سفرناما

هو جي وڻ ولات جا

ھن ڪتاب ۾ ھانگ ڪانگ ۽ فلپائن ويندڙن لاءِ تفصيلي معلومات ڏنل آھي جنھن ۾ ھر ملڪ جي ٿوري گھڻي تواريخي ۽ سياسي پس منظر ڏيڻ سان گڏوگڏ سماجي، معاشي ۽ اقتصادي پھلوئن تي پڻ سٺي ۽ وڻندڙ انداز ۾ روشني وڌل آھي.
پليجو صاحب بنيادي طرح ھڪ حساس دل جو مالڪ آھي اھوئي سبب آھي ته سفرنامي ۾ دل ڇھيندڙ احساسن سان گڏ sentimental Touches به آھن.“
Title Cover of book هو جي وڻ ولات جا

5

ٽوئر ڪمپني وارن جي اٽڪل سواءِ نوين ڌاري گاڏي اچڻي هئي. اسان تيار ٿي ڪمري تي ئي نيرن ڪري نوين وڳي ڌاري اچي لائونج ۾ ويٺاسين. هن هوٽل مان هڪ ٻيو به مسافر اسان سان گڏ ٽوئر جي گاڏيءَ ۾ سوار ٿيو. هو شايد جرمن نيشنل هئو. گاڏيءَ ۾ 14 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي پر اسان صرف اَٺ ڄڻا هئاسين. اسان جي سونهين (Guide) اسانکي ٻڌايو ته باقي پئسينجر هن کي ٻين هوٽلن مان کڻڻا آهن. اسان کي اٽڪل ڪلاڪ کن هوٽلن مان پئسينجر کڻندي گذري ويو. مني ڪلاڪ جي سفر کان پوءِ اسان اچي اوشين پارڪ ٻاهران پهتاسين. اسان جي گائيڊ اسان کي چيو ته توهان هتي بيهو ته آئون ٽڪيٽون وٺي ٿي اچان. پاڻ اسان سڀني جون ٽڪيٽون وٺي آئي ۽ اسان کي پارڪ بابت ڪي سمجھاڻيون ڏيئي اندر هلڻ لاءِ چيائين اسان کيس چيو ته ٿورو ترس، اسان گيٽ وٽ رکيل آئسڪريم وٺي اچون. ترت ئي اسان موٽي اچي ساٿ ڀيڙا ٿي گڏجي اندر داخل ٿياسين. اسان پنهنجي ڪئمرائن ۾ رول اڳ ۾ ئي وجھرائي ڇڏيا هئا. اوشين پارڪ هانگ ڪانگ جو تمام سهڻو پارڪ آهي، جنهن ۾ عام تفريح جون ڪيتريون ئي جڳهيون آه. مثلاً :
1. ڪئبل ڪار ٽرمينل (Cable Car Terminal)
2. چلڊرين زُو (Children Zoo)
3. گارڊن ٿيئٽر (Garden Theatre)
4. واٽرفال گارجن (Waterfall Gargen)
5. سوئیمنگ برج (Swimming Bridge)
6. فش ٿئيٽر (Fish Theatre)

هي گارڊن ٻن حصل ۾ ورهايل آهي ۽ ٻئي حصا ڪئبل ڪار ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. اسان پهريائين گارڊن ٿيٽر وياسين جتي شام جو هڪ شو ٿئي ٿو جنهن ۾ ناٽڪ ۽ جادوءَ جا ڪرتب ڏيکاريا ويندا آهن، جيئن ته اڃا شام نه ٿي هئي، اِنهيءَ ڪري وڙڪڻ لاءِ اُتان نڪري ٻي ڏانهن وياسين، پر ڏٺم ته ڪيترائي همراهه اِهو شو ڏسڻ لاءِ اڳ ۾ اچي ڳاهٽ ٿيا هئا. سوچيم ته واندا رڳو اسان وٽ ڪونه آهن، پر هتي به ساڳئي ويڌن آهي. فلم اسان وٽ شروع ٿيڻي هوندي ٽين وڳي ته واندا جوان 12 بجي کان ئي لائين ۾ لڳي ويندا آهن سو هتي به همراهه گھڻو اڳ پهچي ويا هئا. اسان اتان نڪري چلڊرين زُو (ٻاراڻو چڙيا گھر) ۾ وياسين، جتي ٻار بنهه ٿورا ڏسڻ ۾ آيا ڇاڪاڻ ته اِهو وقت اسڪول جو هئو. جيڪي ٻار نظر پي آيا، سي شايد ٻي شفٽ ۾ پڙهندڙ هئا. هيءَ چڙهيا گھر هئو ته ٻارڙن لاءِ پر سچ پچ منجھس وڏن جي وندر جو به خاصو بندوبست هئو. اُتان اسان واٽرفار گارجين کان ٿيندا ٽهلندا اچي سوئمنگ برج تي پهتاسين ۽ اتي ڪافي دير ڇٻر (Lawn) تي ويهي رهياسين. هتي چڱي دير ساهي پٽي پوءِ ڪئبل ڪار ٽرمينل تي پهتاسين، جتي ڪئبل ڪار ۾ ويهي ٻي طرف يعني جتي فش ٿيئٽر آهي اُتي پهتاسين. هتي هڪ طرف توهان ننڍين ۽ وڏين مڇين کي کليل نموني پاڻيءَ ۾ ترندو ڏسي سگھو ٿا ۽ ٻئي طرف وري ننڍڙين مڇين کي گلاس ذريعي پاڻيءَ ۾ ڏسي سگهو ٿا. اتي جيڪي کليل نموني سان وڏيون مڇيون ڏسڻ ۾ آيون تن رڙيون ڏاڍيون ڪيون ٿي. جڏهن انهن سڀني رانڀاٽ ٿي ڪيا ته ڪنن جا پردا ٿي ڦاٽا. ٻئي طرف وري مڇين جو ٿيٽر هئو جنهن ۾ پاليل مڇين عجيب و غريب ڪرتب ٿي ڏيکاريا ۽ ماڻهن تاڙيون وڄائي خوب داد ٿي ڏنو. اهي مڇيون هيٺ هڪ وڏي تلاءَ مان ٿي آيون جتي سندن سکيا ڏيندڙ هنن کي ڪيترائي ڪرتب ٿي ڪرايا. هتي ماڻهن جي ويهڻ جو تمام سٺو بندوبست هئو. هتي ريسٽورنٽس به گھڻيون هيون جتي هر شيءِ مهيا هئي. تقريباً ٻن ڪلاڪن جي هن شو کانپوءِ ٽوئر ڪمپني وارن کي، اسان کي پنهنجي جاءِ تي واپس پهچائڻو هئو. واپسيءَ دوران اسان جي گائيڊ اسان کي نظر ايندڙ خاص خاص جڳهين بابت ٻڌائيندي آئي. ٿوري دير کانپوءِ اسان پنهنجي هوٽل تي پهتاسين ۽ هاڻي اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو هئو ته آيا سڀاڻي چائنا هلجي يا نه. سو ڪافي سوچ ۽ ويچار بعد فيصلو ڪيوسين ته اسان جو سفر اڳ ۾ ئي ڊگھو آهي جنهن ۾ ٿائلينڊ، سنگاپور، هانگ ڪانگ، جپان ۽ منيلا ٿا اچي وڃن، سو جي چائنا وياسين ته ڪافي دير ٿي ويندي ۽ عيد تي ڳوٺ ورڻ نه ٿي سگھندو. انهي ڪري چائنا جي ٽوئر کي ڪاٽا ڪري هانگ ڪانگ جي ڀر واري ٻيٽ مڪائو گھمڻ جي سٽا سٽيسون. هن