هٿ جوڙ (مٺل جسڪاڻي)
هلندي ڪچهري ۾ هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪندي هو چوڻ لڳو: ”هٿ جوڙ وڏي ڪم جي شيءَ آهي. جيڪو به اوهان جو ڪم هونئن نه ٿئي، منٿ سنٿ، هٿ جوڙ سان ٿي ويندو“.
هڪ ڊگهو ساهه کڻي وري به ڳالهائڻ شروع ڪيائين: ”ان ڏينهن آئون آيس پئي، ڪي احتجاج ڪندڙ روڊ بلاڪ ڪيو بيٺا هئا. سڀ مسافر پريشان بيٺا هئا. انهن ۾ پڪ سان ڪي مريض، ڪا ويم جا سور کائيندڙ، ڪي ضروري ڪم سانگي وقت سر پهچڻ جا خواهشمند، ٻيا به ڪيترائي آزار ۾ بيٺل هئا، پر مون کي هٿ جوڙ واري ٽل سُجهي آئي، سو هليو ويس وچ ميڙ ۾، جنهن پئي بيهڻ جو اشارو ڪيو، ان کي پئي هٿ ٻڌم. اهڙي طرح آئون اڪيلو، اهو احتجاجي ميڙ ڪراس ڪري روانو ٿي ويس“.
سندس ڳالهه ڪن ڏئي پئي ٻڌيسين. هن وڌيڪ چيو ”هٿ جوڙ سان ٻيا به گهڻا ڪم ٿين ٿا. مثال طور اوهان اخبارون ۽ رسالا پڙهندا هوندا، ته اوهان کي اهڙيون لکڻيون به پڙهڻ لاءِ نظر مان ڪڍڻيون پيون هونديون، جن کي پڙهي اوهان پنهنجي پاڻ تي چڙي پيا هوندا. اهڙيون سڀ لکڻيون هٿ جوڙ جي ڪري ئي ڇپبيون آهن“.
پاڻ ڄاڻ ساهي کڻڻ بنا چوڻ لڳو ”ڳالهه اتي پوري نه ٿي ٿئي. هٿ جوڙ ۾ اها ڪرامت آهي، ته ڪٿي به نه ڇپجڻ جهڙي تحرير، گهڻين اخبارن ۽ رسالن ۾، واري واري سان به ڇپجي ويندي آهي“.
اسان مان ڪنهن به وچ ۾ نه ڳالهايو، هو ڳالهائيندو رهيو ۽ چيائين ”هٿ جوڙ ۾ اهو به ڪمال آهي ته ڪنهن ليکڪ کي منٿ ڪري، اوهان پنهنجي پاڻ تي به لکرائي سگهو ٿا. جيڪڏهن اوهان منٿ ميڙ قبولڻ جيتري حد تائين هٿ جوڙ ڪري ويا، ته پوءِ جيئن اوهان ٻڌائيندا، چوندا، تيئن ئي ليکڪ لکندو ويندو. پوءِ اهو ڇپجي به ويندو“.
هن جون ڳالهيون ڪن ڏئي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جهڙيون هيون، ان ڪري اسان ماٺ ڪيو ٻڌاندا رهياسين. چئي پيو ته ”هٿ جوڙ جو ايترو اثر ٿئي ٿو، جو اوهان پنهنجي متعلق جيڪو به ڪوڙ لکرايو، اهو ڪوڙ به واري واري سان ڇپجندو رهندو آهي ۽ ڪير به ڇپڻ کان پهرين تصديق نه ڪرائيندو آهي“.
اسان کي ٻڌايائين ”اوهان مان هر ان جي هٿ جوڙ ڪم واري، جيڪا پاڻ تي، سچ ڪوڙ سڀ سندس مرضي سان لکرائي ۽ ڇپرائي، ڇاڪاڻ ته تاريخ، ڄاڻيٽي، انسائڪلوپيڊيا به اهڙين لکڻين کي پڙهي ترتيب ڏئي، تيار ڪري، ڇپي ويندي آهي“.