محمد شاھ ۽ فيروز شاھ تغلق (1367ع – 1351ع)
ھڪ مئو ٻيو ٽٽو.
”- جيتوڻيڪ ظاھري طرح، فيروز شاھ سنڌ تي قبضو ڪيو، پر ان جو سنڌ تي گھٽ اثر پيو- نيٺ ڄام تماچي ۽ ڄام جي پُٽ، دھليءَ سان سڀ تعلقات ختم ڪري ڇڏيا. فيروز شاھ جون ٻه زبردست ڪاھون، کين ڪمزور ڪري نه سگھيون. نه صرف ايترو پر فيروز شاھ جي فتح به کين لوڏي نه سگھي، ان جو ھڪ سبب 14 صديءَ جي ٻئي اڌ ۾، مرڪز جي ڪمزوري ۽ ٻيو سبب سَمن جي وطن دوستي آھي. سمن ۾ وطن دوستي سان گڏ، اعليٰ انتظامي صلاحيتون موجود ھيون، جنھن سبب ھنن عوام جي دلين تي حڪومت ٿي ڪئي-
ڊاڪٽر رياض الاسلام
اسلامڪ ڪلچر
سنڌ ھميشه دھليءَ جي بادشاھن جي ظلم ۽ ستم جو شڪار ٿيندي پئي رھي آھي. انھن حڪمرانن، ھن امن ۽ سلامتيءَ جي ملڪ تي حملا ڪري ھتان جي مٺڙن مارن ۽ سٻاجھن سانگين جو رت وھائي، شريف حڪمرانن کي مجبور ۽ بيڪس بڻائي، سنڌ کي مرڪز سان ملائي پنھنجي بادشاھت جون حدون به وڌايون ۽ خزانا به ڀريا. ھند جي اھڙن شھنشاھن مان تغلق شھنشاھ به ھڪ ھئا.
تغلق پيءُ طرفان تاتاري مغل ۽ ماءُ طرفان بلوچ ھئا. سندن ڌنڌو ئي ڌاڙا ھڻڻ ۽ لٽمار ڪرڻ ھو. ھنن جو اصل وطن خاران ھو، جنھن کي مارڪو پولو قرونه سڏيو آھي. ھن خاندان جو جد اعليٰ امير نقودار، چغتائي خان جو ڀائيٽو ھو. سندس خاندان مان، امير طومان خلاف 1383ع ۾ امير تيمور، پنھنجي پٽ ميران شاھ کي روانو ڪيو. ھندوستان ۾ ھن خاندان جي حڪومت جو بنياد وجھندڙ، سلطان غياث الدين ھو. (جنت السنڌ، مولائي شيدائي ص 290) غياث الدين قرونه قبيلي جو ترڪ ھو. سندس ماءُ پنجاب ۾ رھندڙ جاٽ قبيلي مان ھئي. ان ڪري ھو ترڪ ھو ۽ ھندي نسل مان ھو. سندس پيءُ بلبن جي دور ۾ ھندوستان ۾ آيو. غياث الدين ھڪ غريب فرد ھو ۽ پھريائين واپارين وٽ نوڪر بيٺو. اتان پوءِ علاءُالدين جي لشڪر ۾ ھڪ معمولي سپاھيءَ طور ڀرتي ٿيو. (ھسٽري آف مسلم رول ان انڊيا- ايشوري پرشاد 145) ھو ھڪ تجربيڪار ۽ آزمودگار سپاھي ھو، ان ڪري ھوريان ھوريان ترقي ڪري، شاھي اميرن ۾ داخل ٿيو. خلجي حاڪم سندس ايمانداري، بھادري ۽ شرافت کان متاثر ٿي، کيس ڏھ ھزار سوارن سان گڏ ديبالپور جو گورنر مقرر ڪري، ملتان، اُچ ۽ سنڌ جو سارو ملڪ کيس جاگير ۾ ڏنو. ھن ان وقت تاج الدين کي ملتان، خواجه نظير بکر ۽ علي شير کي سيوھڻ مٿان حاڪم مقرر ڪري، سنڌ جي انتظام کي مضبوط ڪيو. غياث الدين منگولن کي 28 دفعا شڪستون ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو ۽ کين ھندوستان ۾ قدم رکڻ نه ڏنو، ان ڪري علاءُالدين خوش ٿي کيس ”غازي ملڪ“ جو لقب ڏنو. جڏھن 716ھ ۾ علاءُالدين وفات ڪئي، تڏھن غياث الدين دھليءَ جي تخت تي ويٺو ڇو ته خلجي حاڪم جا پٽ نا اھل ھئا. ھن جو شمار اسلامي تاريخ جي بھترين بادشاھن ۾ ٿئي ٿو. ھو پرھيزگار ۽ صاف دل حاڪم ھو. امير خسرو لکي ٿو ته ”ھن بادشاھ ڪڏھن به اھڙو ڪم نه ڪيو، جيڪو عقل ۽ سمجھ سان لبريز نه ھجي. ائين به شايد ھجي ته، تاج ھيٺان کيس ھڪ سؤ عالمن جا ٽوپ پھريل ھئا. ان ڪري سندس ھر عمل، عقلمندي ۽ سياڻپ سان رپور ھوندو ھو. (تاريخ ھند- مقبول حسين موسوي- حصو ٻيو ص 339).
غياث الدين کي سندس پٽ جونا خان 727ھ ۾ ھڪ ڪاٺ جي گھر ۾ عمارت ساز احمد بن اياز جي معرفت، ٺڳي ۽ بيدردي سان مارائي گادي تي ويٺو. جونا خان، علاءُالدين خلجي جي ڏينھن ۾، پيءُ سان گڏ، مغلن سان به وڙھيو ھو. کيس خلجي بادشاھ فخرالملڪ جو لقب ڏنو ھو. ھو تخت تي، محمد شاھ تغلق جي لقب سان ويٺو. محمد شاھ عجيب ذھنيت جو مالڪ ھو. ھو تند مزاج، جلد باز، ظالم ۽ حد درجي جو ڪينو ۽ بغض رکندڙ شخص ھو. ضاءُالدين برني لکي ٿو ته، ”ھو تاريخ ۾ حيرت ۾ وجھندڙ حيثيت رکي ٿو. يا ائين چئجي ته، خدا پنھنجي ڪارخاني ۾، ھڪ عجيب چيز محمد بن تغلق جي شڪل ۾ ٺاھي، دنيا جي عجائب گھر ۾ اڇلي ھئي.