سفرناما

هو جي وڻ ولات جا

ھن ڪتاب ۾ ھانگ ڪانگ ۽ فلپائن ويندڙن لاءِ تفصيلي معلومات ڏنل آھي جنھن ۾ ھر ملڪ جي ٿوري گھڻي تواريخي ۽ سياسي پس منظر ڏيڻ سان گڏوگڏ سماجي، معاشي ۽ اقتصادي پھلوئن تي پڻ سٺي ۽ وڻندڙ انداز ۾ روشني وڌل آھي.
پليجو صاحب بنيادي طرح ھڪ حساس دل جو مالڪ آھي اھوئي سبب آھي ته سفرنامي ۾ دل ڇھيندڙ احساسن سان گڏ sentimental Touches به آھن.“
Title Cover of book هو جي وڻ ولات جا

3

واچون وٺي رڙندا رسندا اچي چونگ ڪنگ سينٽر وٽ پهتاسين، جيڪو تقريباَ ناٿان روڊ جي ڇيڙي تي هو ۽ ان کان ٿورو اڳيان هي روڊ ختم ٿي ٿيو. چونگ ڪنگ سينٽر هڪ تمام وڏو گهڻ ماڙ واپاري سينٽر آهي.، جنهن ۾ ڪئي دڪان ۽ هوٽلون آهن. هن جي آخري منزل تي رهائش جي هوٽل به آهي، جنهن ۾ ڪيترائي هندستاني ۽ پاڪستاني سياح اچي رهندا آهن. هيءَ هوٽل ٻين جي ڀيٽ ۾ سستي آهي. هن سينٽر جا گهڻا دڪان هندستانين جا آهن جن ۾ ڪيئي دڪان سنڌي هندوئن جا به آهن. مشهور هندستاني فلمن جا ڪيسٽ ٺاهيندڙ ڪمپني اسڪوائر ( Esquire) جنهن جا ڪيسيٽ سڄي دنيا ۾ وڪامن ٿا، تنهن جا ٻه دڪان هن سينٽر ۾ آهن. هن ڪمپني جا ٻيا به ڪيترائي دڪان توهان کي هانگ ڪانگ جي مختلف سپر مارڪيٽن ۾ نظر ايندا. هيءَ ڪمپني پڻ هڪ سنڌو هندوءَ جي آهي جنهن تي توهان کي سيلزمين گهڻو ڪري سنڌي نظر ايندا. سنگاپور جيان هتي به سنڌي هندو واپاري وڏي تعداد ۾ آباد آهن. هتي هندن جا وڏا وڏا ڪاروبار آهن. هانگ ڪانگ جي مشهور فئيو اسٽار هوٽل هاليڊي اِن جو مالڪ هڪ سنڌي هندو آهي. اڃا به وڏن ڪاروبارن ۾ توهان کي سنڌي هندو نظر ايندا. هانگ ڪانگ جي درآمدي ۽ برآمدي واپار تي به سنڌي هندو ڇانيل آهي. هانگ ڪانگ جو سنڌي واپاري سنگاپور جي سنڌي واپاري کان وڌيڪ حيثيت وارو ۽ مالدار آهي. ڇاڪاڻ ته سنگاپور جو حاڪم اُتي جو مقامي رهاڪو آهي انهيءَ ڪري هو ٻاهرين جي ڀيٽ ۾ پنهنجن کي وڌيڪ سهولتون ڏئي ٿو. پر ان جي برعڪس هانگ ڪانگ ۾ حالتون مختلف آهن. هتي جو حاڪم خود ٻاهر جو آهي، انهي ڪري هو آبادڪارن کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿو. جيئن ته سنڌي هندو هانگ ڪانگ ۾ آبادڪار (Settler) جي حيثيت ۾ آهي ۽ ٻين آبادڪارن جي نسبت وڌيڪ واپاري ڏانءَ ۽ ذهن رکندڙ آهي. انهيءَ ڪري سنگاپور جي ڀيٽ ۾ هو هتي وڌيڪ سکيو شاهوڪار ۽ مراعات يافته آهي. اهو عمل صرف هانگ ڪانگ تائين محدود نه آهي، پر دنيا ۾ ٻين ڪيترن هنڌن تي به انهن جو رواج آهي.
