1
هن دور جي مواصلاتي تيز رفتاريءَ سفر کي اهڙو ته سهنجو ڪيو آهي جو ملڪن جا ملڪ ڏينهن ۾ گھمي اچجن. گھمڻ ڦرڻ ۽ سير سفر ڪرڻ اهڙو دلچسپ ۽ ڪارگر مشغلو آهي جو جنهن جي به پهچ هجي سو ضرور دنيا ڏسي. سير و سفر سان ملڪن جي جاگرافيائي بيهڪ، قومن جي عروج ۽ زوال، تهذيب ۽ ثقافت، خوشحال ۽ غربت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيڪل ترقي جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. مختلف قومن جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي اوسر کي اکين سان ڏسي علم ۾ به اضافو ڪري سگھجي ۽ عبرت به حاصل ڪري سگھجي ٿي. سير و سياحت جو شوق آهي ته واقعي مهانگو پر ان مان جيڪو لطف حاصل ٿئي ٿو ۽ جيڪا ڄاڻ پلئه پوي ٿي سا خرچ کان وڌيڪ لاڀائتي آهي. اسان جي سرنديءَ وارن سنڌي ماڻهن کي ميلن، ملاکڙن، رڇن ۽ ڪتن ۽ ڪڪڙن جي ويڙهن تي پئسن وڃائڻ کان سير و سياحت تي توجهه ڪرڻ گھرجي ته جيئن کين سڌ پوي ته ڌرتيءَ جي هن گولي تي ڇا ڇا پيو وهي واپري ۽ انسان جي ذهن ڪهڙا رنگ رچايا آهن. مون ته سير و سياحت کي وندر کان وڌيڪ ڄاڻ پرائڻ جو وسيلو سمجهيو آهي ۽ سمجهان ٿو جيڪو خرچ ڪيو اٿم ان کان وڌيڪ لاڀ پرايو اٿم. جپان کي گھمندي جپاني ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي، اٿڻي ويهڻي ۽ تيز تر صنعتي ترقي کي ويجھڙائي سان ڏسڻ جو موقعو مليم. سچ پچ ته هيءَ قوم عجيب و غريب صلاحيتن جي مالڪ آهي. فونيڪس پکيءَ وانگي پنهنجي رک مان نئون جنم ماڻيندڙ هيءَ قوم ڏسڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ وٽان آهي.
اسان جپان جي سهڻي ڌرتيءَ کي ڇڏي فلپائن جي گادي واري شهر منيلا لاءِ اڏام شروع ڪئي. جهاز پنهنجي ٺيڪ وقت تي اڏاڻو. ٽوڪيو کان منيلا تائين اٽڪل ساڍا چار ڪلاڪ جو هوائي سفر هوندو آهي. جيئن ته هي سڄو سفر ڏينهن جي وقت جو هو انهي ڪري دريءَ مان دور دور جا نتيجا ڏسندا رهياسين. هوائي سفر ۾ رات جو سواءِ اونداهه انڌوڪار جي ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. ٽوڪيو کان منيلا ويندي صرف هڪ ملڪ تائيوان هيٺ ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ باقي سمنڊ ئي سمنڊ ڦهليل هوندو آهي. اسان جڏهن تائيوان جي گاديءَ واري شهر تائپي (Taipie) مٿان اڏامي رهيا هياسين ته اسان کي انائونسمنٽ ڪري ٻڌايو ويو ته توهان هاڻي تائيوان جي مشهور شهر تائپي مٿان پرواز ڪري رهيا آهيو. جهاز جي اڏام کانپوءِ جڏهن اسان ماني کائي لاٿي ته مون ۽ عبدالحڪيم