ڀوڳ (مٺل جسڪاڻي)
هڪ ڏينهن ڪنهن واٽ ويندي کي خبر پئي ته الاڻو فلاڻو ڀوڳ چرچو ڪندو آهي. ان واٽ ويندي ڇا ڪيو جو پاڙي پتيءَ مان دانگي ۽ ڪڙو تيل هٿ ڪري اچي ڀوڳائي وٽ پهتو.
رسمي دعا سلام ڪئي نه ڪئي جهڙي، هن دانگيءَ تان هٿ ڦيري، هٿن کي تيل هڻي، ڀوڳائي جي منهن تي ڦيرڻ لڳو...
ڀوڳائي به واهه جو ڀوڳائي هو، جيئن هن کي ڪنهن سان ڀوڳ ڪرڻ نه ايندا هئا، تيئن هن کي ٻين جا ڀوڳ پڻ سمجهه ۾ نه ايندا هئا. ان ڪري واٽ ويندڙ اڻ واقف کان پڇيائين، اهو تون ڇا پيو ڪرين!؟
واٽ ويندي چيس ماٺ ڪر، آئون توسان ڀوڳ پيو ڪريان، مون کي ڀوڳ ڪرڻ ڏي.
ڀوڳائي ڏاڍو خوش ٿيو. هن کي پڪ ٿي ته اهو اڻ سڃاڻ سندس ڀوڳن مان لطف اندوز ٿيندو هوندو...
خير، واٽ ويندڙ ته ڪاروائي ڪري روانو ٿي ويو، پر ٿوري دير کانپوءِ ڪڙي تيل سبب ڀوڳائي جو اچي منهن سڙيو. منهن سڙڻ جو سبب معلوم ڪرڻ وڃي آرسيءَ تي بيٺو. جيئن ئي پاڻ کي ڏٺائين ته رڙ ڪري چيائين ”مار! ڀوڳ ته آئون به ڪندو آهيان، پر هي واهه جو ڀوڳ آهي. منهنجي ڪنهن ڀوڳ تي، ڪنهن جو به منهن ڪارو نه ٿيو، هي ته ڀوڳن ڀوڳن ۾ منهن ڪارو به ڪري ويو ۽ منهن ساڙي به ويو، جنهن ڪري اکيون به ڳاڙهيون ٿيون اٿم، انهن ۾ ته پاڻي به ڀرجي آيو آهي!“...
واهه رنگي تنهنجا رنگ... نه ڀوڳ ڪرڻ ٿا اچن، نه ڀوڳ سهڻ جي تميز آهي...