ٻيٽ تي دنيا جا بهترين ڪسينو (Casino) آهن. مڪائو هتان کان اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ جي سفر تي آهي. هينئر اٽڪل 5 وڳا هئا سو اسان تڙ تڪڙ ۾ چانهه پي تيار ٿي پنهنجا پاسپورٽ کڻي ڪمري تان هيٺ لهي ٽيڪسي ڀاڙيسين. ٽيڪسي واري کي سمجھايوسين ته اسان کي مڪائو وڃڻو آهي. انهي ڪري تون اسان کي انهيءَ هنڌ تائين پهچاءِ جتان ننڍا جهاز مڪائو وڃن ٿا. ٽيڪسي واري ڳالهه کي سمجهي چيو ته حاضر سائين اجهو ٿو پهچايان. جيئن ته اها جڳهه هانگ ڪانگ سائيڊ ڏانهن هئي سو اسان وري به سرنگ (Tunnel) مان گذرندا اچي انهيءَ ننڍي پورٽ تائين پهتاسين جتان مڪائو لاءِ ٻيڙيون ۽ ننڍا جهاز جام ملندا آهن. اسان مڪائو وڃڻ لاءِ جهاز ڪمپني کان ٻه ٽڪيٽ ورتا. هتي ڪيترن ئي جهاز ڪمپنين جون آفيسون آهن ۽ توهان جي مرضي تي ڇڏيل آهي ته توهان ڪهڙي به ڪمپني جي جهاز جي ٽڪيٽ ٿا وٺو. جيئن ته مڪائو لزبن جي هڪ علحيده ڪالوني آهي تنهنڪري هانگ ڪانگ کان مڪائو وڃڻ لاءِ توهان کي اميگريشن ۽ ڪسٽم چيڪنگ به ضرور ڪرائڻي پوندي. اسان پهريائين پنهنجي پنهنجي واري اچڻ تي اميگريشن وارن کي پاسپورٽ ڏنو ۽ تنهن کانپوءِ ڪسٽم ڪائونٽر تي ڪسٽم چيڪنگ لاءِ وياسين. اسان وٽ جيئن ته سامان وغيره ڪجهه به نه هو. انهي ڪري چيائون ته ٺيڪ آهي. هونئن به هانگ ڪانگ ۽ مڪائو جي وچ ۾ اميگريشن ۽ ڪسٽم چيڪنگ اها نه هئي جيڪا ٻين انٽرنيشنل هوائي اڏن تي ۽ سامونڊي بندرگاهن تي ٿئي. هتي ته اها چيڪنگ صرف رسم جو پورائو آهي. هتي ڪنهن به قسم جي وٺ پڪڙ ان ڪري ناهي جو مڪائو اچڻ لاءِ سواءِ انهيءَ رستي جي ڪو ٻيو رستو ناهي ۽ نه ئي مڪائو کي ڪو ننڍو يا وڏو هوائي اڏو آهي ۽ نه ئي وري ڪو سڌو سامونڊي بندرگاهه اٿس جو ماڻهو سڌي طرح مڪائو وڃن. مڪائو وارن جو هن سامونڊي رستي کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ئي ڪونهي. سو وري ڪن اميگريشن تي سختي ته حرام ڪو هڪ پئسينجر به هتي اچي يا پهچي. هونءَ به مڪائو جي سڄي معيشت جو مدار سياحت تي آهي ۽ سندس اڌ آمدني سڌي يا اڻ سڌي طرح سياحن مان وصول ٿئي ٿي. اسان ڪسٽم ۽ اميگريشن مان واندا ٿي پنهنجي (boat) جو انتظار ڪرڻ لڳاسين، جيڪا بيٺي ته بندر تي هئي پر شايد کيس ٺيڪ ٺاڪ پئي ڪيائون.
