2
هانگ ڪانگ توهان کي ايشيا جي اندر هڪ ننڍو يورپ لڳندو. هتي جا ماڻهو ڏاڍا تيز ۽ حرفتي آهن، چاهي اهي چينائي هجن يا ڪي ٻيا. هتي ڪيترن ئي ڏينهن جا لوڪَ روزگار سانگي اچي ڪٺا ٿيا آهن. هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ جي خواهش ۽ ڊُڪ ڊوڙ جي ڪري هو بنهه چالاڪ ۽ ڦڙتي باز ٿي پيا آهن، اهڙا جو اصل وٺ ئي نه ڏين. سڄي دنيا جي شين جو نقل هتي ٺهي. نقل به اهڙو جو ڏيک ويک ۾ اصل کان به ٻه قدم اڳتي پر جٽاءُ جي ڪا به خاطري ڪونهي. اسانجي ملڪ ۾ جپاني _ چيني ۽ آمريڪي شين جا ٺهيل نقل عام جام وڪرو ٿين ٿا ۽ خريدار سولائيءَ سان دوکو کايو اصلي شئي جي قيمت ۾ نقلي وٺيو وڃن.
ڀلا ٺڳجي به ڪيئن نه! هڪ ته اها نقلي شئي ڏسڻ ۾ هوبهو اصل جهڙي ۽ مٿس لکيو به پيو آهي ‘Made in Japan’ ۽ مٿان وري دڪاندارن جا قَسَم ۽ يقين دهانيون، اهڙي حالت ۾ خريدار لاءِ باقي ڪهڙي واٽ بچي ٿي جتان جند ڇڏائي. نقلي شيون ٺاهيندڙ ٺڳ ڪڏهن ڪڏهن ٿورڙي ايمانداري جو مظاهرو ڪندا آهن ته وري لکي ڇڏيندا آهن Made as Japan ڏسندڙ هڪ نظر جپان جو نالو ڏسي دوکو کائي ويندو ته اها شئي جپاني آهي. هانگ ڪانگ جي ٺڳن سان جو وري پاڪستاني ٺڳن جو واپاري ٽولو ملي وڃي ته پوءِ سوني تي سهاڳو. هو ٺاهڻ جا ماهر ۽ هي نيڪال ڪرڻ جا هوشيار.
ننڍي هوندي پاسي وارن شهرن سجاول، بٺوري، ٽنڊي محمد خان يا حيدرآباد ويندا هئاسين ته پئسا پنجڙ سنڀالي کڻندا هئاسين ته متان ڪو شاهينگ ڀينگ نه ڪري وڃي. حيدرآباد پڙهڻ ويس ته ڪڏهن ڪڏهن ڪراچي گهمڻ ڦرڻ لاءِ وڃڻ ٿيندو هئو ۽ اُتي ته تمام گهڻي خبرداري ڪرڻي پوندي هئي ته متان ڪو جيب ڪترو کيسي جي صفائي نه ڪري وڃي يا ڪو واپاري ٽڪي واري شئي ٽن روپين ۾ نه ڦاسائي ڇڏي. جڏهن پهريون ڀيرو ملڪ کان ٻاهر نڪتاسين ته به ساڳيو ڊپ دامنگير هئو. هاڻي جڏهين پرڏيهه جا پنڌ گهڻا ڀيٽي چڪو آهيان ۽ مُلڪ مُلڪ جي ماڻهن کي ڏسي چڪو آهيان ته انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته ڀلي پيا سڄي دنيا گهمو پر هانگ ڪانگ ۽ پاڪستان جهڙا حرفتي، اٽڪل باز ۽ ٺڳ ماڻهو توهانکي ڪٿي ڏسڻ ۾ ڪونه ايندا.