شاهه ويٺي پاڻ ۾ اوراڙ پراڙ جون پچارون ڪيون. ايتري ۾ پنهنجي ٻوليءَ جا ٻول ڪن پيا. اسان محسوس ڪيو ته پوئين سيٽ تي ويٺل همراهه سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. دل ڏاڍي گد گد ٿي ته هوائن ۾ به اوچتو سنڌين سان ملاقات ٿي وئي سو ڄاڻ نه سڃاڻ جي باوجود دل ڇڪي کاڌي ته همراهن سان عليڪ سليڪ ڪجي. مون سلام ڪري کانئن پڇيو ته سائين ڪٿان پيا اچو ۽ ڪيڏانهن پيا وڃو، ته پاڻ سلام جو جواب ڏئي چيائون اسان پاڪستان کان هتي ٽوڪيو ۾ ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري طرفان انجينئرنگ جو ڪورس ڪرڻ آيا هئاسين. جيڪو ختم ڪري واپس پاڪستان پيا وڃون. هڪڙي همراهه ٻڌايو ته هن جو تعلق خيرپور سان آهي. پنهنجو نالو به ٻڌايائين پر وسري ويو اٿم. ٻي همراهه ٻڌايو ته ”آئون ميمڻ آهيان. اصل جھرڪ شهر جي ڀرسان ڳوٺ ”راڄ جي ڳوٺ“ جو ويٺل آهيان پر هاڻي حيدرآباد رهون پيا. سندس پيءُ حبيب الله ميمڻ حيدرآباد ريجن جو ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن به رهي چڪو آهي. عبدالحڪيم شاهه سندس والد صاحب کي گھڻو سڃاڻندو هو. عبدالحڪيم شاهه ڳوٺ سونڊا ۽ ”راڄ جو ڳوٺ“ هڪ ٻئي کان چند ميلن جي مفاصلي تي آهن انهي ڪري سندن سڃاڻپ پراڻي آهي. پوءِ سڄو وقت جيستائين جهاز ۾ هياسين ويٺي ڪچهري ڪئيسين. اسان کي منيلا ۾ لهڻو هو ۽ هن کي وايا بينڪاڪ ڪراچي وڃڻو هو. سو جڏهن منيلا پهتاسين ته همراهن کان موڪلائي جهاز تان لهي ايئرپورٽ جي عمارت ۾ داخل ٿياسين. منيلا جو هي هوائي اڏو هينئر تازو ٺهي راس ٿيو آهي. هي تمام سٺو ۽ ڪشادو ايئرپورٽ آهي. اسان اميگريشن هيلٿ ۽ ڪسٽم ڪليئرنس کان واندا ٿي ٻاهر نڪتاسين ۽ بينڪ ڪائونٽر تي ڪجهه ڪرنسي مٽائيسين. فلپائين جي ڪرنسي جو نالو آهي (Peso) پيسو جنهن جو ملهه هڪ آمريڪي ڊالر جي بدلي م 6080 پيسو آهي. ان کانپوءِ اسان هوٽل رزرويشن ڪائونٽر تي آياسين. هتي جو معاملو ٻين ايئرپورٽن کان ڪجهه مختلف محسوس ڪيوسين. هتي هر هڪ هوٽل جو عيوضي گاڏي سميت موجود هو. جنهن لسٽ جو ڄاڻايل اگھن کان به گھٽ اگھ ٿي ٻڌايا انهيءَ مان اندازو لڳايوسين ته هتي چٽاڀيٽي جو رجحان تيز هو سو اسان به انهيءَ مان فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪافي حد تائين فائدي ۾ رهياسين. اسان جي هوٽل لاس پالماس (Las palmas) شهر ۾ سمنڊ جي ڪناري تي هئي. اسان هوٽل جي ايئرڪنڊيشن پڪ اپ ۾ چڙهي شهر ڏانهن روانا ٿياسين. نئون ايئرپورٽ شهر کان ڪافي پري آهي. منيلا شهر دنيا