سفرناما

هو جي وڻ ولات جا

ھن ڪتاب ۾ ھانگ ڪانگ ۽ فلپائن ويندڙن لاءِ تفصيلي معلومات ڏنل آھي جنھن ۾ ھر ملڪ جي ٿوري گھڻي تواريخي ۽ سياسي پس منظر ڏيڻ سان گڏوگڏ سماجي، معاشي ۽ اقتصادي پھلوئن تي پڻ سٺي ۽ وڻندڙ انداز ۾ روشني وڌل آھي.
پليجو صاحب بنيادي طرح ھڪ حساس دل جو مالڪ آھي اھوئي سبب آھي ته سفرنامي ۾ دل ڇھيندڙ احساسن سان گڏ sentimental Touches به آھن.“
Title Cover of book هو جي وڻ ولات جا

بئنڪاڪ کان ھانگ ڪانگ

اڄ رات اسان کي بئنڪاڪ کان ھانگ ڪانگ اُسھڻو ھو. فلائٽ رات جو اٽڪل ٻه وڳي وڃڻي ھئي. اسان اڳواٽ ھوٽل مينيجر کي فون ڪري چئي ڇڏيو ھو ته اسان کي رات جو 12 وڳي ڌاري ھوائي اڏي لاءِ گاڏي کپي. ڀاڙي جو به پڇيومانس جنھن تي وراڻيائين ڀاڙو اڍائي سو ڀات ٿيندو. اِھو ڀاڙو عام ٽيڪسين کان اٽڪل ھڪ سؤ ڀات زياده ھو پر جيئن ته عام ٽيڪسين جون ڊگيون ننڍيون ھونديون ۽ منجھن سامان گھٽ ايندو آھي ۽ ھوٽل جون ڪارون وڏيون ھونديون آھن ۽ سندن ڊگيون به وڏيون ھونديون آھن جنھن ڪري منجھن سامان گھڻو سامائجي سگھندو آھي. لھاذا اِنھي سھولت جي پيش نظر ھڪ سؤ ڀات وڌيڪ ڏيڻ قبولياسين.
منھنجو ھي بئنڪاڪ تان چوٿون ڀيرو ھو. انھي ڪري مڙني معاملن کان واقفيت ٿي وئي ھئي. سچ پچ ته بئنڪاڪ ته ھاڻي ڪراچي وانگي ڄاتل سڃاتل لڳندو آھي. بئنڪاڪ اميگريشن وارا ٿائلينڊ اميگريشن جا ڳچ سارا ٺپا ڏسي مسڪرائي وڌيڪ ھڪ ٺپي جو اضافو ڪري کڻي پاسپورٽ ھٿ ۾ ڏيندا آھن. انھي مسڪراھٽ جي پردي پٺيان ڪا معنى جي مام ته ضرور ھوندي! ٿي سگھي ٿو ته اُھي اندر ئي اندر اسانجي ھيڏي فضول خرچي تي کلندا ھجن يا وري سندن وطن لاءِ اسانجي چاھت تي مسڪرائيندا ھجن. بھرحال مسڪراھٽ کي وڏي معنى ھوندي آھي. اِھا طنز به ھوندي آھي ته تحسين به. اسان ھڪ ٻه ڪلاڪ سامان ٺيڪ ڪرڻ ۾ گذاريا. جيڪو سامان پلاسٽڪ جي ٿيلھين ۽ پئڪيٽن ۾ بند ھو سو سڀ کولي ٻاھر ڪڍيوسين ۽ پوءِ بئگن ۽ ٿيلھن جي حوالي ڪيوسين. بئنڪاڪ مان خريد ڪيل بُوٽ ھميشه مون لاءِ مسئلو رھندا آھن، آئون پنھنجي ۽ گھر وارن لاءِ بُوٽ ھميشه بئنڪاڪ مان وٺندو آھيان، ھن دفعي ته ويتر بار اِنھي ڪري وڌي ويو جو ڀاءٌ غلام رسول ۽ عبدالڪريم جي فرمائش به ھئي ته اسان لاءِ بئنڪاڪ کان بوٽ آڻجو. سو سائين ھيترن سارن بُوٽن خريد ڪرڻ کان پوءِ اُنھن جي گِرگران ھڻي مسئلو پيدا ڪري وڌو. سندم ساٿي عبدالحڪيم شاھ چيو، ”عبدالحئي، ھڪڙو مفت مشورو ڏيائين.“ مُون وراڻيو ”بلاشڪ“ ته چيائين جُوتا کڻي پوسٽ ۾ پارسل ڪر.“ مون کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ کلي کڻي سامان مان ھٿ ڪڍيوسين ۽ بيري کي چيم ته جلدي چانھه کڻي اچ ته پي ڪو تازه دم ٿيون. چانھه پي سامان کي پئڪ ڪرڻ ۾ جنبي وياسين. سامان پئڪ ڪري ھوٽل رسيپشن واري کي فون ڪئي سين ته گاڏي ايئرپورٽ لاءِ تيار رکو اسان ھيٺ اچون پيا. ھوٽل بواءِ کي چيوسين ته سامان کڻي ھلي ھيٺ گاڏيءَ ڀيڙو ڪر. ھوٽل جو بِل اڳي ئي ادا ڪري ڇڏيو ھئوسين، باقي گاڏي جو ڀاڙو ھو سو ادا ڪري اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. گاڏي تيز رفتاريءَ سان بئنڪاڪ جي رستن تان زوزاٽ ڪندي اچي ايئرپورٽ پھتي.
