ڪھاڻيون

ماهوار سڦلتا (يادگار ڪهاڻي نمبر)

ڪتاب ”ماهوار سڦلتا (يادگار ڪهاڻي نمبر)“ اوهان اڳيان پيش آهي. ياد رهي ته ماهوار سڦلتا جو اهو ڪهاڻي نمبر مئي 2014ع ۾ ڇپيو، جنهن جو ايڊيٽر هوش ڀٽي هيو. هن شماري ۾ 50 کان وڌيڪ ليکڪن جون 60 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪهاڻين کان پهرين منظور ڪوهيار جو ”مختصر ڪهاڻي جو فن“ مضمون، مقالو پڻ شامل آهي.
Title Cover of book ماهوار سڦلتا (يادگار ڪهاڻي نمبر)

لَڪير..: شوڪت لوهار

لَڪير..: شوڪت لوهار



جيتوڻيڪ ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ اي سي هلي رهيو هو، تنهن جي باوجود هن جي نرڙ تي پگهر جون بوندون نروار نظر اچي رهيون هيون. هو سخت پريشان ۽ ڳڻتي ۾ ورتل هو، هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته هو ڇا ڪري ڪاڏي وڃي ڪنهن کي چئي.
”توهان هي دوائون وٺي اچو ته پوءِ وڌيڪ ڳالهايون ٿا“ ڊاڪٽر صاحب دوائن جي هِڪ وڏي لسٽ هن جي حوالي ڪندي چيو ۽ پاڻ فون تي ڪنهن سان مصروف ٿي ويو.
هن پرچي کنئي هن کي پرچي ايڏي ڳري محسوس ٿي رهي هئي ڄڻ هو دوائن جي پرچي نه بلڪه ڪو ڳرو پٿر کڻي رهيو هُجي. لاچار هن پرچي کنئي ۽ ڊاڪٽر جي ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو. پريشاني وچان هن جي نڙي ۾ ٿوهر لهي آيا هئا. هو پنهنجو پاڻ کي هِڪ اونهي ڪن ۾ ٻڏندي محسوس ڪري رهيو هو.
اسپتال ۾ ماڻهن جي تمام گهڻي پيهه هئي. ماڻهوءَ جيڪي پنهنجن پيارن کي وٺي آيا هئا. ڪنهن کي ويل چيئر تي کنيو پئي ويو، ڪو ڊرپ لڳل مريض ايمرجنسي ڏانهن پئي ويو. هو ڪجهه ساعتون اتي بيٺو رهيو ۽ اِهو ڀاڄ وارو منظر ڏسندو رهيو. ”جڏهن انسان کي هي جهان ڇڏڻو ئي آهي ته پوءِ هي وٺ وٺان، زندگي بچائڻ جي هِي ڊُڪ ڊوڙ ڇا لاءِ؟
زندگي جڏهن ڪنهن اڏوهي ورتل سڪل ڪاٺي جيان بڻجي ويندي آهي تڏهن ان مان مزو ختم ٿي ويندو آهي.
”پر مون کي ائين نه سوچڻ گهرجي، مون کي ڪيئن به ڪري عاشي لاءِ هي دوائون وٺڻيون آهن.“ هو وري ان ڪمري ۾ اچي ٿو، جتي سندس گهرواري عاشي کي منهن تي هٿرادو ساهه کڻائڻ وارو گئس ماسڪ پاتل آهي. هو ڏسي ٿو عاشي جون اکيون جيڪي ايڏي اعتماد سان بند پيون آهن، ڄڻ هنن کي ڪا پريشاني به ڪونه هجي. هن جي اکين جو اعتماد روحل جي دِل کي جهير ڏئي ڇڏي ٿو. هو اندران ئي اندران ائين ڀڄي ڀري پئي ٿو جيئن ڪنڀر جي آوي ۾ ڀيلا ٿانوَ ڀڄي ڀري پوندا آهن.
روحل ۽ عاشي پاڻ ۾ سڳا سؤٽ هئا ۽ هِڪ ئي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪيائون، کلندي کلندي شادي ٿي وئي. هنن جو وقت مسرت ۽ خوشي جي هندورن ۾ جهوليندي گذريو. هر ڏس ۾ خوشي هئي، روحل کي هرطرف عاشي جا ٽهڪ ٻڌندي محسوس ٿيندا هئا. هر گهڙي هن جي اکين ۾ عاشي جو چهرو رقص ڪندو هو. روحل کي هڪ اين جي او ۾ نوڪري ملي وئي، پوري ساري پگهار، پوءِ به هن ان کي غنيمت سمجهيو ۽ پراعتماد ٿي ڪم ڪندو رهيو.