جي وڏن شهرن مان هڪ آهي ۽ سندس آدمشماري اٽڪل 80 لک آهي. ميٽرو منيلا جي گورنر فلپائني صدر فرنيننڊ مارڪوس جي اهليه آهي جيڪا هيومن سيٽلمينٽ (انساني آبادڪاري) جي وزير پڻ آهي ۽ حڪومت ۾ تمام وڏي اثر ۽ مرتبي جي مالڪ آهي. سندس نالو الميڊا مارڪوس آهي. پاڻ اڌڙوٽ عمر جي آهي ۽ سندس مڙس اٽڪل ستر سالن جو پوڙهو آهي جنهن جو گھڻو وقت هاڻي اسپتال ۾ گذري ٿو. هينئر فلپائن تي حڪمراني الميڊا جي ئي هلي ٿي. الميڊا تازو آمريڪا جي دوري تي ويئي هئي ۽ اڪثر ٻاهرين ملڪن جي سرڪاري دورن تي اڪيلي سر ويندي رهندي آهي. پاڻ ڏاڍي خوش پوش ۽ شوقين آهي. سندس انهي حيثيت تي مارڪوس جي نقادن راءِ زني ڪندي چيو ته اهي سڀ اڳواٽ تياريون آهن الميڊا کي مارڪوس جي جاءِ نشين بنائڻ جون.
فلپائن ۾ مارڪوس جي جاءِ نشيني جو مسئلو گهڻي وقت کان بحث هيٺ رهندو آيو آهي. مارڪوس جي جاءِ نشيني جي سلسلي ۾ شڪوڪ و شبهات کي دور ڪرڻ لاءِ حڪمران جماعت کي هدايت جاري ڪئي ته انهي سلسلي ۾ عليحده قانون پاس ڪرڻ کان اڳ معاملي تي بحث مباحثو ڪيو وڃي. هن قومي اسيمبلي کي اهو چتاءُ به ڏنو ته جيڪڏهن هن جي آمريڪا روانگي کان اڳ انهي معاملي کي نه نبيريو ويو ته هو پنهنجا حتمي اختيار استعمال ڪندو. بهرحال اهو مسئلو اڃان تائين گهوٽالي جو شڪار آهي ۽ مارڪوس پنهنجي فوجي قوت سان ملڪ کي رت چوسيندڙ ڄرن وانگر چهٽو پيو آهي.
فلپائن جو ملڪ پئسفڪ سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ جي وچ ۾ اٽڪل 7107 ننڍن وڏن ٻيٽن تي مشتمل آهي. انهن ٻيٽن مان 4334 ٻيٽن جو ڪو نالو ئي نه آهي. اهي ٻيٽ نه پر ٻيٽاريون چئجن ڇاڪاڻ ته اهي ايترا ته ننڍا آهن جو هڪ هنڌ تي ته هڪ ميل جي چورس ايراضي ۾ 466 ننڍا ٻيٽ آهن. مطلب ته سڄو ملڪ ٻيٽ ٿيو پيو آهي. فلپائن کي 1521ع ۾ مئگيلان (Magellan) ڳولي لڌو. سن 1565ع ۾ اسپين ان تي حملو ڪري قبضو ڄمايو ۽ اهڙيءَ ريت 1896ع تائين فلپائن اسپين جي بيٺڪ رهي. فلپائن کي 12 جون 1898ع تي خود مختياري حاصل ٿي پر ترت ئي هو عظيم سامراجي قوت آمريڪا جي بيٺڪ بنجي ويو. ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿيڻ کان پوءِ فلپائن 1941ع کان وٺي 1945ع تائين جپان جي قبضي ۾ رهيو. جنگ جي خاتمي ۽ جپان جي شڪست کان پوءِ 4 جون 1946ع تي فلپائن ٻيهر خودمختياري ماڻي ۽ مينيوئل روڪساس (Mannel Roxas) ان جو پهريون صدر بڻيو. فلپائن ۾ 1940ع کان 1950ع دوران ترقي پسندن ۽ قوم پرستن جي اڳواڻي ۽ اثر هيٺ هاري هلچل ڪافي زور ورتو ۽ قريب هو