نادر شاھه ايراني (1740ع)
ڪانھي ڪا تاريخ ۾، ويڙھ سوا ٻي واھ،
متان سوچيو ساھ، متان موٽو ماڳ تان.
(شيخ اياز)
- سنڌ تي نادر جي حملي، ظالم ۽ ڏاڍ جي بي انت بحر ۾ ھڪ خوفناڪ سيلاب جي حيثيت ورتي، جنھن اوچتو سنڌ جي سرزمين کي، پنھنجي جولانيءَ جو نشانو بڻايو ۽ ساري ملڪ جو انتظامي سرشتو ٽُڪر ٽُڪر ڪري وڌو. ھزارين ماڻھو گھر ٻار ۽ اجھا ڇڏي، دربدر خاڪ بسر رُلندا رھيا. سندن ميڙي چونڊي، سڀ لُٽجي ويئي. جتي نادر شاھ جو پير پھتو، بستيون ۽ فصل ويران ٿي ويا. ملڪ جي عام وسيلن کي سخت نقصان پھتو. ڪلھوڙن، ٻين پيڙھين جي حڪمرانيءَ ۾، آئي ويل جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ، جيڪي ڪجھ پاڇي ڪيو ھو، اھو سڀ نادر ميڙي سھيڙي پاڻ سان کڻي ويو. انھيءَ کانسواءِ، سالياني خراج جو، ڳاٽي ٽوڙ پٿر به، سنڌ جي ڳلي ۾ ٻڌي ويو. ملڪي وحدت به قائم رھڻ نه ڏنائين ۽ ان کي ٽُڪرن ۾ ورھائي ڇڏيائين-
مولانا غلام رسول مھر
تاريخ سنڌ- عھد ڪلھوڙا ج 2 ص 410
نادر شاھ افشار ايرانيءَ جو نالو ڪنھن کان ڳُجھو نه ھوندو ھو. ھو چنگيز ۽ تيمور کانپوءِ، ايشيا جو ٽيون نمبر فاتح ٿي گذريو آھي. تاريخ ۾ ھنن کي ”ايشيا جو نيپولين“ چيو وڃي ٿو. ايشيا مائنر کان دھليءَ تائين ڪوبه ھن جي ترار جي وار کان بچي نه سگھيو. ھن به نيپولين وانگر، عظيم الشان حڪومت قائم ڪئي. ھن دنيا جي سوين قومن کي، پنھنجي تابع ڪيو ۽ گاديءَ جي ھنڌ ۾، ھيڏانھن ھوڏانھن جو مال ڦُري، دولت جا انبار گڏ ڪيا. ھن نيپولين وانگر، انسانن کان پنھنجي پوڄا ڪرائي. خون جا درياءَ وھايا ۽ ھر دل جي اميدن ۽ تمنائن جو راڪاس بڻجي ويو، جن آسن کي ھن ھڪ ئي چپيٽ سان خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. ھن جو موت به نيپولين کان ڪنھن به طرح گھٽ نه ٿيو. ھڪ سينٽ ھيلنا ۾ قيديءَ جي صورت ۾ مُئو ته ٻيو وري خنجر جو نشانو بڻيو.
تاريخ جي ھن ظالم ترين شخص جو اصلي نالو نادر قلي ھو. سندس پيءُ امام قلي افشار ھو، جيڪو اصل غريب ۽ مسڪين خاندان جو فرزند ھو. نادر پنھنجي زندگيءَ جي اوائلي حصي ۾، رڍن ۽ ٻڪرين جون کَلون وڪڻي گذران ڪندو ھو. نادر 17 ورھين جي ڄمار ۾، پنھنجي پيءُ سميت، ازبڪن ھٿان گرفتار ٿي قيد ٿي پيو. ڪجھ وقت کانپوءِ، اھو اتان ڀڄي، بابل بيگ نالي ھڪ امير وٽ نوڪر بيٺو. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص 312) ھو تمام ھوشيار، چالاڪ، ٺَڳ، حرفتي ۽ رھزن ھو. ھن پنھنجي محسن کي قتل ڪري، سندس نياڻيءَ کي کڻي ويو. ان کانپوءِ ڌاڙيلن جي ھڪ وڏي ٽولي ٺاھي، ان جي سرداري ڪرڻ لڳو. ھن سڄي سڄي ملڪ ۾ وڏا وڏا ڌاڙا ھنيا، ايتريقدر جو سڄي ايران ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ڪجھ وقت کانپوءِ، جڏھن ھو ڪافي بدنام ٿيو، تڏھن شھزادي طھماسپ جي فوج ۾ شامل ٿيو. جيئن ته ھو شمشير زني ۽ اڳواڻي ڪرڻ ۾ ماھر ھو، ان ڪري جلد ئي فوج ۾ معتبر حيثيت حاصل ڪري ورتي. ھاڻي ھو حڪومت جو اھم فرد ٿي پيو ۽ ملڪي انتظام ۾، ھن جو خاص ھٿ رھيو. ھن لشڪر کي مضبوط ۽ منظم ڪيو ۽ پاڻ ان جو سالار بڻجي ويو.
