون جو شيرازو ٽٽي پيو. سنڌ مٿان اھا اداس شام مسلط ٿي، جنھن تاريخي آزادي ۽ خودمختياريءَ جي سِج کي صدين تائين اُڀرڻ نه ڏنو. 914ع کان 1000ع تائين پوري صدي سنڌ ۾ قيامت صغريٰ ھئي، جنھن ۾ سنڌ علمي ۽ مادي لحاظ کان بلڪل تباھ ٿي ويئي. سمن حاڪمن جيڪي خوشيون ملڪ کي بخشيون ھيون، اُن کان کسجي ويون. انھن جون بڻايل فلڪ بوس عمارتون، رنگينيون، باھ، خاڪ، دونھين ۽ طوفان ۾ بدلجي ويون. علم ۽ فضل جون رونقون ختم ٿي ويون. روحاني فيض ۽ ارشاد جا اھي درياءَ جن مان عرفان ۽ تصوف جا واھڙ وھندا ھئا، خشڪ ٿي ويا، ۽ اھي خانقاھون جن ۾ معرفت ۾ عظمت الاھيءَ جي تنوار ھوندي ھئي ويران ٿي ويون، ارغوني حاڪمن جي ظلم کي ڏسي ڪيترائي عالم مڪي، مديني، دکن، گجرات ۽ برھانپور لڏي ويا. (برھانپور کي سنڌي اولياءَ- مقدمو ص ب ۽ ج) ساڳـئي طرح ھڪ ٻيو مؤرخ لکي ٿو ته، ”شاھ بيگ سيستان، ٽلٽي، بکر ۽ اروڙ وغيرھ کي، بزور شمشير طابع ڪيو ۽ ھر جاءِ تي قتل ۽ غارت جي بازار گرم ڪئي، امن ۽ سڪون ختم ٿي ويو. (سيد مطيع الله، برھانپور ڪي سنڌي اولياءَ) مولانا اعجازالحق قدوسي شاھ بيگ لاءِ لکي ٿو ته: شاھ بيگ جو سنڌ ۾ دور حڪومت ھڪ سال جو ھو ۽ وڏو ناڪاميءَ جو دور ھو. سنڌ ۾ ان جو اھڙو ڪوبه ڪارنامو نٿو ملي جنھن جو بنياد، سنڌ وارن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ ھجي. ھن پنھنجي عھد حڪومت ۾، اھل سنڌ جي غلاميءَ جي زنجيرن کي مضبوط کان مضبوط تر ڪيو ۽ سنڌ وارن کي قتل، غارتگري، سنڌ جي تباھي ۽ برباديءَ جون سوکڙيون ڏنيون. سنڌين ۾، ٻين جي غلاميءَ ۾ اچڻ سان ئي، پنھنجي آزاديءَ جو شعور پيدا ٿيو، پر جيترو به ھي احساس، سنڌين م پيدا ٿيڻ لڳو، اوتروئي رولر مشين وانگر،شاھ بيگ ان کي ڪچليو. دريا خان جھڙو محب وطن ۽ شاندار انسان، جنھن آخري دفعو، پنھنجي قومي حڪومت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ٺٽي کان ٻاھر، انھن جي ھٿان وڏي بھادريءَ سان وڙھندي مارجي ويو. سوڍن ۽ سھتن جھڙا حريت پسند قبيلا ٽلٽيءَ جي ميدان ۾ پنھنجي قومي حڪومت جي بحاليءَ لاءِ وڙھيا. پر شاھ جي قتل ۽ غارتگريءَ سڀني کي برباد ڪري ڇڏيو. مخدوم بلاول جھڙي جليل القدر عالم ۽ درويش ھن جي ھٿان، صرف ان ڪري وڏيون مصيبتون سٺيون ۽ ڏنڊ ڀوڳيا، جو ھو قومي تحريڪ کي مدد ڏيئي رھيو ھو. ماڇي ذات جي جذبئه آزاديءَ کي شاھ بغاوت ۽ سرڪشي جو، ان ڪري نالو ڏيئي اھڙي طرح