مدد خان افغان (1780ع)
ڇوڙ وڃي يھودي يزيد ميان.
(حضرت مراد فقير رح)
- سنڌ ۾ ڪھڙو فتنو پيدا ٿيو، ڪھڙي بلا نازل ٿي، معلوم ٿئي ٿو ته ڪا قيامت آئي آھي. اُھا سنڌ، جا امن امان جي جاءِ ھئي. آءٌ توکي ڇا ٻڌايان ته اُن جو ڪھڙو، برو حال ڪيو ويو آھي. ھر عزت واري جي آبرو لُٽي ويئي آھي، مال ۽ دولت وارا، محتاج ۽ فقير ٿي چڪا آھن. ماءُ ڌيءُ کان وڇڙي چڪي آھي ۽ پُٽ پيءُ کان جدا ٿي ويو آھي. سر بدن کان الڳ ڪيا ويا آھن، ته بدن سر کان ڌار. دولت مند اَٽي جي لَپ لاءِ، سرگردان آھن. عصمت جي گوشي جي، ھر عصمت ماب ۽ پرده نشين خواتين، سادات خاندان جون پارسا عورتون، بي پرده ٿي چڪيون آھن. انھن جي ڪيتري نه بي قدري ٿي آھي-
عبدالملڪ
ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون
جن ٻاھرين سردارن ۽ اميرن، سنڌ کي سواءِ ڪنھن ڏوھ ۽ پاپ جي ڦريو ۽ لُٽيو آھي، تن ۾ مدد خان جو نالو مکيه آھي. جنھن ھِن امن ۽ سلامتي جي واديءَ تي حملو ڪري، سندس غريب ۽ مسڪين ماروئڙن جي پورھئي جي پونجي لُٽي، پنھنجا گھر ڀريا ۽ ھيڏانھن پورھيت سنڌي عوام، ٽُڪر ڳڀي ۽ پاڻيءَ چڪي لاءِ تڙڦندي رھيو. ھن سنڌ ۾ جيڪا ڦرلٽ ڪئي ۽ افراتفري مچائي، ان جو نظير ۽ مثال ملڻ مشڪل آھي.
مدد خان جو اصل نالو، دلاور خان ھو، جنھن جو تعلق اسحاق زئي قبيلي سان ھو. جڏھن احمد شاھ ابدالي 1772ع ۾ وفات ڪئي، تڏھن تخت نشيني جي سلسلي ۾، قبائلي جھڳڙو شروع ٿيو. تن ڏينھن ۾، دلاور خان، ابداليءَ جي درٻار ۾، ھڪ معمولي ملازم ھو. ابداليءَ جي وفات وقت، وليعھد تيمور ھرات ۾ ھو. ان ڪري ڪجھ درٻاري اميرن، شاھ ولي خان وزير اعظم جي مدد سان، ابداليءَ جي ٻئي پٽ، شھزادي سليمان کي قنڌار جي تخت تي ويھاريو. اھا حالت ڏسي دلاور خان کي پنھنجو مستقبل چمڪندو نظر آيو ۽ ھن دور انديشي کان ڪم وٺندي، تيمور جو پاسو ورتو ۽ ان جي لشڪر ۾ شامل ٿي، سليمان ۽ شاھ ولي سان جنگ ڪئي، جنھن ۾ شاھ ولي ۽ سندس ٻه پُٽ پارجي ويا. اھڙي طرح تيمور، ساڳئي سال تخت تي ويٺو. ھن حڪومت سنڀالڻ شرط، دلاور خان کي مدد خان جو لقب ڏيئي، پنھنجو خاص مشير مقرر ڪيو. مدد خان جيئن ته فطري طرح ويڙھاڪ ۽ فوجي مھارت رکندڙ ھو، ان ڪري سندس مرضيءَ موجب تيمور کيس فوج جو ڪمانڊر انچيف مقرر ڪيو. مدد خان، ھر جنگ ۾ شريڪ ٿيو ۽ تيموري سلطنت جي حدن وڌائڻ ۾، سندس چڱو ھٿ ھو.