1730ع ۾ ميرويس قنڌار ۾، افغانن جي آزاد حڪومت جو ڍانچو تيار ڪيو ۽ ايران سان ڪشمڪش جاري رکي. ميرويس جي فرزند، محمود ايران تي حملو ڪري اصفھان کي فتح ڪيو ۽ ان وقت جي حاڪم شاھ حسين صفويءَ کي ماري ڇڏيو. ھن جي پٽ طھماسپ مرزا، پاڻ کي بچائي ورتو ۽ اصفھان مان نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان کانپوءِ ھن ھڪ فوج تيار ڪئي جنھن ۾ نادر کي به شامل ڪيو ويو. نادر پنھنجي حڪمت عملي ۽ بھادرانه صلاحيتن سان، 1735ع ۾ افغانن کي شڪست ڏيئي، پنھنجي ملڪ کي آزاد ڪرايو. ھن ئي اتر ۽ اولھ طرف کان، ترڪن جي حملن کي روڪيو. طھماسپ ھن جي اورچائي، قابليت ۽ پاڻ ڏانھن سچائيءَ کي ڏسي، پنھنجو خاص وزير مقرر ڪيو ۽ ھو مدارالمھام جي حيثيت ۾ حڪومت ھلائڻ لڳو. 1736ع ۾ جڏھن طھماسپ وفات ڪئي، تڏھن ھڪ لک ايراني سردارن ۽ اميرن جي فرمائش تي ھو، ”شاھ“ جو لقب اختيار ڪري تخت تي ويٺو.
نادرشاھ رڳو سپاھي نه ھو، رڳو وحشي ڪَٽڪ جو اڳواڻ نه ھو پر تلوار ھلائڻ ۾ زبردست مھارت رکڻ سان گڏ رياستي معاملن ۽ پرڏيھي ڳالھين کي مات ڏيڻ ۾ به خاص ماھر ھو. ھن تخت تي ويھڻ شرط، ڪئپسين سمنڊ، ايراني نار وٽ ڪيترائي جنگي جھاز تيار ڪرايا. انھن جنگي جھازن جي مدد سان، عربن وٽان بحرين کي وري ھٿ ڪيو ۽ عمان کي به فتح ڪيائين. ھن ترڪن کان جارجيا ۽ آرمينيا ۽ روسين کان ڪئپسين سمنڊ جي آسپاس وارا علائقا به فتح ڪيا. 1737ع ۾ ھن قنڌار تي قبضو ڪري غزني ۽ ڪابل کي به فتح ڪيو. اھڙي طرح ٿورڙي عرصي ۾ ھو عظيم الشان سلطنت جو مالڪ بڻجي ويو. ھاڻي سندس مطلب دولت جا انبار گڏ ڪرڻ ھو. ان وقت برصغير ۾، مغلن جي حڪومت جو ڏيئو ٽِمڪي رھيو ھو. اورنگزيب وفات ڪري چڪو ھو. پويان مغل شھزادا، تخت ھٿ ڪرڻ لاءِ ست دفعا گھرو لڙائين جي قيد ۾ ڦاسي چڪا ھئا. منجھن اتحاد ۽ ايڪو بنھ ڪونه ھو ۽ ڪابه مستحڪم حڪومت قائم ڪري نه سگھيا. ھِن زماني ۾ نادر، پنجاب جي مغل صوبيدار کي شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو، ۽ پنجاب تي قبضو ڪيو. اتي ئي ھڪ خوشامدي مغل سردار سعادت خان کيس مليو، جنھن دھليءَ جي زر ۽ جواھر جا قصا ٻڌائي، دولت جي لالچ ڏيئي دھلي وٺي آيو ۽ ھن نادر، سواءِ ڪنھن ڏوھ ۽ پاپ جي، شھرين جي ڦرلٽ ڪئي ۽ قتل عام جو حُڪم ڏنو. مؤرخ لکن ٿا ته، ”صبح کان وٺي، ٻن پھرن تائين دھلي جي بازارين ۽ گھٽين ۾ لاشن جا ڍير لڳي ويا ۽ رت جون نديون وھي ھليون. قتلام ۾ ٻار ٻُڍي، مرد عورت، ڏوھي ۽ بي ڏوھي جي ڪابه تميز ڪانه ھئي. ست ھزار قزلباش ۽ ويھ ھزار دھلي جا شھر واسي قتل ٿي ويا. ڪيترن ئي ڏينھن تائين، ھنن جا لاش گھِٽين ۾ سڙندا رھيا. پوءِ ڪجھ مُردا، جمنا نديءَ ۾ ۽ ڪجھ ھندو مسلم، گڏي ساڙيا ويا- (تاريخ سنڌ- عھد