هاڻي اسان ايئرپورٽ بلڊنگ کان ٻاهر نڪري ٽيڪسي ۾ اچي ويٺاسين ۽ ٽيڪسي ڊرائيور کي هوٽل بئنڪاڪ ڏانهن هلڻ لاءِ چيوسين، جيڪا ناٿان روڊ (Nathan) تي لڊن ٿئيٽر جي پٺيان آهي ۽ ڪولون (Kowloon) واري پاسي آهي. ٽوئرسٽن (سياحن) لاءِ وڏيون سپر مارڪيٽون ۽ هوٽلون به گهڻو ڪري اُتي ئي آهن. ٽيڪسي هوٽل ڏانهن ڊوڙڻ لڳي. صبح جو ٽاڻو هئو، انهي ڪري رستي تي ٽرئفڪ جي ڪا خاص رَش ڪانه هئي ۽ نه وري ماڻهن جا ميڙ ئي ڏسڻ ۾ آيا. هانگ ڪانگ ۾ شام ويلي جيڪا رش ۽ پاڻهن جي پيهه ٿئي. اسان جي بازارن ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي ڪلهي سان ڪلهو ٽڪرائجي وڃي ته ڏچو ٿي پوي پر هتي هانگ ڪانگ جي بازارن ۾ اهڙي گس گسان کي ماڻهو ليکين ئي ڪونه. اسان جهڙا ماڻهو ٻن ٽن ڏينهن ۾ اِنهيءَ تي هِريو وڃن.
هانگ ڪانگ جا رستا ڪافي ويڪرا آهن پر سنگاپور ۽ جاپان جيترا نه. انهن رستن تي صفائي به قدري گهٽ نطر آئي. اسان جي ٽيڪسي به اچي هوٽل تي وٽ بيٺي. اسان رسيپشن تي پهچي ايئر پورٽ تان ورتل ڪوپن ڪڍي رسيپشن تي ويٺل هڪ ٿائي ڇوڪري کي ڏنو. اها ڇوڪري بي حد سهڻي، سيڊول ۽ وڻندڙ هئي. مونکي ته هڪ نظر اهڙي وڻي جو سمجهيم ته سونهن جو لاثاني ماڊل آهي يا عمر خيام جي رُبائي. شاعر هجان ها ته سندس سونهن جي واکاڻ ۾ ڪيئي قصيدا لکي ڇڏيان ها. سچ پچ اهڙي هئي جو اکين ۾ ويهاري ڇپر ڍڪي ڇڏجي. هن جو وات ته ايترو ننڍڙو ۽ چَپَ ته اهڙا گلابي پنکڙين جهڙا هئا جو رودڪي جو هي شهر ذهن ۾ ڦرڻ لڳم.
از د ھن تنگ گویا کسے ـ دانککے انار بدو نیم کرد
(تنهنجو وات ايترو ته ننڍڙو آهي جو ڄڻ ته ڪنهن ڏاڙهونءَ جي داڻي کي ٻه حصا ڪري ڇڏيو آهي.)
شايد اهڙي ئي ڪنهن نوخيز، نشيلي نيڻن واري سراپا سهڻي صورت کي ڏسي حافظ شيرازي چئي ڏنو هئو _
گرچه پيرم، تو تنگ در آغوش گير
ڪه صبح گاهي زڪنار تو جوان برخيزم
( ترجمو:_ جيتوڻيڪ پوڙهو آهيان پر جي تون رات ڀر پنهنجي آغوش ۾ ويهاريم ته جيڪر صبح تائين تنهنجي محبت جي ڪري جوان ٿي اٿان.)
اسان ڪيترائي ڀيرا ٿائيلينڊ ويا آهيون پر اهڙي خوبصورت ڇوڪري اسان اُتي ڪڏهن نه ڏٺي. آئون ۽ عبدالحڪيم شاهه جڏهن به گڏيا آهيون ته انهيءَ سهڻي سرڪار جو ذڪر ضرور ڪندا آهيون. هن جي ذڪر سان هيءُ شعر خود بخود پچن تي اچي ويندو آهي.
زندگی میں ایسے بھی لوگ ملتے ہیں،
دیکھتے ہی آنکھوں کو اچھے لگتے ہیں۔
پاڻ اسانجو ڪوپن ڏسي اسان کان اسان جا پاسپورٽ گهريائين. اسان پاسپورٽ سندس حوالي ڪيا ۽ پاڻ وٺي رجسٽر ۾ ضروري داخلا ڪري شڪريه سان پاسپورٽ واپس ڪيائين. پاسپورٽ وٺندي سندس نرم ۽ نازڪ آڱرين جي ڇُهاءَ سندم سَرير ۾ سيسڙاٽ اُڀاري ڇڏيا ڄڻ ته ڪنهن دلربا جي آڱرين جي ڇُهاءُ سان سر منڊل جو تارون وڄي اٿيون هجن. رسيپشن تي بيٺل همراهه سامان کنيو ۽ اسان لفٽ ڏانهن وڌياسين. اسان جو ڪمرو ٻي ماڙ تي هو. هوٽل تمام سهڻي ڊيڪوريٽيڊ (سينگاريل) هئي، پر ڪمرا ڪي قدر ننڍا هئس. پر اِها ڪمي رڳو هتي نه هئي پر سڄي هانگ ڪانگ جي اها حالت آهي.