اھو 1780ع جو زمانو ھو. سنڌ ۾ ٽالپرن ۽ ڪلھوڙن جي پاڻ ۾ لٺ لڳل ھئي. غدارِ سنڌ ميان عبدالنبي ڪلھوڙي، مير بجار کي دوکي سان مارائي ڇڏيو، پر کيس وَيل مھل وري ھٿ نه آئي ۽ ھو مقصد جو موتي ھٿ ڪري نه سگھيو. ھن کي کسجي ويل تخت جو وڏو ڏُک ھو. ان ڪري ئي، ھن جوڌپور جي راجا رنجيت سنگھ کي، عمر ڪوٽ، مير بجار جي قتل ڪرڻ تي ڏيڻو ڪيو. ميان عبدالنبي لاءِ سندس والدھ به مير بجار کي چيو ھو ته، ”عبدالنبي منھنجو پُٽ آھي، آءٌ سندس عادتن کان واقف آھيان، ھو منھنجو به گھر تباھ ڪندو ۽ توکي به منجھانئس ڪا چڱائي نه رسندي.“ (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 554) ۽ آخر ان عبدالنبيءَ مير بجار کي ٺڳيءَ سان مارائي ڇڏيو. پر مير بجار جو فرزند، مير عبدالله چُپ ڪرڻ وارو ڪونه ھو. ھو ٽالپرن جو مُک ٿيو ۽ صادق علي، ميان الله بخش ڪلھوڙي کي گاديءَ تي وھاريو. اھو حال ڏسي، عبدالنبي قلات جي والي محمد نصير کي، سنڌ تي چاڙھي آيو. لاڙڪاڻي جي ويجھو، سنڌ جي سورھئي، ميان عبدالله ساڻس جنگ ڪئي ۽ کيس شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو. جڏھن عبدالنبيءَ ڏٺو ته ھِت پڄڻ جي ڀيڻي ڪانھي ۽ پاڻي سر کان تار ٿي ويو آھي تڏھن تيمور شاھ، واليءَ قنڌار ڏانھن ڀڳو ته، ھن کان لشڪر وٺي، پنھنجو وير پاريان. تيمور کي ٻيو ڇا گھربو ھو؟ ھو ته ويٺو ئي بھانا لھندو ھو. ھن کي پرائي ماس ۾ ڪاتي وجھڻ ۾ ڪھڙو حرج؟ ويتر سنڌ ته متاري ڍڳي ھئي، جتي پنجئي گيھ ۾ ھيون. ھن ويرم ئي ڪانه ڪئي. پنھنجي وفادار ۽ خاص پاليل سردار مدد خان ڏانھن چورائي موڪليائين ته وارو ڪر، سنڌ وڃي ميان جي واھر ڪر.ھمراھ کي تخت وٺي ڏي. مدد ھن کان اڳ ۾ ئي دائود پوٽن جي مُلڪ، بھاولپور ۾ 40 ھزار افغان لشڪر سان گڏ ھڪيو تڪيو حاضر ھو.
تاريخ بلوچستان ۾ آھي ته ”مير زرڪ جي شھادت کان پوءِ تيمور شاھ جو حڪم، مير محمد نصير خان جي نالي صادر ٿيو ته سردار مدد خان اسحاق زئي کي، ميان عبدالنبي جي مدد لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي. اھو پاڻ سان لشڪر وٺي ايندو ۽ اوھان جي لاءِ به حڪم آھي ته، بروھين ۽ بلوچن جو لشڪر سردار موصوف سان گڏي، سنڌ ڏانھن روانو ڪريو، ته جيئن ٽالپر قوم کي پامال ڪيو وڃي، جا ميان صاحب جي دشمن آھي. اھڙيءَ ريت ملڪ کي سندن ھٿن مان قبضو ڇڏائي، ڪلھوڙي صاحب جي حوالي ڪيو وڃي.“
بھرحال مدد خان ۽ مير محمد نصير جا ماڻھو 40 ھزار لشڪر سان ديري اسماعيل خان جي رستي کان، سنڌ ۾ قھر جي صورت ۾ داخل ٿيا. عبدالنبي کيس ڪجھ نذرانو ڏنو ۽ سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ تمام وڏي رقم ڏيڻ جو وعدو ڪيو. پاڻ به بروھين ۽ نومڙين جو لشڪر وٺي، مدد خان سان اچي گڏيو. پر افسوس جو عبدالنبيءَ کي پنھنجي نيت لوڙڻي پيئي. ڌريان ئي ڌاريا، مِٽ مُئيءَ جا نه ٿيا. مدد پھچڻ شرط حڪم ڪيو ته ”منھنجي فوج کي پگھار ڪانه ملي آھي، سو اڌ رقم جو ڏي ته، ان کي ڏيئي راضي ڪجي.“ ميان اھو ٻڌي تپرس ۾ پئجي ويو. سوچڻ لڳو ته ”پيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻجھن.“ آخر ھٻڪي ھٻڪي چوڻ لڳو ته، ”قبله منھنجو سمورو خزانو قلعي ۾ پوريل آھي، اتي پھچي ڪوڏي ڪوڏي جو حساب ڏيندس.“ پر سائين اڳيان به ته افغاني سردار ھو. گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتو ھئائين. سُڪ تي مٿو ھن به ڪونه آندو ھو. ملڪ ڦُريا ھئائين. سياڻو ۽ زمان گشت ماڻھو ھو. ھن سمجھيو ته عبدالنبي اھو صرف ڏَٽو ھڻي، کيس گاديءَ جي ھنڌ تي، وٺي وڃڻ ٿو چاھي. ان ڪري لت ڏيئي کڻي ميان جي خاص ماڻھن، بلاول ليکي، تاج سامٽئي ۽ ٻڍي دربان کي ھٿڪڙيون ھڻي، قيد ڪري، مٿانئن زور رکيو ته ”عبدالنبيءَ جو خزانو ٻُڌاءِ ته ڪٿي رکيل آھي.“ مگر ھن نه سليو. ان ڪري پٺاڻ سردار کي ويتر خار لڳي، سمجھيائين ته عبدالنبي ڪوڙا وعدا ۽ بھانا ڪري ٿو. انھيءَ تي بس ھمراھ آپي کان ٻاھر نڪري ويو. ملڪ ۾ ٻاڪر ڪُٽو وجھي ڏنائين. لُٽمار ۽ غارتگريءَ جي بازار گرم ٿي ويئي. بيٺل فصل تباھ ڪري ڇڏيائين ڄڻ ماڪڙ گھمي ويئي. جنھن ھنڌان ٿي لنگھيو ملڪ پٽا ڏيئي ٿي ويو. صفا رَئي ڪري ڇڏيائين. ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ شھرن جا شھر ڦُرجي ويران ۽ برباد ٿي ويا. سون ۽ روپا ته پنھنجي جاءِ تي پر مدد، سنڌين جو ھڪ دانگيءَ ٽُڪر به نه ڇڏيو. فتحنامي جي مصنف، سندس سنڌ ۾ ھن پھرين خونريزي ۽ ظلم جو نقشو ھِن طرح چٽيو آھي:
”ھو سڀني بيڪسن کي ڏکوئيندڙ، ڪمزورن کي ماريندڙ، ناتوانن جا دشمن ۽ ضعيفن جا قاتل ھئا. ھنن کي الله جو خوف ڪين ھو. افغاني لشڪر پاڳلن وانگر ماڻھن کي بي ڏوھ ماريندا ۽ ظلم ڪندا رھيا. ھو جتان به ويا ٿي، ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ڪندا ويا. ھو تمام موذي، نالائق ۽ ڪميڻا ھئا. سڀيئي رڇن ۽ زھريلن نانگن وانگر ڏنگيندا رھيا. ھو ضعيفن سان وڙھڻ لاءِ بجليءَ وانگر تيز ھئا. ڪٿي مقابلي جي صورت ٿي ته، تکي بجليءَ وانگر، تيزيءَ سان ڀڄي ويندا ھئا. ھو محبت واري سلوڪ کان خالي ھئا ۽ ڇِتي مرون وانگر، ماڻھن تي بي سبب حملا ٿي ڪيائون. ھو لٽمار ۾ اھڙا ته دست دراز ھئا جو پراڻي ڦاٽل ڳوڻ به نه ٿي ڇڏيائون. (فتح نامو ص 152)
ھيءَ مدد خان جي پھرين ڦُر ھئي، جنھن لاءِ کيس عبدالنبيءَ پاڻ چيو ھو ته، ”في الحال اوھان جو لشڪر سنڌ جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ڦُرلٽ ڪري کيس گھڻو ئي خزانو ملندو.“ (فريئر نامو ص 52) ان ڪري ئي ھن دٻڙ دونس شروع ڪئي. ھن ڦُر وقت شھرن ۽ ڳوٺن کي باھيون ڏنيون. غريب سنڌين جو، جن جون دليون ميڻ کان به نرم آھن، الھ تلھ چٽ ڪيو ويو. ھي ھڪ اھڙي ته ڪُمھلي ۽ بي علاج آفت ھئي، جيڪا خود پنھنجو ڄائو، مادر وطن تي وٺي آيو. پنھنجي وڍئي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب!
سڀ سنڌي گڏجي، مير عبدالله وٽ ويا ۽ کين چيائون ته، ”ھِن غئبات سان منھن ڏجي، وڙھي جنم ڀومي جي عزت ۽ آبرو بچائجي.“ عبدالله خان سنڌ جو اھو سورمو آھي، جنھن ھن افغان آفت سان منھن ڏيڻ لاءِ ڪمر ڪشي، ھو ھڪ وڏو لشڪر وٺي مدد خان سان جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو.