اسانکي بئنڪاڪ کان ھانگ ڪانگ، سينگارپور ايئرلائنز جي ذريعي وڃڻو ھو جنھن جي بورڊنگ شروع ٿي چڪي ھئي. اسان سينگارپور ايئرلائنز جي ڪائونٽر اڳيان پنھنجو سامان اچي رکيو. اسان پنھنجو سامان ھميشه خود ٽرالي ۾ وجھي کڻندا آھيون ڇاڪاڻ ته پورٽر کان سامان کڻائڻ مھانگو پوي ٿو. ھُونئن به ٽرالي ذريعي سامان کڻڻ جو طريقه ڪار ايترو ئي سھنجو آھي جو توھانکي پورٽر جي ڪا به ضرورت محسوس نه ٿيندي. جيڏي مھل ٽيڪسي وارو سامان لاھي ھيٺ رکي ته ھڪ ڄڻو سامان وٽ بيھي ۽ ٻيو جي ٽرالي ٻاھر پيل نه آھي، ته وڃي اندران گھلي اچي. سڀ سامان ٽرالي ۾ سٿي وڃي ڪائونٽر تي پيش ڪري اسان جڏھن سينگارپور ايئر لائنز جي ڪائونٽر تي پنھنجو سامان لاٿو ته ڪُجھه ڊناسين ته متان گھڻي سامان ھئڻ ڪري ڀاڙو نه پئجي وڃي، ڇاڪاڻ ته ھڪ مسافر کي صرف 20 ڪلو سامان ۽ ٻيو ٿورڙو ھٿ ۾ کڻڻ جيترو سامان کڻڻ جي اجازت ھوندي آھي ۽ اُنھي تي ڀاڙو وصول نه ڪيو ويندو آھي (ٽڪيٽ تي سامان جو سمورو تفصيل ڄاڻايل ھوندو آھي ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي مفيد ڳالھيون لکيل ھونديون آھن. ھوائي جھاز ۾ سفر ڪرڻ واري ماڻھو کي ٽڪيٽ تي لکيل ھدايتون چڱي پر پڙھڻ گھرجن. اھڙي ريت سندس سٺي رھنمائي ٿيندي .) جيڪڏھن سامان مقرر وزن کان وڌي ويو ته اضافي ڀاڙو وٺي ڇڏيندا ۽ اھڙي طرح ڏيساور ۾ اجائي پئسي خرچ ٿي وڃڻ تي پاڻھي پاڻ تي پئي چڙ ايندي. ھڪ کان وڌيڪ ماڻھو سفر ۾ گڏ ھوندا ته پوءِ ھڪ ٻئي جي سامان کي ونڊي ورڇي کڻڻ سان ڪم نڪري ويندو آھي. مثلاً ھڪ وٽ 25 ڪلو سامان آھي ۽ ٻي وٽ 15 ڪلو ته جملي ٿيو 40 ڪلو، گڏ ھئڻ جي حالت ۾ سامان گڏ ھوندو جنھن ڪري اضافي ڀاڙي جي چٽي کان بچي وڃبو.