هن پنهنجي زال کي لاڏ ڪوڏ ۾ گهر ۾ ئي رهڻ لاءِ چيو. عاشي جو هونئن به پڙهائي سان بس امتحانن پاس ڪرڻ تائين جو واسطو رهيو، ان کانپوءِ هن لاءِ سڀ ڪجهه سندس وَر روحل ئي هو. هو طرح طرح جا طعام تيار ڪندي هئي. هر وقت پنهنجي ور تان وهلور پيئي ويندي هئي. شادي جي ڪجهه عرصي بعد عاشي کي الٽيون ٿيون، سڀني کي خوشي ٿي، سڀني سمجهيو ته اِها خوشي جي ڳالهه آهي. روحل خوشي ۾ سموئي نه سمائجي. الٽيون وڌي ويون، الٽيون رت جي الٽين ۾ تبديل ٿي ويون، عاشي کي دورا پوڻ شروع ٿي ويا. روحل عاشي جي اهڙي عجيب حالت تي حيران و پريشان ٿي ويو. ڊاڪٽرن سان مشورا ڪيائون، آخرڪار ٽيسٽون ڪرايائون ۽ ٽيسٽن ۾ عاشي کي ڦڦڙن جي ٽي بي جي بيماري تشخيص ٿي. روحل جي روح جا موتي ڪنهن قيمتي مڙهي جيان ٽٽي وکري ويا. روحل جي دنيا ويران ٿي وئي. هن کي اِها اميد نه هئي ته زندگي ساڻس ايڏو وڏو مذاق به ڪري سگهي ٿي، پر اِها حقيقت هئي. ڪڏهن ڪڏهن حقيقتون ڏاڍيون ڀوائتيون ۽ خوفناڪ هونديون آهن. روحل پنهنجي حال سارو عاشي جو گهڻو ئي علاج ڪرايو، دوستن کان قرض کڻي اين جي او کان اوڊيون وٺي نيٺ هو ٿڪجي پيو. عاشي جي بيماري ۾ تر جو فرق به ڪونه آيو. هن جون سڀ ڪوششون رائيگان ويون، روحل هار نه مڃي. روحل سوچيو ته هن ڪائنات ۾ هن جو هن عاشي کانسواءِ ٻيو ڪير آهي. ان جي بدلي ۾ جي سندس جان هلي وڃي ۽ عاشي ٺيڪ ٿي وڃي تڏهن به هو اِهو سودو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پر اهڙا سوداگر صرف تصوراتي دنيا ۾ ملندا آهن. روحل تصوراتي مها ڀارت ۾ ڪرشن بڻيو رهيو. روحل پنهنجي ساهت کي تلوار جي نوڪ تي اڀو ڏٺو. هن کي مجبوري جون اجگر بلائون سانت سانت ڇڪي رهيون هيون. بيوسي ۽ ڪجهه نه ڪري سگهڻ واري ڪُن ۾ ٻڏندي هن جي اکين جا بند ڀڄي پيا ۽ هو عاشي جي ساهن جي واري مُٺ مان واري جي وهڪ پنهنجي اکين سان ڏسندي ڀڄي ۽ ڀُري پيو. هنن دوائن کانپوءِ عاشي جو آپريشن ٿيڻو هو، جنهن لاءِ روحل کي ڪٿان به ڪري پنجن لکن جو انتظام ڪرڻو هو. روحل مجبوري جي هن رساڪشي جنگ ۾ پنهنجو پاڻ کي رسو محسوس ڪري رهيو هو. هن چاهيو ٿي ته ڪٿان به ڪري پئسا اچن، پئسن جو انتظام ٿي سگهي ۽ عاشي جي زندگي بچي سگهي. ”اوهان دوائون وٺي آيا“ ڊاڪٽر هن کي وڏي اسپتال جي ڪوريڊار ۾ مِليو.
”نه ڊاڪٽر صاحب“ روحل بيوسي وچان وراڻيو.
”ڇو“
”هي دوائون هت نه آهن؟“
”ڇا؟“
”روحل صاحب هي ته عام دوائون آهن، هي ٻاهر واري فارميسي تي ملي وينديون“ ڊاڪٽر کلندي اطمينان سان چيو.