مدد خان ڏٺو ته ھاڻي سِر ٿو وڃي. وٺڻ ته پنھنجي جاءِ تي، ھاڻي ته ڏيڻو ٿو پوي. سو ھن اٽڪل رٿي. سياڻو ته ائين ئي ھو. مير صاحب کي چورائي موڪليائين ته، ”اوھين وڏا بھادر ۽ عقلمند آھيو. عبدالنبي اوھان تي جيڪي ظلم ڪيا آھن، اھي سڀ مون کي معلوم آھن. ھن جي دل، ڪنھن ڏانھن به صاف نه آھي. جيڪي ماڻھو، ھن جا مشير آھن، اھي به سڀ ڪوڙا، الزام تراش ۽ فتني باز آھن. نه انھن ۾ ڪا مردانگي آھي ۽ نه وري ڪي عقلمند ئي آھن. اھوئي سبب آھي جو مون انھن کي زمجير پارايا آھن. اوھين پنھنجي گھرن ڏانھن وڃو، مان ھنن سان خدا آباد وڃڻ گھران ٿو. انھيءَ ڪري جو ھو چون ٿا ته اتي اسان جو خزانو پوريل آھي. جيڪڏھن اھو ملي ويو ته بھتر نه ته ٻي صورت ۾ ھي ماڻھو بادشاھ سلامت جي نظر ۾ ڪوڙا ثابت ٿيندا. مان اوھان جي دوستيءَ جو خواھشمند آھيان. “ (تاريخ سنڌ- ج 2 مرزا قليچ بيگ ص نمبر 185)
ھي خوشامندي ۽ ھيٺاھينءَ وارا لفظ ٻُڌي مير ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس ايلچين کي انعام اڪرام ڏيئي مدد کي چوائي موڪليائين ته ”اوھان جي مرضيءَ موجب، اسين عمرڪوٽ وڃون ٿا. اوھين سواءِ ڪنھن ڦرلٽ جي، سِڌو خدا آباد ھليا وڃو.“ مير ته سِڌا سنوان ماڻھو، پنھنجي وعدي موجب ھليا ويا ۽ ھيءُ پٺاڻ، جنھن جي دل ۾ ڊوھ ھو، سو ڪٿي ٿو انجام پاڙي؟ ڏسو ته ڪيئن ٿو ڀنڀور کي باھ ڏئي ۽ مُلڪ کي ٿو ڀيلي؟
مدد خان اتان ٿي، دلجاءِ ڪري، سڌو خدا آباد آيو، جتي عبدالنبيءَ تي زور رکيائين ته، ”ڏوڪڙ پيدا ڪر.“ پر چوندا آھن ته، ”جيڪو ڪُنيءَ ۾ ھوندو، پاٽِ ۾ به سو پوندو.“ ھو ته اڳيئي سُڃو تڙخ ھو، ڪٿان آڻي خزانو، جو مدد جو ڀِڀ ڀري ۽ افغاني فوج جا انگل پورا ڪري. وري به آزار ويچاري رعيت لاءِ. مدد نفيءَ ۾ جواب ٻڌي، باھ ٿي ويو. لشڪر کي وري ڦرلٽ جو حڪم ڏنائين. ساڳي مھي ولوڙ شروع ٿي ويئي. فوج ڦرلٽ ۽ غارتگريءَ ۾ ھڪ ٻئي کان وڌيڪ زور وٺڻ لڳي. ملڪ کي ڦري ناس ڪري ڇڏيائون. فريئر نامي وارو لکي ٿو ته، ”الله کان نه ڊڄندڙ مدد خان پئسن ميڙڻ لاءِ، ھر ڳوٺ، ھر شھر ۽ ھر گھٽيءَ تي ماڻھو ڇڏيا. اھي ظالم جتي پھتا، جيڪا به چيز ھٿ لڳن، ڦري کڻي آيا. انھيءَ سلسلي ۾ تمام گھڻا گھر تباھ ٿي ويا. رعيت جا ڪيترائي گھر بي چراغ بڻجي ويا.“ (فريئر نامو ص نمبر 63)
ان وقت جي مشھور شاعر، عظيم الدين ٺٽوي، ھن دلگداز واقعي جو نقشو ھن طرح چٽيو آھي ته ”سنڌ ۾ اھڙي خوفناڪ حالت پئدا ٿي ويئي جو، قيامت جو ڪوڪرو ياد اچي ٿو. اھي ظالم ھر ھنڌ غريبن کي پڪڙيندا ۽ قتل ڪندا ٿي رھيا. انھن ظالمن انصاف جي طرف کان، اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ بتيون کڻي گھرن جا گھر ويران ڪري ڇڏيائون. انھن ھڪ ھڪ پئسي لاءِ، ماڻھن کي ٻه ٻه سئو زخم رسايا. اسان جي ملڪ ۾ ڪوبه، مالدار نه رھيو. تباھي پکيڙيندڙ فوج، اھڙي وسيع پئماني ۾، لُٽ مار ۽ خونريزي ڪئي، جو انسان ۽ حيوان جو امتياز مٽجي ويو. نه ڪنھن جي بدن تي ڪپڙو رھيو ۽ نه وري ڪنھن جي مٿي تي پَٽڪو. ماڻھن جون جُتيون ته لھرايائون، پر گھرن مان پراڻيون ڳوڻيون به ميڙي کڻي ويا.“ (فتحنامو ص نمبر 164- 165)
