ڪھاڻيون

ماهوار سڦلتا (يادگار ڪهاڻي نمبر)

ڪتاب ”ماهوار سڦلتا (يادگار ڪهاڻي نمبر)“ اوهان اڳيان پيش آهي. ياد رهي ته ماهوار سڦلتا جو اهو ڪهاڻي نمبر مئي 2014ع ۾ ڇپيو، جنهن جو ايڊيٽر هوش ڀٽي هيو. هن شماري ۾ 50 کان وڌيڪ ليکڪن جون 60 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪهاڻين کان پهرين منظور ڪوهيار جو ”مختصر ڪهاڻي جو فن“ مضمون، مقالو پڻ شامل آهي.
Title Cover of book ماهوار سڦلتا (يادگار ڪهاڻي نمبر)

امر جليل صوفي ڪهاڻيڪار (عباس سارنگ)

ڪهاڻي جي فن تي ڳالهائڻو ناهي، باقي ڪهاڻيءَ جي فنڪار تي ضرور اظهار ڪرڻو آهي......امر جليل لاءِ هڪ دوست موبائيل تي فون ڪري مون کان پڇيو.
”ادا عباس سارنگ! يار اهو ته ٻڌاءِ مون کي خبر نه آهي ته !!“
مون کيس چيو.
” ڳالھ ڇا آهي حڪم ڪر مان حاضر آهيان...“
هن چيو
”امر جليل ڪير آهي....؟“
ان تي مون کيس چيو....
”مان تنهنجي هاڻي به ڳالھ نه سمجھي سگھيو آهيان ته تنهنجي ڳالھ جو ڇا مطلب آهي يا مون کي ٻڌاءِ ته تون ڇا ٿو پڇڻ چاهين....؟“
ان تي منهنجي انهيءَ دوست چيو ته،
”ادا! مان اهو ٿو پڇڻ چاهيان ته امر جليل مسلمان آهي....؟“
”انهيءَ دوست جي ان ڳالھ تي مون کان ٽهڪ نڪري ويا....“
پر جڏهن جواب ڏيڻ لاءِ ڪجھ چوڻ چاهيم ته مون وٽ واقعي جواب نه هو حيرت ٿي ته هن دوست کي ڪهڙو جواب ڏيان ته هي ڪير آهي...؟ پر پوءِ هن کان پڇيم ته
”تون صاحب اهو ڇو ٿو پڇين؟“
تنهن تي هن چيو ته
”سنڌ ٽي وي تي امر جليل جو پروگرام ڪلاس روم ڏسندو آهيان ان ۾ هو مون کي ڪٿان به مسلمان نظر نٿو اچي....!!!“
وري چئي ويٺو
”ڪير آهي هاڻي ته ٻڌاءِ نه...“
ته مون کيس چيو،
”يار ڪهاڻيڪار آهي ۽ ٻيو صوفي ماڻهو آهي.....۽ مسلمان به آهي....“
مسلمان انڪري چيم ته اسان جي هن يگاني صوفي ڪهاڻيڪار تي الاءِ ڇا سوچي ته مون کي مسلمان هجڻ وارو جملو به ڪڍ چوڻو پيو....
اهو ٻڌي هن فون تي مون کان موڪلايو....
ٿي سگھي ٿو امر جليل کي صوفي چوڻ تي ڪجھ دوست مون سان اختلاف رکندا هجن پر هي هڪ منهجو ذاتي رايو آهي مان غلط به ٿي سگھان ٿو.....۽ هيئن به ٿي سگھي ٿو ته مون سان جند امر جليل صاحب به اختلاف ڪندو هجي.....پر مون کي هن جي لکڻين ۾ هو ڪافي حد تائين صوفي، اندر جو ڀرپور انسان ٿي نظر آيو آهي.
منهنجي امر جليل سان ڪابه ذاتي ملاقات نه آهي پر لکڻين جي روپ ۾ مون سان گڏ رهيو آهي. اسان سنڌ جا پڙهيل يونيورسٽين جي دور ۾ امر جليل کي پڙهندا ايندا آهيون....ڪهاڻي جي دنيا ۾ گھڻو پڙهيو ويندڙ ڪهاڻيڪار امر جليل ئي آهي. امر جي ڪهاڻي جو اسلوب سنڌي ڪهاڻي کي امر بڻائي ويو آهي. قمر شهباز جي همٿائڻ تي لکڻ شروع ڪندڙ امر جليل ڪهاڻي کي پنهنجي قلم مان اهڙيون ته ڪهاڻيون ڏيئي چڪو آهي جيڪي پنهنجي سچن پچن ڪردارن سان گڏ هميشه موٽ ماڻينديون رهيون آهن. امر هر دور جو ڪهاڻيڪار بڻجي چڪو آهي. امر جون ڪهاڻيون پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪيون آهن.