ڪلھوڙا- حصو 2 مولانا غلام رسول مھر ص 375) ھڪ عالم لکي ٿو ته: ”ڪجھ ڪلاڪن ۾ يعني صبح کان منجھند تائين، دھلي مُردن سان ڀرجي ويئي، مقتولين جو تعداد 8 ھزارن کان ڏيڍ لک تائين چيو وڃي ٿو. 22 ڪروڙ روڪ، نوي ڪروڙن جا جواھرات ۽ طائوسي تخت وغيره شاھي محلات مان ڦريا- (تحريڪ شيخ الھند- محمد ميان رحه مقدمو ص 86) ھن، شاھي خزاني جي ڦُر ڪرڻ سان گڏ، دھليءَ جي اميرن کي ڦري اٽڪل اسي ڪروڙن جو مال ھٿ ڪيو. ھن ۾ 15 ڪروڙ روپيا نقد ۽ سٺ ڪروڙ ماليت جو سون، چاندي، ھيرا جواھرات ۽ اشرفيون اچي وڃن ٿيون. ٽي سو ھاٿي، ڏھ ھزار گھوڙا ۽ اسي اُٺ پاڻ سان نيائين. ان کانسواءِ ڪوھنور ھيرو، طائوسي تخت ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي قيمتي شيون حاصل ڪيائين. نادر کي دھلي جي ڦرلٽ مان جيڪو سامان مليو، ان جو ڳپل حصو پنھنجي فوج ۾ ورھايائين. گھٽ ۾ گھٽ حيثيت رکندڙ سپاھيءَ کي 18 مھينن جي پگھار اڳواٽ ملي، جنھن مان 6 مھينن جي پگھار انعام طور ڏني ويئي. فوج جي معمولي ملازم کي به سٺ سٺ روپيا پگھار ۽ سؤ سؤ روپيا انعام مليو.
نادر شاھ، دھليءَ تي ڪاھ وقت، محمد شاھ کان مھراڻ جي الھندي وارا ڪنارا، ٺٽي سميت کسي پنھنجي قبضي ۾ رکيا. ان کان اڳ، جڏھن ھو ڪابل ۾ ھو، تڏھن سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلھوڙي کي ڪابل ۾ ملڻ لاءِ حڪم ڪيو ھو. پر جيئن ته سنڌ اُن وقت دھليءَ جي ماتحت ھئي ۽ ميان صاحب، ھندوستان جي درٻار سان وابسته ھو، ان ڪري ھن وٽ وڃي نه سگھيو ۽ ھاڻي جيئن ته نادر، محمد شاھ کان، ھي سارو علائقو وٺي چڪو ھو، جيڪو زرخيز ۽ دولت سان پُر ھئڻ ڪري، نادر کي ھانءَ ۾ چُڀي ويو ھو ۽ ھو ھاڻي سنڌ جو مختيار اعليٰ به بڻجي چڪو ھو، ان ڪري پراڻو پاند وٺڻ لاءِ، ھن ملڪ تي ڪاھ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ويتر ميان جي حاسدن، نادر جي خوشامدين، دولت جي پوڄارين، اقتدار جي بُکين ۽ وطن جي ويرين ھن کي خوب ڀڙڪايو. ڪن روايتن ۾ اچي ٿو ته: ”نادر قنڌار جي فتح کانپوءِ، بولان جي رستي، ھندوستان اچڻ ٿي چاھيو ته ميان نور محمد مقابلي لاءِ تيار ٿيو. انھيءَ ڪري نادر بولان وارو رستو ڇڏي، غزني، ڪابل ۽ خيبر وارو رستو اختيار ڪيو. پر جيتريقدر تاريخي حقائق جو تعلق آھي ته اِئين نه ھو. ڇوته ميان ان وقت دھلي جي درٻار سان منسلڪ ھو، ان ڪري ان جي اجازت کانسواءِ، اھا ڪاروائي نه ڪري ھا ۽ ٻيو ته ھن، ھروڀرو به، نادر جھڙي ظالم ۽ جابر حڪمران سان مھاڏو ڪرڻ نه ٿي گھريو. اصل ڳالھ ھيءَ آھي ته نادر کي سنڌ جي دولت ھٿ ڪرڻي ھئي ۽ ان کي ٽُڪرن ۾ ورھائي پنھنجي اميرن ۽ چمچن کي راضي ڪرڻو ھو. ان ڪري ھن نوڙيءَ کي نانگ بڻائي، سنڌ تي وحشيانه حملو ڪري، چنگيزي چال کيڏي.
