غيرت جي ڏاٺ( عباس ڪوريجو)
مان دودو آهيان
روپا ماڙيءَ جو رستو پڇائيندي پڇائيندي رڻ ۾ وڃي نڪتو هوس، پري کان سائي رنگ جو مقبرو نظر پئي آيو. ڊگهي ڪلراٺي ڪچي رستي سان نه ماڻهو نه پاڇو، رڙهندو وڃي ويجهو پهتم. مقبرو دودي جي غرور جيان ڪنڌ مٿي ڪيو بيٺل هو. منهنجي خيالن ۾ جڙيل روپا ماڙيءَ جي محل وارو تصور ڀري ڀورا ڀورا ٿي ويو جڏهن مقبري جي پٺئين پاسي رڳو ڦٽل ۽ ڊٺل آثار نظر آيا. مقبري جو دروازو کولي اندر گهڙي پيم، وڏي اُڀي شانائتي قبر محسوس پئي ڪرايو ته ڪنهن دلير ۽ سورهيه مڙس کي ٻکي رکيو اٿس. قبر جي ڀرسان اچي عقيدت وچان هٿ لاهڻ مس چاهيو ته ڪڙڪيدار آواز ڇرڪائي وڌو. ” متان هٿ لاٿو اٿئي!“ پوئتي نهاريو ڪوبه نه هيو، اڳيان نظر ڦيرائي به ڪو نظر نه آيو، ڊوڙي دروازي تي آيس، ٻاهر به ڪوئي نه هو. حيران رهجي ويم ته ڪنهن جو آواز هو. ” ڪير آهين!؟ ۽ ڪيئن ڀلجي هيڏي آيو آهين؟“ ٻيهر ڇرڪندي پوئتي نهاريو، محسوس ٿيم ته آواز قبر جي ڀر مان پئي آيو. گهٻرائيندي تعارف ڪرايم، ” ڌرتيءَ جو خادم آهيان، ڌرتيءَ جي هن سورهيه پٽ جي حاضري ڀرڻ آيو آهيان.“ ” واپس هليو وڃ.....!!“ ” ڇو واپس وڃان...؟؟ ۽ توهان ڪير پيا ڳالهايو؟“ ” مان دودو آهيان!!!“ منهنجا تاڪ ملي ويا، حيرت ۽ همت کي گڏي چيم: ” منهنجي لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي ته توهان مون سان مخاطب ٿيا آهيو!“ ” مون ستل ذهن ۽ ضميرن واري قوم جو فخر ٿيڻ نه چاهيو هو، اها قوم جيڪا پنهنجي سورهين کي رڻ ۾ رولي ڇڏي، آئون ان قوم جو سورهيه پٽ سڏرائڻ نٿو چاهيان..... هتان واپس هليو وڃ!“ ”دودا...! يار ائين نه ڪر!“ ” توکي چيم ته واپس وڃ ۽ سڀني کي ٻڌائي ڇڏ ته توهان وارو دودو هاڻي مري چڪو آهي آئون هاڻِي فقط سومرن جو پير آهيان.
سنهڙي جي جنڙي
ڳوٺ وارن جو چوڻ آهي ته هن کي مادي جنڙي آهي، جيڪا هر وقت هن سان گڏ گڏ رهي ٿي، هو بظاهر اسان سان گڏ آهي پر غيبي طور ان جنڙيءَ سان گذاري ٿو. ويهن سالن جي عمر ۾ ڀي صفا ٻار لڳي ٿو. ماڻس نالو ته سهڻو رکيو هئس پر جسماني هيڻائي ۽ ڪمند جي ڳنين جيترين سنهين ٽنگن ۽ ٻانهن هجڻ ڪري سڀ سنهڙو چئي سڏيندا هئس. اهو به مشهور آهي ته ننڍڙو هو ته صفا سهڻو هيو، مٿان وري ماڻس تيل سرمو ڪري پينگهي ۾ اڪيلو سمهاري پاڙي وارن جي گهر هلي وئي، ان وقت اها جنڙي هنن جي گهر مٿان اڏامندي گذري رهي هئي ۽ هن تي نظر پوندي ئي عاشق ٿي پئي. هيٺ لهي آئي ۽ هن جي پينگهي ڀرسان ويهي هن جي زُبان چوسي هيائين، جنهن ڪري هي اڪثر خاموش رهندو آهي، جنڙي جڏهن اجازت ڏيندي اٿس ته ڪجهه ڳالهائيندو نه ته الي الي خير صلي. ڳوٺ ۾ اهو پڻ چوٻول آهي ته جنڙي اڌ رات جو هن کي اڏاري کڻي ويندي آهي ۽ ڳوٺ جي ٻاهران جهتن سان ڳتيل فقيرياڻي کجيءَ تي ويهاري ڪچهري ڪندي آهي ۽ ملان جي آزان سان