ٿوري دير کانپوءِ اسان کي ٻڌايائون ته توهان جي بوٽ تيار آهي، توهان ڀلي قطار ٺاهي هڪ هڪ ٿي اندر اچو. جيئن ته بوٽ خاص هن پتڻ (Ferry) لاءِ ٺاهي ويئي هئي، جمبو جيٽ جيان هيٺ مٿي مسافرن جي ويهڻ لاءِ سيٽون ٺهيل هيون. مسافر آهسته آهسته ٿيندا اندر پهچي ويا. جڏهن سڀ پئسينجر اندر پهچي ويا ته دورازا بند ڪري ڇڏيائون. منهنجو اندازو آهي ته اٽڪل هڪ سئو کن ماڻهن جي ويهڻ جو بندوبست هو. جڏهن سڀ ٿانيڪا ٿيا ته هوائي جهاز جي سفر وانگي اسان کي کيڪارڻ کانپوءِ چيائون ته توهان پنهنجا سيفٽي بيلٽ ڪشي ٻڌي ڇڏيو ته جيئن شروعاتي هلڻ وقت جھٽڪو محسوس نه ٿئي. اسان پنهنجا پنهنجا بيلٽ (پٽا) درست ڪري ڇڏيا. اها ڳالهه وهم ۽ گمان ۾ به نه هئي ته بوٽ ۾ به سيفٽي بيلٽ ٻڌڻا پوندا. ٿوري دير کانپوءِ هڪ خاتون جنهن کي توهان بوٽ هوسٽس به چئي سگهو ٿا، تازيون اخبارون ۽ رسالا کڻي اچي اسان کي ڏنا. ان کانپوءِ ٽراليءَ ۾ رکيل چاڪليٽ، چيگم ۽ ڊرنڪس کڻي آئي. هر هڪ مسافر اڳيان ٽرالي بيهاريندي ۽ پوءِ اڳيان وڌندي وئي. بوٽ ايئرڪنڊيشنڊ هئي ۽ سيٽ تي ايئر فون به لڳل هئي. هر پئسينجر گھرج ۽ خواهش مطابق سيٽ ۾ لڳل ڪنيڪشن سان وائر لڳائي موسيقي ٻڌي سگھيو ٿي.
اسان هانگ ڪانگ جي روشنين کي ڇڏي جڏهن اڳتي وڌياسين ته چنڊ جي روشني سمنڊ جي سيني تي پري پري تائين پکڙيل نطر اچي رهي هئي. هڪ روح پرور نظارو هو جو من کي موهي رهيو هو. اسان جي بوٽ پاڻيءَ ۾ ڇر ڇر ڪندي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي هئي. پس منظر ۾ پهاڙيون پري پري تائين ڏيکائي ڏئي رهيون هيون. چنڊ جي چانڊاڻ جي ڪري ڪٿي ڪٿي پهاڙين تي ڪا جڳهه به نظر اچي رهي هئي. اسان کي هاڻي مڪائون جون روشنيون به ٽمڪنديون نظر آئيون پئي. ٿوريءَ دير کانپوءِ اسان مڪائوءَ جي ننڍي پورٽ تي پهچي چڪا هئاسين. هتي به نالي ماتر اميگريشن ۽ ڪسٽم فارملٽيز پوريون ٿيون. اسان پورٽ جي هن مختصر عمارت کان ٻاهر نڪري ٽيڪسين جي اڏي تي بيٺاسين. هتي ٽيڪسي واري هنڌ تي هڪ هڪ ٿي پهچڻو هو ۽ واري واري سان هڪ هڪ ٿي قطار ۾ اڳيان وڌڻو هو. منهنجي اڳيان ٻه ٽي ماڻهو مس هئا ۽ مون پٺيان مڙي ڏٺو ته اٽڪل ڏيڍ سئو کن ٽيڪسيون هڪ ئي رنگ جون هڪ ئي ماڊل جون هڪ ئي قطار ۾ قطاريون بيٺيون هيون ۽ ڏاڍيون سهڻيون پئي لڳيون. اسان پنهنجي واري اچڻ تي ٽيڪسين ۾ وڃي ويٺاسين. ٽيڪسي اهڙي ڪشادي، خوبصورت ۽ اندران فُلي لوڊيڊ (Fully Loaded) هئي جو اهڙيون ٽيڪسيون توهان کي سنگاپور ۽ ۽ هانگ ڪانگ ۽ جپان ۾ ملنديون. اسان کان ٽيڪسي واري پڇيو ته ڪيڏانهن هلبو. اسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڪيڏانهن هلڻ لاءِ چئونس، ڇاڪاڻ ته مڪائو جو ڪو به پتو نه هئوسين. بهرحال ڪجهه سوچي چيوسين ته ڪسينو ڏانهن هل ته پاڻ وراڻيائين ڪهڙي ڪسينو ڏانهن هلون. اسان جان ڇڏائڻ لاءِ چيس ته مڪائو ۾ جهڙو به سٺي ۾ سٺو ڪسينو هجي اتي هل. يعني آئون هن ڳالهه جو ذڪر ضروري ٿو سمجهان ته مڪائو جو هڪ احوال ٻڌائيندو هلان.