نادر شاھ 27 نومبر 1739ع تي ڪابل مان نڪتو ۽ 25 ڊسمبر 1739ع تي ديري غازي خان پھتو. اتي دائود پوٽن جي رئيس، امير صادق محمد خان ساڻس ملاقات ڪئي ۽ پنھنجي مڪمل مدد جو يقين ڏياريو. نادر اتان پنھنجي فوج ٻيڙين رستي اماڻي ۽ پاڻ ڪجھ فوج وٺي لاڙڪاڻي روانو ٿيو. ھي لشڪر 1 فيبروري 1740ع تي لاڙڪاڻي پھتو. ديري غازي خان مان رواني ٿيڻ وقت، ھن لاھور ۽ ملتان جي ناظم ذڪريا خان کي لکيو ته، ”سنڌ مان ڀڄي آيل ڪنھن کي به پناھ نه ڏني وڃي. جيڪڏھن شاھي فوجون، ڀڄندڙن جو پيڇو ڪندي، درياءُ پار ڪن ته اھو خيال نه ڪيو وڃي ته ھندوستاني سرحدن ۾ مداخلت ڪئي ويئي آھي.“ (تاريخ سنڌ- عھد ڪلھوڙا ج 2 ص 377) نادر شاھ اھڙي طرح وڏي ڪروفر سان سنڌ تي ڪاھي آيو. ميان نور محمد ڏٺو ته ھن سان مقابلو ڪري، ھروڀرو ھزارين انسانن جو رت وھايان سو لاچار پنھنجو مال متاع ساڻ ڪري، عمرڪوٽ ڏانھن روانو ٿيو. ان وقت عمرڪوٽ کان وڌيڪ، پناھ لاءِ ٻي مناسب جڳھ ڪين ھئي، ڇاڪاڻ ته عمرڪوٽ ٻن پَٽن جي وچ ۾ ھو ۽ ٻئي طرف کان پاڻي ھوس. نادري لشڪر اھڙي ريگستاني علائقي ۾ اچي نٿي سگھيو. ميان کاڌي پيتي جو سڀ سامان لڪائي ڇڏيو ۽ ڪارندن کي حُڪم ڏنائين ته، جيترو سامان جلايو وڃي، اوترو جلايو. (بيان واقع انگريزي ترجمو ص 17) حملي آور کي ناڪام بڻائڻ لاءِ، ھيءَ عمدي ترڪيب ھئي، پر افسوس جو ھِت به کير کريا، وطن جا ويري ۽ سنڌ جا دشمن پھچي ويا، جن کيس ڪيترن کي جاين تي لِڪل اناج جي سُڌ ڏني. ان کانسواءِ جَون ۽ ڪڻڪن جا فصل، ايڏا ته وڏا ٿي چڪا ھئا جو نادري گھوڙا گاھ طور ان کي استعمال ڪري پئي سگھيا. اھڙي طرح ميان جيءَ جي ھيءَ دفاعي اسڪيم ناڪام ٿي ويئي ۽ دشمن کي رسد ملي ويئي.