اسان هن سينٽر ۾ گهمندي اسڪوائر (Espuire) وارن جي دڪان تي آياسين ۽ هنن کان پڇيوسين ته ڇا توهان وٽ سنڌي فلمن جون ڪئسٽون آهن، ته چيائون اسان وٽ نه رڳو سنڌي فلمن جون ڪئسٽون آهن پر هندستان ۾ ڏيکاريل سنڌي ڊرامن جا رنگين وڊيو ڪيسٽ به آهن. اسان هن کان ٻه وڊيو ڪيسٽ خريد ڪيا ۽ هانگ ڪانگ جي سير لاءِ وڌيڪ معلومات به ورتي. ازانسواءِ گفتگو دوران مون کائنس هن ملڪ ۾ سندن مادري زبان ۾ پڙهائي متعلق ۽ ثقافتي زندگي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، هن جي چوڻ مطابق هت هڪ به سنڌي اسڪول نه آهي. ڪجھه وقت اڳ اسان سنڌين جي پنهنجي ايسوسيئيشن طرفان سنڌي اسڪول هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي پر اُهو اسڪول گھڻو وقت نه هليو. هتي سنڌي ڪٽنبن جا ٻار انگريزي اسڪول ۾ پڙهن پيا، اسان سڀ گھرن ۾ ٺيٺ سنڌي ڳالهايون ۽ نئين ٽهي جا نينگرا جيڪي انگريزي پڙهن سي به گھرن ۾ صفا نج سنڌي ڳالهائن ۽ پوشاڪ به سنڌي پائين. ڪي مائٽ پنهنجي ليکي ٻارن کي گھرن ۾ سنڌي پڙهائين ۽ ڪي وري سنڌي جي ٽيوشن ڏيارين. اسان هتي پنهنجا ڏهاڙا به خالص سنڌي ثقافتي نموني ملهايون، اِنهي سلسلي ۾ ٻين ملڪن خاص ڪري هندستان مان سنڌي فنڪار گھرائي راڳ رنگ جون محفلون ڪيون ۽ فنڪارن کي وڏا وڏا معاوضا ڏيون ته جيئن هنن جي قدرداني ۽ حوصله افزائي ٿئي.
مون کي هتي جي سنڌي هندوئن جي اِنهي سنڌ دوستيءَ تي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ سوچيم ته وطن کان هيترو دور رهي به هي ماڻهو ڌرتيءَ سان پنهنجو رشتو ٽوڙي نه سگھيا آهن. پنهنجي ٻولي، رسم رواج، پوشاڪ، رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت کي هٿان نه وڃايو اٿن. مٽيءَ جي محبت ۾ ڪيڏي نه مضبوطي آهي.!
اسان کانئس پڇيو ته ڇا هن بلڊنگ ۾ هندستاني هوٽلون آهن ته پاڻ وراڻيائين هن بلڊنگ ۾ چار پنج هندستاني کاڌي جون هوٽلون آهن، جن ۾ هوٽل ملتان، ڪشمير ۽ عبدالله جا نالا قابلِ ذڪر آهن. هن اِهو به ٻڌايو ته هوٽل عبدالله جو مالڪ ڪراچيءَ جو هڪ سنڌي مسلمان آهي، جيڪا ٽين ماڙ تي پهچندي ساڄي طرف ڏسڻ ۾ ايندي اسان لفٽ ۾ سڌا ٽين ماڙ تي پهتاسين ۽ دڪاندار کان انگريزي ۾ اُنهيءَ هوٽل بابت پڇيوسين جنهن يڪدم اسان جي شڪلين مان اندازو لڳائي اسان کان پڇيو ته انڊين ۽ اسان کيس چيو ته اسان پاڪستاني آهيون. جنهن تي يڪدم وري پڇيائين ته سنڌي آهيو؟ اسان کيس هائوڪار ۾ جواب ڏنو، انهيءَ تي پاڻ چيائين ته آئون به سنڌي آهيان ۽ هن ئي ماڙ تي منهنجا ٽي دڪان آهن. توهان کي ڪنهن به قسم جي شئي جي ضرورت پوي ته مونکان وٺجو ۽ جيڪڏهن ڪا شئي پنهنجي ملڪ لاءِ بُڪ ڪرائڻي پوي ته به آئون توهان جي مدد ڪري سگھان ٿو. همراه ڏاڍو تيز ٿي ڏٺو، اسان جي پڇڻ تي پاڻ ٻڌايائين ته منهنجو تعلق سنڌ جي ڳوٺ ٻيراڻي سان آهي، اسان ورهاڱي کان گھڻو اڳ هتي آيل آهيون ۽ مستقل طرح هتي آباد آهيون. هندستان ۽ پاڪستان سان ڪوبه واسطو نه اٿئون. اسان جا ڪي مائٽ هندستان ۾ ته ڪي انڊونيشيا ۽ ڪي پاڪستان ۾ رهندڙ آهن. پر