سفرناما

هو جي وڻ ولات جا

ھن ڪتاب ۾ ھانگ ڪانگ ۽ فلپائن ويندڙن لاءِ تفصيلي معلومات ڏنل آھي جنھن ۾ ھر ملڪ جي ٿوري گھڻي تواريخي ۽ سياسي پس منظر ڏيڻ سان گڏوگڏ سماجي، معاشي ۽ اقتصادي پھلوئن تي پڻ سٺي ۽ وڻندڙ انداز ۾ روشني وڌل آھي.
پليجو صاحب بنيادي طرح ھڪ حساس دل جو مالڪ آھي اھوئي سبب آھي ته سفرنامي ۾ دل ڇھيندڙ احساسن سان گڏ sentimental Touches به آھن.“
Title Cover of book هو جي وڻ ولات جا

4

اسان صبح سوير تيار ٿي اچي هيٺ رسيپشن تي ويٺاسين. اسان اڳواٽ پروگرام تحت ڪلهه ئي (Swire Travel) سوائر ٽريول وارن سان ڳالهائي ڇڏيو هئو ته اسان سڀاڻي (Tagay tay) تگئي تئي هل اسٽيشن تي هلنداسين. هيءُ ٽوئر هڪ ڏينهن جو هو جنهن ۾ ٻنپهرن جي لنچ ٽوئر وارن کي کارائڻي هئي. ٺيڪ پوڻين نائين وڳي ڌاري ٽريول سروس وارن جي گاڏي آئي جنهن مان هڪ گائيڊ ڇوڪري تڪڙي تڪڙي اچي هوٽل رسيپشن وارن سان ڪجهه ڳالهايو. جنهن کيس اسان ڏانهن اشارو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ سڌي اسان ڏانهن آئي ۽ نالو وٺي اسان کي چيائين ته ”اچو گاڏي ٻاهر بيٺي آهي، ٻين سياحن کي پنهنجي پنهنجي هوٽلن مان کڻي آئي آهيان پر صرف هڪ هوٽل مان هڪ فرينچ جوڙي کي کڻڻو آهي، جيڪي ڪلهه به اسان سان ٽوئر ۾ گڏ هئا. پاڻ جلدي منيلا مان روانا ٿي وينداسين.“ فلپائني لوڪ به ايترا بندرا آهن ۽ نه ايترا ڪارا پر اسانجي هيءَ گائيڊ قد جي بندري به هئي ته رنگ به ايترو اڇو نه هئس. ڳالهائڻ جي اهڙي چالاڪ ۽ جل ڦٽاڪي لڳي پئي هئي جو اسان سان ائين ڳالهائڻ ۾ جنبي ويئي جو ڄڻ ته اسان سان اڳم ئي واقف هجي. اسان گاڏيءَ ۾ چڙهي انهي فرينچ جوڙي کي کڻندا منيلا شهر کان ٻاهر روانا ٿي وياسين. پهريائين اسان کي منيلا کان ٿورو پري جيپن جي باڊي ٺاهيندڙ هڪ فيڪٽري ۾ وٺي ويا ۽ اسان کي ٻڌايون ته منيلا شهر ۾ جيڪي جيپ نما ٽيڪسيون ماڻهن کي کڻڻ لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن تن جون باڊيون هتي ٺهنديون آهن ۽ جپان مان هنن جا صرف چيسز گھرايا ويندا آهن. پر هيءَ جڳهه اهڙي اهميت واري ڪانه هئي جو سياحن کي وٺي اچي گھمائجي. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ته رستن تي ڪاريگر ويٺا اهڙيون باڊيون ٺاهيندا آهن.