مير عبدالله کي جڏھن عمرڪوٽ ۾ ھن تباھ ڪاري ۽ سفاڪانه ڪارگذارين جي خبر پيئي، تڏھن کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اڳوڻي صلح تي پڇتاءُ ڪري، ھڪ وڏو لشڪر وٺي، مدد جي ڪڍ پيو. مدد ڏٺو ته ھاڻي ٿو ممڻ مچي ۽ سِر ٿو وڃي، ويتر جو مير جو نياپو مليس ته ھاٿي کي ڏند ڏيکارڻ جا ھڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا- ڇا تنھنجو قول ۽ فعل. اھا ڳالھ ٺھي ته ڪانه ٿي! تڏھن چوائي موڪليائين ته مان رعيت سان ظلم نه ڪريان ھا پر عبدالنبيءَ مون کي جنھن سون روپي جو دلبو ڏنو ھو، ان کان جواب ڏنائين. فوج لاءِ به کاڌ خوراڪ جو. انتظام نه ڪيائين ان ڪري مجبورن، ان جي پورت لاءِ، مون کي ڦرلٽ ڪرڻي پيئي. مون اوھان جي لاءِ بادشاھ سلامت کي، سفارش ڪئي آھي، جيڪڏھن اوھان سالياني ڍل ڏيڻ جو وعدو ڪريو ته، مان واپس ھليو ٿو وڃان. اھو ٻڌي فتح خان پنھنجا ماڻھو واپس وٺي عمرڪوٽ ھليو ويو. مگر عبدالله خان، سندس ڳالھ تي ذري برابر به يقين نه ڪيو ۽ ساڻس مقابلي ڪرڻ لاءِ پنھنجو لشڪر دين ڳڙھ ۾ آندو. مدد خان ڇا ڪيو جو عمرڪوٽ ۾ فتح خان کي دم دلاسا ڏيئي، پاڻ سان کنيو ۽ روھڙيءَ ۾ کڻي 5 سپاھين جي نظرداريءَ ھيٺ ھٿيڪو ڪري، کانئس پنج لک روپيا وٺڻا ڪيائين. رات جو فتح خان، ڪن نمڪ حلالن جي ڪوشش سان ھن جي قيد مان آزاد ٿي، عبدالله خان سان وڃي مليو. ھاڻي ھي لشڪر مڙڻ وارو ڪين ھو، مدد خان کي جو فتح خان جي خلاف ٿيڻ جي خبر پيئي، تڏھن ڪاوڙ ۾ اچي، سپاھين جون سريون ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيون. ھن کي پنھنجي شڪست صاف نظر ٿي آئي، ان ڪري، روھڙيءَ مان منزل کڻي اٻاوڙي آيو. مير عبدالله به سندس پٺ ڪانه ڇڏي ۽ کيس سنڌ مان ڀڄائڻ لاءِ، سندس پويان لڳي آيو. آخر ٻي واھ نه ڏسي، مدد خان دولت پور وٽان سنڌو درياھ ٽپي، قنڌار ڏانھن ڀڄي ويو.
سنڌ ۾، مدد خان جي ھي ڦر، پنھنجي نوعيت ۽ اھميت جي لحاظ کان، خوني ۽ دردناڪ ڦر آھي. ھن شخص جھڙي طرح سنڌ ۽ سنڌين کي ڦريو ۽ لٽيو، سو قابل افسوس آھي. مڃجي کڻي ته عبدالنبي ھنن کي وڏي رقم ڏيڻ جو دلاسو ڏيئي سنڌ ۾ وٺي آيو، پر اھو به تڏھن، جڏھن ھو کيس تخت وٺي ڏئي ھا. مگر ڇا انھيءَ وعدي وفائيءَ جي ذميداري سنڌ جي غريب، اٻوجھ ۽ پورھيت عوام تي پوي ٿي جن جا جھُڳا جھڻ ڪيا ويا، کين ڦريو ۽ لٽيو ويو، ماريو ۽ ساڙيو ويو.