مڪائو وارو هي علائقو سن 1557ع ۾ پورچوگيزن واپاري مقصدن لاءِ چين کان مسواڙ يا ٺيڪي تي ورتو ۽ اهو سلسلو ڳچ وقت تائين هلندو رهيو ۽ پورچوگيز چين کي مسواڙ ادا ڪندا رهيا. اڳتي هلي 1849ع ۾ پورچوگيزن هن علائقي تي پنهنجو قبضو ڄمائي چين کي مسواڙ ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي. مغرب جي بيٺڪي قوتن ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن تي انهيءَ ريت قبضو ڄمائي انهن جو استحصال ڪيو. هندوستان ان جو وڏو مثال آهي جتي ايسٽ انڊيا ڪمپني مغل بادشاهن کان واپاري ڪوٺين کولڻ جي اجازت ورتي ۽ پوءِ آهسته آهسته انگريزي تاج جي حمايت هيٺ پنهنجو اثر رسوخ وڌائيندي سڄي هندوستان تي قبضو ڄمائي ويهي رهيا. ڪلهه جا اهي انگريز واپاري جيڪي جهانگير جي درٻار ۾ ادب جا هٿ ٻڌيو ڪوٺين کولڻ جا اجازت ناما طلب ڪري رهيا هئا سي هندوستان جي سياهه ۽ سفيد جا مالڪ بڻجي ويهي رهيا ۽ آخري مغل تاجدار بهادر شاهه ”ظفر“ رنگون ۾ قيد جا ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. هندوستان جي انهيءَ طرح قبضي هيٺ اچڻ جو ”باري پنهنجي ڪتاب ”ڪمپني ڪي حڪومت“ ۾ تمام سٺو تجزيو ڪيو آهي“. مڪائو جي اها صورتحال تيستائين قائم رهي جڏهن پرتگال ۾ 1974ع ۾ سوشلسٽ انقلاب آيو ۽ پرتگال پنهنجيون سڀ بيٺڪون آزاد ڪري ڇڏيون جنهن ۾ آفريڪا ۾ موزمبيق ۽ انگولا به اچي وڃن ٿا.
موزمبيق ۽ انگولا جي آزادي صرف پرتگال جي داخلي حالتن جي تبديليءَ جو نتيجو نه هئي پر موزمبيق ۽ انگولا پنهنجيءَ آزاديءَ لاءِ وڏي ويڙهاند ڪئي ۽ دنيا جي سوشلسٽ ملڪن خاص طرح ڪيوبا ۽ روس انهن جي وڏي مدد ڪئي. غرض ته اها آزادي ٻانهن ٻل سان حاصل ڪيل آزادي هئي. دنيا ۾ غلام ۽ پڙهيل قومون محڪومي ۽ محرومي جي آفت کان ڇوٽڪارو پائڻ لاءِ سگھ جو مقابلو سگھ سان ڪنديون آهن. اها فڪر ۽ عمل جي سگھ رڪ کي به رجائي ڇڏيندي آهي. ڪنهن به قوم کي نجات ۽ آزادي بيک ۾ نه ملندي آهي.

در در دان نه پن، ماني ڪانهي مڱ جي
بک نه مٽجي بيک مان اڀري الري ڇن
ڪيئن ڪيئه ڪن، دڀش لڄائيه داسڙا.