تگئي تئي منيلا کان اٽڪل سٺ ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آهي. هتي پهچڻ کان اڳ اسان کي هڪ پراڻي چرچ (Las penas) لاس پيناس ۾ وٺي هليا. هيءُ چرچ تمام جھونو ٿي لڳو ۽ هن جي اڏاوت پڻ تمام سٺي ٿيل هئي ۽ چرچ جي اندر ڪاٺ جو بهترين ڪم ٿيل هئو. يورپ جي عيسائي سياحن هن چرچ کي ڏاڍي دلچسپي سان ٿي ڏٺو. اسان جي گائيڊ کان هنن چرچ بابت ڪافي پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ چرچ ۾ ويٺل پادرين کان چرچ بابت معلوماتي ڪتابڙا ۽ ٻيا ڪتاب به ورتا، منيلا کان وٺي تگئي تئي تائين سڄو رستو وڻڪار سان جھنجھيو پيو آهي. اها وڻڪار ۽ ساوڪ ڏسي اکين کي راحت پي آئي. اسان جي گائيڊ سمورو وقت پنهنجي سهڻي انگريزي ۾ رستي تي ايندڙ هر شئي بابت ٻڌائيندي هلي. ڪيتريون ڳالهيون ته مون کي ناقابل اعتبار پي لڳيون پر بهرحال هن جي مترنم آواز تي ڪن لڳايو ويٺا هئاسين. اسان نيٺ پنهنجي منزل تگئي تئي هل اسٽيشن تي پهتائين، جيڪا واقعي تمام بهترين هل اسٽيشن هئي. هتي هڪ سٺي قسم جي هوٽل به هئي جنهن جو نالو هو ”هوٽل سن ويو“ (Hotel Sun View) سڀئي سياح پنهنجون ڪئمرائون تيار ڪري تصويرون ڇڪڻ لاءِ مختلف ڏسن ڏانهن روانا ٿيا ۽ اسان به پنهنجي ڪئميرا کڻي هيٺ وڏي ڍنڍ ڏانهن وياسين پر جيئن ته موسم جھڙالي هئي انهي ڪري ڊگھي رينج جي فوٽوئن جي سٺي رزلٽ جي اميد تمام گھٽ هئي انهي ڪري اسان ڪوشش ڪري شارٽ رينج جا فوٽو ڪڍيا. نظارا ڏاڍا من موهيندڙ ۽ دلفريب هئا. جڏهن گھمي ڦري فطرت جي حسن جي مشاهدي مان ڍؤ ڪري ورتوسين تڏهن موٽي هوٽل ”سن ويو“ تي آياسين، جتي ٽوئر وارن طرفان اسان کي لنچ ڪرائڻ جو بندوبست هو. اسان جي گروپ ٽوئر وارن لاءِ هوٽل وارن هڪ ڪنڊ تي علحده نموني سان ماني کارائڻ جو بندوبست ڪيو هئو، جڏهن سڀ سياح وڙڪي سڙڪي اچي گڏ ٿيا ته ماني کارائي ويئي. ماني انگريزي قسم جي هئي. آخر ۾ ڪچي ناريل جي اڌ ۾ آئس ڪريم ڏنائون جيڪا ڏاڍي لذيذ هئي. مانيءَ کانپوءِ اسان کي ٻڌايو ويو ته پاڻ هتان هڪ ڪلاڪ کن کان پوءِ روانا ٿينداسين. جيڪو به سياح وڌيڪ چڪر لڳائڻ چاهي سو ڀلي گھمي ڦري وٺي. اسان اتي ئي ويهي رهياسين ۽ بيري کي ڪافي آڻڻ لاءِ چيوسين. هيءَ جڳهه تمام سهڻي ۽ وڻندڙ هئي پر هتي ميڙاڪو (رش) بنهه گھٽ هو. ڪلاڪ کن کانپوءِ اسان جي روانگي ٿي. واپسيءَ ۾ اسان کي ناريلن جي فارمن ۾ وٺي ويا، جتي هڪ طرف سياحن جي خريداري لاءِ حڪومت جي طرفان دستڪاري جا بهترين نمونا هڪ وڏي هال جي دڪان ۾ رکيل هئا ۽ ٻئي پاسي وري ڪاٺين جو هڪ ننڍو گھر ٺهيل هو، جنهن ۾ هڪ ننڍو ڪمرو، اڱڻ ۽ بورچيخانو هو. هيءُ گھر حڪومت طرفان ماڊل طور ٺهرائي رکيو ويو هو. اسان کي پنهنجي گائيڊ ٻڌايو ته هيءَ هڪ عام فلپينو جو گھر آهي. ٻهراڙيءَ جي عوام جو وڏو تعداد اهڙن گھرن ۾ رهي ٿو. پاڻ اسان کي گھر جي ڪمري جي دريءَ ڏانهن اشارو ڪري ٻڌايائين ته اسان وٽ هيءَ عام رسم آهي ته جيڪڏهن گھر ۾ ڪا ڪنواري ڇوڪري هوندي ۽ انهي سان شادي ڪرڻ لاءِ جيڪو به ڇوڪرو ايندو سو انهي دريءَ جي هيٺان اچي بيهندو. جيڪڏهن ڇوڪري کيس پسند ڪيو ته پوءِ اها ڇوڪري کيس گلن جو هار پهرائيندي انهي جو مطلب اهو ٿيو ته ٻنهي هڪ ٻئي کي پسند ڪيو آهي ۽ پوءِ ٻنهي جو وهانءُ ٿي ويندو پر جيڪڏهن ڇوڪريءَ هار نه وڌو ته سمجھبو ته ڇوڪريءَ جو راضپو ڪونه آهي. هيءَ رسم ڏاڍي رومانٽڪ به آهي ته سياڻپ ڀري به. سڄي حياتي جي ڳانڍاپي لاءِ ٻنهي ڌرين جي پسند ۽ رضامندي ضروري آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ خاص طرح ٻهراڙين ۾ ته نياڻيون گگدام بي زبان سمجھي مائٽن جي مرضي تي چکيا چاڙهيون وينديون آهن. اهڙا اڻ ڏٺي جا سڱ اڳتي هلي نياڻين جي حياتين ۾ زهر ڀري ڇڏيندا آهن ۽ سڄا خاندان پيا ورهن تائين لوڙيندا آهن.