جڏھن نادر شاھ لاڙڪاڻي پھتو تڏھن کيس خبر پيئي ته ميان صاحب ريگستاني علائقن ڏانھن روانو ٿي ويو آھي، تڏھن سخت ڪاوڙيو ۽ ڪجھ لشڪر وٺي اوڏانھن روانو ٿيو. نوشھري کان ٿي، جڏھن شھدادپور پھتو، تڏھن وري به وطن جا دشمن ۽ پاڻ وڻائڻ وارا ملي ويس، جن کيس رستو ٻڌايو. شھدادپور کان ٿي عمرڪوٽ پھتو. وچ ۾ سھيرين ۽ ماڇي سنڌي سوڍن ساڻس جنگ ڪئي. پر نادر جي ھزارن واري فوج کي 9 سَون جو دستو ڇا ٿو ڪري سگھي. تاھم به ھنن سورھين جي سچائي، دليري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراھڻ کانسواءِ رھي نٿو سگھجي. جنم ڀوميءَ سان محبت جو ھڪ ثبوت ھي به آھي. بھرحال، نادر عين ان وقت عمرڪوٽ پھتو، جڏھن ميان صاحب، پنھنجو خزانو، زمين دوز ڪري، پاڻ وري مارواڙ وڃڻ وارو ھو. ان کان اڳ پنھنجو عيال اوڏانھن روانو ڪري چڪو ھو. نادر شاھ اتي پھچندي ئي چئني طرفن کان گھيرو ڪيو. اھو 16 فيبروري 1740ع آچر جو ڏينھن ھيو. ميان ھاڻي قابو ھو. نه وٽس لشڪر ئي ھيو ۽ نه ڪا راھ ئي ھيس. لاچار مشڪي گھوڙي تي چڙھي، شاھ بھارو، ڄام نندو، مير چاڪر، مير بھرام، مير صاھو ۽ شيخ غلام محمد کي ساڻ ڪري، صلح لاءِ نڪتو. نادر سان ھن شرط تي صلح ٿيو ته کيس، سندس خاندان ۽ رعيت مان ڪنھن جي به جان ۽ عزت کي نقصان نه رسايو وڃي. نادر اھو شرط بنا ڪنھن ھٻڪ جي منظور ڪيو. ماثرالامراءُ جو بيان آھي ته، ”ميان جڏھن نادر سان مليو، تڏھن اُن پڇيس ته ڀڳو ڇو ھئين؟“ ميان جواب ڏنو ته، ”اسين ابن ڏاڏن کان، ھندوستان جي بادشاھ جا نوڪر ھئاسين، جيڪڏھن اوھان سان موافقت پئدا ڪجي ھا، ته اوھان کي اسان تي اعتماد نه رھي ھا.“ اھا ڳالھ معقول ھئي، ان ڪري نادر جھٽ قبول ڪئي.
نادر شاھ جو سنڌ تي چڙھائيءَ جو خاص مقصد، دولت ھٿ ڪرڻ ھو. ان ڪري ھن ميان کان پڇيو ته، ”تو وٽ ھڪ بي بھا لعل آھي.“ ميان جواب ڏنو ته ھڪ نه پر ٻه آھن. نادر حڪم ڪيو ته جلد پيش ڪر. ميان ھڪ ڪڻڪ جو ڇڄ ۽ ھڪ چاڏي گِھ جي گھرائي، سندس اڳيان رکي عرض ڪيو ته، ”قبلا اسان سنڌڙيءَ جي رھاڪن لاءِ لعل به ھي آھي ته گوھر به ھي آھي، ھنن ٻن کان افضل شيءِ، اسان وٽ ٻي ڪابه نه آھي.“ رابرٽ ليچ لکي ٿو ته، نادر ميان کان پڇيو ته ”تو وٽ سون جو ڀريل کوھ آھي“ ميان جواب ڏنو ته، ”ھڪ نه، پر اھڙا ست کوھ آھن.“ نادر چيو ته: جلدي ٻُڌاءِ، ميان انھن جون ڪنجيون سندس آڏو پيش ڪيون ته انھن ستن کوھن مان، ميان جي مراد، سنڌ جي ستن انتظامي حلقن جي ھئي. (تاريخ بلوچستان- جلد پھريون ص 839) ان کانپوءِ خراج ۽ نذراني جو وارو آيو. لوڪ ھارٽ جو چوڻ آھي ته، ”ميان صاحب کان جيڪي سون ۽ جواھر ورتا ويا، اھي ھڪ ڪروڙ کان به وڌيڪ ھئا. ڏھ لک روپيا سالياني خراج کان سواءِ انجام ورتو ويو ته، نادر جي خدمت ۾، ٻه ھزار سوار، ميان جي ھڪ فرزند جي سرڪردگيءَ ۾، مستقل رھندا.“ (لوڪ ھارٽ. بحوالہ تاريخ سنڌ عھد ڪلھوڙا ص 61) گولڊ سمٿ جو لکڻ آھي ته، ”ھڪ لک ويھ ھزار پائونڊ ساليانو خراج مقرر ٿيو ۽ ھڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ناڻو، ميان کان ڦريو- (شڪارپور بابت تاريخي ياداشت ص 18) انند رام مخلص بدائع وقائع ۾، ھڪ ڪروڙ روپين سان گڏ، ھڪ قيمتي ھيري جو به ذڪر ڪيو آھي، جيڪو ميان کان نادر کسيو. بھرحال، ميان وٽ، جيڪي به ھڙ ۾ ھو، کيس ڏيئي، پنھنجي ۽ سنڌ جي جند ڇڏائي.