”نه ڊاڪٽر صاحب هي دوائون خبر ناهي ڪٿي ملنديون، زمين تي يا آسمان تي“
اوهان ڇا پيا ڳالهايو، ڊاڪٽر جي سڏ تي پريشانين جي غفائن مان نڪتو.
”اچي هي پاڻي جو گلاس وٺو.“
”ڇا ڳالهه آهي؟“ ڊاڪٽر روحل جي وشال خوبصورت چهري تي مجبوري جي ريکائن کي پڙهي ورتو.
نوجوان گهٻرائبو ناهي، همت ڪريو.
ڊاڪٽر صاحب هاڻ همتون جواب ڏئي ويون آهن. توهان سان سڌي ڳالهه آهي، پئسا ناهن، آئون عاشي جي علاج ۾ پورو ٿي ويو آهيان، اوهان ڊاڪٽر آهيو، ڊاڪٽر ماءُ پيءُ جيان هوندا آهن، اوهان کان ڪهڙو رک رکاءُ، آئون هڪ اين جي او ۾ ملازمت ڪيان ٿو، جنهن مان گهر مشڪل سان هلي ٿو.
"I see"
پر توهان کي ڪيئن به ڪري اوهان جي گهرواري جو آپريشن ڪرائڻو پوندو. اڃان مرض ابتدائي شڪل ۾ آهي، هِڪ مهينو ٻي دير ٿي ته.... نه ڊاڪٽر ائين نه چئو.
چئبو ته اوهان پنهنجي وني سان بيحد محبت ٿا ڪريو، "Good" هر ور کي ائين اوهان وانگر ئي سوچڻ گهرجي.
”اوهان هِي دوائون وٺي اچو.“
ڊاڪٽر دوائن جي پرچي تي ڪجهه لکي ڏنو.
”مگر ڊاڪٽر صاحب........“
”ڪا ڳالهه نه آهي“ ڊاڪٽر مسڪرائيندي هن کي جواب ڏنو.
هو دوائون وٺي آيو. ڪجهه ضروري انجيڪشنون ۽ ڊرپون هيون. ڪجهه سيرپون ۽ گوريون. منهنجو نالو ڊاڪٽر ظهير احمد آهي، آئون هن ميڊيڪل سينٽر جي هن شعبي جو انچارج آهيان.
هي منهنجو ڪارڊ آهي. اوهان شام تائين آپريشن جي پئسن جو بندوبست ڪريو، جي ٿي وڃن ته ٺيڪ نه ته شام جو منهنجي گهر اچجو پوءِ هِڪ ”ڊيل“ ڪنداسين.
”ڊيل“ روحل پنهنجي گهرين اکين ۾ سوال ڀريا؟
”جي ها ڊيل“ ڊاڪٽر ڪنهن بزنيس مين جيان کيس جواب ڏنو.
”ڪهڙي ڊيل“ روحل پنهنجي خوبصورت هٿ سان سواليه پکي ٺاهيا.
اِها ڊيل تڏهن پڌري ٿيندي جڏهن اوهان کان پئسن جو بندوبست نه ٿئي؟
ٺيڪ آهي.
ٿئنڪ يو.
تيستائين اوهان پنهنجي وائيف وٽ رهو ۽ ها ڪمري جي چارجز وغيره لاءِ مون چئي ڇڏيو آهي، اوهان بي اونا ٿي وڃو.
"So many thanks dr .sb"
روحل ڊاڪٽر جي وڃڻ کانپوءِ شام تائين سوچيندو رهيو، هو بار بار عاشي جي چهري کي تڪيندو رهيو. روحل سوچن جي سُگهرن ۾ جڪڙجي اِهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ته آخر ڊاڪٽر ظهير ڪهڙي ڊيل ڪرڻ چاهي ٿو.
ڪٿي هو.....
ها آئون عاشي کي بچائڻ لاءِ هر جائز ناجائز ڪم ڪرڻ تيار آهيان. عاشي ته بچي پوندي نه، منهنجو خير آهي. هو به مون کي مليل منهنجي زندگي عاشي جي امانت آهي. روحل کي ڊيل بابت سوچن جا ڳاڙها ڏينڀو ڏنگيندا رهيا.
شام جو آخرڪار مجبوري اڳيان هار مڃي روحل ڊاڪٽر جي ڏسيل گهر جي ائڊريس تي وڃي بيل وڄائي. ههڙو عاليشان گهر، گاڏي. روحل کي حيرت ڪونه ٿي. هن کي صرف ۽ صرف اِها ڳالهه مٿي ۾ ويٺل هئي ته ڪيئن به ڪري عاشي بچي. ان جي بدلي اگر هن کي ڪو غير قانوني ڪم ڪرڻو پوي تڏهن به هو ڪندو.