“ اسٽينلي لين پول لکي ٿو ته، ”محمد بن تغلق جا ارادا بھترين ۽ خيالات ممتاز ۽ افضل ھئا، پر منجھس صبر ۽ تحمل، وقت ۽ حالتن جي مناسبت ۾، قدم کڻڻ جي سمجھ نه ھئي، ان ڪري بلڪل ناڪام ٿيو.“ فرشته لکي ٿو ته ”ھو ديوانو ۽ خوني ھو-“ (تاريخ ھند- مقبول حسين موسوي- حصو ٻيو ص 339) ۽ ھيءَ تاريخي حقيقت به آھي ته، ھن کي انساني رت وھائڻ ۽ ماڻھن کي چيچلائي مارڻ مان مزو ايندو ھو. ھر وقت سندس دروازي تي لاش پيل ھوندا ھئا. ننڍي خواھ وڏي ڏوھ جي ھڪ جھڙي سزا ڏيندو ھو، جنھن ۾ علماءُ ڪرام، شريعت جا صاحب، طريقت جا ڌڻي، صالحين ۽ ولي الله به اچي وڃن ٿا. ديوان خاني ۾ ھر روز سوين ماڻھو، ھٿ ڪڙين ۽ زنجير پيل حاضر ڪيا ويندا ھئا، جن مان ڪن کي قتل ڪيو ويندو ھو، ڪن کي عذاب ڏنا ويندا ھئا، ته ڪن کي وري مارون به ڏنيون وينديون ھيون. محمد شاھ جسماني سزا جا به، عجيب طريقا وجود ۾ آندا. جھڙوڪ: جيئري ماڻھوءَ جي کَل لھرائڻ، منجنيق ۾ وجھي اڏائڻ، ھاٿيءَ جي اڳيان ماڻھوءَ کي ٻڌي اڇلڻ ۽ دُرا ھڻائڻ. ھن شيخ شھاب الدين جھڙي مشائخ کي، زمين تي سنئون ليٽرائي، وات لوھ جي ڪِلين سان کولائي، پائخانو کارائي، قتل ڪيو. حضرت شيخ بھاءُالدين ذڪريا ملتاني جي پوٽي شيخ ھودؒ کي بيدرديءَ سان قتل ڪرايو. (ابن بطوطه جو سفرنامو- سيد بچل شاھ ص 252)
محمد شاھ تغلق کي ملڪ گيريءَ جي ڏاڍي ھوس ھئي. ان ڪري ھن پنھنجي فوجن کي خوفناڪ حد تائين مضبوط ۽ منظم ڪيو. ھن ملڪ جي سڀني رياستن کي زوريءَ پنھنجي قبضي ۾ آڻڻ شروع ڪيو. اھري طرح ان وقت ٽيويھ صوبا، ھن جي ھٿ ھيٺ ھئا. محمد شاھ جھونن ۽ آزمودگار اميرن سان غلط ۽ بي جا رَوش اختيار ڪئي. ھن انھن کي عھدن تان ھٽائي، نوان ۽ اڻ آزمودگار آفيسر مقرر ڪيا. اھي نوان آفيسر عوام تي پنھنجو اثر وجھي نه سگھيا. ان کان سواءِ سلطان مذھبي عالمن جي به بي عزتي ڪئي. عالمن جي ناراضگي ڪري عوام سندس خلاف ٿي بيٺو. (اي شارٽ ھسٽري آف انڊو پاڪ- ص 156) سندس ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ عوام خواھ اميرن سان ھلاڪت آفريني واري رويي کي ڏسي ڪيترائي امير ۽ سياستدان دھليءَ کي ڇڏي، ٻين صوبن ڏانھن ڀڄي ويا ۽ اھڙي طرح اٽڪل 22 بغاوتون ٿيون. انھن باغي اميرن مان، طعني به ھڪ ھو جيڪو سنڌ ۾ ڀڄي آيو، جنھن کي ٺٽي جي حاڪم پناھ ڏني. جڏھن محمد شاھ کي اھا خبر پيئي تڏھن ھو تپي باھ ٿي ويو ۽ سنڌ تي ڪاھ ڪري آيو. ان وقت ھتي سَمن جي حڪومت ھئي ۽ ڄام بابينو سنڌ جو حاڪم ھو، جنھن ھن ملڪ کي، ھر لحاظ کان مضبوط ڪيو. خاص ڪري، جنگي فنون ۽ اسلح گيري ۾، سنڌ جو نالو بلند مقام والاري ٿو. مؤرخن جو خيال آھي ته، ”ان زماني ۾ سنڌي فوجن جي ھاڪ ملڪان ملڪ ھئي. ھنن جي بھادري، جرئت ۽ شجاعت جا مثال ڏنا ويندا ھئا، سنڌي فوجن جي ويڙھ جا طريقا نھايت جديد ۽ خوفناڪ ھئا، گوريلا جنگ ۾ سنڌي فوجن جو ڪوبه ثاني نه ھو. (روزانه ھلال پاڪستان- پيھي منجھ پاتال- يوسف شاھين)
اھو 751ھ جو زمانو ھو. محمد بن تغلق کي خبر ھئي ته، سنڌين سان ھٿ اٽڪائڻ، ڪو سولو ڪم نه آھي. ان ڪري ھن دھليءَ مان خداوند زادھ، مخدوم زادھ، مشائخ، علماءُ، امير، سوار ۽ پيادل فوج گھرائي. ملتان، ديبالپور، اُچ ۽ سيوھڻ مان ٻيڙيون گھرايون. امير ڪرغن کي خط لکي، مغلن جي 5 ھزار سپاھين کي به پاڻ وٽ گھرايائين. جڏھن ھي فوجي ٽولو سنڌ ۾ پھتو، تڏھن بادشاھ ڪپڙن ۾ ئي نه ٿي ماپيو، ڄڻ ته کيس سنڌ فتح ٿيڻ جو يقين ٿي ويو. ھن فوج ۾ وڏو انعام ورھايو. سندس لشڪر ۾، ٻه لک سپاھي، ھاٿي، گھوڙا ۽ ٻيو ڪيترو ئي فوجي سامان ھو. بادشاھ وڏي رعب تاب سان لشڪر وٺي، ٺٽي کان 14 منزلن تي اچي فوجي شھر آباد ڪيو. جڏھن سنڌين کي ھن چڙھائيءَ جي خبر پيئي تڏھن ھو به، سِر سان ڪفن ٻَڌي، وڏي جوش ۽ جذبي سان بادشاھي لشڪر جي سامھون ٿيا. شھنشاھ ھنن کي، سنڌ واسين جي جوانمردي، ھمت، سورھيائي ۽ دشمن سان وڙھڻ جي جذبي کي ڏسي، کيس دلھول وٺي ويو ۽ ھو پَلو کائيندي، سنڌ جي فتح جي آس دل ۾ رکندي، اڳلي جھان وڃي رسيو.