جڏھن وارو آيو ته اسان پنھنجو سامان ڪنوير بيلٽ تي رکيو. سامان گڏ رکيوسين، توراڻا تُريا ته پتو پيو ته وزن 5 ڪلو وڌيڪ آھي. عبدالحڪيم شاھ معنى خيز نگاھن سان مون ڏانھن ڏٺو، ڄڻ اکين ئي اکين سان چوندو ھجي ٻچا، سامان گھڻو تنھنجو آھي. ڏي منھن! مون به سندس خاموش پيغام سمجھي ورتو سو مشڪي چيومانس ”حاضر سائين، برابر سامان منھنجو آھي ، چَٽي به آئون ڀريان ٿو.“
پر ايتري ۾ سنگارپور ايئر لائين جي ڪائونٽر تي ويٺل محترمه ڪنوير بيلٽ تي بيٺل ڪُولي کي چيو “All right All right” جنھن تي اسان Thanks چئي سندس ٿورو مڃيو. ھن ٽڪيٽ تي نمبر ھڻي ٻئي ٽڪيٽون کڻي اسانجي حوالي ڪيون. اسان ٽڪيٽون وٺي کسڪياسين ته محترمه جو خيال بدلجي نه وڃي ۽ ڪنھن ڳري چٽي ۾ نه پئجي وڃون.
اميگريشن ۽ ڪسٽم وارن کان ٿي سڌا لائونچ ڀيڙا ٿياسين، جتان باقي بچيل ٿائي ڪرنسي مان ڊيوٽي فري شاپس تان ڪجھه شيون ورتوسين واندا ٿي ڪرسين تي ويٺاسين ۽ فلائيٽ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. ذري ذري پي ٽي وي تي فلائٽ پروگرام ڏٺوسين ته متان اسان جي فلائيٽ ليٽ نه ٿئي ۽ ويٺا سڄي رات اوٻاسيون ڏيون. ايتري ۾ منھنجي نظر سامھون ويٺل ھڪ بزرگ تي وڃي پئي. چھرو ڪجھه ڄاتل سڃاتل لڳم. وڌي وڃي پڇيومانس ”سائين! توھان ڊاڪٽر مصطفى ته نه آھيو؟“ پاڻ وراڻيائين ”جي ھائو! پر توھان پنھنجو تعارف ڪرايو. مون پنھنجو تعارف ڪرائيندي چيو، ”مونکي عبدالحئي پليجو چون ٿا ۽ آئون جڏھن سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) ڪندو ھئس تنھن وقت توھان ڪيميسٽري دپارٽمينٽ ۾ استاد ھئا. توھان سان اڪثر اُتي ملاقات ٿيندي ھئي.“ پوءِ پاڻ يڪدم مونکي سڃاڻي ورتائين. مونکي ساڻس ھن اوچتي ملاقات تي ڏاڍي خوشي ٿي. پاڻ بنگال جي سونھري ڌرتي سان لاڳاپيل ھو پر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت ڪندو ھو. پوءِ جڏھن بنگال يعني اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻيو ته پاڻ پنھنجي جنم ڀومُي ھليو ويو. انسان جو پنھنجي ڌرتيءَ سان رشتو اٽوٽ ھوندو آھي. ھيءٌ ناتو ڏاڍو پختو ۽ لطيف ھوندو آھي. جيڪي ماڻھو پنھنجو رشتو پنھنجي جنم ڀومي سان ٽوڙي وساري ويھي رھندا آھن سي گراھ جا گولا ۽ مطلب جا غلام ھوندا آھن. اھڙا ماڻھو ڪھڙي به ڌرتي تي وڃي واسوڪن ڌرتيءَ تي بار ھوندا آھن. سندن وجود ۾ ٽوھ جي ڪڙاڻ، ٿوھر جا ڪنڊا ۽ وڻ ويڙھي جھڙي تباھي رچيل ھوندي آھي. بنگالين ۽ سنڌين ۾ ڪيتريون ئي ڳالھيون مشترڪه آھن. اِھي دريائن جي ديس جا ماڻھو مڇي ۽ چانورن سان چاھ رکندڙ آھن. سنڌو درياءَ، منڇر ۽ ڪينجھر جي ڪنڌين تي آباد سنڌي لوڪ به مڇي ۽ چانورن جا چاھيندڙ آھن. بنگالي ماڻھو به ھميشه غيرن جي غلامي کي للڪاريندا رھيا آھن. آزادي ۽ عزت جي زندگي مرڻ لاءِ ھنن جي فطرت جو نقطه عروج آھي. سنڌي ماڻھو به ھميشه غيرن جي غلامي کي للڪاريندو وڙھندو، مرندو ۽ ماريندو زندگي گذاريندو رھيو آھي. آزاديءَ کان پوءِ بنگال ۽ سنڌ ھڪ ئي نموني استحصال جو شڪار رھيا، بنگال جي اڪثريت کي اولھه پاڪستان جي اقليت برابر ڪرڻ لاءِ پئرٽي (parity) جو سانگ رچايو ويو ھيڏانھن سنڌ ، بلوچستان ۽ سرحد جي علائقائي حيثيث کي مٽائي ون يونٽ جي ڪوڙڪي ۾ قابو ڪيو ويو. مطلب ته ٻئي ھڪ ئي تيغ ستم جا ڪُٺل ھئا. ھِن ملڪ ٺاھڻ ۾ ٻنھي سڀ کان وڏو ڪردار ادا ڪيو. مسلم ليگ کي جنم بنگالين ڏنو ۽ پاڪستان لاءِ پھريون ٺھراءُ سنڌ اسيمبلي پاس ڪيو پر
”منزل اُنھي ملي جو شريڪ سفر نه ٿئي.“
غالبن اِھو ئي سبب ھو جو ھڪڙي بنگالي اُستاد سان جنھن جو اسانجي پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ سان واسطو به نه ھو، اسان اُتساھ سان ملندا ھئاسين . مونکي اُستاد مصطفى سان اِنھي ڪري به لڳاءُ ھو جو ھو رابندر ناٿ ٽئگور جھڙي مھا ڪوي ۽ نذرالاسلام جھڙي باغي شاعر جي وطن جو سپوت ھو. اسان جي ته درميان ٻيو وڏو رشتو اُھو درد جو رشتو ھو. جيڪو اسان کي پنهنجن کان ئي مليو آهي.