دروازو کولي چوڪيدار هن کي ڊرائنگ روم تائين رسايو.
”ته اوهان اچي ويا“
”ويجهو ويهو.“ روحل ڊاڪٽر ظهير کي ملندي چيو.
”جي ڊاڪٽر صاحب“
”مون کي اوهان ڊيل بابت ٻڌايو“. روحل اتاولو ٿيڻ لڳو.
”ڏسو آئون اوهان کي ڊيل بابت ٻڌايان ٿو پر جيڪڏهن اوهان کي اِها ڊيل پسند نه اچي ته ان جو ڪنهن ٻئي سان ذڪر نه ڪجو. اوهان ماشاءَ الله نوجوان آهيو، حسين آهيو ۽ سمجهدار پڻ.“
”جي ڊاڪٽر صاحب“، ”اوهان خاطري ڪريو. اوهان جي مسز عاشي جو آپريشن ٿي ويندو، سڀ خرچ آئون ڀريندس، ان جي ٺيڪ ٿيڻ تائين. چاهي ان لاءِ اسان کي پرڏيهه مان علاج ڇو نه ڪرائڻو پوي. سڀ ڪجهه منهنجي ذمي.“
”ته پوءِ مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟“ روحل سوال ڪيو.
”ڏسو روحل صاحب زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا عجيب موڙ اچي ويندا آهن جو ماڻهو جي لاءِ فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آهي ته هو ڪهڙي واٽ وٺي؟“
”جيڪڏهن اوهان کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته اوهان هِي سودو ڪريو جي نه ته پوءِ جيئن اوهان جي مرضي.“
”پر آخر مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟ روحل هاڻ بيتاب ٿي ويو.“
”اوهان کي منهنجي ڌي سان شادي ڪرڻي پوندي“
”ڇا! پر آئون ته اڳ ۾ شادي شده آهيان.“
”پوءِ ڇا آهي ماڻهو چار چار شاديون ڪندا آهن، ٻيو اِهو ته منهنجي ڌي ڪنزا جيڪا پڻ ڊاڪٽر آهي. پر هو ٻنهي ٽنگن کان معذور آهي.....“
”ڇا؟“
”جي ها“
”۽ هو اوهان کان عمر ۾ ڪجهه وڏي پڻ آهي.“
روحل ڀر ۾ پيل پاڻي جو گلاس سڄي جو سڄو پي ويو. ۽ ٻئي هٿ پنهنجي مٿي تي ڏئي سوچڻ لڳو.
”مون ڊاڪٽر ڪنزا جي اڪائونٽ ۾ 50 لک رکرائي ڇڏيا آهن ۽ هِي گهر به ان جي نانءَ آهي.“
”هاڻي اوهان سوچي وٺو تيستائين آئون تيار ٿي ٿو اچان.“ ڊاڪٽر اندر هليو ويو.
روحل زندگي ۾ پهريون ڀيرو پنهنجو پاڻ کي مجبوري جي پلصراط تي هلندي محسوس ڪيو ۽ هو ان جي هيٺان باهه جو درياهه هو. ڊاڪٽر جي ڇڏي وڃڻ واري وقت ۾ هو شيڪسپيئر جي نائڪ هيملٽ جي خود ڪلامي هُججي يا نه هججي "Tobe or not tobe" جي دلدل ۾ لهي ويو.
هِڪ طرف عاشي جو معصوم چهرو، هن جون ادائون هن جي هٿن جا لمس، ٻئي پاسي عاشي خاطر حاشي کي ورهائڻ هن لاءِ هن ڪرب جو مقام هو.
”جي روحل صاحب“
”ته پوءِ اوهان ڇا فيصلو ڪيو“ ڊاڪٽر ٽاءِ جي ناٽ ٻڌندي روحل کان پڇيو.
"I am agree" آئون راضي آهيان.
”هڪ ڀيرو وري سوچيو“. ڊاڪٽر وارننگ ڏني.
”جيڪو سوچڻو هو سوچي ڇڏيو، ڊاڪٽر صاحب عاشي جي خاطر آئون ڪجهه به ڪري سگهان ٿو.“
”ان جو مطلب ته اوهان ان کي تمام گهڻو چاهيو ٿا.“
”جي ڊاڪٽر صاحب“
"Very good"
”پٽ ڪنزا!“
”السلام عليڪم“
”وعليڪم السلام“
”هي منهنجي ڌي ڊاڪٽر ڪنزا آهي.“
”هي پيدائشي معذور آهي.