محمد شاھ جي وفات کانپوءِ اتي ئي فيروز شاھ کي بادشاھ تسليم ڪري فوج جي ڪمان سندس حوالي ڪئي ويئي، جنھن پنھنجي فوج کي نئين سر منظم ڪري اڳتي وڌايو، پر سنڌي فوج جي، شاھي فوج تي وڏي ھيبت ڇانيل ھئي. خود شھنشاھي مؤرخ ضياءُ الدين برني لکي ٿو ته، ”لشڪر ۾ افراتفري ۽ پريشاني ايڏي ھئي جو سندن ھوش سالم نه ھو. لشڪر جي ماڻھن خود، پنھنجي لشڪر ۾ ئي لٽمار شروع ڪري ڏني ۽ ٺٽي جي مفسدين (درٻاري مؤرخن جو ھي اصل کان دستور رھيو آھي ته ھو مظلوم، محڪوم ۽ پنھنجو بنيادي حق گھرندڙ ننڍي قوم کي سدائين مفسدين، شرير ۽ فتني باز سڏي پنھنجي آقائن کي راضي ڪندا آھن. پر تاريخ سندن وَکا پڌرا ڪري وجھندي آھي) لشڪر تي حملو ڪيو. بادشاھ جي ھيءَ حالت ھئي جو، اڳتي وڌندا ھئا ته ”امدادي مغل ٽولو“ کين ڦُريندو ھو ۽ پوئتان سنڌي حملو ڪندا ھئا. اھا حالت ڏسي، فيروز شاھ جند ڇڏائڻ لاءِ، سيوھڻ جي رستي کان دھلي روانو ٿيو. سيوھڻ ۾ سندس مقابلو سومرن، سمن ۽ جاڙيجن گڏجي ڪيو. ۽ ھو اتان بي سر و ساماني جي حالت ۾، 753ھ ۾ دھليءَ پھتو.“ (تاريخ فيروز شاھي- ص 525)
محمد شاھ تغلق جي ھن ناڪام حملي مان، ھند جي شھنشاھ جي ذھنيت ۽ سنڌ جي سوڍن جي سورھيائي، بھادري، حب الوطني ۽ فوجي قوت جي پوري پوري خبر پوي ٿي. سڄي ھندوستان جي فوج سان، سنڌ جي ھن ننڍڙي ٽُڪُر صرف ٺٽي (جڏھن ته بکر، ملتان ۽ سيوھڻ جا پرڳڻا اڳيئي دھلي مرڪز جي حوالي ھئا) جي مُٺ ڀر ماڻھن، جنھن بھادريءَ سان ھنن اقتدار جي بکين جو مقابلو ڪيو، تنھن کي ھو عمر ڀر ياد ڪندا رھيا. نِجي محفلن يا سرڪاري ميٽنگس ۾ شھنشاھ ھند کي اُھا پچار ھوندي ھئي ته ڪنھن طرح سنڌ تي حملو ڪري، سنڌ واسين کان حساب وٺي. سندس اھو شوق جُنون جي حد تي پھتل ھو، جنھن جو ھو ھر وقت ذڪر ڪندو رھندو ھو. چوندو ھو ته، ”سلطان محمد تغلق منھنجو مربي ھو، جنھن وفات ڪرڻ کان اڳ، ٺٽي جي ڄام کي سزا ڏيڻ جو پڪو ارادو ڪيو ھو، ان ڪري مان اُن کي ڪڏھن به معاف نه ڪندس.“ جڏھن به ھن جي اڳيان، ٺٽي جو نالو ورتو ويندو ھو ته، ھو نھايت ڏک مان، ڏاڙھيءَ تي ھٿ ڦيري چوندو ھو ته، ”افسوس، صد افسوس ته سلطان محمد جي دل ۾، ھڪ آرزو باقي رھيل ھئي ته ھو ٺٽي کي فتح ڪري نه سگھيو.“ (ماھنامه تحريڪ- رسول بخش پليجو) ھن مان ظاھر آھي ته سنڌ جي ھن ننڍڙي خطي ساري ھند جي حاڪم کي اھا ڪھڙي اک ڏيکاري جنھن سندس ننڊ ڦٽائي ڇڏي ۽ آرام حرام ڪري ڇڏيو؟ ھن جو سُڪون ختم ٿي ويو. کائڻ پيئڻ وسري ويس. اُھو ھو وطن سان محبت، ظالم ۽ حملي ڪندڙ سان نفرت جو جذبو. اھا ھئي جنم ڀوميءَ سان عقيدت، پنھنجي وطن ۽ سانگين سان پيار، جو سنڌ جي فوج ته پنھنجي ماڳ، پر سيوھڻ جي عوام به بادشاھي لشڪر کي ٽوٽا چٻايا. ھڪ دفعي بادشاھ پنھنجي وزير جان جھان کي چيو ته، ”سلطان مرحوم ته وڃي الله کي رسيو پر ٺٽي کي فتح ڪري نه سگھيو. ھاڻي جڏھن الله تعاليٰ مون کي ان جو جانشين بڻايو آھي، ته ان جو بدلو وٺڻ منھنجو فرض آھي.“ (تاريخ فيروز شاھي- بخواھ تاريخ سنڌ- حصو ٻيو- مولانا قدوسي) ھن مان معلوم ٿئي ٿو ته، ھن ھَوس جي بندي حاڪم کي سنڌ فتح ڪرڻ جو ڪيڏو نه اونو ۽ فڪر ھو ۽ ھتان جي محب وطن عوام لاءِ ڪيڏو نه غض، تعصب ۽ ڪروڌ ھوس. سنڌو واسين جي خود مختياري ۽ آزادي کيس ڪنڊو ٿي چُڀندي ھئي.
فيروز شاھ، غياث الدين تغلق جو ڀائيٽو ھو. سندس پيءُ جو نالو رجب ھو. جيڪو سپھ سالار ھو. غياث الدين تغلق ڀاءُ جي مرڻ کان پوءِ، ھن جي پرورش ڪئي ۽ تربيت ڏني. غياث الدين جي مرڻ کان پوءِ ھن کي، امير حاجب Chief Lord بڻايو ويو. جڏھن ٺٽي ۾ محمد تغلق مري ويو، تڏھن ھو اتي ئي ھند جو بادشاھ ٿيو ۽ سنڌين جي بھادري خواھ جنگي مھارت جو پاڻ مشاھدو ڪيو ھئائين، ھو به محمد تغلق وانگر جنگباز شھنشاھ ھو. ٻارھوئي ھندوستان جي مختلف قومن ۽ علائقن کي، غلام بڻائڻ لاءِ سفر ۾ رھندو ھو. جڏھن بنگال تي حملو ڪيائين ته ھن، ھڪڙي جنگ ۾ ھڪ لک اسي ھزار بنگالي قتل ڪرائي ڇڏيا. شروعاتي ستن سالن مان فقط 13 ڏينھن، پنھنجي تختگاھ ۾ رھيو. ھو وڏو ھوشيار ۽ ذھين ھو، سندس جنگي مھارت ۽ تدبر ڪري چاليھن سالن ۾ ھڪڙي به ڳاڻيٽي جھڙي بغاوت نه ٿي.
فيروز شاھ کي سنڌ تي ضرور حملو ڪرڻو ھو ۽ سنڌ جي انھن ماڻھن کي سيکت ڏيڻي ھئي، جن کي مرحوم سلطان سزا ڏيڻ ٿي چاھي، ان ڪري 1236ع ۾ ھن ان لاءِ وڏو بندوبست ڪيو. نوي ھزار سوار، چوراسي ھزار پيادا، چار سؤ اسي ھاٿي ۽ پنج ھزار ٻيڙيون تيار ڪرايون. (ھسٽري آف مسلم رول ان انڊيا. ايشوري پرشاد ص 115) ھن دھليءَ ۾ پنھنجي وزير اعظم خان جھان کي پنھنجو قائم مقام بڻائي، محمد تغلق جو پلاند وٺڻ لاءِ ھيڏو سارو لشڪر وٺي، سنڌ ڏانھن روانو ٿيو. واٽ تي بابا فريد شڪر گنج کان دعا گھريائين، دھليءَ ۾ به نه ڇڏيائين ڪو پير ۽ ولي. مطلب ته شھنشاھ ھند، ٺھي سنڀري سنڌ فتح ڪرڻ نڪتو.
ان وقت ٺٽو آباد ۽ سرسبز شھر ھو، جيڪو درياءَ جي ٻنھي طرفن آباد ھو. ھڪ طرف ڄام انڙ جو ڀاءُ ۽ ٻئي طرف ان جو ڀائيٽو ڄام بابينو حڪومت ڪندا ھئا. ھت ھڪ مضبوط ۽ بھترين قلعو ھو. ھتان جو عوام بھادر ۽ غيور ھو. حب الوطني ۽ وطن جي دفاع جو احساس منجھن ايترو ھو جو سنڌ جا عام ماڻھو به پنھنجي جان ڏيڻ کان پاسو نه ڪندا ھئا. ٺٽي وارن طرفان، ماڻھن جو وڏو ھجوم ھو، انھن مان ھر ھڪ پاڻ انجمن ھو ۽ وقار ۾ پھاڙ مثل ھو. سڀئي بھادر ۽ جنگجو ھئا. سندن قوت ۽ بھادريءَ جو مثال حال جھان ۽ اھل جھان لاءِ مظھر ھو. (تاريخ سنڌ- ج 2- مولانا اعجاز الحق قدوسي- ص 120) خود درٻاري مؤرخ لکي ٿو ته، ”ٺٽو مھراڻ جي ٻنھي ڪَپن تي آباد آھي. منجھس مضبوط قلعو آھي. ھتان جا رھاڪو شان ۽ شوڪت سان گذاريندا آھن. ھو بھادر، انجام جا پڪا، جنگ جا ڪوڏيا ۽ وطن جي محبت ۾ مرد و زن سرشار آھن. (تاريخ فيروز شاھي) ساڳئي طرح عفيف درٻاري مؤرخ لکي ٿو ته، ”سنڌ جا ماڻھو مڙس آھن، سندن مڙسي ۽ مردانگيءَ جي سڄي دنيا کي خبر آھي، سندن فوج ۾ ويھ ھزار دلير سوار ۽ چار لک پيادا ھئا. ھر سوار زور ۽ ظاقت ۾، پنھنجي زماني جو رستم ھو. ھن مان معلوم ٿئي ٿو ته فيروزي لشڪر ۽ امراءَ تي، سنڌين جو رعب طاري ھو. ھو احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ھئا، سندن دلين ۽ دماغن تي سنڌين جي بھادري ۽ سورھيائيءَ جو ڌاڪو ڄميل ھو. ذھني طرح مفلوج ٿيل ھئا ۽ مقابلي لاءِ دل ھڻي کڻي رھيا ھئا.