(اياز)

ها ته ڳالهه پئي ڪيم پرتگال جي سوشلسٽ (سماجوادي) انقلاب جي ته پرتگالي سياست جي انهيءَ تبديليءَ جي ڪري اهو ٿيو جو پرتگال ۽ چين جي وچ ۾ نئين سر معاهدو ٿيو ۽ انهيءَ معاهدي تحت فيصلو ٿيو ته مڪائو چين جو حصو آهي ۽ رهندو پر صرف مڪائو جي انتظاميه پرتگال جي ماتحت رهندي ۽ اهڙي ريت هن چار لک آدمشماري جي ٻيٽ ۾ پهريون ڀيرو چونڊون ڪرائي پارليمينٽ قائم ڪئي وئي آهي. مڪائو ۾ پورچوگيزن طرفان مقرر ڪيل گورنر جو نالو آهي واسڪو ڊي الميڊا ڪوسٽا (Vasco de Almedia costa). هتي جي حڪومت جي سڀني اهم کاتن جا سربراهه به پورچوگيز آهن. مڪائو جي ڪرنسيءَ جو نالو آهي پٽاڪا (Pataca). ٽيڪسيءَ واري هڪ تمام وڏي عمارت جيڪا ڇهه ست ماڙ لڳي ٿي. تنهن جي دروازي وٽ پورچ هيٺيان ٽيڪسي اچي بيهاري. ڪسينو جي ٻاهران بيٺل بارودي ڪسينو ملازمن اسان جي ڪار جو دروازو کوليو ۽ نوڙي کيڪاريائون. اسان پاڻ کي ڪجهه درست ڪري پوءِ ڪسينو اندر گھڙياسين. ڪسينو جي اندر جنهن جي مختلف فلورن تي مختلف پروگرام هئا، جن ۾ ڪئبري نائٽ ڪلب، يارون ريسٽورنٽس، ڪافي شاپس ۽ خود ڪسينو جا پنهنجا مخصوص آئٽم جن کي توهان هڪ شريفاڻي جوا به چئي سگهو ٿا. تنهن جا پڻ سوين قسم موجود هئا. انهن کي پهريائين سمجهو ۽ پوءِ انهن ۾ حصو وٺو. سو اسان کي ايترو وقت ئي ڪٿي هو جو پهريان هفتو کن انهن کي سمجهڻ ۾ وڃايون ۽ پوءِ انهن ۾ حصو وٺون. ڏٺو پير پني مراد وانگي اسان رڳو انهن کي ڏسندا واسندا اچي نيٺ نائٽ ڪلب جي حوالي ٿياسين. هتي پنج ڇهه ڪلاڪ ويهي رهياسين. اصل ٻاهر نڪرڻ تي روح ئي نٿي ٿيو. سچ پچ جيڪو ماڻهو هانگ ڪانگ اچي ۽ مڪائو نه ڏسي ته پوءِ چئبو ته هن ڪجهه به نه ڏٺو. رات جي ٽاڻي هته هانگ ڪانگ کان به وڌيڪ لطف لڳو پيو هوندو آهي. ڪافي دير کانپوءِ ٻاهر نڪتاسين ۽ خيال ڪيوسين ته هن ٿورڙي وقت ۾ سڄو مڪائو گھمڻ ته محال آهي پر جيڪو ڪجهه ڏسي سگهون سو ڏسي وٺون ته بهتر. سو اسان فيصلو ڪيو ته ٽيڪسي ڀاڙي تي ڪري انهيءَ ڊگھي پل تان هلون جيڪا سمنڊ مٿان ٺاهي وئي آهي ۽ پوءِ ان کي پار ڪري تيپا ٻيٽ طرف هلون. ٻاهر نڪري ٽيڪسي واري کي چيوسين ته اسان کي پل تان گھمائيندو پوءِ تيپا ٻيٽ وٺي هل.