اسانجو ڪوبه ويجھو رشتيدار اُتي نه آهي ۽ وري هتي اچڻ کانپوءِ آئون ڪڏهن به پاڪستان نه ويو آهيان. منهنجي پڇڻ تي پاڻ ٻڌايائين ته آئون تمام ننڍو هئس جڏهن پنهنجن مائٽن سان گڏ هتي آيو هئس. انهي ڳالهه کي به اٽڪل 52 سال گذري ويا آهن. ايڏي ڊگھي عرصي گذرڻ کانپوءِ به سندس سنڌي لهجي ۾ ڪو فرق نه آيو هو. صاف سنڌي ڳالهايائين ٿي. پاڻ اسان کي هٿ جو اشارو ڪري ڏيکاريائين ته اجھو هُو جنهن دڪان تي ”عبدالله فاسٽ فوڊ“ لکيو پيو آهي اِهائي هوٽل عبدالله آهي. اسان سندس شڪريو ادا ڪري ۽ ٻيهر اچڻ جو وعدو ڪري هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين. هوٽل صرف هڪ وڏي ڪمري تي مشتمل هُئي جنهن ۾ پارٽيشن ڪري ٻه حصا ٺاهي هڪ ۾ رڌڻو يعني ڪچن ۽ باٿ روم ۽ ٻاهرئين حصي ۾ ٽيبلون ۽ اسٽول رکيل هُئا، جنهن تي گراهڪ ٿي ويٺا. هوٽل هئي ته بنهه مختصر پر منجھس سامان ڪافي قسمن جا هئا. جنهن ڪُڪنگ (رڌپچاءُ) جا ماڊرن ساز و سامان، فرج ۽ ڊيپ فريزر اچي ٿي ويا. اِنهي مختصر هوٽل ۾ به فون لڳل هُئا، اڪثر شام جي وقت هوٽل ۾ ڪافي رش ٿيندي هُئي، شام ٽاڻي ڀرپاسي وارا دڪان بند ٿي ويندا هئا اِنهي ڪري رش کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻاهر به ڪرسيون لڳائي ڇڏيندا هُئا. هوٽل جو کاڌو تمام سٺو ۽ لذيذ هئو ۽ اسان کي پنهنجي مزاج مطابق لڳو. هوٽل ۾ ٻه پارٽنر هُئا، هڪ ڪراچي جو مهاجر ۽ ٻيو ڪراچيءَ جو بلوچ عبدالله هو جنهن جي نالي پٺيان هيءَ هوٽل هئي. عبدالله سان پوءِ اڪثر ڪچهري ٿيندي رهندي هئي. پاڻ بنهه حضور شرم، نيڪ ۽ سٺو هو. هن ٻڌايو ته هو ڪافي وقت کان هتي رهندڙ آهي پر هوٽل هينئر ٻن سالن کان شروع ڪئي اٿس. پاڻ ٻڌايائين ته هتي هانگ ڪانگ ۾ رهڻ جي باوجود به هو ڪا ملڪيت نه ٺاهي سگھيو آهي. هن جي چوڻ مطابق ته آئون ٺڳي، فريب، ڪوش ۽ بي ايماني اصل ڄاڻان ئي ڪونه سو ڀلا پئسا ڪٿي ٿو ميڙي سگھان. بهرحال سچ ۽ ڪوڙ جو الله کي علم پر همراهه چال چلت ۽ ڳالهه ٻولهه مان واقعي سادو ۽ سچو ٿي لڳو. عام طرح اسان جا ماڻهو هانگ ڪانگ يا عرب رياستن کي سون جي کاڻ سمجھندا آهن. سمجھندا آهن ته اُتي جيڪو ويو ڍاپي ايندو. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين درست به آهي. هڪ ته اِهي فري پورٽ آهن جنهن ڪري اُتي سامان سستا ملن ٿا، ٻيو ته اُتي مزدوري جو اگھه اسانجي ملڪ کان گھڻو وڏو آهي. جنهن ڪري پورهيت ماڻهو به اتان چڱو چوکو ڪمايو اچن. جڏهن سنڌ جو آڳاٽي زماني ۾ انڊونيشيا، جاوا، سوماترا وغيره سان ريشم، سُٽ ۽ گرم مصالحي جو واپار هلندو هو تڏهن سنڌ جا واپاري لوڪ اڻ مهيون دولتون ميڙي اچي سنڌ کي سنواريندا هُئا. سنڌ جي هندوئن مان سنڌ ورڪي واڻيا ته انهي پرڏيهي واپار ڪري ملڪان ملڪ مشهور هئا. لطيف سائينءَ جي رسالي جو سُر سامونڊي ته آهي ئي اِنهن ٻيڙياتن، وڻجارن ۽ کنڊ کيڙائون جي داستانن سان ڀريل. اِنن ولايتن سان واپار وڻج ۽ اٿاهه ناڻي ڪمائڻ ڪري ته هيءَ چوڻي عام ٿي ويئي ته :
جو جائي جاوي سو ول نهين آوي
جي ول آوي ته ٻال ٻچي ڍاوي.