بھرحال سلطان، سنڌ جي سرحد ۾ داخل ٿيندي ئي وڏي احتياط سان فوج کي منظم ڪيو. ھن فوج کي پنجن حصن ۾ ورھائي، ھر ھڪ تي ھڪ برجستو سپھ سالار مقرر ڪيو. لشڪر کي حڪم ڏنو ويو ته، سنڌوءَ جي ڪناري تي جيڪي به ٻيڙيون آھن، سي سڀ قبضي ۾ آنديون وڃن. اھڙي طرح سنڌي مھاڻن کان ھڪ ھزار ٻيڙيون ڦُريون ويون. جڏھن ڄام بابيني ڏٺو ته وري دھليءَ جي ھن حاڪم کي کُٽي کڻي آئي آھي ۽ گھر ويٺي سنڌ تي ھلان ڪري آيو تڏھن ھو لشڪر وٺي، ھن جي سامھون ٿيو. مولانا قدوسي لکي ٿو ته، ”ٺٽي وارن جو لشڪر 20 ھزار بھادر سوارن تي مشتمل ھو، ھر ھڪ قوت، دلاوريءَ ۾ يگانه روزگار ھو ۽ پيادل فوج جو انداز 4 لک ھو. ھن بي پناھ لشڪر ۽ بي پايان قوت سان ٺٽي جا ماڻھو سامھون آيا. (تاريخ سنڌ- حصو پھريون- ص 120) سنڌي لشڪر زبردست مقابلو ڪيو. پٺاڻن، ازبڪن، راجپوتن ۽ ٻين چونڊ ھندوستاني بھادرن کي، سنڌي سوڍن شڪست ڏني. جڏھن فيروز شاھ ڏٺو ته، ھاڻي دال نه ٿي ڳري، تڏھن پنھنجن اميرن ۽ وزيرن سان گجرات وڃڻ جو خيال ظاھر ڪيائين. ھو ته اڳيئي ٿَڪا ويٺا ھئا، جنگ کان به تنگ ھئا. سنڌي لشڪر، سندن جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو ھو. ھنن ته ويٺي بھانو ڳوليو. لشڪر ۾ مايوسيءَ جا آثار ته اڳي ئي پيدا ٿيل ھئا، ويتر جانورن ۾ اچي بيماري پيئي، سو ھمراھ گجرات ڏانھن روانا ٿي ويا.. تاريخ فيروز شاھي وارو لکي ٿو ته ”ڪيتري وقت تائين جنگ جاري رھي. آخر گھڻي ڪوشش کانپوءِ، ضرورت کان مجبور ٿي، سلطان گجرات ھليو ويو. (بحواله تاريخ سنڌ- مولا قدوسي ص 119) مؤرخ لکن ٿا ته، ”ھند جي ھن شھنشاھ کي، پھريون دفعو سنڌين شڪست ڏني، جيڪي ڄام خيرالدين ۽ ڄام جوڻي جي سرڪردگيءَ ھيٺ مضبوط ھئا. فيروز ھاڻي گجرات ڏانھن ويو ته، جيئن ھو پنھنجي قوت ۽ لشڪر کي وڌائي، وري حملو ڪري. (اي شارٽ ھسٽري آف انڊو پاڪ- ص 156)
بادشاھ ھتان ويو ته سھي پر قدرت کانئس اھڙو ته پاند ورتو جو رستي تي سندس اناج کُٽي ويو ۽ گھوڙن ۾ اچي وبا پيئي. حالت اھا اچي ٿي جو سپاھي ۽ امير مردار گوشت ۽ چمڙو کائڻ لڳا. وڏا وڏا اراڪين سلطنت ۽ فوجي سردار، گھوڙن جي مرڻ ڪري، پيادل ھلڻ لڳا. مٿان وري سنڌي سونھن اچي کين ڪونجي رِڻ ۾ ڇڏيو، جتي جو پاڻي اھڙو ته کارو ھو، جو ان جي چَکڻ سان زبان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي ھئي. بادشاھ اھا حالت ڏسي سنڌين کي گھرائي کانئن حقيقت پڇي. سنڌي محبِ وطن سوڍن کيس ٻڌايو ته، ”توھان اسان جا دشمن آھيو ۽ اسان کي غلام بڻائڻ لاءِ، اسان جي وطن تي ڪاھي آيا. ان ڪري اوھان کي اھڙي ھنڌ وٺي آيا آھيون، جتان اوھان مان ڪوبه زندھ بچي واپس نه ويندو. اسان کي پڪ آھي ته، اوھان اسان کي جيئرو ڪونه ڇڏيندا، پر اھا ڪا وڏي ڳالھ نه آھي، ”وطن تان ھيءَ جان گھوري ته به ٿوري.“ اسان جي قرباني ڪري، اسان جي پياري ديس تان ڏرت ٽري ويندو. انشاءَالله اوھان پوري سپاھ سوڌا ھِن رڻ ۾ مري ويندؤ ۽ سنڌ فتح ڪرڻ وارو اوھان جو خواب گھڻو پري آھي.“ بادشاھ اھو ٻڌي سڀني سنڌين کي شھيد ڪرائي ڇڏيو، پر سندس پريشاني وڌي ويئي. برپٽ ۽ بيابان ۾ ڏڪر، وبا ۽ ڀٽڪڻ کان پوءِ، ھن گجرات جو رستو ھٿ ڪيو. پاڻ جيئن گجرات پھتو، تيئن اتان جي حاڪم امير حسين الملڪ تي ڦِٽ ڪري ويو ، چيائينس ته جيڪڏھن تون اسان کي اناج ۽ لشڪر موڪليندو رھين ھا ته، مون کي ھن ذليل شڪست جو منھن ڏسڻو نه پوي ھا.“ (تاريخ فيروز شاھي- بحوالہ تاريخ سنڌ- ج اول- مولانا قدوسي)
سنڌ تي تغلق حاڪمن جي ھيءَ ٻي ڪاھ ھئي، جنھن ۾ ھند جي عظيم لشڪر کي جيڪا ذليل شڪست نصيب ٿي، تنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته ھِن ننڍڙي ٽُڪريءَ جو Army Force ڪيڏو نه مضبوط ھو! دراصل ڪنھن به جنگ جي ڪاميابيءَ جو مدار نه اٿاھ لشڪر تي آھي ۽ نه وري اسلحي جي انبار تي آھي. پر نصرت ۽ ڪامراني لاءِ ھڪ انمول جذبو، ھڪ ولولو ۽ ھڪ تڙپ جو ھجڻ ضروري آھي ۽ اھا تڙپ، اھو ولولو آھي ساڻيھ جي سِڪ، وطن سان محبت، جيڪو اٿاھ لشڪر کي به نِمائي سگھي ٿو ۽ تاريخ جو ورق ورق گواھ آھي ته، ان دور ۾ ھي جذبو سنڌين جي رڳ رڳ ۽ نَس نَس ۾ موجزن ھو. جنم ڀوميءَ جي بقا ۽ سالميت لاءِ، آزادي ۽ خودمختياري لاءِ، ھنن وٽ سِر ۽ ساھ جي ڪابه قيمت ڪانه ھئي. سندن نعرو ھو ته:
مڃيوسين ته ساھ ھڪڙوئي آھي،
مڃيوسين ته ان جو مُلھ آھي مھانگو،
پر ساٿيو، مجاھدو، جانبازو،
وطن لاءِ ھي سودو آھي سھانگو.