مدد خان، سنڌ ۾ جيڪا ڦر ڪئي، سا مورخن جي لفظن ۾ ٻڌو:
مائونٽ اسٽوئرٽ الفنسٽن لکي ٿو ته ”مدد خان سڄي ملڪ کي باھ ۽ تلوار سان ويران ڪري ڇڏيو. ھن جي ھيءَ لٽمار ايتري قدر ته شديد ۽ بي پناھ ھئي، جو ھن مھم کانپوءِ، خوفناڪ ڏُڪار شروع ٿي ويو. بيان ڪيو وڃي ٿو ته، سنڌ کي، ھن واقعي مان، جيڪو نقصان پھتو آھي، تنھن جي تلافي اڃا تائين (1890ع) نه ٿي سگھي آھي.“ (سلطنت ڪابل- بحوالہ تاريخ سنڌ- عھد ڪلھوڙا مولانا مھر)
جنرل ھيگ لکي ٿو ته، ”مدد جيڪو اڄ تائين، سنڌ ۾ برائيءَ سان مشھور آھي، پنھنجي فوجن کي، ھن وفادار صوبي ۾، من مانين ڪرڻ لاءِ، بلڪل آزاد ڇڏي ڏنو. ھو اتر کان ڏکڻ تائين ويو. جتان جتان لنگھيو، ڳوٺن ۽ شھرن کي لٽيائين، ساڙيائين ۽ بنا ڪنھن قياس جي ماڻھن کي قتل ڪرايائين. ايستائين جو آخرڪار وحشي پٺاڻ به، خونريزي ۽ برباديءَ مان ڍائجي ويا. مدد خان جي تباھي ڪري، سنڌ ۾ خوفناڪ ڏڪار پئجي ويو. مٿان وري وبا جي منحوس بيماري اچي پيئي ۽ بدنصيب عوام کي، جن مصيبتن سان واسطو پيو، ان جو ڪوبه مثال، سنڌ جي گذريل تاريخ ۾ موجود نه ھو. ظاھرآھي ته عوام کي انھن جھڳڙن ۽ ڇڪتاڻ سان ڪوبه تعلق ۽ دلچسپي ڪانه ھئي، جا لڙائي ڪندڙ سردارن جي وچ ۾ حڪمرانيءَ جي حرص جي سلسلي ۾ ٿي رھي ھئي.“ (دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري- بحوالہ تاريخ سنڌ- عھد ڪلھوڙا)
سر رچرڊ برٽن لکي ٿو ته: ”مدد خان، جنھن کي ماڻھو حقارت کان صرف مدد ڪوٺيندا آھن، تنھن ڏاڍا ظلم ڪيا. ھن وڻ وڍائي ۽ شھر ڊھرائي ڇڏيا. گوني نديءَ وارو سرسبز علائقو، ھن ويران ڪري ڇڏيو. ڪيترائي ماڻھو قيد ڪري وٺي ويو ۽ ڪيترن کي عذاب ڏيئي کانئن خزانا ھٿ ڪيائين. انھن ڪارنامن ڪري کيس سنڌي ڀَٽ ۽ چارڻ، بيتن ۾ پِٽيندا آھن ته ھو سپاھي نه پر ڦورو ھو.“ (سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ رھندڙ قومون- ص نمبر 210)
مسٽر آڏواڻي لکي ٿو ته: ”مدد خان جي لُٽمار ۽ خونريزي، مدت تائين سنڌين کي ياد رھي. ھن جو نالو ٻڌي، چورن تي زردي ڇانئجي ويندي ھئي ۽ بدن ڏڪي ويندو ھو.“ (سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي) مدد خان جي ڦرلٽ، خونريزي ۽ تباھ ڪاريءَ تي ميان عبدالملڪ، جيڪو ان دور جو ھندوستان جو وزير ھو، فارسي زبان ۾ ھڪ مرثيو لکيو ته، ”سنڌ ۾ ڪھڙو فتنو پيدا ٿيو، ڪھڙي بلا نازل ٿي، معلوم ٿئي ٿو ته ڪا قيامت آئي آھي. اھا سنڌ، جا امن امان جي جاءِ ھئي. آءٌ توکي ڇا ٻڌايان، ته ان جو ڪھڙو برو حال ڪيو ويو آھي، ھر عزت واري جي آبرو لٽي ويئي آھي، مال ۽ دولت وارا محتاج ۽ فقير ٿي چڪا آھن. ماءُ ڌيءُ کان وڇڙي چڪي آھي ۽ پُٽ پيءُ کان جدا ٿي ويو آھي. سِر بدن کان الڳ ڪيا ويا آھن ته بدن سر کان ڌار. دولتمند اٽي لپ لاءِ سرگردان آھن. عصمت جي گوشي جي، ھر عصمت مآب ۽ پردہ نشين خواتين، سادات خاندان جون پارسا عورتون بيپرده ٿي چڪيون آھن، انھن جي ڪيتري نه بيقدري ٿي آھي.“ (بحوالہ تاريخ سنڌ- ج 2، مولانا غلام رسول مھر- ص 756)
