قصو هڪ بي بها نسخي جو : منظور ڪوهيار
”اڳتي جو ڇا ٿيندو؟“
اهوسوال عمومن توهان کان گهر ۾، اسڪول ۾، ريل ۾، بس تي، آفيس ۾ ، نجي ڪچهريءَ ۾، جيل ۾ (جيڪڏهن توهان جيل جا عملدار يا قيدي آهيو ته ) اڪثر ماڻهن پڇيو هوندو . پر ٿي سگهي ٿو ته توهان پنهنجي علمي بصارت ۽ سياسي سمجهه تحت کين مطمئن ڪندا هجو. پر پنهنجا ته پگهر ئي نڪري پوند آهن، جيڪڏهن ڪو پڇي ويهندو آهي. ان وقت مان سوچڻ لڳندو آهيان ته، ڪاش ! مان ڪو خدا جو خاص ماڻهو هجان ها. جي خاص الخاص نه سهي ، پر هلڪو سلڪو قطب، ڪو ولي، ڪو پير ، ڪو فقير، ڪو انجم شناس، ڪو پئراسائيڪالاجسٽ ئي سهي.ڪجهه ته ايندڙ مستقبل لاءِ هام هڻان ها .دانيال پيغمبر وانگر ڪنهن وقت جي بخت نصر کي خوابن جي تعبير ٻڌائي خوش ڪري سگهان ها. ڪنهن ولي يا قطب وانگر سنڌ واسين کي ڊيڄاري سگهان ها، ته سنڌ چاليهه سال اڳ غرق ٿيندي . ڪنهن انجم شناس وانگر ستارن جي گردش تحت ثابت ڪري سگهان ها، ته ايندڙ جنگ ۾ پنهنجو جهنڊو دهليءَ جي لال قلعي تي جهولندو ۽ جڳ ڏسندو. ناسٽر ڊامس وانگر ڪي اڻ کُٽ اڳڪٿيون لکان ها يا ڪنهن ساڌو،سنتفقير وانگر بيتن ۾ پيش گوئي ڪري سگهان ها ته ”جڏهن راجا ٿيندو راڪاس، ته مندين نه وسندا مينهن ، ڦري ڦري شينهن ڪندا سلامي سيهڙ کي!“. ماڻهو ٻيو نه ته، ائين ئي رڳو چون ها ته ”واه ڙي واه فقير ،واه جي ڳالھ ڪئي اٿئي!“ ، ته به ڄڻ لک کٽيان ها. پر ڇا ڪجي نه اهڙي ڏات ملي، نه عقل جي ڏاٺ ئي ڄائي . بس پنهنجي قسمت ۾ اهو لکيل ئي ڪونه هو، ته ڪا اڳڪٿي ڪري عزت ۽ شهرت ماڻجي......
پر ان ڏينهن انهيءَ احساس ڪمتري مان آجو ٿي ويس . جڏهن هڪ همراهه ڳالهه ٻڌائي . ڳالهه ڇا هئي، بس بي بها نسخو... جيڪڏهن توها به انجم شناس ناهيو، گياني ڌياني پير فقير ناهيو، صرف عام ماڻهو آهيو ته پوءِ هي نسخو اوهان کي به نذرِ الله نيازِ حسين مفت ۾ ڏجي ٿو. بس نسخي ڏيڻ واري جي حق ۾ دعا گهرجو، ته هن جهان ۾ سندس عزت ۽ خير جي گذري، باقي اڳلي جهان ۾ پاڻ ڄاڻي ۽ اهو ڄاڻي........