ڪچليو، جو انھن جي گھرن ۽ قلعن کي، پاڙان اکيڙي، زمين سنئون ڪري ڇڏيو. ڌاريجن جي 47 سردارن تي، بغاوت جو الزام مڙھي، انھن کي بکر جي قلعي ۾ گجرن وانگر، ان ڪري ڪپيو ۽ وڍيو، جو اھي ھن جي غلاميءَ جي لعنت کي، پنھنجي مٿان ختم ڪرڻ جي ويچار ۾ ھئا. بلوچن جي 47 ڳوٺن کي ان ڪري ترار جو لقمو بڻايو ويو، جو اھي سندس حڪومت لاءِ خطرو ھئا. مطلب ته ھن جي دورِ حڪومت ۾، سنڌ ۾ امن ۽ سُڪون نظر نٿو اچي ۽ تباھين، قتل ۽ غارتگيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ڏِسي نٿو سگھجي ۽ سنڌ ۾ ڪو به اھڙو ماڻھو نظر نه ايندو، جيڪو ھن ٻاھرئين اقتدار مان خوش ھجي. (تاريخ سنڌ ج 2 ص 47)
مطلب ته شاھ بيگ جي حملن ۽ حڪومت، سنڌ کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ ھن امن ۽ سلامتيءَ جي ماٿريءَ کي غم ڪده ۽ ناخوش وادي بڻائي ڇڏيو. ھن سٻاجھي سرزمين تي پوءِ ڪيئي ويل وھيا ۽ غريب اٻوجھ عوام سان عقوبتون ٿيون. سنڌ جي آزادي، خوشحالي، فارغ البالي ۽ امن جو دور ختم ٿي ويو. شاھ بيگ جو پٽ شاھ حسن ارغون ڏاچي ھڻي ڏھ ته توڏو ھڻي تيرھن وانگر پيءُ جو مٿلو پڙ سماڻيو. فخري بن اميري لکي ٿو ته، ”شاھ حسن ارغون مغل (چنگيز جي اولاد مان) ھو، ان ڪري فطري طور سندس مزاج ۾ سختي ۽ بي رحمي موجود ھئي. سنڌ تي ڌاڪ ڄمائڻ کانپوءِ، ھن ھتان جي رھاڪن تي ڪابه ڪھل نه ڪئي. بلڪ مثالي انداز ۾، انھن جو رتُ وھايائين ۽ مٿن ظلم ستم ڪيائين. سياسي بنيادن تي، ھن ھر ھنڌ پنھنجا امير ۽ پنھنجي قبيلي جا ماڻھو مسلط ڪيا، جيئن ملڪي ماڻھو ڪنڌ کڻي نه سگھن. ھن (ظالم پيءُ جي ظالم پُٽ) ايتري ته ٻوسٽ پيدا ڪئي، جو ماڻھن جو ساھ مُٺ ۾ اچي ويو. ليڪن جيتري تائين علم ادب ۽ اھل علم ۽ فن جي سرپرستي جو تعلق آھي، ته ھن به اھائي روش قائم رکي جيڪا وچ ايشيا ۾ ٻين مغل حڪمرانن جي رھي چڪي ھئي. يعني ھن جي ھڪ ھٿ ۾ ترارين ھيٺان نڪتل رت ڳاڙيندڙ انساني سِسيون ھيون، ته ٻئي ھٿ ۾ مثنوي مولانا روم جو دفتر ھو. ھيءُ به ھڪ پاسي انساني منڍين جا مُنارا تعمير ڪندو ھو ۽ ٻئي طرف درٻاريون سينگاري، اھل فن جي انبوھ جي پرورش ڪرڻ لڳو. (روضة السلاطين، بحواله سنڌ جي طبي تاريخ ج 2 نياز ھمايوني) اُچ جي جنگ ۾ ته ھن جي حڪم سان اچ جي قلعي ۾ قتل عام ڪيو ويو، خوب ڦرلٽ ڪئي وئي. عمارتن کي ڊاھي، انھنجون سِرون ۽ ڪامون ڪڙيون بکر آنديون ويون. ملتان کي فتح ڪرڻ کانپوءِ، ارغونن ستن