اتان نادر ڦري لاڙڪاڻي آيو، جتي ھن ميان صاحب کي قيمتي پوشاڪ پھرائي، بيگلر بيگي ۽ شاھ قلي جا خطاب ڏنا. ميان پنھنجو وڏو پٽ، محمد مرادياب، نادر سان روانو ڪيو. ان کانسواءِ غلام شاھ ۽ عطر خان کي به ايران موڪليائين ته جيئن ٽيئي ڀائر گڏ رھن. نادر جي قتل تائين، ھي سنڌ جا سپوت، قنڌاري درٻار ۾ ضامن ٿي رھيا ۽ اھڙي طرح ھنن نادر جا ناپاڪ قدم وري سنڌ ۾ رکڻ نه ڏنا.
نادر شاھ، سنڌ جي وحدت کي ٽوڙي ٽي حصا ڪيا. ھڪ حصو (سبي ۽ ڪاچو) عبدالله خان بروھي جي پٽ محبت خان بروھي، قلات جي واليءَ کي ڏنائين. ٻيو حصو شڪارپور، صادق محمد خان کي ڏنائين، جنھن کيس ديري غازي خان وڃي، ميان ۽ سنڌ خلاف ھر ممڪن مدد ڪئي ھئي. ان کانسواءِ لاڙڪاڻي جو پرڳڻو سيوستان جو ضلعو ۽ ڪاڇي جو علائقو، ڇپر شھر تائين دائود پوٽن کي مليو. (مرات دولت عباسيه ص 137) باقي ڪجھ ٽڪرا ميان نور محمد کي ڏنائين ”مھان ڪشاي نادري“ ۾ آھي ته ”ٺٽو ۽ سنڌ جا ٻيا حصا، ميان نور محمد کي ڏنا ويا. سنڌ جو ھڪ حصو، جو بلوچستان سان لاڳو ھو، محبت خان، قلات جي واليءَ جي حوالي ٿيو. شڪارپور ۽ سنڌ جي مٿئين حصي جا ڪجھ ڳوٺ، دائود پوٽن جي حوالي ڪيا ويا.“
نادر جو ھي حملو، سنڌ جي تاريخ جو ھڪ سياھ باب آھي. سنڌ ۾ وحشتناڪ منظر جو ڪارڻ آھي. ھن سنڌ جو الھ تلھ چَٽ ڪري ڇڏيو. سون ورني سنڌ، اجڙي تباھ ٿي ويئي. خزاني لُٽڻ سان گڏ، ھن سنڌ جي مرڪزيت ۽ وحدت کي ٽوڙي، ٽُڪرن ۾ ورھائي سياسي مونجھارو پيدا ڪيو. ميان نور محمد کي، جڏھن ٺٽي جي نظامت ملي ھئي، تڏھن ھن ڪوشش ڪري، جدا جدا ٿي ويل ٽُڪرن کي ملائي، ھڪ ڪري سندس پوزيشن مضبوط ڪئي ھئي. ساري سنڌ ھڪ حاڪم جي انتظام ھيٺ اچي چڪي ھئي ۽ ميان سنڌ کي معاشي ۽ سياسي طرح استحڪام بخشڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اھڙي طرح سنڌي عوام به متحد ۽ متفق ٿي عسڪري خواھ اقتصادي طرح وطن جي خوشحاليءَ لاءِ وڌ کان وڌ پاڻ پتوڙڻ لڳو. پر نادري حملي سنڌ کي وري اجاڙ ۽ ويران ڪري ڇڏيو. حاڪم ۽ رعيت جو سالن جو پورھيو، چند ڪلاڪن ۾ فنا ٿي ويو. سنڌ دھليءَ جي تسلط مان نڪري، قنڌار جي قبضي ۾ اچي ويئي، جن ڍل ۽ ڏن جي صورت ۾، ھن سرسبز واديءَ کي سُڃو ۽ ويران ڪري ڇڏيو.