ڌريان ئي ڌاريان مِٽ مُئي جا نه ٿيا،
مدي ڏيرن من ۾ آءٌ کليو کيڪاريان،
صبح ٿي ساريان، ته اٺ نه اوطاقن ۾.
استاد مصطفى سڄي ملاقات دوران مونکان سنڌ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽيءَ جي استادن بابت پڇندو رهيو. سندس پڇا ڳاڇا ۾ سنڌ يونيورسٽي لاءِ بي انت اڪير هئي. پاڻ ٻڌايائين ته هو هينئر وزارت تعليم ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري آهي ۽ جپان ۾ ٿيندڙ ڪنهن بين الاقوامي تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ٽوڪيو وڃي رهيو آهي. سندس جهاز جي انائونسمينٽ ٿي رهي هئي، انهيءَ ڪري موڪلائيندي موڪلائيندي ور ور ڏيئي سندس پراڻن ساٿين لاءِ سلام چيائين.
ڪجهه دير کانپوءِ اسان جي جهاز جي به انائونسمينٽ ٿي ته سنگاپور ايئر لائين جي هانگ ڪانگ لاءِ فلائيٽ تيار آهي، ۽ مسافر گيٽ نمبر 5 تي پهچي وڃن. اسان گيٽ نمبر 5 اڳيان لڳل قطار ۾ وڃي بيٺاسين. پنهنجي واري اچڻ تي خود کي ۽ هٿ ۾ کنيل سامان کي چيڪ ڪرائي اچي بس ڀيڙا ٿياسين. ٻاهر رن وي تي هلڪي هلڪي ڦوار وسي رهي هئي. اسان بس ۾ سوار ٿي اچي هوائي جهاز ڀيڙا ٿياسين. جهاز پنهنجا پر ساهي ٺيڪ رات جو ٻين وڳي اڏاڻو. هوائي جهاز ميزبانڻ (ايئر هوسٽس) پنهنجي مڌر ۽ سريلي آواز ۾ انگريزيءَ ۾ ڪئپٽن ۽ ٻين ڪريوز Crews طرفان سڀني مسافرن جي آجيان ڪئي. اهو اڻڄاتل مٺڙو آواز ڪيتري دير تائين جلترنگ جي سُرن وانگي ڪنن ۾ پڙاڏو پائيندو رهيو. اِنهيءَ آجيان جي تان هِنن ٻولن تي اچي ٽُٽي__
”توهان جون هي گهڙيون تمام سهڻي نموني اسان سان گڏ گذرنديون.“
بئنڪاڪ کان هانگ ڪانگ اٽڪل چئن ڪلاڪن جي فلائيٽ آهي، پر موسم جي خرابي جي ڪري زياده وقت به لڳي سگهي ٿو. برسات، طوفان، ڪوهيڙو، مخالف هوا ۽ ايئر پاڪيٽس (Air Pockets) جهاز کي اڏام دوران تنگ ڪندا آهن. جنهن ڪري ليٽ سيٽ ٿي ويندي آهي. هونئن به بمبئي کان وٺي ٽوڪيو تائين جون کان سيپٽمبر تائين مانسون جي موسم هوندي آهي ۽ انهيءَ موسم دوران سڄي ڏور اوڀر ۾ سخت برساتون وسنديون آهن. اهو موسمي ۽ هوائي وايو منڊل جهازن جي ليٽ سيٽ ٿيڻ کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن جانڪاهه حادثن جو باعث به بنبو آهي.