سالن کان ستر سالن جي عمر وارن ماڻھن کي قيد ڪيو. ماڻھن سان قيامت جو حادثو پيش آيو. عوام خانقاھن ۾ پناھ ورتي پر اتي به کين قتل ڪيو ويو. ھن قتل ۽ غارتگري ۽ لُٽ مار ۾ بي شمار خزانا ۽ جواھرات، ارغونن کي ھٿ آيا. ڪيتريون ئي عصمت مآب عورتون، جن ڪڏھن غير محرم جو منھن نه ڏٺو ۽ جن جو سايه عصمت، ڌرتي تي نه پيو، قيد ڪيون ويون. (تاريخ معصومي ص نمبر 112) ان کانپوءِ ھمايون سنڌ ۾ اچي، سنڌين سان وڙھيو. ارغون ۽ ترخان امير پاڻ ۾ وڙھي سنڌين کي مارڻ لڳا، پورچوگيزن ٺٽي ۾ اچي سنڌين کي ڦريو، لٽيو ۽ قتل ڪيو. مرزا عيسيٰ جا پٽ تخت ۽ تاج لاءِ ھڪ ٻئي سان وڙھيا، جنھن ۾ سنڌي مُئا. مرزا باقي ٺٽي ۽ پوري سنڌ ۾ جيڪي خونريزيون ۽ ظلم ڪيا، تن کي بيان ڪري نٿو سگھجي. جاني بيگ ۽ خانخانان جي لڙائيءَ کانپوءِ، دھليءَ جي مغلن سنڌ ۾ جيڪا دٻڙ دونس مچائي، اُھي ھن دور جا غضبناڪ مثال آھن، جن سنڌ جي عوام کي مصيبت ۾ وجھي ڇڏيو.
ھن دور جو ھڪ ھي به دکدائڪ پھلو آھي ته سنڌي جسماني غلاميءَ سان گڏ ذھني غلام به بڻجي ويا. فارسيءَ جو دور شروع ٿيو. سنڌي ٻولي ۽ ادب کي پائمال ڪيو ويو. سنڌي ٻوليءَ جي دفتري ۽ تعليمي حيثيت ختم ڪئي ويئي. شھرن ۽ ڳوٺن وارن مدرسن ۾ قنڌار کان مولوي گھرائي رکيا ويا، جن فارسيءَ ۾ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. ”فارسي گھوڙي چاڙھسي“ جو پھاڪو انھن ڏينھن جي نمائندگي ڪري ٿو. حڪومتن جي قدرداني، نوازش ۽ ادب نوازي ڪري، خود سنڌين کي سنڌي زبان ۾، خط پٽ لکڻ ۾ به عار ٿي لڳو. قلم جي جنبش به پارسيءَ ۾ ھئي ۽ علمي گفتگو ۽ بحث مباحثا به پارسيءَ ۾ ھئا. تاريخ، انشاءَ تفسير، حديث، ديوان، مثنويون ۽ سمورا ڪتاب پارسيءَ ۾ ھئا. (تاريخ تمدن سنڌ. حضرت مولانا شيدائي ص 520) ھيءُ سنڌي ٻوليءَ لاءِ خطرناڪ دور ھو، جنھن ۾ ڪوبه اعليٰ فِڪر فارسيءَ بدران سنڌيءَ ۾ پيش ڪرڻ کي فضول ۽ ناممڪن سمجھيو ويندو ھو. فلسفي ۽ حڪمت جون ڳالھيون فقط فارسيءَ لاءِ مخصوص ھيون. فارسي نه ڄاڻندڙ شخص کي ڪمتر ۽ ڪم فھم مخلوق سمجھيو ويندو ھو. فارسي تي دسترس رکندڙ کي عقل ۽ دانش جو صاحب ۽ اعليٰ مرتبي جو مالڪ سنجھيو ويندو ھو ته (شاھ ۽ ڌاري ٻولي- صاحب خان چنو ملير ڊائجسٽ 1، 1973ع) ھن دور جي تصوير ڀٽ ڌڻي ھن طرح چٽي آھي:
برو بگيرد بام بلخا، مون نه پروڙيم مام،
ٿو ڏئي ٿو مان خشگان، ڇلي ڇير جي لام،
اچي پئي تنھين سام، دراھ دراھ ڪن جي.