تنقيدنگار هن جي زو معنيٰ ڏيندڙ مڪالمن ۽ جملن کي معاشري تي طنز ڪري چوندا آهن پر مان ڪجھ الڳ ئي سوچيان ٿو ته اهي ڪهاڻيون، انهن جا ڪردار، انهن جا مڪالما، انهن جا جملا امر جليل جي قلم جي نوڪ مان ائين پاڻ هرتو ٿي نه لکيا ويا آهن پر تجربي جي بٺي مان پچي راس ٿي پوءِ نڪتا آهن. جيڪي ڪنهن به رنج ڪرڻ يا ڪنهن تي طنز ڪرڻ لاءِ ڪونه لکيا ويا آهن پر سماج جو اولڙو سماج کي ئي ڏيکارڻ جو ڀرپور اظهار آهي.....اها انهن ڪهاڻين ۾ موجود ڪهاڻين جي شڪتي آهي ئي آهي جيڪا ڇهن ڏاهاڪن کان سنڌي نسل جي وڏي کيپ کي متاثر ڪندي آئي آهي.....
امر جليل جو اسلوب Diction هن جي ڪهاڻين کي ٻين ڪهاڻيڪارن کان مختلف ڪري ٿو....اسان جا ته ڪافي وقتي ليکڪ هن جي انداز کي ڪاپي ڪري لکندا رهيا آهن پر جيئن ته انهن جو هن ڪهاڻي قافلي ۾ سفر ٿورڙو هجي ٿو تنهنڪري هو هن قافلي کي ڇڏي پنهنجي دنيا ڏانهن هليا وڃن ٿا ۽ جيڪي هن قافلي سان هميشه سلهاڙيل رهن ٿا ته اهي پنهنجو اسلوب Diction ڏين ٿا. امر جليل جي اڪيلي ناول ’نيٺ گونگي ڳالهايو‘ کان جيڪي ڪهاڻين جا ڪتاب آهن انهن ۾ ’منهنجو ڏس آسمان کان پڇو‘، ’رني ڪوٽ جو خزانو‘، ’جڏهن مان نه هوندس‘، ’سنڌو منهنجي ساھ ۾‘، ’تاريخ جو ڪفن‘، ’دل جي دنيا‘ ’ٽيون وجود‘، ’راهون جدا جدا‘، ‘رڃ‘، ‘هن ڄار ۾‘، ’اندرا‘، ’چنڊ وسامي ويو‘، ’چيني ۽ چرٻٽ جون ڪهاڻيون‘، ’سرد لاش جو سفر‘ انهن ڪهاڻين جي مجموعن کان سواءِ سندس مختلف صنفن تي به ڪتاب لکيل آهن جهڙوڪ ’تنهنجون منهنجون ڳالهيون (ڪالم)، جيجل منهنجي ماءُ (ڪالم ڪهاڻيون)، لهندڙ سج جي لام (مضمون ۽ تقريرون)، سنڌ نامو (ڪالم ۽ ڪهاڻيون ۽ مضمون)، ادب ۽ سياست (سياسي ڪالم ۽ مضمون)، آتم ڪٿا ۽ ڌڻي بخش ڌني، فدا حسين ڦودني ۽ ڦندڻ جا ڪالم شامل آهن. ان سان گڏ ڪيترا ئي ڊراما آهن جيڪي هن ريڊيو ۽ ٽي وي جي لاءِ لکيا آهن جهڙوڪ: دريا توتي دانهن، سڄڻ سفر هليا، زخم زندگيءَ جا، اوندھ ۽ روشني، هونداسي حيات، عيد ٿي ويئي، دوزخ، ماءُ، فرمانبردار، مٽيءَ جا ماڻهو، دل جي دنيا، انسان ۽ ڳوليان ڳوليان مَ لهان شامل آهن، جن ۾ سچا پچا ڪردار پنهنجي حقيقي روپ سان اسان پسي سگھون ٿا. سندس اهو لکڻ جو سلسلو رڪيو هرگز نه آهي.