مشھور مورخ مولانا غلام رسول مھر، سنڌ تي نادري حملي لاءِ رقم طراز آھي ته، ”نادر جو حملو، ظلم ۽ ڏاڍ جي، بي انت بحر ۾ ھڪ خوفناڪ سيلاب جي حيثيت ورتي، جنھن اوچتو سنڌ جي سر زمين کي، پنھنجي جولانيءَ جو نشانو بڻايو ۽ ساري ملڪ جو، انتظامي سرشتو ٽُڪر ٽُڪر ڪري وڌو. ھزارين ماڻھو گھر ٻار ۽ اجھا ڇڏي، دربدر خاڪ بسر رلندا رھيا. سندن ميڙي چونڊي، سڀ لُٽجي ويئي. جتي جتي نادر جو پير پھتو، وستيون ۽ فصل ويران ٿي ويا. ملڪ جي عام وسيلن کي سخت نقصان پھتو. ڪلھوڙن ٻين پيڙھين جي حڪمرانيءَ ۾ آئي ويل جي ضرورت کي، پورو ڪرڻ لاءِ، جيڪي ڪجھ پاڇي ڪيو ھو، اھو سڀ نادر ميڙي سھيڙي پاڻ سان کڻي ويو، انھيءَ کانسواءِ سالياني خراج جو ڳاٽي ٽوڙ پٿر به سنڌ جي ڳلي ۾ ٻَڌي ويو. ملڪي وحدت به قائم رھڻ نه ڏنائين ۽ ان کي به ٽُڪرن ۾ ورھائي ڇڏيائين.“ (تاريخ سنڌ- ڪلھوڙا دور ج 2 ص 410) ساڳئي طرح مورخِ سنڌ سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو ته: ”ٻارھين صدي ھجري، سنڌ لاءِ سڀاڳي به ھئي ۽ نڀاڳي به. سڀاڳي ھِن لاءِ ته مغلن جي ڏيڍ سو ورھين واري غلاميءَ کان سنڌ کي نجات ملي، جنھن جي پيڙا، سنڌين جو ست ۽ رت سُڪائي ڇڏيو ھو. نڀاڳي ھِن ڪري جو، غيرن جي بالادستي، سنڌي ذھن، فڪر، معاشري ۽ معيشيت ۾ جيڪي ناسور پيدا ڪيا ۽ نقصان رسايا، تن جي چيٽ ٿيڻ اڃا، مس شروع ٿي ته مٿان اچي، نادر شاھ جو ڪُوپ ڪڙڪيو، جنھن آزاديءَ جي اڏاوت جون، سڀيئي چوڙون ھڪ دفعو وري ڌوڏي ڇڏيون. ڪلھوڙن جي صاحبيءَ جو اھو وڏي ۾ وڏو الميو آھي، جيڪو ميان نور محمد جي دور ۾ ٿيو ۽ جنھن ميان صاحب جي سڀني عزائمن کي ختم ۽ سندس ھمت جي سڀني بلندين کي پست ڪري ڇڏيو.“ (مقدمو- منشور الوصيت و دستور الحڪومت ص 11)
نادر سنڌڙيءَ ۾ جتي پھتو اتي اوندھ ڪار ڦھلجي ويئي. سندس لشڪر بيٺل فصل ويران ڪري ڇڏيا. سنڌي ويچارا پريشان ٿي، گھر ٻار ساڻ ڪري، سِر بچائڻ لاءِ ريگستان منھن ڪري ويا. نادر جو سنڌ ۾ پير ڪنھن انسان جو ڪونه ھو، پر اُن درندي ۽ لُٽيري جو ھو، جيڪو صرف چيرڻ، ڦاڙڻ، لُٽڻ ۽ ڦُرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھ نه ڄاڻندو ھو. ان ڪري ئي عظيم الدين ٺٽوي چيو ته: ”اي خدا، سڀ کان مٿان تو ھن رڍن جي ڌڻ کي، بگھڙ جي حوالي ڪيئن ڪيو آھي-“ نامئه نغز جو مصنف لکي ٿو ته ”نادر جي فوج، جتي جتي پھتي اتي لٽ مار جي بازار گرم ٿي ويئي. ايراني فوج ملڪ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. جنھن به طرف آبادي ٿي نظر آين، ان کي ويران ڪرڻ کانسواءِ، دم نه ٿي پَٽيائون، ڪي ماڻھو مارجي ويا ۽ ڪجھ گرفتار ٿيا. (نامئه نغز ص 4)
نادر جي ڦرلٽ ۽ غارتگري فقط مال ۽ اسباب تائين محدود ڪين ھئي پر ھو قيمتي ڪتاب ۽ اڻلڀ نسخا به پاڻ سان گڏ کڻي ويو. ميان نور محمد، پنھنجي وصيت نامي ۾ لکيو آھي ته ”اسان وٽ سھروردي خاندان ۽ تصوف جي باني خاندانن جا شجرا ۽ رسالا موجود ھئا، ليڪن جڏھن ظالم نادر، سنڌ تي چڙھائي ڪئي، تڏھن اسان جو سارو ڪتب خانو ۽ سڀ رسالا ويندا رھيا. (منشور الوصيت ص 15) نادر جو سنڌ تي حملو، بغداد ۾ چنگيزي ڪاھ جي ٻي تصوير آھي. ظالم نادر نه