ته اهي اقتدار تي قبضو ڪري وٺن پر مئگسيسي (Magsasay) جيڪو بعد ۾ فلپائن جو صدر به ٿيو، آمريڪا جي مدد سان ايندڙ انقلاب کي ڪچلي ڇڏيو. آمريڪا پنهنجن سامراجي مفادن جي تحفظ لاءِ پسمانده ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ پنهنجن ڇاڙتن ذريعي ڪيئي خوني ڊراما کيڏي چڪو آهي ۽ اڄ به سندس سازشي ڄار ڪيترن ملڪن ۾ ڦهليو پيو آهي. دنيا جا ڪيترا ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ انساني حقن لاءِ وڙهندڙ جوڌا جوان ۽ مهان انسان آمريڪا جي انسانيت دشمن سازشن جو بک ٿي چڪا آهن. ايران ۾ ڊاڪٽر مصدق، انڊونيشيا ۾ سوئيڪارنو، ڪانگو ۾ لوممبا ۽ چلي ۾ آلندي ۽ انهن جي ساٿين جي وهيل رت سان آمريڪي دامن اڄ به داغدار نظر اچي ٿو. وچ مشرق ۾ اسرائيل جي قيام ۽ فلسطينن جي بي دخلي ۽ لبنان جي خانه جنگي آمريڪي سي-آئي-اي جو ئي ڪارنامو آهي. جنهن به ملڪ ۾ بک، بيروزگاري، رشوت خوري ۽ ڪامورا شاهي چوٽ چڙهندي آهي تنهن ۾ سياسي اُٿل پُٿل لاءِ عوام دوست قوتون به زور وٺنديون آهن. انهن عوامي قوتن جو اُڀار مقامي سطح تي استحصالي ٽولن ۽ عالمي سطح تي سامراجي قوتن لاءِ هڪجهڙو خطرو هوندو آهي، انهي ڪري آمريڪا پنهنجن پاليل دلالن جي وسيلي وڏيون خونريزيون ڪرائي هٿ ٺوڪيا عوامي ۽ فوجي آمر ملڪن تي مڙهي ڇڏيندو آهي. بلڪل ساڳيو ويل فلپائن ۾ به وهايو ويو ۽ اڄ به اهو سلسو جاري آهي. فلپائن جي گادي واري شهر منيلا ۾ ملڪ جي مکيه مخالف اڳواڻ بينگنو اڪيونو کي ملڪ ۾ داخل ٿيندي ئي هوائي اڏي تي گولي هڻي ماريو ويو. اخباري رپورٽن ۾ ٻُڌايو ويو ته هوائي جهاز ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ اڪيونو بليٽ پروف فولادي زردو اوڍي ۽ چيائين ”ته هاڻي هو مون کي فقط مغز ۾ گوليون هڻي ئي ماري سگهندا.“ غالبن اڪيونو جا قاتل آمريڪا مان سندس جهاز ۾ سوار ٿيڻ واري وقت کان ئي ساڻس گڏ هئا. ڇاڪاڻ ته جيئن ئي هو پنهنجي ملڪ جي هوائي اڏي تي لٿو ته کيس مغز ۾ گوليون هڻي ماريو ويو. حالانڪه اڪيونو کي انهي انت جو اڳواٽ علم هو پر تڏهن به هن پنهنجي وطن ورڻ جو خيال ترڪ نه ڪيو. هن چيو ته ”حالتن جي سنگيني کي ڄاڻان ٿو، پر منهنجو وطن مون کي پڪاري رهيو آهي.