دنيا ۽ دولت جي ڦرلٽ، زمين ۽ ملڪيت جو قبضو، ظلم ۽ بربريت جي گرم بازاري، سنڌي علم ۽ ادب جي تباھيءَ سان گڏ، ارغونن ۽ ترخانن، سنڌ جي اعليٰ اخلاق، ديندار، نيڪ، شريف ۽ بلند ڪردار معاشري جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي. سنڌ جي عالمن صوفين بزرگن ۽ نيڪ سيرت ۽ پرھيزگار انسانن سنڌي عوام جي جيڪا اخلاقي تربيت ڪئي ھئي، اُھا ساري دنيا ۾ مڃيل ۽ مڃايل ھئي پر ارغون ۽ ترخان حڪمران، جيڪي اخلاقي پستيءَ، ڪِنين عادتن ۽ بدڪرداريءَ جا مجسما ھئا، جن جون قبيح عادتون انسانيت تي بدنما داغ آھن، تِن سنڌ ۾ اچي انھن مڪروھ ۽ حيواني شيوي کي نه صرف شروع ڪيو. پر ھنن انھن کي فروغ به ڏنو. اھڙي طرح ھي عظيم اسلامي معاشرو روڳي، نِست، ڪمزور ۽ ھيڻو بڻجي ويو. اھڙن حڪمرانن ۽ اميرن جون ھي حرڪتون ڏسي، سنڌي عوام ”ٿُوٿُو“ ڪرڻ لڳو ۽ ھوريان ھوريان ھِتان جو نسل ”جھڙو راجا تھڙي پرجا“ وانگر انھن جي پوئلڳي ڪرڻ لڳو. انھن عادتن جو مختصر ذڪر ھِت ڪريان ٿو: مرزا شاھ حسن ارغون شراب جو شوقين ھو ۽ ايترو ته شراب پيئندو ھو، جو ھر وقت نشي ۾ چور رھندو ھو ۽ انھيءَ حالت ۾ ھن ڪيترائي برا ڪم ڪيا. (تاريخ سنڌ ج 3 مولانا قدوسي ص 103) مرزا جاني بيگ جيڪو مرزا محمد پاينده بيگ ترخان جو پٽ ھو، سو حد درجي جو ظالم ۽ رنگين مزاج ھو. ھن 1585ع ۾ تخت تي وھڻ شرط، ڪيترن ئي غريبن تي مرزا باقيءَ جي قتل جو الزام ھڻي، بي گناھن کي سخت سزائون ڏنيون. دريائي مھاڻن کي تَڏن ۾ ويڙھي جيئري ئي ساڙائي ڇڏيو. مارقدم قوم جي ماڻھن کي ڪَرٽ سان چيرائي، ٻه ٽُڪر ڪري انھن جو قيمو ڪري گھٽين ۾ اڇلارايو. ھندن کي سنگسار ڪرايو. ملڪ احمد کي بازار ۾ وھاري سِر کان پيرن تائين، سندس کَل لھرائي، پوءِ سندن بدن جا ٽڪرا ڪرائي ڪتن جي سامھون اڇلايا. (تاريخ سنڌ ج 3 مولانا قدوسي ص 103) سندس اخلاق حد درجي جو ڪريل ھو ۽ ھو اھڙين برين ۽ خراب عادتن جو مرتڪب ھو، جن جو سنڌ ۾ پنھنجي نوعيت جي لحاظ کان پھريون ۽ اڻ لڀ مثال