فردوس العارفين وارو لکي ٿو ته: مدد خان تمام گھڻي سختي ڪئي. سنڌ لاءِ، اھو تمام وڏو حادثو ھو. ايترو جو ماڻھو، ماڻھو ٿي کاڌو. مان پاڻ اھڙي جاءِ تي سِر بچائڻ لاءِ لڪل ھوس، جو ڇھ مھينا سواءِ ڪنھن کاڌي جي گذاريم. (حديفة الاولياءَ- سيد حسام الدين راشدي- مھاڳ ص 55) اھڙي طرح صبح البسطين وارو لکي ٿو ته ..... انھي سال مدد خان خراساني ھڪ وڏي لشڪر سان سنڌ ۾ اچي، ھن ملڪ کي لٽيو. خراسانين، ھتان جي رعيت کي، ھر قسم جي لُٽ ۽ ڦر ڪري، کين تنگ ڪيائون ۽ پوءِ موٽي ويا. ھن واقعي کي مدد جي ڀڳي چون ٿا. (ساڳيو)
سنڌ جو مشھور ليکڪ ابن حيات پنھور لکي ٿو ته: ”مدد خان نالي، ھڪ ظالم ۽ ڌاڙيل، سنڌ جي سرسبز گلشن کي اجاڙي، ڀيلي، پاڙان پٽي ناس ڪري ڇڏيو. بُک ۽ جسماني اوگھڙ جي اھڙي ته دل ڏڪائيندڙ فضا پيدا ٿي ويئي، جو جنھن به گھر ۾، پنج ڀاتي موجود ھئا ته منجھانئن، ڪنھن ھڪ خوش نصيب کي، گھران ڀڄي جان جي ٻن اڳڙين بچائڻ جو مشڪل سان موقعو مليو. گھرن جا گھر ننگا ٿي ويا. ٻار، ڳڀي لاءِ ڪيھون ڪرڻ لڳا. پيئرن ۽ ڀائرن جون نگاھون ماءُ ۽ ڀيڻ ڏانھن، نھارڻ کان شرم وچان جھڪيل ھيون ۽ انساني تھذيب، پنھنجي ھن بي بسيءَ تي، ڳوڙھا ڳاڙيندي ۽ افغان حڪمرانن جي، مسلم برادري واري جذبي ۽ شناس تي ماتم ڪندي رھي.“ (ماھنانه روح رھاڻ- ڪلھوڙا دور آڪٽوبر 1967ع)
ھي آھي ھن دلگداز ۽ دلخراش، غم انگيز ۽ المناڪ واقعي جي قلمي تصوير. مدد خان جي ڪاھ، سنڌ کي وڏو نقصان پھچايو. سنڌ جا ڪيترائي علم و ادب جا مرڪز، تھذيب ۽ تمدن جا گھوارا شھر صفا تباھ ٿي ويا. جوڻ ۽ فتح باغ جا وسندڙ ٻه شھر، جيڪي لاڙ ۾، ميون جي پيداوار ڪري مشھور ھئا، ھن قيامت صغريٰ ۾ ناس ٿي ويا. اگھم ڪوٽ جھڙو تاريخي شھر ۽ علمي مرڪز ھن تباھ ڪري ڇڏيو، جيڪو اڄ قبرن جو اڏو ۽ مقبرن جي نشانن جو ڍير آھي.
مدد خان جي ھن ڪاھ، سنڌ جي سرسبزي، شادابي، خوشحالي ۽ فارغ البالي کي گھڻو نقصان رسايو. ھِت اھڙو ڏڪار پيو، جو ان کان اڳ يا پوءِ، اھڙي منحوس قحط منھن ڪڍيو جو سنڌجھڙي زرخيز ملڪ ۾، جتي اناج جي سدائين گھڻائي ھوندي ھئي، اتي ھڪ رپئي جو ڏيڍ سير اٽو ملڻ لڳو. ان قحط ۾ ھزارين ماڻھو بُک وگھي مري ويا ۽ بقول عبدالملڪ ”ھيھات ڪه سنڌ ڪربلا شد.“ (افسوس سنڌ ڪربلا بڻجي ويئي) وارو مثال ٿي پيئي ۽ ھر طرف بُک ۽ اوگھڙ جو راڪاس ڦيريون پائڻ لڳو. ھي سنڌ ملڪ سان ويڌن تاريخي ۽ سماجي انصاف جي لحاظ کان نسورو ناحق ۽ ظلم ھو، ڇو ته سنڌ قانوني طرح افغان حڪومت جي ڏن ڀرو ھئي ۽ سنڌ جا حاڪم سواءِ ڪنھن چون چران ۽ گوٿ ناٿ جي، مقرر ڍل ھر سال پياريندا رھندا ھئا. اھڙي طرح اندروني ريت ھو آزاد ۽ خودمختيار ھئا. پر ڇا ڪجي، انھن ظالمن کي، جيڪي ھر ڳالھ کي لڪشمي ديوي جي پاڇي ۾ ويھي، سوچيندا آھن ۽ پوءِ انھيءَ ديويءَ جي اشاري تي، لکين بي گناھ انسانن کي ايذائڻ ۾ سندن آن جو ڀرم رھندو آھي ۽ رت جو ريج ڏسي، سندن جيءُ خوش ٿيندو آھي ۽ ضمير مطمئن ٿيندو آھي. مدد افغان به سنڌ ۾ ڪجھ اھڙي قسم جي ڦرلٽ ڪئي، جو دھليءَ ۾ نادر ۽ بغداد ۾ ھلاڪو خان وارا به کيس سلام ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا.