“ وطن جي پڪار تي اڪيونو سر جو سانگو لاهي واپس وريو. سندس لکها چاهيندڙ هن جي استقبال لاءِ اڳواٽ ايئرپورٽ تي اچي ڳاهٽ ٿيا پر هنن جون سڀ خوشيون مسمار ٿي ويون ۽ ٻهڪندڙ چهڪندڙ چهرا اکين ۾ ڳوڙها کڻي واپس وريا. ڏکويل انسانن جا انبوهه ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽي پيا. منيلا جي رستن ۽ چوڪن تي هشام ماڻهن جا احتجاجي آواز اٿاريندا مارڪوس جي ڏاڍ کي للڪاريندا رهيا. اڪيونو جي خون جو ذميدار مارڪوس کي قرار ڏنو ويو. حڪومت پاڻ بچائڻ لاءِ تحقيقاتي ڪميشنن مان به ڪو به کڙتيل نه نڪرندو آهي. قاتل به اهو ته منصف به اهو ته پوءِ انصاف ڪهڙو پلئه پوندو. سياسي مخالفن کي مارائي منظر تان هٽائي پوءِ انهن جي خون جي تحقيقات ڪرائڻ جو ڍونگ رچائڻ فاشي سياست جو محبوب مشغلو آهي. پر اهي فاشي حڪمران اقتدار جي گهمنڊ ۾ انهي حقيقت کي سمجهڻ کان قاصر هوندا آهن ته لهندڙ سج جا پاڇا اصل شين کان به وڏا ٿي ويندا آهن. جيڪي جيئري فاشي حڪمرانن لاءِ چئلينج هوندا آهن سي مارجي ويل پوءِ زياده مٿي جو سور ٿي پوندا آهن. اڪيونو قتل ٿيڻ کانپوءِ مارڪوس لاءِ ويتر وڏي للڪار بنجي ويو آهي. حڪومت جي هزار ڏاڍاين جي باوجود به احتجاجن ۽ تشدد گاڏڙ مظاهرن جو سلسلو جاري هو. هر فاشي حڪمران ماڻهن جي مسيحائي جو دم ڀري اقتدار ۾ ايندو آهي ۽ پوءِ ملڪ کي پنهنجي جاگير بنائي ويهي رهندو آهي. هو اعلان ڪندو آهي ته هن جي دم سان ئي ماڻهن جو دين ايمان ۽ ملڪ جي سلامتي قائم آهي. هن کي هٽايو ويو ته ملڪ ڪپهه جي پوڻين وانگي پرزا پرزا ٿي هوا ۾ اڏامي ويندو انهي ڪري هو پنهنجي اقتدار کي پختي ڪرڻ لاءِ مخالف سياسي قوتن تي پابنديون عائد ڪري جمهوريت جو گلو گهٽيندو آهي. اظهار راءِ جي ذريعن يعني اخبار، ريڊيو ۽ ٽي-وي سخت سينسر لاڳو ڪري لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جون راهون بند ڪري ڇڏيندو آهي. اختيارن کي وڌ ۾ وڌ پنهنجي ذات ۾ مرڪوز ڪري ڇڏيندو آهي. مارڪوس به پنهنجي ملڪ ۾ ساڳئي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي. ملڪ اقتصادي طرح مغربي ملڪن ۽ عالمي بينڪ جي قرضن ۾ ڳهيو پيو هو. ڪامورا شاهي جي پٽ کو ۽ ڏاڍائي عروج تي هئي. بک ۽ بيروزگاري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو پر مسٽر مارڪوس پنهنجن اختيارن ۾ تر جي گهٽتائي به ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. عوام جي سخت احتجاج جي باوجود هن پنهنجي فوج ۽ ڪامورا شاهي جي ٽيڪ سان جعلي طريقا استعمال ڪري پاڻ کي وڌيڪ ڇهن سالن لاءِ صدر چونڊرايو. ملڪ ۾ مارشل لا جي مڙهجڻ، انساني حقن جي مٽي پليت ٿيڻ، سياسي ۽ سماجي سرگرمين کي پابند ڪرڻ جي مسلسل عمل کي بنهه بيزار ۽ حڪومت کان متنفر ڪري ڇڏيو. هاڻي اهي دٻيل نفرت جي اظهار لاءِ زير زمين سرگرمين ۾ مصروف ٿي ويا. جنهن به ملڪ ۾ سياسي بغاوتون پليون ۽ وقت اچڻ تي اهي ڦاٽ کائي آمريت جي اوچن ڪوٽن کي ڪيرائي وجهنديون. ڪروڙها عوام جي سگهه کان چند لک فوجين جي سگهه ڪنهن به حالت ۾ وڌيڪ نه آهي. فلپائن جي سياسي صورتحال اها هئي ته عوام جي وڏي اڪثريت مارڪوس جي مخالف هئي. مارڪوس جو اقتدار صرف فوج ۽ ڪامورا شاهي جي ظالمانه ڪارواين سان قائم هو. حڪومت جي جمهوريت دشمن رويي جي ڪري عوام به مقابلي لاءِ غير جمهوري واٽون اختيار ڪيون. هنن حڪومت جي تشدد کي عوامي تشدد سان ٽڪرائڻ لاءِ پنهنجون نيم فوجي تنظيمون ٺاهيون آهن، هنن خفيه تحريڪن، هٿيار بند جدوجهد ۽ ڇاپه مار سرگرمين ذريعي حڪومت جي گماشتن، ڪارندن ۽ غدارن کي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو آهي. عوامي هلچل ۾ عوا جي سڀني طبقن جا محب وطن ماڻهو شامل آهن. انهن ۾ شاگرد، واپاري، مذهبي پيشوا، هاري، مزدور، ڪميونسٽ ۽ روشن دماغ ترقي پسند سڀ اچي وڃن ٿا. فلپائن ۾ ڪم ڪندڙ اهڙين تنظيمن مان هڪ مشهور تنظيم آهي NPA يعني نيو پيپلز آرمي. گذريل سال جي انگن اکرن مطابق هن تنظيم جي جانبازن جو تعداد ڏهه هزار آهي، جيڪي سڀ هٿياربند آهن. انهن مان اڍائي هزار ڪارڪنن کي گوريلا تربيت مليل آهي جيڪي هاڻ مستقل گوريلا سرگرمين ۾ مصروف آهن. NPA جي پڌراين مطابق سال 1979ع کان 1980ع دوران کين نمايان سوڀون حاصل ٿيون آهن. خاص طرح سرڪاري فوجين سان چڪرين دوران ڪافي هٿيار سندن قبضي ۾ آيا آهن. لڳاتار گوريلا ڪارواين ۽ ڪاميابين ڪري ماڻهن جو عوامي سگهه تي اعتماد قائم ۽ پختو ٿيو آهي ۽ ٻي طرف عوام دشمن قوتن کي نفسياتي اُلجهن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻو پيو آهي. انهن تنظيمن جو وڏو اثر ٻهراڙي وارين ايراضين ۾ آهي جتي ماڻهن سان رابطي ۽ فڪري پرچار جي ڪري کين ڪافي حمايت ۽ همدردي حاصل ٿي آهي. خود حڪومت جي هڪ اداري نيشنل ڊفينس ڪاليج انهي ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته NPA تنظيم ٽن سالن کان ساڍن ٽن هزار هٿيار بند ڪارڪنن تي مشتمل آهي ۽ سندس غير مسلح ڪارڪن هڪ لک 80 هزار آهن. هن اداري اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته سڄي ٻهراڙي واري ايراضيءَ جي ويهه سيڪڙو عوام NPA جي ماڻهن جي اثر هيٺ آهي. انهي کان سواءِ فلپائن ڪانسٽبلري جي چيف ليفٽينينٽ جنرل فيڊرل راموس به انهي حقيقت جو اعتراف ڪيو آهي ته NPA جا اٽڪل ٽيهه مضبوط مورچا آهن جتان سندن گوريلا ڇاپه مار سرگرميون هلنديون رهن