اسانکي سڄي رات جي بي آرامي ۽ ٿڪاوٽ جي ڪري ننڊ جا گهيرٽ چڙهي رهيا هئا سو بنا دير جي پلنگ جي پان تي ڪري پياسين. ڪرڻ سان ننڊ اچي ننڊ جا کيپ چڙهي ويا. سجاڳي ٿي ته گهڙيءَ ۾ ڏٺم ته ساڍا ست ٿيا هئا. يعني سڄو ڏينهن سمهڻ جي حوالي. ڀر واري پلنگ ڏانهن نهاريم ته عبدالحڪيم شاهه نظر نه آيم. سمجهيم ته باٿ روم ويو هوندو، پر اُتي به نه هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ٻاهران آيو، پڇيو مانس ته ڪيڏانهن ويو هئين ته سوال ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ٽاري ڇڏيائين. وري پڇيومانس ته سرڪار ڪيڏانهن ويا هئا ته جواب ڏنئي ته هيٺ سگريٽ وٺڻ ويو هئس. سگريٽ ته توهان روم سروس واري کي ٽيليفون ڪري گهرائي سگهيا ٿي___ هيٺ وڃڻ جو مطلب ڪو ٻيو ئي هوندو.
”نه، نه، اهڙي ڳالهه نه آهي.“ هُن وراڻيو.
پر مون چيس __ يَر ڳالهه کڻي سچي ڪر ته هيٺ واري همراهه جي درشن تي ويو هئس.“ تنهن تي پاڻ وراڻيائين _ ”توهان جو اشارو غالبن رسيپشن واري همراهه ڏانهن آهي، پر رسيپشن گرل ته چئين وڳي پنهنجي ڊيوٽي ختم ڪري وئي هلي، هاڻي وري سڀاڻي شام جو چئين وڳي ايندي. اِها نينگري اصل ٿائي اٿئي. هتي نوڪري سانگي آيل آهي. ڇو ته هن هوٽل وارو به ٿائي نيشنل آهي، جنهن ڪري هن جو اڪثر اسٽاف ٿائي آهي. هِن نينگريءَ جو نالو ڪيسرا سئنگڪسم (Kesra Saigkesm) آهي.“ آخر ۾ شاهه صاحب ٿڌو ساهه ڀريو. سمجهيم ته همراهه ورتو پيو آهي. چيومانس ته:
”چئبو ته مون کي ننڊ ۾ ڇڏي توهان وڃي انهي ڪم سان لڳا هئا ۽ هيستائين پي درشن ڪيان ۽ احوال ميڙيان. ٿائيلينڊ ۾ ٿائين سان دل نه ڀري سو هتي هانگ ڪانگ ۾ به اچي ٿائين جي حوالي ٿيا.“
اسان تيار ٿي هيٺ اچي رسيپشن واري کان انڊين هوٽلن جو پتو پڇيو ته جيئن مسلم فوڊ کائي سگهون. پاڻ اسان کي ڏس ڏيندي ٻڌائين ته هانگ ڪانگ ۾ انڊين ريسٽوران گهڻا آهن پر هتان ٿوري پنڌ تي ناٿان روڊ ( Nathan) تي هاليڊي اِن هوٽل کان ٿورو اڳيان هڪ عمارت چونگ ڪنگ سينٽر آهي، جنهن ۾ ڪافي انڊين هوٽلون آهن، جتي توهان کي مسلم فوڊ ملي سگهندي. اسان به پنڌ ئي پنڌ ناٿان روڊ تي چڪر هڻندا مختلف دڪانن تي بيهندا، سامان ڏسندا، اگهه پڇندا هلندا رهياسين. دڪانن تي سامان ڏسندي ڏسندي اٺ کن واچون خريد ڪري ورتم، ڇو ته واچون تمام سستيون مليون ۽ اُنهن لاءِ فرمائشون به گهڻيون هيون. جن ۾ ڊرائيور دينو، منشي جمعي ۽ ڪمدار عبدالله جون فرمائشون ته ڏاڍيون زوردار هيون. انهن همراهن اڳي به ڪيترا ڀيرا واچن لاءِ چيو هو، پر هر واري ويسر سبب آڻي نه سگهيس سو هن ڀيري سوچيم ته پهرين ئي اهو ڪم لاهي ڇڏيان متان مياري ٿيان.