هي ننڍڙي هئي ته هن جي ماءُ هن کي ڇڏي هلي وئي. پر مون هن جي پوري تربيت ڪئي آهي ۽ ماءُ جي ڪمي کي ڪنهن حد تائين گهٽايو آهي.“
”بابا جو ٻي شادي نه ڪرڻ ئي مون لاءِ وڏي قرباني آهي“. ڊاڪٽر ڪنزا چيو.
روحل ڏٺو ته پاڻ کان 10 سال وڏي عورت، جنهن جي عمر هاڻ پوئين واري خوابن جي نگر کان اڳتي نڪري چڪي آهي. روحل کي ڊاڪٽر ڪنزا ڪو اهڙو جزيرو محسوس ٿي جتان ڪوبه مسافر جهاز لانگاهو نه ٿيو هجي. هن جون وشال اکيون جن ۾ صدين جي صدا ۽ هن سماج طرفان مليل ڌڪار واضح نظر آئي. پر روحل کي انهن سڀ ڳالهين جي پرواهه ڪونه هئي. هن جي حالت ڪنهن انڌي فقير جيان هئي، جيڪو رستي ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ ۽ ٿڏي کي پنهنجو مقدر سمجهي ٿڙجي ٿاٻڙجي وري سنڀلجي ٿي ويو.
ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هِڪ مولوي کي سڏائي روحل جي سادگي سان ڊاڪٽر ڪنزا سان شادي ٿي وئي. ان سان گڏ ڊاڪٽر ظهير روحل کان ڪجهه ضروري ڪاغذن تي معاهدا به سائن ڪرائي ورتا. هن سڄي ماجرا کان عاشي کي بي خبر رکيو ويو. عاشي جو آپريشن ڪامياب ٿي ويو. هو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ چاڪ چڱي ڀلي ٿي وئي. روحل نه چاهيندي به عاشي کي هي خنجر جي خبر ٻڌائي، جيڪا عاشي تي وڄ جيان ٿي ڪري. عاشي روحل کي چيو ته ”تون ڀل مون کي مرڻ ڏين ها تو ائين ڇو ڪيو“
”آئون مجبور هئس“
”عاشي آئون توسان بيحد پيار ڪيان ٿو. پر آئون ڇا ڪريان مون کي ٻي ڪا واهه نه سجهي رهي هئي. مون وٽ ڪجهه به ڪونه هو، آئون قرض ۾ ٻڏي ويو هئس، توکي بيماري جي واڳون وات ۾ ويندي ائين ڏسي ڪونه ٿي سگهي. پليز منهنجو يقين ڪر“. روحل جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.
عاشي جي لڙڪن جون لارون روحل جي روح کي تيرن جيان ٿي لڳيون. عاشي هن ٿوهر جي ڪنڊن جهڙي سچ کي پنهنجي نڙي ۾ لاهيندي تمام گهڻو درد محسوس ڪيو. هن جي ساهن جي ڌوڻي تيز ٿي وئي ۽ روئي روئي نيٺ هو چپ ٿي وئي.
عاشي کي ڪنهن به قيمت تي اِها ڳالهه منظور ڪونه هئي ته هو روحل کي ڪنهن سان ورهائي ٿي سگهي!
مجبوري ۽ هن لاءِ روحل جي ڪيل قرباني ڪنهن ساعت هن جي دِل کي سوا گهڙي لاءِ ٿڌو ڪنديون هيون، پر هِڪ عورت هجڻ جي ناتي هو هميشه انهن سڀني ڳالهين کي ٺڪرائي ڇڏيندي هئي. پوءِ روئيندي روئيندي بيهوش ٿي ويندي هئي.