ھن جنگ ۾ فيروز شاھ سان سنڌ جي لشڪر جنھن جوانمرديءَ سان مقابلو ڪيو، ان لاءِ سندس درٻاري مؤرخ لکي ٿو ته، ”ڄام بابيني؛ فيروز شاھ جو، مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو، فيروز شاھ به مقابلو ڪندو رھيو، پر جڏھن ان ڏٺو ته، حالتون ان جي موافق نه آھن، تڏھن ان پنھنجي اراڪين دولت ۽ فوجي سردارن سان سان صلاح ڪندي چيو ته، ”ھن وقت حالتون اسانجي ايتريقدر ته خلاف آھن، جو اسانجي فتح ناممڪن آھي. مناسب اِئين آھي ته، ھن وقت اسان گجرات ھلون ۽ جڏھن حالتون ٺيڪ ٿين، تڏھن موٽي اچي ٺٽي تي ٻيھر حملو ڪري فتح ڪريون. سڀني فيروز شاھ جي ھن راءِ سان اتفاق ڪيو.“ (تاريخ فيروز شاھي- بحوالہ تاريخ سنڌ- ج اول مولانا قدوسي) ھن مان معلوم ٿئي ٿو ته، شھنشاھ ھند، جنھن سنڌ کي فتح ڪرڻ، اَڪ جي ماکي ٿي سمجھي ۽ حلوو کائڻ ٿي تسليم ڪيو، ان کي خبر پئجي ويئي ته، ھت به ڪي شير رھن ٿا. ھت به ڪي مڙس مٿير ۽ سوڍا آھن، جن کَٽي لسي ۽ گھاٽي ماھي کير پيئڻ سان پاڻ ۾ مردانگي ۽ شجاعت جا جوھر پيدا ڪيا آھن. سنڌوءَ جي لڙاٽيل پاڻي ۽ مھراڻ جي موجن به ھنن سورمن ۾ ڪي انگ پئدا ڪيا آھن، جيڪي سِر ڏين ٿا پر سنڌ نٿا ڏين. جيڪي پنھنجو رت وھائڻ پسند ڪن ٿا پر وطن جي آزادي ۽ سالميت تي، آڱر کڙي ڪرڻ نٿا ڏين، جيڪي سنڌڙيءَ جي سونھن ۽ سوڀيا لاءِ، بقاءَ ۽ خودمختياريءَ لاءِ، ويرين جي وجود کي ڪٽاريءَ سان ڪَٽين ٿا.
شھنشاھ گجرات پھچي، وچن ڪيو ته، جيستائين سنڌ کي فتح نه ڪندس، تيستائين دھلي تختگاھ موٽي نه ويندس. گجرات ۾ ھن مستقل رھائش اختيار ڪئي ۽ نظام الملڪ کي معزول ڪري، ظفر خان کي گجرات جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ لشڪر کي ڇھن مھينن جي پگھار مفت ۾ ڏيئي، سندن دلين کي ٿڌو ڪيائين ۽ کين سواري يا ٻئي جوڳي اسباب لاءِ به ڌار پئسا ڏنا. ان کان پوءِ ھن ٺٽي تي ٽِئين حملي ڪرڻ لاءِ، نيون تدبيرون اختيار ڪيون. گجرات جي سالياني آمدني، جيڪا ٻِن ڪروڙن کان به مٿي ھئي، جنگ جي تيارين تي خرچ ڪئي ۽ پنھنجي وزير اعظم خان جھان کي دھلي لکيو ته، ”مان بري ۽ بحري فوج سان وري ٺٽي تي حملي ڪرڻ لاءِ وڃان ٿو، توکي گھرجي ته منھنجي مدد لاءِ، سنڌ جي محاذ تي، وڌ کان وڌ فوج ۽ اسلحو موڪل.“ ان ئي دور ۾ بھرام خان، کيس دولت آباد تي ڪاھ ڪرڻ لاءِ ھِرکايو. سلطان کيس جيڪو جواب ڏنو، ان مان ھن شھنشاھ جي سنڌ فتح ڪرڻ جي ماليخوليا ظاھر ٿئي ٿي ته کيس سنڌ لاءِ ڪيڏو نه حسد، تعصب ۽ غلام بڻائڻ جو جُنون ھو! ھن چيو ته، ”جيستائين مان ٺٽي کي فتح نه ڪري سگھان ۽ ٻيھر ٺٽي نه پھچي ان کي، چڱي طرح نيست ۽ نابود نه ڪريان، ان وقت تائين، مون کي آرام نه ٿو اچي سگھي ۽ نه وري مان ڪنھن ٻئي طرف جو ارادو به ڪري سگھان ٿو. انشاءَالله جڏھن مان ٺٽي کي فتح ڪندس، ان وقت مان دولت آباد جو رخ ڪندس.“ (ماھوار تحريڪ- ڪتاب نمبر 6 رسول بخش پليجو) سلطان کي سنڌ فتح ڪرڻ جو ھي جنون ھو ۽ ھوڏانھن سندس لشڪر جي حالت ھئي جو، جڏھن سپاھين ٻُڌو ته ”وري اسان کي سنڌ موڪليو ٿو وڃي ته ھنن گھرن ڏانھن ڀڄڻ شروع ڪيو. جڏھن ھن موضوع تي سلطان، سردارن سان صلاح ڪئي، تڏھن ھنن کيس چيو ته، لشڪر جي چوڌاري پھرو ڏنو وڃي ۽ ڪنھن کي ڀڄڻ نه ڏجي.“ پر بادشاھ ان کي نه مڃيو ۽ وزير خان کي چوائي موڪليائين ته، ”جيڪي به سپاھي اسان جي لشڪر کي ڇڏي دھلي پھچن، تن کي گھرائي، معمولي دٻ ڪڍي وڃي ۽ ڪا سخت سزا نه ڏجي.“ (تاريخ فرشته- شمس سراج عفيف) تنھن کان پوءِ فيروز شاھ، ھڪ وڏي لشڪر سان ٺٽي روانو ٿيو. واٽ تي بھاءُالدين ذڪريا ملتاني ۽ بابا فريد شڪر گنج جي درگاھن تي به دعائون پنندو ۽ نذر نياز ڏيندو، ھيڏانھن وڌيو.