صرف خزانن ۽ گھرن کي ٻھاري ڏني، پر جنھن کان جيڪي ٿي آيس، سو ٿي ڦريائين. سندس وڃڻ کانپوءِ، سنڌڙيءَ ۾ صرف، قتل ۽ غارت جو ماتم، خونريزي ۽ لُٽمار جا قصا، آھون ۽ دانھون، روڄ ۽ راڙو. مولانا اعجازالحق قدوسي لکي ٿو ته، ”نادر شاھ جي حملي سان، سنڌ تي تمام ناگوار اثر پيو. سندس لٽ مار سان ملڪ جو خزانو خالي ٿي ويو. ملڪ جي وحدت پاره پاره ٿي ويئي. شر پسند عناصر، جيڪي دٻيل ھئا، انھن نئين سِر ڪنڌ کنيو ۽ ملڪ تي ويھن لکن روپين جو ساليانو خراج پيو.“ (تاريخ سنڌ ڀاڳو ٻيو ص 481)
ھن انساني خون جي اڃايل شخص، سنڌ ۾ اھڙي تباھي آندي جو ڪيتري عرصي تائين، ملڪي امن ۽ امان جو شيرازو بگڙي ويو. ميان نور محمد، جيڪو تعميري ڪم ڪيو، تنھن کي ھن حملي برباد ڪري ڇڏيو. قنڌار جي حڪومت، سال بسال ملڪي پيداوار جو وڏو حصو خراج طور وٺندي ھئي ۽ ان سان گڏ ٻين به ڪيترين کي فرمائشن جي پورائيءَ لاءِ حڪم ڪندي ھئي. ھي دور سنڌ لاءِ، زبردست معاشي ۽ سياسي تباھيءَ جو دور ھو. مسٽر ھيگ، سنڌ جي ھن مصيبت واري دور جو صحيح اندازو لڳايو آھي. ھو لکي ٿو ته، ”مغرب جي ھڪ وڏي سلطنت سان، سنڌ جي نھايت زرخيز علائقي جو الحاق ۽ مٿان تمام ڳري خراج جو مڙھجڻ، ھن بدحال ملڪ تي وڏي مصيبت ثابت ٿيو، جنھن جي تقدير زماني جا رنگ برنگي تماشا ڏسي چڪي ھئي. دھليءَ جي حڪومت سان، ڊگھي مدت جي تعلق مان اھو فائدو ھو، جو مرڪز وارن لاءِ، سنڌ پھچڻ سولو ڪونه ھو. ان ڪري نه ڪي شھنشاھي دٻاءُ پئجي ٿي سگھيو نه زيادھ دولت جي، وقت به وقت وصولي ٿي سگھي ٿي. ليڪن ھينئر ھڪ نئين ملڪ جي قبضي ۾ ھو ۽ ان جي ھٿ ۾ بولان لڪ ھو، جنھن ڪري سنڌ کان پئسا طلب ڪرڻ سولا ٿي پيا ھئا. (دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ص 117)
مطلب ته نادر شاھ جو سنڌ تي ھي حملو ھڪ معاشي ڌاڙو ۽ سياسي قبضو ھو. ھن سنڌ کي اقتصادي طرح خوب ڏُڌو ۽ سندس آزاديءَ جي نعمت کي تلف ڪري، ھن جي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جو ڳٽ وجھي، ڪابل ۽ قنڌار جي مطيع ڪري، سالن تائين کيس غلام بڻايو. ان غلاميءَ مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ صوبائي خودمختياري ماڻڻ لاءِ، سنڌ واسي ايرانين سان تاريخ جي ھر دور ۾ خوب وڙھندا رھيا ۽ آخر سنڌ قنڌار جي تسلط کان آزاد ٿي.
نادر شاھ جي ھن حملي، سنڌ واسين جي روز مره جي زندگيءَ تي وڏو اثر وڌو. ھِتان جي عوامي زندگي به متاٿر ٿي، لوڪ ادب ۽ لوڪ روايتون به سندس وحشي ڪارنامن کان بچي نه سگھيون. ”نادر ته پٺيان ڪونه اٿيئي؟“ نادر به نادر آ، پر قادر به قادر آ- نادري حُڪم- نادري موچڙو.“ اھي ۽ اھڙيون ٻيون عام چوڻيون اڄ تائين سنڌ ۾ مشھور آھن ۽ انھيءَ دھشت انگيز دور ڏانھن حافظي جا ورق ورائين ٿيون، جنھن سنڌ کي ذھني اذيت پھچائي. آزاديءَ جون سچيون خوشيون خاڪ ۾ ملائي ڇڏيون.
ھن دور ۾ به اسان جي ادب ۾، نادر جي ھن ظلم ۽ جبر بابت اشارو ملي ٿو، جنھن مطابق اسان کي ھر دور جي نادرن سان منھن ڏيڻ لاءِ تيار رھڻ گھرجي.
سوين آيا سنڌ ۾، نوان نادر شاھ،
ڪانھي ڪا تاريخ ۾، ويڙھ سوا ٻي واھ،
متان سوچيو ساھ، متان موٽو ماڳ تان.
”اياز“