اها حقيقت آهي ته ڏيساورن مان ماڻهو گھڻو ڪجھه ڪمائي اچي سگھي ٿو پر اُنهي ۾ به چالاڪي، حرفت، ٺڳي ۽ بي ايماني کان ڪم وٺندو ته پوءِ پئون ٻارنهن اٿس، نه ته ٺلهي ايمانداريءَ تي عبدالله بلوچ وانگي ڪمايو، کايو ۽ ٻه ٽي ڏوڪڙ بچت جا مائٽن ڏانهن موڪليو ويٺو اوٻاسيون ڏيندو. آءٌ سوچيندو آهيان ته بي ايمان ۽ ٺڳن کي هانگ ڪانگ يا عرب رياستن ۾ وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، بي ايمانن ۽ ٺڳن لاءِ ته اسان جو ملڪ ئي هانگ ڪانگ آهي.
اسان پوءِ اڪثر هن هوٽل تي ئي ماني کائيندا هئاسين. عبدالله بلوچ اڪثر پنهنجن هٿن سان اسانکي شام جو سيخ ڪباب پچائي ڏيندو هو جيڪي ڏاڍا لذيذ هئا. اسان رات جي ماني کائي پنڌ ئي پنڌ واپس پنهنجي هوٽل تي پهتاسين. واپسيءَ ۾ عبدالحڪيم شاهه ڪُجھه دوائون ميڊيڪل اسٽورن تان ورتيون ۽ ايندي ايندي ناٿان روڊ تي هڪ وڏي مسجد به ڏٺيسين جيڪا هتان جي مسلم ايسوسيئيشن طرفان ٺهرائي پئي وڃي. هن جي اڏاوت تي وڏو ناڻو خرچ ڪيو پيو وڃي. مسجد سان گڏ مدرسو ۽ ڪتبخانو به آهي. پنهنجي رهائش واري هوٽل جي ڪمري تي پهچي رکيل ٽي وي کوليسين مختصر پروگرام ڏسي، اخبارون پڙهي وڃي بسترن ڀيڙا ٿياسين.
ٻي ڏينهن صبح جو تيار ٿي ڪمرو ڇڏي هيٺ شهر گھمڻ نڪتاسين. اسان فيصلو ڪيو هئو ته اڄ پنهنجي ليکي گھمنداسين، باقي سڀاڻ ڪنهن ٽوئر ڪمپني جي معرفت شهر يا شهر کان ٻاهر جو واءُ سواءُ وٺنداسين يا وري خيال اچي ويو ته سوشلسٽ چائنا جي ٽوئر تي وينداسين، جنهن ۾ ٽن قسمن جا ٽوئر هوندا آهن.
1. هڪ ڏينهن جو ٽوئر، جنهن ۾ توهانکي چيني سرحد جي ويجھو هڪ قديمي شهر شيزن (Shenzen) ڏيکاريندا.
2. ٽن ڏينهن جو ٽوئر.. هن ٽوئر دوران سياحن کي گانزهو (Guanhou) صوبي جو مشهور شهر ڪئنون ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا شهر ڏيکاريا ويندا آهن.
3. ڇهن ڏينهن جو ٽوئر .. هن ٽوئر دوران توهان کي چين جي گاديءَ وارو جڳ مشهور شهر پيڪنگ جنهن کي هاڻي بيجنگ سڏجي ٿو، ڏيکاريو ويندو ۽ اُنهيءَ سان گڏ ٻيون به ڪافي تفريح گاهون ۽ ٻيا شهر ڏيکاريا ويندا.