ھيون. مثلاً ھو ظاھر ظھور عياشي ڪندو ھو ۽ حسين ڇوڪرن کي، بھترين رنگين ڪپڙا پھرائي، عورتن جي جاءِ تي پنھنجي محلات ۾ رکيائين. ھن اھڙن اھڙن شريف گھراڻن جي ڇوڪرن کي خراب ڪيو جن جو نالو وٺڻ به ادب جي خلاف آھي. ماڻھو سندس ھنن عادتن کي ڏسي توبھ ڪندا ھئا ۽ ڏندن ۾ آڱريون وجھي عجب ۾ پئجي ويندا ھئا. (تاريخ طاھري بحوالہ معصوم شاھ بکري. سيد حسام الدين مرحوم) مرزا غازي بيگ ترخان جيڪو جاني بيگ جو پٽ ھو، پيءَ کان ٻه رتيون وڌيڪ ھو.

ھو انتھائي نا اھل ۽ عياش ھو. ھو ھر رات يارھن سالن جي، باڪره ڪنواري ڇوڪريءَ سان، ھمبستري ڪندو ھو. ھڪ رات ان کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ وري اُن جو منھن به ڪونه ڏسندو ھو. ھِن ملڪ جي مختلف حصن ۾ دلال ڇڏي ڏنا ھئا، جيڪي ھر رات کيس يارھن سالن جي ڇوڪري آڻي ڏيندا ھئا. شيخ فريد بکريءَ لکيو آھي ته ”جڏھن غازي بيگ قنڌار جو گورنر ٿي ويو، تڏھن سندس ماءُ ٺٽي مان ٻارھن سؤ خوبصورت اھڙيون ڪنواريون ڇوڪريون وٺي ويئي، جن جي عمر ٻارھن سالن کان گھٽ ھئي. اھي ڇوڪريون ھن قنڌار ۾ پنھنجي پٽ کي عياشيءَ لاءِ تحفي طور ڏنيون“ (سر ۾ سانجھيءَ وير- عبدالواحد آريسر ص نمبر 14) ھي ھو ماڻس جو اخلاق!

مطلب ته ارغونن ۽ ترخانن، شاھ بيگ جي اچڻ کانپوءِ سنڌڙيءَ کي ھر طرح ڦري لُٽي، تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. اُھا سنڌ جيڪا اڳ امن ۽ سلامتي، خوشحالي ۽ فارغ البالي، بلند ڪردار ۽ اعليٰ اخلاق، نيڪ سيرت ۽ نيڪ خصلت جو ساري دنيا ۾ واحد مثال ھئي، اُھا سنڌ ھاڻي قحط ۽ ڏُڪر، ظلم ۽ بربريت، عيش عشرت ۽ بي حيائيءَ جو اڏو بڻجي چڪي ھئي. سنڌ جي ھر گھٽي ۽ چوڪ ۾ مئخانا ھئا، جتي شراب، شباب ۽ رباب جو شغل چالو ھو. ارغونن ۽ ترخانن جي ڪيل ويڌن جو ذڪر اسان جي ڀِٽ ڌڻيءَ ڪجھ بيتن ۾ پڻ ڪيو آھي جن مان ھڪ ھيءُ آھي:

”برو بيگرد“ جي، ٿا ڏين پارسيون پاڻ ۾،
مون لوڏان ئي لکيا، ته ھاڃون ڪندا ھي،
ماريندا مون کي، پنھون نيندا پاڻ سين.