امر جليل 08 نومبر سال 1936 تي قاضي عبدالغني جي گھر ۾ پيدا ٿيو سندس اصل نالو قاضي عبدالجليل آهي. سندس والد روهڙي جو رهاڪو هو. امر جليل وڏو عرصو ريڊيو پاڪستان سان سلهاڙيل رهيو ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به رهيو. هن وقت رٽائر آهي. هن وقت مختلف اخبارن ۾ ڪالم ۽ ڪهاڻيون لکندو رهي ٿو ۽ سنڌ ٽي وي تي ’ڪلاس روم‘ جي نالي سان شو پڻ ڪري ٿو، جتي هن جو صوفي رنگ پسي سگهجي ٿو ۽ جتي صوفيت جي پرچارڪ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ماڻهن کي سندس ڪلاس روم ۾ هڪ ’صوفي استاد‘ جو اهو روپ تمام سٺو ۽ ڀلو لڳو آهي. تنهنڪري ڪنهن نه ڪنهن جي واتان ان شو جو ذڪر اڪثر ٻڌڻ ۾ پئي ايندو آهي. روز جي انيائن تي بحث مباحثو ڪندو رهي ٿو. سنڌ جيڪا صوفين جي سرزمين آهي ان تي هر مذهب جي ماڻهو جي عزت ۽ احترام هو ان تي هي انتها پسندي ڪٿان اچي ويئي. مطلب ته پنهنجي ڪهاڻين واري انداز ۾ ماڻهن کي صوفيت جو درس ڏيندو رهي ٿو۽ سٺي عمل تي هلڻ جا هوڪا ڏيندو رهي ٿو. وڏي ڳالھ اها آهي ته ماٺ نه آهي.
سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي ’سنگت‘ پبليڪيشن (ميگزين) جولاءِ-آگسٽ 2008 جي شماري ۾ ڇپيل انٽرويو ۾ هن سوال ته ”ان کانپوءِ توهان جو پنهنجوميدان جتان پوءِ توهان باقاعده چيمپيئن ٿي رهيا آهيو؟“ تي امر جليل واضع طور چئي ڏنو ته ”نه نه نه نه فقير آهيان، مون کي فقير چئو، نه بابا نه نه نه فقير فقير، اسان فقيري وٺي ڇڏي آهي، اسان فقير آهيون.“
امر جليل جي ڪهاڻي ڪتاب ’دل جي دنيا‘ سال نومبر 1991 ڇپائيندڙ سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻو، حيدرآباد سنڌ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته ”منهنجي خلاف منهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن کي مد نظر رکي الزامن جي فهرست تيار ڪئي ويئي آهي. انهن ڏهن سالن ۾ مون پڻ پاڻ کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مان ڪير آهيان؟ ’دل جي دنيا‘ وارو شامو آهيان! ’پڙلاءُ‘ وارو ساجن آهيان! ’بارنيس اسٽريٽ جو غنڊو‘ آهيان! ’منهنجو ڏس آسمان کان پڇو‘ واري ڪهاڻيءَ جو گوتم آهيان! ’اروڙ جو مست! ۾ عبدالرحمٰن ڌاڙيل آهيان! ’تاريخ جو ڪفن‘ ڪهاڻيءَ ۾ اياز مڪراني آهيان! ’جڏهن مان نه هوندس‘ ۾ ڦاهيءَ کان اڳ آخري ڪهاڻي لکڻ وارو قومپرست آهيان! مان ڪير آهيان؟ مان ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگھيو آهيان، اصل ۾، مان ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جو خواهشمند نه آهيان. ائين برابر آهي ته ڪوبه ليکڪ پاڻ کي مڪمل طرح پنهنجين تحريرن کان جدا ڪري نه سگھندو آهي، پر ليکڪ کي سندس ڪهاڻين جي انيڪ ڪردارن مان ڪنهن به هڪ ڪردار ۾ ڳولڻ، يا ان ڪردار سان وابسته ڪرڻ ممڪن نه آهي، بي معنيٰ زندگيءَ کي ڪا معنيٰ ڏيڻ لاءِ مان لکي رهيو آهيان. لکڻ منهنجي لاءِ اظهار، ۽ هئڻ جي احساس جو ذريعو آهي. ويھ-ٻاويھ سال لاڳيتو ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکڻ جي باوجود مان پاڻ کي پنهنجي ڪنهن به هڪ ڪردار ۾ ڏسي نه سگھيو آهيان. مان سچل سرمست جو معتقد آهيان. ’ڪوڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي، آئون جوئي آهيان ، سو ئي آهيان.‘
امر جليل جي ڪهاڻي ’سياڻن ۾ هڪ ڀوڪ‘ جو هيرو جيڪو پنهنجي هڪ الڳ سوچ رکي ٿو. سندس گھر وارا پيءَ، ڀائر ۽ ڀينر کيس سمجھي نٿا سگھن. هن کي ناڪارا سمجھن ٿا، پر امر جليل انهيءَ ڪردار مان ٻين ڳالهين سان گڏ جيڪو خيال اڀاريو آهي. اهو شاھ عنايت شهيد جي ياد ڏياريو ڇڏي...جنهن چيو هو ته’جو کيڙي سو کائي‘. انهيءَ فلسفي جو تاثر هن ڪهاڻي ۾ نظر اچي ٿو. حوالي طور هتي سندس ڪهاڻي جو ٽڪرو نقل ڪري رهيو آهيان.