همراهه اسان کي اٽڪل ٻه ڪلاڪ کن گھمائيندو ڦيرائيندو رهيو. اسان به ٽيڪسي ۾ ويٺي ويٺي سڄي آس پاس جو مشاهدو ڪندا رهياسين. ايستائين صبح به ٿي چڪو هو ۽ واپس به ورڻو هو سو ٽيڪسي واري کي چيوسين ته پورٽ جي ويجهو ڪنهن هوٽل تي هل ته ناشتو ڪري پوءِ هانگ ڪانگ ورڻ واري ڪريون. پاڻ چيائين ته پورٽ جي ويجهو ته ڪا به هوٽل ڪانه آهي البته پورٽ جي اندر ڪافي هوٽلون آهن. توهان اتي ناشتو ڪري پوءِ پنهنجي بوٽ ۾ چڙهي هانگ ڪانگ روانا ٿي وڃو. اسان جيئن ته رٽرن ٽڪيٽ ورتي هئي انهي ڪري انهي فڪر کان آجا هياسين سو اتي ئي هڪ ريسٽارنٽ تي ناشتو ڪيوسين. انهيءَ کانپوءِ پنهنجا پاسپورٽ اميگريشن وارن جي حوالي ڪياسين جن پاسپورٽن تي ٺپا هڻي اسان کي موٽائي ڏنا. اسان اڳتي هلي بوٽ لاءِ پڇا ڪئي. اسان کي ٻڌايو ويو ته بوٽ تيار آهي يڪدم سوار ٿيو. اسان بوٽ ۾ داخل ٿياسين ته ڏٺوسين ته اڃا ڪافي سيٽون خالي پيون هيون ۽ بوٽ وارا مسافرن جو انتظار ڪري رهيا هئا. اٽڪل مني ڪلاڪ جي انتظار کانپوءِ سواءِ چند سيٽن جي بوٽ ڀرجي وئي ۽ رواني ٿي. بوٽ جا سفري آداب اڳوڻي جيان بجا آندا پئي ويا ته پنهنجا بيلٽ ڪشي ٻڌو، ڦلاڻي وقت روانگي ٿي آهي ۽ ڦلاڻي وقت منزل تي پهچنداسين وغيره. اچڻ وقت رات هئڻ ڪري ويجهيون ويجهيون پهاڙيون ته نظر آيون هيون پر دور دور جو ڪو به درشن نه پئي ٿيو هو. هينئر ڏينهن هو انهي ڪري دور دور تائين هر شيءِ صاف نظر اچي رهي هئي. ٽڪرن جون چوٽيون ڪر کنيو سينو تاڻيو بيٺيو هيون ڄڻ ته انسان کي مضبوط پيرن سان ڳاٽ اوچو ڪري جيئن جو سبق سيکاري رهيون هجن. سج جا ڪرڻا انهن جي چوٽين کي جرڪائي رهيا هئا. وچ ۾ هڪ پهاڙي جي چوٽي تي بوسٽر لڳل هو جو پري کان صاف نظر اچي رهيو هو. ٻاهر سج جي روشني تمام تيز محسوس ٿي رهي هئي. اسان جو جهاز اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ جي سانده سفر کانپوءِ هانگ ڪانگ سهڙيو. اسان جهاز مان لهي سڌو اميگريشن ڊيسڪ تي پهتاسين ۽ پنهنجا پاسپورٽ ڏيکارياسين. رسمي پڻي بازي کانپوءِ پاسپورٽ اسان کي موٽايا ويا. اسان بلڊنگ کان ٻاهر نڪري ٽيڪسي ڀاڙي سڌا هوٽل پهتاسين. ان وقت ڏينهن جو اٽڪل هڪ وڳو هو. اسان جلدي وهنجي سهنجي تيار ٿياسين ۽ رسيپشن وارن کي ٽيليفون ڪئيسين ته اسان ڏاڍا ٿڪل آهيون. انهي ڪري ماني ڪمري تي ئي ڏياري موڪليو. اسان لنچ ڪري ڪجهه ساهي پٽڻ خاطر آرام ڪيو ۽ پوءِ وري اٿي تيار ٿي شهر ڏانهن رخ رکيوسين، جيئن ته اسان کي صبح سوير جپان روانو ٿيڻو هو. انهي ڪري چاهيوسين ته هانگ ڪانگ کي باقي وقت ۾ جيترو گھمي سگهون سو گھمي وٺون، وري يا نصيب هانگ ڪانگ اچڻ ٿئي يا نه. عبدالحڪيم شاهه کي سندس چشمي ٺهرائڻ جي ڏاڍي اڻ تڻ هئي سو سوچيوسين ته گھمندي ڦرندي اهو ڪم به لاهي وٺون. اهو چشمون ٿائلينڊ ۽ هانگ ڪانگ جي ڊزن کن دڪاندار کي ڏيکاري چڪا هياسين پر دوڪانن تي چڙهندي ٺپ جواب مليو ته اسان اهو ڪم ڪريون ئي ڪونه. اسان به ڇڏڻ وارا نه هياسين ۽ دڪاندار کي ڏاڍا ايلاز ڪياسين ته ٻيلي مهرباني ڪري هي ڪم ڪري ڏيو پر هر هنڌان ساڳي وراڻي ملي ته اسان وٽ اهو ڪم ڪو نه ٿئي. پر هانگ ڪانگ ۾ توهان کي شايد ئي ڪو اهڙو دوڪان ملي جو چشمي جي مرمت ڪري ڏئي. عبدالحڪيم شاهه کي به جوش اچي ويو سو چيائين کڏ ۾ پوي مرمت نئون چشمون ٿا وٺون. ايئن مس مس وڃي هي مسئلو حل ٿيو. چشمن جي دوڪان تان لهي چڪر ڪاٽيندا اچي چنگ ڪنگ مينشن وٽ اچي پهتاسين. جتي هڪ سنڌي دوڪاندار کان ڪجهه ڪپڙو خريد ڪيوسين. اتان ٿي عبدالله هوٽل واري وٽ آياسين ۽ چيوسين ميان اسان سڀاڻي سوير جپان اسهنداسين انهي ڪري جيڪا خدمت ڪرڻي اٿئي سا ڪري وٺ. همراهه ڏاڍي همدردي واري لهجي ۾ پڇيو ته ڇا واقعي توهان صبح سوير جپان روانا ٿي ويندا. مون چيس ته بلڪل وينداسين هليا. اسان کي چيائين هن مختصر وقت ۾ توهان هانگ ڪانگ سٺي طرح نه گھمي سگھيا هوندا. اڃا ڪجهه ڏهاڙا ترسو ته اسين به اوهان کي ڪجهه هانگ ڪانگ گھمايون. ڳالهيون ڪندي ڪندي مانيءَ جو آرڊر به وٺندو ويو ۽ واري واري سان مال به ٽيبل تي لڳائيندو ويو. عبدالله جي ماني ته اڳي به ڏاڍي لذيذ هوندي هئي پر اڄ ته ان جي شيريني سرس هئي. شايد خاص حب سان ٺاهي هيائين. اسان ماني کائي ڍئو ڪري عبدالله کي چيو ته بل آڻ ته ادائگي ڪري وڃي هوٽل ڀيڙا ٿيون. هن ٻاجھاري مرڪ سان مشڪي چيو ته اڄوڪي ماني منهنجي طرفان مهماني طور هئي، انهي ڪري ڏوڪڙ ڪونه وٺبا. اسان گھڻئي سمجهايس ته ميان هي تنهنجو گھر نه آهي پر هانگ ڪانگ جهڙي شهر جي هوٽل آهي. جنهن جا مسواڙ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي خرچ آهن انهي ڪري پئسا وٺ. انهيءَ تي پاڻ جيڪو جواب ڏنائين تنهن هڻي لاجواب ڪري ڇڏيو. چيائين ته سائين پنهنجي انهي مهمان نوازي ڪري ته پاڻ پهاڙن جيڏا سور سٺا آهن ۽ اهي سور هاڻي ايڏا پيارا ٿي ويا آهن جو ڪٿي ٿا اهي عادتون ڇڏيون. پنهنجي مهمان نوازي ته ٻيءَ دنيا تائين به جاري رهندي. سوچيم عبدالله ته ٿورڙن لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪري ويو. واقعي صديون گذري ويون آهن انهي مهمان نوازي جي ريت نڀائيندي ۽ اگرا نتيجا ڀوڳيندي پر اڄ به انهي ريت سان اسان جو نباهه سر ساهه سڌو سلهاڙيل آهي.
مون هانگ ڪانگ جي اوچين ۽ بلند عمارتن ڏانهن نهاريو ته اهي مون کي اسان جي ريتن رسمن اڳيان پتڪڙيون نظر آيون. عبدالله جو جواب ٻڌي مون کڻي بس ڪئي ۽ موڪلائي هوٽل روانا ٿياسين.