ھي اھو زمانو ھو، جڏھن اَن پچي چڪو ھو. لابارن جا ڏينھن ھئا. سنڌ جا رھاڪو، پنھنجي روزاني ڪِرت ۾ مشغول ھئا. کين اھا خبر ڪانه ھئي ته، ڪا ھيءَ آفت اوچتو اچي ڪڙڪندي، ڇوته ھو اصل کان ئي امن جا متلاشي ھئا، نه پاڻ ڪنھن جا دشمن ۽ نه ڪنھن جا مَٺ گھرا، ان ڪري طبيعت جا ھي سادا ماڻھو، ھر ھڪ کي پنھنجو سڄڻ سمجھندا ھئا. پر ھيءَ حقيقت آھي ته ”گھڻو نيڪ بڻجڻ به وڃائي ٿو وقعت“ چالاڪي، ٺڳي ۽ فريب جي سياست کان ھو بنھ پري ھئا. بھرحال جڏھن کين معلوم ٿيو ته، وري ھو مجسمئه حسد ۽ اقتدار جو بکيو حاڪم ڪاھي آيو آھي، تڏھن ھنن فوجي حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺندي، جوابي ڪاروائي شروع ڪئي. سنڌين، دشمن جي اڳتي وڌڻ جون راھون بند ڪرڻ لاءِ، درياھ ۽ سمنڊ جي ڪنارن وارا علائقا خالي ڪري، اتي جو فصل ۽ گاھ، ڀيلائي سموري علائقي کي اجاڙي ڇڏيو. دريائي پليون ۽ تَڙ ناس ڪيا. سنڌي فوج درياھ ٽپي الھندي پاسي مورچا بند ٿي ويٺي. سنڌونديءَ جي ڪناري تي 160 ميل ويڪري بچاءَ لائين کڙي ڪئي ويئي. (پيھي منجھ پاتال- يوسف شاھين. روزانه ھلال پاڪستان) ان مان معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌي جوڌا ملٽري ۽ جنگ جي سڀني جديد لاڙن ۽ طريقن کان نه صرف واقف ھئا، پر ماھر به ھئا. بادشاھ اھا حالت ڏسي، سنڌو تي بيٺل سڀ ٻيڙيون، پنھنجي طرف ڪري، قلعي تي سخت پھرو بيھاريو. ھن ڏٺو ته سنڌوءَ جي ٻئي طرف وڏي طاقت سان سنڌي لشڪر موجود آھي، ان ڪري سندس فوج درياھ ٽپي نٿي سگھي. ۽ ھيءَ حقيقت آھي ته، سندس فوج، سنڌين کان ايترو ته خوف زده ھئي جو درياھ ٽپڻ جي کيس ھمت نٿي ٿي. بادشاھ عمادالملڪ ۽ ظفر خان کي لشڪر ڏيئي، بکر کان ٽپي سنڌين تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. اھو مفاصلو 250 ميلن جو ھو. ھنن ايڏو پنڌ ان ڪري ڪيو جو کين سنڌين کان خطرو ھو ۽ ھو سنڌين جي بھادريءَ کان واقف ھئا. ٻنھي لشڪرن ۾ خونريز جنگ لڳي- (سنڌ ۾ سمن جو اقتدار- ھلال پاڪستان مئگزين سيپٽمبر 1983ع) جنھن ۾ فيروزشاھي لشڪر کي، سنڌين شڪست ڏني. اھا حالت ڏسي مجبوراً فيرزو شاھ پنھنجي ماڻھن کي واپس گھرائڻ لاءِ قاصد موڪليو. اھڙي طرح ھي بھادر جرنيل، ڪجھ ماڻھو مارائي، ڪجھ زخمي ڪرائي، ذلت ۽ خواريءَ سان وري به اڍائي سؤ ميلن جو مفاصلو طئي ڪري، بکر وٽان درياھ ٽپي سلطن سان اچي مليا. اھا حالت ڏسي سلطان ڏاڍو ششدر ٿيو. آخري تاريخ فيروز شاھي جي مصنف جي لفظن ۾:
”عمادالملڪ کي، بادشاھ دھلي ڏانھن وڌيڪ لشڪر وٺي اچڻ لاءِ موڪليو ۽ وزير اعظم ڏانھن حڪم موڪليائين ته، جيتري به زياده فوج موڪلي سگھين موڪل.“ عمادالملڪ دھلي پھتو ۽ بدايون، قنوج، سنديچ، اوڌ، جونپور، بھار، ترھٽ، مھويه، ايرج، چنديري ڌار، دوآبه، سامانه، ديبالپور، ملتان، لاھور ۽ ٻين پري پري جي علائقن مان، تجربيڪار سپاھي ۽ بي باڪ سپھ سالار چونڊي، انھن کي نئون اسلحو ڏيئي، سنڌ جي محاذ تي موڪليو. فيروزشاھ، سنڌين جي اناج تي ته اڳيئي قبضو ڪري چڪو ھو، ۽ ويتر وٽس ساري ھندوستان جي فوج اچي پھتي، تڏھن مڙس مچي پيو. پر اڳيان به سنڌي سوڍا ھئا جيڪي جوئر ۽ ٻاجھريءَ جي سُڪن ڍوڍن تي نپجي وڏا ٿيا ھئا، جن وٽ ”تم تیر آزما، ھم جگر آزمائین.“ واري ڪار ھئي. ڄام بابيني، منجھن ھمت، جرئت، استقلال، بھادري، پاڻمرادي ۽ حب الوطني جو ايڏو ته روح ڦوڪيو ھو، جو ھو کلئي ميدان ۾ مانجھين وانگر وڙھڻ لڳا. سنڌي سورھين، ھن سد پرست ۽ پئسي جي پٺو فوج تي مارو ڪري ڏنو. شمس سراج عفيف لکي ٿو ته، ”سلطان فيروز جون اکيون، آسمان ۾ کُتل ھيون ۽ گھڙي گھڙي، غيبي امداد لاءِ پئي ٻاڏايائين.“ پر ھيڏانھن به سنڌي فوج ھئي، جيڪا پنھنجن مورچن ۾، اِئين ڄمي بيٺي رھي، ڄڻ ته ڪي ماڻھو نه ھئا پر جبل جون ڇپون ھيون، جن شاھي فوج جا حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا. ٻئي فوجون، پنھنجي پنھنجي جاءِ تي جھڙپون کائينديون رھيون. اِئين ڪيترو ئي وقت گذري ويو. سنڌ ڏڪار جي راڪاس جي چنبي ۾ اچي ويئي. ٻن سونين مھرن ۾، ھڪڙو سير اَن مس ٿي مليو. مال ۽ ماڻھو بُکن وگھي مرڻ لڳا. مگر ايڏي خوراڪ جي تنگي ھوندي به سنڌي فوج دشمن سان منھن ڏيندي آئي. تاريخ فيروز شاھي جو مصنف لکي ٿو ته، ”سنڌين جي جماعت، بي حد قوت ۽ بي پايان بھادريءَ سان، درياھ سنڌ جي ڪناري سان گڏوگڏ، ستر ڪوھن تائين، سوارن ۽ بھادر جوانن تي مشتمل ھئي. اھا نھايت ھوشياري ۽ بھادريءَ سان، ڪوشش ڪري رھي ھئي ته، اتان دشمن جو گذر ناممڪن ٿئي. ملڪ عمادالملڪ ۽ ظفر خان، لشڪر وٺي سنڌين سان مقابلو ڪيو. ٺٽي جا ماڻھو، وڏو لشڪر وٺي پيادل ۽ سوارن سان گڏ، قلعي کان ٻاھر آيا. ٻنھي جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، جيڪا لکي نٿي سگھجي.