ٿيون. هنن جون انقلابي ڪميٽيون تقريباً ملڪ جي سڀني صوبن ۾ قائم ٿيل آهن. انهيءَ کان سواءِ فوج کي هڪ ٻي ڳجهي تنظيم جو پتو پيو آهي جنهن ۾ سندن چوڻ موجب ڪميونسٽ، سوشلسٽ، مذهبي بنياد پرست ۽ مورو نيشنل لبريشن فرنٽ (MNLF) جا آزادي پسند اجتماعي طور تي شامل آهن. ملٽري نيشنل ڊفينس ڪاليج جي سراغ رساني جي حوالي سان انهي ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ويو آهي ۽ خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته NPA (نيشنل لبريشن پيپلز آرمي، MNLF مورو نيشنل لبريشن فرنٽ) ۽ لقمان بنگسا مورو لبريشن آرگنائزيشن جيڪا رشيد لقمان جي اڳواڻي هيٺ عمل ۾ آئي آهي ۽ ٻين ننڍين وڏين قومن جمهوري قوتن جو عظيم تر اتحاد جڏهن گڏجي رٿابندي تحت گوريلا سرگرمين ۾ حصو وٺندو ته هو آساني سان سرڪاري فوج کي گهڻن محاذن تي رنڊائي، ورهائي ۽ ڪمزور ڪري سگهندو. جيتوڻيڪ MNLF جي اڳواڻيءَ ۾ ڪجهه اختلاف به پيدا ٿي پيا آهن ۽ اختلافي گروهن جو اڳواڻيون نور مصري ۽ هاشم سلامت ڪري رهيا آهن پر تنهن هوندي به MNLF جون ڪاروايون مارڪوس جي لاءِ مٿي جو سور بنيل آهن. MNLF هاڻي وڌ ۾ وڌ خودمختياري جي جاءِ تي علحدگي ۽ مڪمل خودمختياري جي دعويدار آهي. اهي قومون ۽ قوميتون جيڪي ڪنهن وفاق جو حصو هونديون آهن ۽ طئي ٿيل عهدنامه مطابق مليل پنهنجن حقن کان محروم ڪيون وينديون آهن سي پنهنجي حقن جي حصول جي جدوجهد وڌ ۾ وڌ صوبائي يا قومي اختيارن جي گهر سان ڪنديون آهن پر حڪمران ۽ غاصب ٽولو يا قوم جڏهن ڀئي ٿيل عهدنامي کي ڪنهن به پر پوري ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو آهي ته پوءِ انهن جي جدوجهد جو رخ عليحدگي ۽ مڪمل قومي خودمختياري ڏانهن مڙي ويندو آهي. حڪمران جيئن جيئن پنهنجي پڪڙ کي مضبوط بنائڻ لاءِ ڏاڍ ۽ ظلم جي ريت اختيار ڪندو آهي تيئن تيئن قومي آزادي پنهنجي فڪري ۽ عملي پهلو ۾ وڌيڪ وسيع، پختي ۽ گهري ٿيندي ويندي آهي. جمهوري سماجوادي رياستن ۾ دستوري طرح وفاق شامل رياستن ۽ صوبن کي وفاق کان علحدگي اختيار ڪرڻ جو حق به مليل هوندو آهي. جيئن روس جي دستور ۾ رياستن کي علحدگي جو حق Right of Secassion مليل آهي. پاڪستان ۽ هندستان کي جنهن انڊپينڊينس (Inidan Independence Act) تحت خود مختياري ڏني ويندي هئي ۽ انهي ائڪٽ تحت پاڪستان جي حڪومت 1956ع تائين هلندي رهي انهي ائڪٽ ۾ به وفاق ۾ شامل رياستن/صوبن کي علحدگي جو حق مليل هو. اهو فقرو پاڪستان جي 1956ع واري دستور ۾ شامل نه ڪيو ويو هو.