1
ٿورڙي دير کانپوءِ تمام ننڍا پرفيومائيزڊ (معطر) ٽوال نما رومال آڻي ايئر هوسٽس ڏنا ته جيئن ماڻهو اهي منهن هٿ ۽ ڪنڌ تي رکي پاڻ کي ٿورو فريش (تازو) محسوس ڪري. انهيءَ کانپوءِ جوس (رَس) ڏنائون. اڄڪلهه گهڻو ڪري سڀني ايئر لائينز ۾ ڊگهي مسافري دوران جهاز اڏامڻ جي منڍ ۾ ۽ پڇاڙي ۾ اهڙا ٿڌا معطر رومال ڏنا ويندا آهن. ٿوري دير کانپوءِ انائونسمينٽ ٿي ته ”پاڻ جلد هانگ ڪانگ جي (Kaitak) انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لهڻ وارا آهيون. توهان جي وڏي مهرباني جو اسان جي ايئر لائنز ۾ توهان سفر ڪيو. اميد ته توهان جو سفر خوشگوار گذريو هوندو. آس ٿا ڪريون ته توهان ٻيهر به اسانجي ائير لائين ۾ سفر ڪندا.“
ان کانپوءِ هدايت ڏنائون ته پنهنجا بيلٽ ٻڌي ڇڏيو ۽ سگريٽ نوشي بند ڪرڻ فرمايو. انهيءَ سان گڏوگڏ ايئر هوسٽس اخبارون، ايئر فون ۽ ٻيو رهيل سامان آهستي آهستي ميڙيندي سيڙيندي ويئي. اسان به مختصر نموني پنهنجو حليو درست ڪيو، ڇاڪاڻ ته سڄي رات جو اوجاڳو هو. اسان بئنڪاڪ مان ٻي بجي نڪتا هئاسين ۽ چئن ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ هتي ڇهه هئڻ کپندا هئا پر هتي صبح جا اٺ ٿيا هئا، ڇاڪاڻ ته ٿائيلينڊ ۽ هانگ ڪانگ جي وقت ۾ ٻن ڪلاڪن جو تفاوت آهي، انهيءَ ڪري اسان پنهنجين واچن جو وقت ٺيڪ ڪري بيلٽ ٻڌي جهاز جي لهڻ جي انتظار ۾ ويهي رهياسين. پائليٽ اهڙي ته سهڻي نموني جهاز کي رن وي تي لاٿو جو اسان کي محسوس ئي نه ٿيو ته جهاز جي ڦيٿن زمين کي ڇهي ورتو آهي. ٿورڙي دير رن وي تي ڊوڙڻ کانپوءِ جهاز پنهنجي ڄاڻايل بي (Bay) تي بلڊنگ سان لڳي بيٺو. مسافر هٿ وارو سامان کڻي هيٺ لٿا ۽ ٽرمينل بلڊنگ ۾ داخل ٿيا. هانگ ڪانگ جو هوائي اڏو تمام خوبصورت ايئرپورٽ آهي.
سڄي ايشيا ۾ جپان جي ناريتا ايئرپورٽ ۽ سنگاپور جي ڇانگي انٽرنيشنل ايئرپورٽ کانپوءِ هيءُ نهايت سهڻو ايئرپورٽ آهي. هن ايئرپورٽ تي منشيات جي سمگلنگ کي روڪڻ لاءِ ڪسٽم وارا تمام گهڻي چيڪنگ ڪندا آهن. جيئن ته هانگ ڪانگ هڪ وڏو کليل تجارتي مرڪز آهي ۽ ڏيساورن کان ماڻهو ڪهي اچي هتي واپار ڪندا آهن، پهريائين ته خود هانگ ڪانگ جي حڪومت ٻاهرين سرمايه جي سيڙپ کي همٿائيندي هئي، پر هاڻي اُتي واپار ڪرڻ لاءِ ڪوٺي کولڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. انهي ڪري به هانگ ڪانگ اميگريشن وارا ڏاڍي پُڇ پُڇان ڪندا آهن.
اسان ڪسٽم ۽ اميگريشن جا لَڪ لتاڙي ٽوئرسٽ انفرميشن ڪائونٽر تي آياسين ۽ اُتان هانگ ڪانگ متعلق ڪجهه معلوماتي ڪتابڙا وٺي هوٽل رزرويشن ڪائونٽر تي پهتاسين. ڪائونٽر واري کان لسٽ وٺي چڪاسين، ۽ پوءِ چيوسين ته هوٽل بئنڪاڪ تي ٽيليفون ڪري معلوم ڪري ته ڪمرو خالي آهي يا نه. جيڪڏهين خالي هجي ته اسان لاءِ ڊبل بيڊ وارو ڪمرو مخصوص ڪن. وراڻي ملي ته ڪمرو خالي آهي توهان ڀلي پهچي وڃو. اسان بئنڪ مان ڪجهه ڪرنسي به مٽائي ورتي ته جيئن ڏيتي ليتي ۾ ڪا رنڊڪ نه پوي.