مون آهستي آهستي ڪنڌ مٿي ڪيو، سڀني جا چهرا ڏٺم. اکين مان ڄڻ شعلا پئي نڪتن. جواب کان جند ڇڏائڻ مشڪل ٿي پئي.
وراڻيم. ”مونکي زمين وٺي ڏيو.“
”خوب! واھ ڇا ڳالھ ڪئي اٿئي! مان سڀاڻي بئراج جي زرخيز حصي ۾ توکي پنج سو ايڪڙ الاٽ ڪرائي ٿو ڏيان، ڦٽيون چاندي اٿئي ۽ ڪڻڪ سون ۽ ان ايراضيءَ ۾ هاري به سستا ملندءِ.“
ڪريم چيو ” اهڙي بهترين رٿ ته توکي اڳ ئي ٻڌائڻ گھربي هئي.“
مون آهستگيءَ سان وراڻيو. ”مان زمينداري نه ڪندس.“
”اڙي هينئر جو چيئه ته توکي خريد ڪري ڏيون؟“ عزيز ڪاوڙ منجھان چيو.
”مون زمين لاءِ چيو هو، پنج سو ايڪڙن لاءِ نه.“ جواب ڏنم، ”مونکي پنج ايڪڙ زمين وٺي ڏيو، مان پاڻ هر هلائيندس، مان هاري ٿيندس.“
”ڀوڪ“ نجمه چيو، ۽ چمچو سوپ جي پليٽ ۾ اڇلائي هلي ويئي.
بلقيس چيو. ”اَجو دماغي مريض آهي.“
ڪريم رڙ ڪندي چيو. ” لعنت آهي اهڙي ڀاءُ تي جيڪو خانداني ترقيءَ ۾ هٿ نه ونڊائي.“
”ڇا ته ڏينهن هئا!“ بابا پنهنجي سند ڏانهن ڏسندي چيو.
سڀ آهستي آهستي ڪرسين تان اٿندا ويا ۽ ٿوري دير کان پوءِ سڄي ڪمري ۾ مان اڪيلو رهجي ويس.
امر جليل جي ڪهاڻي ’رڃ‘ جيڪا گھڻي ڀاڱي ڊائيلاگس تي مشتمل ڪهاڻي آهي. امر جليل جي صوفيت واري پاسي کي وڌيڪ نروار ڪري ٿي. هن ئي ڪهاڻي ۾ سچل جي بيت جو سهارو وٺي يا سچل جي چيچ پڪڙي چوي ٿو:
”مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجھايا، شيخن، پيرن، پنڊتن، بيحد ڀلايا،
ڪي نمازون پڙهن، ڪن مندر وسايا، اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.“
امر جليل جي هيءَ ڪهاڻي انسانن جي هٿ ٺوڪين روايتن کي نندي ٿي. سندس ڪردارن ذريعي انسانن کي پنهنجو عڪس ڏيکاريو ويو آهي.
امر جليل سنڌ ڌرتي جي خمير مان نڪتل فرد آهي هن جي ذات ۾ صوفيت جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو. هو هر مذهب کي پنهنجو مذهب سمجھي ٿو. امر جليل عام ماڻهن جو عام ليکڪ آهي هو عام ماڻهوءَ جي ڪنهن به حق تلفي تي ماٺ نٿو رهي پر ان وقت سندس قلم کي جنبش اچي وڃي ٿي. امر جليل پنهنجون ڪهاڻيون صوفي ٿي لکيون آهن ۽ نسورو سچ لکيو آهي. تڏهن ته اهي ڪهاڻيون مڃتا جي اوچاين تي نظر اچن ٿيو.