روحل اين جي او ۾ اڳتي ترقي ڪري ورتو هو. ڊاڪٽر ڪنزا معذور هوندي به روحل جي مجبوري کي آساني سان سمجهي ٿي سگهي. صبح سان ئي گهر ۾ ئي ڪلينڪ تي مريضن کي چڪاسيندي هئي. هفتي جي هِڪ ڏينهن تي هو مريضن کان ڪائي فيس نه وٺندي هئي. شايد هو مجبوري جي بخت مليل روحل لاءِ صدقو سمجهي ائين ڪندي هئي. عاشي انهيءَ بيماري کان ٺيڪ ته ٿي وئي هئي، پر ڊاڪٽر ڪنزا کي پنهنجي پهاج جو تصور ڪري هن کي دورا پئجي ويندا هئا ۽ هو گهر جا ٿانوَ ڀڃندي هئي. آهستي آهستي هو هِڪ عجيب نفسياتي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي، جنهن ۾ هو تمام گهڻو وقت روئيندي هئي ۽ باقي وقت بيهوش رهندي هئي، پر زندگي جيئن ته پهريون سبق امتحان وٺندي آهي ۽ پوءِ سبق سيکاريندي آهي، ان ڪري هو به ڌيري ڌيري هن غم کي پنهنجي سيني جي سمنڊ ۾ لاهي ڇڏيو. روحل جي زندگي بس هِڪ مجبور انسان جيان گذري رهي هئي. هو راتين جو دير تائين جاڳندو ۽ سگريٽ پيئندو هو. ۽ سگريٽ جي دونهاٽيل ڇولين ۾ عاشي ۽ پنهنجو پاڻ کي مشڪريون ڪندي ڏسندو هو. ڪوهه مري جي برف ۾ گذاريل هني مون جا اهي ڏينهن هن جي اندر ۾ وڍ وجهي ڇڏيندا هئا. برف جا بال ٺاهي هِڪ ٻئي کي هڻڻ. وري انهي دونهاٽيل درياهه ۾ جڏهن ڪنزا اچي ويندي هئي ته روحل جو تصور ڪا قيمتي آرسي جيان هٿن مان ڪري پوندو هو ۽ هو پنهنجو پاڻ کي آرسي جي ٽوٽن ۾ پهچي وکريل وجود جا ٽوٽا ڳولهيندو هو.
رات جو وقت هو، روحل حسب معمول پنهنجي ڪمري ۾ سگريٽ پي رهيو هو، ڊاڪٽر ڪنزا ويل چيئر تي ويٺي ٽيريس تان دور دور سمنڊ جي اڇل کائيندڙ ڇولين کي پئي ڏٺو. ڇوليون جيڪي چنڊ جي ٿڏي چانڊاڻ جي ڪري بيتاب هيون ۽ چنڊ سان مِلڻ لاءِ اڄ موجن ۾ الائي ڪٿان جي مستي لهي آئي هئي. ايتري ۾ عاشي هن موقعي کي غنيمت سمجهيو ۽ پنهنجي پهاج کان هميشه هميشه لاءِ ڇوٽڪارو وٺڻ جو سوچيو. هن کي خيال آيو ته جيڪڏهن هو ان کي هتان ڌڪو ڏيندي ته ڪوبه شڪ ڪونه ڪندو ۽ هرڪو سمجهندو ته هي پاڻ ڪري پئي آهي. عاشي جي ڪنڌ تي موت جا فرشتا سوار ٿي ويا. هو اڳتي وڌي پير پير ۾ ڏئي جيئن ڊاڪٽر ڪنزا کي سندس پيرن جو سرٻاٽ نه ٿئي.
هو وڃي ان معذور جي ويل چيئر وٽ پهتي، سمنڊ جي لهرن ۾ ويتر تيزي اچي وئي هئي، هوا تيز ٿي وئي هئي، عاشي جا هٿ ڏڪي رهيا هئا. هن ڪنبدڙ هٿن سان معذور ڊاڪٽر ڪنزا جي ويل چيئر ۾ جيئن ئي هٿ وڌا ته ڊاڪٽر ڪنزا هن ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏٺو، عاشي به هن ڏانهن ڏٺو، وري عاشي جون نظرون هن جي جهولي ڏانهن هليون ويون. ڪنزا جي جهولي ۾ ننڍڙي تختي وارو پاڪ ڪتاب هو، جيڪو هو پڙهي رهي هئي. عاشي پاڪ ڪتاب کي ڏسي ڊاڪٽر ڪنزا جي ويل چيئر کي هيٺ ڪرڻ کان بچايو ۽ اچانڪ هن جو پير ٿڙڪي ويو هو ڌڙام سان اچي فرش تي ڪري ۽ هن جي مٿي مان رت ڪنهن نانگ جيان وهي سرڪڻ لڳو. روحل عاشي وٽ وڄ جيان پهتو، عاشي اکيون کولي هِڪ ڀيرو روحل کي ڍؤ ڪري ڏٺو ۽ هن جي چهري تي پنهنجي هٿ سان لڪير ڪڍندي پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون.
shoukatali.lohar@gmail.com