ها! ته نسخي وارو قصو هيئن آهي ته ، ٿر جي ڪنهن نگر ۾، رات جي اونداهي ۾، ڪنهن پراڻي مندر ۾ . مهاراج هيرا لال بغير ڏيئي ۽ بصر جي، ويٺي مالها پئي جپي يا ڦيڻو پئي پڙهيوته اوچتو مهاراج کي ڪک سنگھي وڌو. مهاراج هانءُ ڦاڙ رڙ ڪئي،”اي مونکي الائي ڪهڙي بلا کائي وئي!؟“
اهو ٻڌي چيلا بتيءَ کڻي ڀڄندا آيا، ”هاءِ رام! “ جي دهائي ڏيندا آيا . بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏٺائون ته مهاراج پگهر ۾ شل ، آخري پساهن ۾ ڊگھا ساه پئي کنيائين.هڏڪي ڏيڻ کان اڳ اهو آديش ڏنائين ،”ماهجي مرتيه کان پوءِ...... ماهجي آسڻ تي........ ماهجي سئوٽ بنسي لال کي...... گهوٽڪي مان گهرائي ويهارجو!... .“
مهاراج جو هيڏانهن ڪِريا ڪرم پئي ٿيو . هوڏانهن چيلن ٿريلن جي صلاح پئي هلي، ”اڳيئي گھوٽڪي جي سرڳواسي مهاراج نڪ ۾ دم ڪيو هو. وري مٿان مهاراج جي سئوتر کي گهرين آڻين جهڙوڪر پيئڻ کي پاهجي وات تي ويهاريون. نه ڀائي نه ، اتراڌين کان ڀڳوان بچائي!“
ساٺن سنئوڻن کان پوءِ نگر جي مکي ۽ سر پئنچن کي چيلن گهرائي چيو، ”پئنچائت ٻڌي ڇڏي ته سرڳواسي مهاراج چيلي چيتن داس کي سڀوئي پُستڪ پڙهايا هئا. پاڻ پِراڻ ڇڏڻ کان اڳ ائين آديش ڏنائون، تهسندس ديهانت کان پوءِ سندس پيارو شِش چيتن داس مهاراج ٿيندو!“
مکي ۽ سر پئنچن ڳالهه ٻڌي کڻي اکين تي رکي ۽ چيائون ، ”جيڪا سرڳواسي مهاراج جي اِڇا سا پاهنجي به!.....“
جڏهن تاڙو تنوارڻ لڳو. اکيو ابر آسري لڳيون . تڏهن مکي موٽڻ داس سرپئنچن سوڌو مهاراج چيتن داس جي چرنن ۾ اچي ويٺو ،هميشه وانگر هٿ ٻڌي وينتي ڪيائين :
”ٻيو خير کين ، مهاراج! ڪرپا ڪري اهو ته ٽپڻو ڪڍي ٻڌايو ته هيلوڪي ورساري ۾ وس ٺاهوڪي ٿيندي يا نه؟“
چيتن داس جون وايون بتال ٿي ويون . چيلا پنهنجي ليکي پريشان ٿي ويا. پراڻن پستڪن ۾ منهن هڻندي ، ڪورن ڪاغذن تي لکندي مهاراج چيتن داس پريشانيءَ ۾ ڌوتيءَ جي پلاند سان نرڙ تان پگهر اگهندي چيو، ”ڀائي هيل وڏو خرابو ٿيندو!“
”تاهجي ته نالي تان گهور وڃان مهاراج!.... پاڻ پڇيو پيا ورساري جو؟“، مکي پريشان ٿيندي سوال کي ٻين شبدن ۾ورجايو.
”اڙي ، ٻڌءِ نه! ته هيل وڏو خرابو ٿيندو!“،چيتن داس تڙيءَ سان جواب ڏيندي منهن ڀت ڏانهن ڪندي وراڻيو.
مکي ۽ سرپئنچ،حيران ۽ پريشان ٿي موٽي ويا ؛ پر چيلا سڀ چڙي پيا،” واه ڙي واه ٻڳلا ڀڳت! پاڻ روڙو مهاراج آ، جو مکي توکان پڇي هيڪ ته ٻڌائين ڏون!“
”آءُ ڪينئن ٻڌايان، پاڻ کي ٽپڻي جي ڪهڙي سڌ !؟..... پر پاهجو جواب آهي اهڙو، جو مهاراجي جو ڀرم رهجي ويندو “.
”ڪيئين !؟“،سڀن چيلن حيرانگيءَ مان پڇيس.
”اڙي مورک ٻڌو ! جي مينهن وسيو ته پوکون ٿينديون ... پوکون ٿينديون ته پئسو ٿيندو.... پئسو ٿيندو ته پيٽ ڀرائي ٿيندي ... پيٽ ڀرائي ٿيندي، ته جهيڙا ٿيندا ... جهيڙا ٿيندا ته خرابو ٿيندو!“
” پر جي وس نه ٿي ته؟“، چيلن ڦيرائي وري سوال ڪيس.
”جي وس نه ٿي، ڏيهه ڏڪاربو، ڏيهه ڏڪاربو ته مال مرندو، ماڙهو پاهه ٿيندا ۽ ٻار مرندا... ٻار مرندا ۽ ماڙهو پاهه ٿيندا تهامداد ايندي ...پوءِ گھڻي امداد ته ڪنڊ جا ڪوئا کائي ويندا ، باقي جيڪا بچندي ، اها ڪنهن کي ملندي ته ڪنهن کي نه ملندي ...جنهن کي سفارش تي ملندي ، اهو پينو ٿي ويندو ....جنهن کي نه ملندي اهو چوري ڪندو يا سينا زوري !..ٻنهي صورتن ۾ جهيڙا ۽ فساد ٿيندا...جھيڙا ۽ فساد ٿيندا ته خرابو ٿيندو!....“
”اي ٻيو! صحيح ٿو چئي ... پاڻ سمجهيو ڪونه!“، سڀني چيلن گڏجي سندس عقل۽ ٻُڌي جو اعتراف ڪيو ۽ انهيءَ بي بها نسخي کي رٽي ڇڏيو،ته پاڻ وٽ هر صورت ۾ خرابو ئي ٿيڻو آهي.