گهر واپس ڇڏي ويندي اٿس. هن جي ناني نه ڇڏيو آهي ڪو پير پٽَ تي، جنهن جي خبر پونديس، ٻئي ڏينهن اتي پهچي ويندي ۽ هن لاءِ تعويذ ضرور وٺي ايندي. چاليهن کان مٿي تعويذ ۽ سڳا ڳچيءَ ۾ لڙڪي رهيا هوندس. هڪ رات هن جي نانيءَ کي خواب ۾ اها جنڙي آئي ۽ ڌمڪائيندي چيو هئائينس ته پيرن ۽ فقيرن جي درگاهن ۽ آستانن تي تعويذ سڳن لاءِ ڊوڙڻ بند ڪري نه ته ڇوڪري کي معذور ڪري ويهاري ڇڏيندي. هن جي نانيءَ کي به سائين ڪنڊن واري پير جو ڌاڳو سورن سان هٿ چڙهيو هوس، اهو ڇوڪري جي ڏوري ۾ ٻڌي ڇڏيو هئائين. فقيرياڻي کجيءَ جا قصا ته سڄي جوءِ ۾ مشهور آهن. ڳوٺ جا جهونڙا ٻڌائيندا آهن ته جڏهن اهي ننڍڙا هئا تڏهن ڀي اها کجي ايتري ئي ڊگهي ۽ ايترو ئي جهتن ۾ ڳتيل هوندي هئي جيئن اڄ آهي. ڳوٺ جو هڪ سئو سال ڪراڙو ته ايترو ڀي ٻڌائيندو آهي ته اها کجي ان جي پڙ ڏاڏي پوکي هئي پر جڏهن کان فقيرياڻي جنڙيءَ ان کي پنهنجو مسڪن بڻايو ته اها ائين ويران ٿي وئي. ڳوٺ جي چوڪيدار ڏهه سال پهرين رات جو جيڪو لقاءُ ڏٺو هو سو ته سڄي جوءِ کي خبر آهي ٿيو ائين هيو ته ڪجهه چور ان ڳوٺ مان رات جو چوري ڪيل سامان سان گڏ پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيا پر ان فقيرياڻي کجيءَ جي چانڊوڪي ۾ نظر ايندڙ پاڇي کان به ٻاهر نڪري نه سگهيا، آخر تنگ ٿي سامان ڦٽي ڪري وٺي ڀڳا. صبح جو اهو سامان مالڪن کي موٽايو ويو. سامان جي مالڪن مٺا لولا ۽ بسريون ٺاهي شام جو فقيرياڻي کجيءَ جي جهتن ڀرسان رکي هليا آيا ۽ جڏهن صبح جوسڄي ڳوٺ اهي ٿالهيون خالي ڏٺيون ته کين پڪ ٿي فقيرياڻي جنڙي اهي کائي ورتيون هونديون. هڪ ڏينهن سنهڙي جي نانيءَ کي هڪڙي فقير گهر جي در تي اچي چيو، ” ڇوڪري جا سڀ تعويذ لاهي پراڻي کوهه ۾ اڇلي ڇڏ ۽ فقط هي هڪڙو تعويذ ٻڌي ڇڏيس، اها جنڙي گيسيون ڪندي هتان هلي ويندي. ٻئي ڏينهن ائين ٿيو جو سنهڙي ڪهاڙو کنيو ۽ اچي بيٺو کجيءَ جي ڀر ۾. هڪڙيءَ جهٽَ ۾ سڄو ڳوٺ اچي ڪٺو ٿيو. سنهڙي جي ڪمزور ٻانهن ۾ الائي ڪٿان سگهه آئي هئي ويو پئي جهت اکيڙيندو ۽ نيٺ کجيءَ جي پاڙ ڳولي لڌائين. ڳوٺ وارا خوف وچان ڪلمان پڙهڻ لڳا. سنهڙو ڪهاڙي سان کجيءَ جي پاڙ تي وار ڪندي پگهر ۾ ڇم ٿي ويو هو، کٽ جي ٿلهي پائي جيتري سندس ڇاتي ڦوڪجي وئي هئي، ڳوٺ وارا اوچتو ڪجهه ٿيڻ جي خوف ۾ رڦي رهيا هئا، تيستائين سنهڙو کجيءَ جو ڪم تمام ڪري چڪو. ڏسندي ئي کجي وڃي پٽَ تي ڦهڪو ڪيو هو. سنهڙي ڳوٺ وارن ڏي خونخوار نظرون ڦيري رڙيون ڪندي چيو: ” کڻو پنهنجي ماءُ کي.... هتي ڪابه جنڙي ناهي رهندي، اهي لولا ۽ بسريون مان ئي کائيندو آهيان، ماڻهوءَ کان وڏو ڪوبه جنُ ناهي هوندو اهو فقط توهان جي انڌي عقيدي جو جِنُ هيو.“ اهو چئي سنهڙو ڪهاڙو هٿ ۾ کڻي ڳوٺ ڏي نڪري ويو ۽ ڳوٺ وارا ان فقير جي ڳولا ۾، جنهن آخري تعويذ ڏنو هو.