“ پر شھنشاھي فوج وڙھي وڙھي ٿڪجي پيئي ۽ پٺتي موٽڻ لڳي. فيروز شاھ فوجي حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺي، سنئون سڌو حملو ڪرڻ کان نٽايو پئي. انھيءَ ارداي سان ته طويل گھيري ڪري، دشمن جي فوج ازخود پيش پوندي پر ھو ان ۾ ڪامياب نه ٿيو. (برصغير جي مسلمانن جي تاريخ- مترجم ايم ايڇ خواجه ص 314) ۽ ان ناڪامي ۽ شرمساريءَ کي لڪائڻ لاءِ ھاڻي ھن اٽڪل ۽ چالاڪيءَ کان ڪم وٺڻ پئي چاھيو. کيس سنڌ واسين جي رحمدلي، ماٺيڻي طبع ۽ بزرگن لاءِ عزت ۽ احترام ڪرڻ جي اڳيئي خبر ھئي، ان ڪري ھن ڇا ڪيو جو اُچ شريف جي بزرگ مخدوم جھان جھانيان ڏانھن قاصد موڪليائين ته ھو اچي ڄامن کي فيروز سان ٺاھ ڪرڻ لاءِ ستائي. بزم صوفيائي تذڪره ۾ آھي ته، ”فيروز شاھ مخدوم جھانيان جو محقوق ھو“ ۽ ڄامن جي اُن سان نيازمندي ھئي. اھوئي سبب آھي جو فيروز کي، ھن کان وڌيڪ ٻيو موزون ماڻھو نه پئي مليو. مولانا قدوسي صاحب لکي ٿو ته، ”تاريخ فيروز شاھي جي عبارت مان خبر پوي ٿي ته سيد جلال الدين جھانيان جھان گشت کي اُچ مان گھرائڻ ۾ سلطان فيروز جو ھٿ ھو.“ (تاريخ سنڌ- ج اول ص 121) ساڳيو خيال حضرت پير حسام الدين راشدي صاحب ”ٺٽي ۽ ديبل جو تقابلي مطالعو- مضمون ۾ ڏيکاريو آھي- (ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون- ص 315) ان کانسواءِ پاڻ ھڪ ٻي جاءِ تي وضاحت سان لکن ٿا ته ”فيروز تغلق، ٺٽي جي قلعي تي قابض ٿي نه سگھيو ته، چراغ دھلوي ۽ جلال بخاري اچي کڻي چاڙھ ڏيئي، سندس تقدس جي واسطي سان، ڄامن کي صلح جا واعدا ڏيئي قلعي کان ٻاھي آڻي، ڌوڪي ۾ قيد ڪري دھلي وٺي ويو ته، (مير معصوم بکري ص 178) ڊاڪٽر رياض الاسلام لکي ٿو ته، ”سنڌ جي والين ڄام جوڻي ۽ ڄام ڀنڀي فيروز شاھ تغلق جي ماتحتي ۽ فرمانبرداري، حضرت مخدوم جھانيان جي حڪم تي ڪئي ھئي ته، (سه ماھي مھراڻ 1975ع سنڌ جو تاريخي جائزو- سرفراز احمد ڀٽي ص 141) ھت ھيءَ ڳالھ ياد رکڻ گھرجي ته، جھانيان جھان فيروز شاھ جو دوست ھو ۽ ڪيترائي ڀيرا وٽس دھليءَ به ويو ھو. جڏھن مخدوم صاحب فيروز شاھ وٽ ٺٽي ۾ پھتو، تڏھن کيس چوڻ لڳو ته، ”ٺٽي ۾ ھڪ صالح ۽ پارسا عورت ھئي، ان جي دعا جي برڪت ڪري، ٺٽو اڄ تائين فتح نه ٿي سگھيو. مان جڏھن به تنھنجي ڪاميابي ۽ فتح لاءِ دعا گھرندو ھوس، تڏھن اھا عورت قبوليل دعا ۾ حائل ٿيندي ھئي. ھاڻي ٽي ڏينھن ٿيندا جو اھا مري ويئي آھي، ان ڪري اميد آھي ته ٺٽو ھاڻي فتح ٿيندو. (تاريخ سنڌ- مولانا قدوسي- ج پھريون ص 404) ھن مان ظاھر آھي ته مخدوم صاحب کي فيروز ئي گھرايو ھو ۽ ھن بزرگ مفاد به فيروزئي جي اڳيان رکي، ڄامن کي صلح لاءِ مجبور ڪيو. محترم رسول بخش پليجو لکي ٿو ته، ”فيروز بادشاھ ئي اُچ مان پير صاحب کي گھرايو ۽ ان جي معرفت صلح جون ڳالھيون ھليون. فيصلو ٿيو ته (الف) جنگ بند ڪئي ويندي- (ب) شاھي فوج، سنڌو درياھ ڪانه ٽپندي ۽ ٻاھران ئي ٻاھران، واپس دھليءَ رواني ٿي ويندي- (ث) سنڌ جو ڄام براديو ۽ ٺٽي جو گورنر ڄام بابينو، شھنشاھ سان گڏجي دھليءَ ويندا ۽ دھلي درٻار ۾ رھندا. سندن پويان سنڌ جي حڪومت ڄام براديو جو پٽ ۽ ڄام بابيني جو ڀاءُ تماچي ھلائيندو. (1) ھيءُ معاھدو ھو، جيڪو مخدوم جھانيان رحه جي موجودگيءَ ۾ سنڌ ۽ ھند جي حڪومتن جي وچ ۾ ٿيو. باقي جيڪا بناوٽي ڳالھ مولانا قدوسي صاحب لکي آھي اھا اسان جي سوڍن سمن جي سورھيائي يا خود حالات جي تاريخي پس منظر جي روشنيءَ ۾، سراسر غلط ۽ واھيات الزام آھي. تاريخ ڪوڙن ڏٽن ۽ قِصن جو نالو نه آھي، ۽ نه وري درٻاري تبلچين جي رحم ڪرم تي آھي. اھا ڳالھ خوشامدي ۽ مجلسي مؤرخن جي ھٿ ٺوڪي آھي، ته جيئن فيروز جي شرمساريءَ کي به لِڪائي سگھجي ۽ دھليءَ جي ماڻھن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھن- سنڌ جا اھي ڄام، جن دھليءَ جي سلطانن کي 3 دفعا ٽوٽا چٻايا ۽ ھٿ نه پئي ڏنائون، آخر مجبورن بادشاھ کي مخدوم صاحب جي موجودگيءَ ۾ صلح ڪرڻو پيو. ڄام ھاڻي ڳچيءَ ۾ پَٽڪو وجھي، پنھنجي تلوار کي ڳلي ۾ لٽڪائي مجرمن وانگر سلطان جي پيرن تي ڪري، سندس قدم چُمن ٿا ۽ غلطيءَ جي معافي وٺندي گڙگڙائن ٿا ته- ”شاھ بخشڻ لوئي، بنده شرمنده منم“ (تاريخ سنڌ- جلد اول ص 222) ڇا قدوسي صاحب، تنھنجو عقل ۽ ذھن ھن ڳالھ کي تسليم ڪري ٿو- جيڪڏھن ائين صحيح آھي ته، پوءِ آءٌ چوندس ته سنڌي ڄامن جي اھا بي عزتي، صلح ڪرائيندڙ ڪرائي آھي- مگر تاريخي حقائق ٻڌائين ٿا ته، ائين ٿيو به نه آھي. اسان جي تاريخ سان ھٿ چراند نه ڪئي وڃي. اسان سنڌي نوجوان پنھنجي تاريخ جا پاڻ محافظ آھيون. اسان جا سوڍا ۽ سورما، سما حڪمران اھڙا ذليل نه ھئا. اسان عظيم تاريخي روايتن جا وارث آھيون. اسان تاريخ ۾ اڻ مٽ نشان ڇڏيا آھن. ٺٽي جي مُٺ ڀر مجاھدن، ھندوستان جي شھنشاھ کي جيڪا شڪست ڏني، اھا سنڌين جي دلي قوت، فوجي مھارت، احساس بالاتري ۽ احساس خود شناسي جو زندھ ثبوت آھي. اھوئي سبب آھي جو لوڪ روايتن ۾ اھا چوڻي مشھور ٿي ويئي ته”با برڪت پير پٺو، ھڪ مئو ٻيو ٽُٽو“ ٽُٽي جي معنيٰ آھي ڀڳو- (۽ فيروز برابر ڀڄي ويو-) اسان جا سنڌي حاڪم اھڙا ذليل، بي ھمت، بي غيرت، بي ضمير ۽ بزدل نه ھئا جو دشمن وٽ ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجھي وڃي معافي وٺن. وطن جي سالميت لاءِ، دشمن سان مقابلو ڪرڻ، ڇا ڪو ڏوھ آھي جو معافي وٺجي؟ ھنن درٻاري تبلچين وٽ نه ڪو اصول آھي نه متو آھي ۽ نه وري ڪنھن تاريخي واقعي کي پرکڻ جي ڪا ڪسوٽي آھي- جيئن عفيف لکيو آھي ته، ”ٺٽي ۽ گجرات جي سر زمين فيروز شاھ جي دور ۾ فتح ٿي، جنھن کي سلطان معز الدين محمد سام کان وٺي، ھن وقت تائين، ڪوبه فتح ڪري نه سگھيو. سلطان علاءُالدين خلجي پاڻ سان گڏ، سلطان روم، سلطان حسين جي امدادي لشڪر سان ھت آيو ھو، تاھم فتح نه ڪري سگھيو“- عفيف لکي ٿو ته ”تھتھ چو شاھ رخ نھاده- شاھانش دويده پا فتاده. آورده ھمہ برابر خويش- گنجنيہ بداديش زحد بيش، يعني جڏھن ٺٽي طرف شاھ رُخ ڪيو، تڏھن اتان جا بادشاھ ڪرندا ڊھندا ۽ ڊوڙندا آيا ۽ ھر ھڪ پنھنجن ساٿين کان وڌيڪ خزانو پيش ڪرڻ آيو. (بحوالہ تاريخ سنڌ- جلد اول- مولانا قدوسي صاحب ص 223) حالانڪ ھي سراسر غلط آھي. فيروز سنڌ کي فتح ڪونه ڪيو ۽ نه ڪري سگھيو ۽ نه وري سندس دل جي حسرت به پوري ٿي. ھو وڏي واڪي چوندو ھو ته ”مان سنڌ کي غلام بڻائي، سنڌ کان خوفناڪ انتقام وٺان، سنڌ جي تخت گاھ ٺٽي ۾ ويھي سنڌين جو ڪوس ڪرايان. سندن لَڄون لٽايان ۽ سنڌي مَردن ۽ عورتن کي غلام بڻائي دھلي وٺي وڃان ۽ سڄي سنڌ ۾ خرمستيون ڪريان- (ماھنامه تحريڪ- جناب رسول بخش پليجو.) پر اھو آمر ۽ ڊڪٽيٽر حاڪم، پنھنجي ڀرم کي رکڻ لاءِ مخدوم صاحب جي معرفت صلح ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو. سندس ھيءَ ڪاھ ناڪام ويئي. مورخ لکن ٿا ته “The condes of the long Compaign, fully brings out, the weakness of Firoz, as military Leader” يعني ٺٽي جي ڊگھي ۽ گھڻي عرصي واري مھم، فيروز شاھ جي ان ڪمزوري جي نشاندھي ڪري ٿي ته ھو، سٺو ملٽري ليڊر نه ھو.“ (اي شارٽ ھسٽري آف انڊو پاڪ- 238) ساڳي طرح ھڪ ٻيو مورخ لکي ٿو ته ”ٺٽي جي اھا مھم فوجي نقطئه نگاھ کان ڪامياب نه ھئي. (بر صغير جي مسلمانن جي تاريخ- مترجم: ايم اڇ خواجه) ھن مان معلوم ٿئي ٿو ته، ھنن درٻاري مورخن بعد ۾ جيڪو لکيو آھي، سو صرف بادشاھ جي چاپلوسي ۽ خوشامد ڪئي آھي ۽ ايندڙ ليکڪن لاءِ غلط روايتون لکيون آھن. پر تاريخ اھڙو سائنٽيفڪ علم آھي، جيڪو ھر غلط ۽ صحيح ڳالھ کي نکيڙي صاف ڪندو آھي.
تغلق بادشاھ جي ھنن ڪاھن ۽ ڀاڄن مان چڱي طرح معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌ جو حڪمران طبقو ۽ عوام ڪيڏو نه بھادر، غيور ۽ محب وطن ھو، ۽ ھن ننڍڙي خطي، کيس اھا اک ڏيکاري جو ھو بانءَ ڪري پوئتي ڀڳو- اھا آھي حب الوطنيءَ جي تقاضا. اھو آھي ساڻيھ سان سِڪ جو تاثير- اھو آھي مھراڻ جي لڙاٽيل پاڻيءَ جو اثر. اھو آھي جنم ڀوميءَ سان محبت جو ڪرشمو، جنھن سنڌ جي عوام ۾ اھو انگ، اھو رنگ، اھو ڍنگ ۽ اھو جذبو پيدا ڪيو جو، کين اٿاھ لشڪر ۽ ھاٿين جا انبوھ به دھلائي نه سگھيا. سنڌ جي حاڪمن، جن کي فيروز شاھ، دھليءَ جي ماڻھن کي ڏيکارڻ لاءِ يرغمال بڻائي وٺي ويو، اھو دھليءَ جي رنگين ۽ دلڪش محفلن، عشرت ڪدن ۽ جيم خانن، بلند ترين ماڙين ۽ عمارتن، قيمتي پوشاڪن ۽ شاھي خزاني جي ماھياني 20 لکن کي ڦٽو ڪري وري اچي سنڌ وسائي ۽ سنڌ جي خودمختاري جو اعلان ڪري، دھليءَ جي فيروز شاھ کي وري به پنھنجو وڏو تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري، سنڌ کي دھليءَ جي مصنوعي ۽ ڏيکاءَ واري تسلط کان آزاد ڪرايو. ڊاڪٽر رياض الاسلام لکي ٿو ته، ”جيتوڻيڪ ظاھري طور فيروز سنڌ تي قبضو ڪيو، پر ان جو سنڌ تي گھٽ اثر ھو. نيٺ ڄام تماچي ۽ ڄام جي پٽ، دھليءَ سان سڀ تعلقات ختم ڪري ڇڏيا. فيروز شاھ جون ٻه زبردست ڪاھون کين ڪمزور نه ڪري سگھيون، نه صرف ايترو، پر فيروز شاھ جي فتح به کين لوڏي نه سگھي. ان جو ھڪ سبب 14 صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ مرڪز جي ڪمزوري ۽ ٻيو سبب سَمن جي وطن دوستي آھي. سمن ۾ وطن دوستيءَ سان گڏ، اعليٰ انتظامي صلاحيتون به موجود ھيون، جنھن سبب، ھنن عوام جي دلين تي ٿي حڪومت ڪئي. (سنڌ ۾ سمن جو اقتدار- مترجم ڊاڪٽر نواز علي شوق- ھلال پاڪستان مئگزين- سيپٽمبر 1983ع)
اھڙي طرح ھنن سوڍن ۽ سورمن حاڪمن، سڄڻ ۽ ساڻيھ سان، ملڪ ۽ قوم سان، حڪومت ۽ عوام سان، پنھنجو ناتو ۽ نينھن قائم ۽ دائم رکيو ۽ پرڏيھ جي پِرت کي ڇڏي، ديس جي سنڀال ڪرڻ، پنھنجي زندگيءَ جو مول ۽ متو مقرر ڪيو. اھڙن ئي ڌرتيءَ جي پياسين ۽ سوڍن لاءِ، مخدوم محمد زمان لنواريءَ واري چيو آھي ته:
پِرت ڇڏي پرڏيھ جي، ساڻيھ ڪر سنڀال،
لَکن سندي لال، مڇڻ مفت وڃائين.