مدد خان جي ھن حملي، سنڌ کي اقتصادي ۽ عالمي نقصان پھچائڻ کانسواءِ ھتان جي عوام تي سماجي ۽ معاشرتي طرح به وڏو اثر وڌو. سنڌ واسين کي ذھني ۽ نفسياتي طرح ايذاءُ پھتو. سنڌ جي سورمن، اڪابرن، عالمن ۽ قومي درد رکندڙ شاعرن، ھتان جي ماڻھن ۾ جيڪو احساس بالاتري، احساس خودشناسي ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ جو جذبو پيدا ڪيو ھو، سو ذري گھٽ ختم ٿي ويو. مدد خان جي ظلم ۽ بربريت، سنڌين تي ذھني ۽ نفسياتي اثر وڌو ھو. ھو ھر ڌارئي ۽ ھر ٻاھرئين کي خراب نظر سان ڏسڻ لڳا ۽ ھر اوپري ماڻھوءَ ۽ ھر پرديسيءَ ۾، ھنن کي مدد خان نظر اچڻ لڳو ۽ مدد خان ھت تشدد، فساد، ڌاڙيل ۽ ڦر جي علامت بڻجي ويو. فريئر نامي وارو لکي ٿو ته: مدد خان ھِت ايترو ته ظلم ڪيو جو اڄ جنھن کي ظلم ڪندي ڏسندا آھن ته ان جو نالو مدد خان رکندا آھن ۽ جڏھن به ڪو وڏي آواز دانھون ڪندو آھي، يا تڪڙو تڪڙو ڪيڏانھن ويندو آھي يا، ڪنھن ڪم لاءِ، جلدي گھرائيندو آھي، ته ٻيا چوندا آھن ”ته ڇا آھي؟ مدد ته ڪونه آيو آھي؟“ سندس انھيءَ ڦرلٽ جو سنڌ واسين جي روز مرھ جي زندگيءَ تي به وڏو اثر پيو. ادب جيئن ته زندگيءَ جي تصوير آھي، ان ڪري عوامي ادب ۾، مدد خان بابت ڪافي اشارا ملن ٿا. سر رچرڊ برٽن لکي ٿو ته ”مدد جي انھن ظالمانه ڪارنامن ڪري، کيس سنڌ جا ڀَٽ، ۽ چارڻ، بيتن ۾ پِٽيندا آھن ته ھو سپاھي نه پر ڦورو ھو.“ سنڌي ٻوليءَ ۾، مدد بابت ڪيترائي پھاڪا ۽ چوڻيون اڄ تائين ان دور جون يادگار آھن. مثال: گھوڙا ڙي گھوڙا، گھل ڙي گھل، مدد جي ڀڳي، مدد ته پٺيان ڪونه اٿيئي ۽ مدد ٿو اچيئي. اھي چوڻيون سنڌ واسين جي ذھني ۽ نفسياتي الجھنن کي نمايان ڪن ٿيون ۽ ڏيکارين ٿيون ته انھن جي روزاني زندگيءَ تي، اُن جو ڪيڏو نه اثر پيو.
مدد خان جي ھنن ڦُرن سنڌ جي بزرگن، عالمن ۽ صوفي درويشن کي به ڪافي متاثر ڪيو. انھن انسانن ھميشہ انسان دوستي، بين الاقوامي ڀائيچاري، ھر ھڪ ۾ پِرين پَسڻ ۽ محبت جو درس پئي ڏنو، پر جڏھن مدد خان جي وحشانيت، حيوانيت، انسان دشمني ۽ لوڀ ۽ لالچ کي ڏٺو، تڏھن ھنن به مدد خان خلاف ڳالھائڻ شروع ڪيو. مراد فقير، ڪنڊڙي وارو جو صوفي بزرگن مان ھڪ ٿي گّذريو آھي، تنھن پنھنجي ھڪ بيت ۾، مدد کي پِٽيندي سنڌي عوام کي، ساڻس مقابلي ڪرڻ ۽ سنڌ مان ھڪالڻ لاءِ تلقين ڪئي آھي ۽ اھڙي طرح اسان کي ٻڌايو آھي ته صوفي مست به، وطن سان محبت ۽ ساڻيھ سان سِڪ رکندا آھن ۽ وقت اچڻ تي، ملڪ ۽ قوم تان ساھ گھورڻ ۾ پنھنجي عظمت سمجھندا آھن. ان بيت ۾ مراد فقير مدد کي يھودي سڏي پنھنجي ڪروڌ ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪيو آھي ۽ ”ادب“ ۾ تاريخي واقعي کي به جاءِ ڏيئي ادب ۽ تاريخ جو پاڻ ۾ تعلق بيان ڪيو آھي. مراد فقير چئي ٿو ته:
مار مدد کون دور ڪرو،
ڇوڙ وڃي يھودي يزيد ميان.
(ڪنڊڙي وارن جو ڪلام- لطف الله بدوي)