اسان هتي گھمي ڦري سڌا منيلا روانا ٿياسين ۽ اٽڪل شام جو ڇهين وڳي ڌاري اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. ڪجهه وقت ٿڪ ڀڃي ساهي پٽي تيار ٿي وري ٻاهر نڪتاسين. فلپائن ۾ هر نائٽ ڪلب جي ٻاهران نائٽ ڪلب جا ماڻهو توهان کي ملندا ۽ منٿو ڪندا ته اسان جي ڪلب ۾ هلو، بلڪل ائين جيئن حيدرآباد ۾ اسٽيشن ويجھو رات جي هوٽلن وارا هنڌ کٽولي جو هوڪو ڏيئي ايندڙ ويندڙ کي پيا سڏيندا آهن.
غرض ته هڪڙن پٺيان ٻيا ڪڍ لڳا ٿي وتا، مرڳئين جند ئي نه ڇڏين. هڪڙن کان جند ڇڏايون ته ٻيا واٽ جھليو بيٺا آهن. ڪئين ايلاز ۽ منٿون ته اسان جي ڪلب ۾ هلو. بهرحال اسان به هلندي هلندي هڪ نائٽ ڪلب ۾ داخل ٿياسين فلپائن جي هر نائٽ ڪلب وانگر هن نائٽ ڪلب ۾ پڻ داخلا جي ڪابه في نه هئي، صرف هڪ ڊرنڪ وٺڻ لازمي هو. هن نائٽ ڪلب جي ڇت سڄي ڪاٺ جي ٺهيل هئي ۽ اسٽيج به ڪاٺ جي ٺهيل هئي جيڪا ڏاڍي خوبصورت جڙيل هئي. ڪلب ۾ تمام گھڻي رش هئي جنهن ۾ اڪثريت عرب سڳورن جي هئي. اسٽيج تي نر ۽ ناريون هيٺئين ماحول کان بي نياز رقص ۾ محو هئا ۽ رکيو رکيو پي ڪيڪون ڪيائون. گھڻي ناچ نچڻ ڪري ڪي همراهه ته مرين سوڌا پگهر ۾ شم هئا. جيڪي ٿڪجي ٿي پيا سي هيٺ لهي ٿي آيا ۽ ساهه پٽي وري اسٽيج تي ٿي آيا. اسٽيج تي به گھڻائي عرب سڳورن جي هئي. انهي گڏيل ناچ کانپوءِ هڪ عورت عربي لباس ۾ اسٽيج تي آئي ۽ يا حبيبي چئي رڙ ڪيائين ۽ دفلي تي زوردار هٿ هڻي هڪ بهترين قسم جي عربي ڊانس پيش ڪيائين. انهي ناچڻيءَ کي پوشاڪ به عربي پهريل هئي انهي کي ڏسي هت ويٺل عرب سڳورا ڏاڍا گد گد پي ٿيا ۽ ذري ذري عربيءَ ۾ واه واه پي ڪيائون. هڪ ٻه همراه اهڙا ته جذباتي ٿي ويا جو اسٽيج تي چڙهي آيا ۽ ناچڻي سان گڏ رقص ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون پر منتظمين شايد اسان جي استاد بخاري جو ٻول ”ايڏو نه ٿي جذباتي“ نيهن نشين ڪراين ۽ اسٽيج تان هيٺ لاٿن. انهي ڊانس کانپوءِ ٻيا به ڪيترا ائٽم پيش ڪيا ويا پر انهن ۾ اهو رنگ ۽ ترنگ نه هو جيڪو عربي ڊانس ۾ هو.
رات وهامندي ويئي پر رش ويتر ويئي وڌندي. اسان اهو ميلو متل ڇڏي هوٽل ڏانهن ورياسين. جيئن ته دير تمام گھڻي ٿي چڪي هئي انهي ڪري ڏٺل ڏيک تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کانسواءِ بسترن ڀيڙا ٿياسين. صبح جو ڪجهه اويرا اٿياسين ۽ ناشتو پاڻي ڪري شهر جي شيل تي نڪتاسين. اسان ڪيترين ئي سپر مارڪيٽن ۾ وياسين جيڪي تمام وڏيون ۽ سٺيون هيون. هتان ٻارڙن لاءِ ڪجهه ڪپڙا ۽ ڪي انگريزي دوائون جيڪي هتي نٿيون ملن خريد ڪيم. اسان ٽيڪسي ۾ شهر جو ڪافي وقت چڪر ڪاٽيندا رهياسين. هڪ هنڌ ميوي واري تي نظر پيئي، ڏٺم ته انب رکيا هئا. کيس چيم ته چار داڻا سٺا ڪڍي ڏي. پاڻ اسان کان جيڪا رقم ورتئين سا پنهنجي حساب موجب في انب پنج روپيا ٿي ٿئي. انب ننڍڙا به هئا ته ڦڪا به. حالانڪ مون دڪاندار کي چيو هو ته سٺي ۾ سٺي جنس جا انب ڏج. خدا کي خبر ته هن وٽ سٺي ۾ سٺي جنس اها هئي يا خراب ۾ خراب. بهرحال پنهنجي ملڪ جو ميوو هو انهي ڪري سنڌڙي کي ياد ڪندا کائيندا وياسين. مون ڪيترن ئي ملڪن جا انب کاڌا آهن پر پنهنجي ملڪ جي سنڌڙي انب جو ڪو مٽ ۽ ثاني نه آهي. هندوستان جو انب آفو به ڏاڍو مٺو ٿيندو آهي پر آئون يقين سان چوان ٿو ته سنڌ جي انبن جو مزو ئي ٻيو آهي. اسان تازيون اخبارون وٺي گھمندا ڦرندا هوٽل الشمس آياسين جتي اڪثر ماني کائيندا هئاسين. هوٽل اندران سٺي نموني سينگاريل هئي. خاص طرح ننڍين مڇين لاءِ جيڪو شوڪيس رکيل هو سو ڏاڍو سهڻو هو. فلپائن ۾ P.I.A جا آفيسر به اڪثر هتي ماني کائڻ ايندا هئا. اسان پيٽ پوڄا ڪري موٽي هوٽل آياسين ۽ ڪجهه دير آرام ڪري وري ٻاهر نڪتاسين. هيءَ شام جا ٽاڻو هو سو وري به ساڳئي نائٽ ڪلب وڃڻ جو پروگرام رٿي پنڌ پياسين. پيرين پيادا ڪهندا اچي هن ڪاڪ رسياسين. ڪلب وارن سڃاتو ته همراهه ڪالهوڪا ساڳيا آهن سو سندن هڪڙي ڪارندي کي اماڻيائون جنهن اچي اسانجي آجيان ڪئي ۽ شڪريو ادا ڪيو ته توهانجا وڏا وڙ جو اڄ به اسان جي ڪلب آيا آهيو. اسان توهانجي پسند کي داد به ٿا ڏيون ۽ ٿورا به ٿا مڃيون. هنن اسان کي هيءُ به ٻڌايو ته هر آچر رات اسان جي نائٽ ڪلب ۾ تمام سٺا ۽ وڻندڙ پروگرام پيش ڪيا ويندا آهن جن ۾ پرڏيهي سياحن سان گڏ اعليٰ سفارتي عملدار به شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندا آهن. اسان کي اميد آهي ته توهان انهي شو ۾ ضرور شريڪ ٿيندا. اسان کين چيو ته بلڪل ضرور اچبو.
ڪالهه جيئن ته پهريون ڏينهن هو انهي ڪري وڌيڪ مزو آيو. اڄ ائٽم ساڳيا هئا تڏهن به ڪجهه لطف آيو. اڄ اسان ٿورو سوير اٿياسين ڇاڪاڻ ته ٻئي ڏينهن اسان کي منيلا کان بئنڪاڪ وڃڻو هو. اسانجي فلائٽ شام جي هئي پر تڏهن به سوير اٿي وڃي هوٽل رسياسين ۽ رات جو ڳچ دير تائين ٻئي ڏينهن جي اسهڻ بابت ويچار ونڊيندا ۽ رهاڻ ڪندا رهياسين.
رهاڻ ڪندي ڪندي ننڊ ۾ نيڻ خمارجڻ لڳا سو سمهي پياسين. صبح سوير اٿي اسهڻ جو سانباهو ڪيوسين ۽ ماني به ڪمري ۾ گھرائي کاڌي سين. اسانجي فلائٽ اٽڪل چئين وڳي ڌاري هئي پر جيئن ته منيلا ايئرپورٽ شهر کان ڳچ پري آهي سو اسان اٽڪل هڪ وڳي ”الميڊا مارڪوس“ جي هن ميٽرو منيلا کي الوداع چئي ايئرپورٽ ڏانهن راهي ٿياسين.