هانگ ڪانگ ايندي هانگ ڪانگ جي ماضي، حال ۽ مستقبل بابت ڪئين ويچارَ منهنجي ذهن کي ويڙهي ويا هئا. هانگ ڪانگ جتي آزاد تجارت جو مرڪز ۽ رنگينين جو محور آهي اُ تي پرڏيهي غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ پاتل درد وندو ديس به آهي.
انساني ذهن جڏهن کان وٺي پنهنجي مفاد کي پنهنجي فڪر ۽ فعل جو مرڪزي نقطو بنايو آهي، تڏهن کان وٺي هن انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي پاڻ جهڙن ٻين انسانن جي حقن، حصن ۽ ضرورتن کي پنهنجي حرص جو نشانو بڻايو آهي. هن نهايت چالاڪيءَ ۽ حرفت سان پنهنجي سگهه جو استعمال ڪري پاڻ کان ننڍي هيڻي ۽ ڪمزور جو استحصال پي ڪيو آهي. ماڻهوءَ هٿان ماڻهوءَ جي استحصال ۽ پرماريت جي تاريخ اوتروئي پراڻي آهي جيتري انسان جي طبقاتي تاريخ.
انساني فطرت جي ڪابه مقرر ۽ متعين خاصيت ۽ وصف نه آهي. هنجي فطرت ۾ پست کان پست تر غير اخلاقي ۽ غير انساني اهڃاڻ به آهن ته بلند کان بلند گُڻ به آهن. مگر انسان جي پست ترين فطرت جو اظهار اهو آهي ته هو پنهنجي غرضن جي پورائي لاءِ ٻين جا حق پامال ڪري ٿو، پنهنجي جياپي لاءِ ٻين جو جيئڻ جنجال ڪري ٿو، پنهنجي فرحت ۽ آرام لاءِ ٻين جا سک ڦٽائي ٿو ۽ ائين ڪندي هن کي ڪابه لڄ ۽ ڪوبه شرم محسوس نٿو ٿئي.
هن پنهنجي انهيءَ ظلم، زوراوري، ڦرلٽ ۽ ڪميني پڻ کي جائز، حقي ۽ صحيح قرار ڏيڻ لاءِ ڪيئي ڦند ڦير، اٽڪلون ۽ نظرياتي ڏٽا ٺاهي ڇڏيا آهن. هن پنهنجي مستقبل مفادن جي بچاءَ لاءِ اهڙا ته دلفريب نظريا ۽ تعبير گهڙيا ۽ ڦهلايا آهن جو ڦريل لٽيل ۽ پيڙيل انسانَ سندن حالت جي اصل سبب کي محسوس ئي نه ڪري سگهيا آهن، بلڪه ڪي ته اهڙا مدهوش ٿي ويا آهن جو پنهنجي فاتحن، ڦريندڙن ۽ استحصال ڪندڙ گروهن ۽ قومن جا قصيدا ڳائيندي نٿا ٿڪجن. مون کي هڪڙي انگريز سچار جا هي لفظ اڃان ياد آهن ته ___
“An Englishman will cut your throat and make you feel as if he doing you a favour.”
”انگريز توهان جو ڳلو ڪٽيندو پر اوهان کي ائين محسوس ڪرائيندو ته توهان سان ڀلائي ڪري رهيو آهي.“
ڀلائي جا اهي ڀال ڀلائڻ لاءِ هي انگريز بهادر دنيا جي ٻين سڀني قومن جي دکن دردن جا نجات ڏياريندڙ بڻجي سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙي پيا. سندن زبان تي انساني قدرن جا درس ۽ مسيح جي عالمگير محبت جا گيت هئا پر در پرده هنن جا ڪاروباري مفاد هئا، جن کي پوري ڪرڻ لاءِ هنن هڪ هٿ ۾ بندوق ۽ ٻي هٿ ۾ بائبل کنيا هئا. هو منهن ۾ موسا، اندر ۾ ابليس هئا. هنن دنيا جي دور دراز علائقن کي انتهائي عياري ۽ مڪر و فريب سان مطيع بنائڻ شروع ڪيو. واپارين جي ويس ۾ ڪاروباري ڪوٺيون کولي هُنن پراين زرخيز زمينن ۽ معدني ذخيرن جي سموري ڪچي مال تي قبضو ڄمائي ورتو ۽ ڏسندي ڏسندي هو پوري آمريڪا کنڊ، آسٽريليا، آفريڪا ۽ ايشيا تي ڇائنجي ويا. هنن جي هاڪ ڌاڪ جو اهو عالم هئو جو اها چوڻي عام ٿي ويئي ته انگريزن جي سلطنت تان سج لهي ئي ڪونه.
قبضي هيٺ آيل هر ملڪ جي بهترين پيداواري جنس پهرين انگلينڊ پهچندي هئي ۽ ان جو لطف پهريائين انگريز قوم وٺندي هئي. اهڙي ريت دنيا جي هيءَ وڏي ۾ وڏي استعماري ۽ سامراجي قوت پنهنجي ننڍڙي قوم کي ٻين جي پگهر پورهئي جي ڪمائي تي خوشحال بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي. پهرين ٻن مهاڀاري لڙاين جو مکيه سبب به اهوئي هو. ڪِن ٻين ننڍين سامراجي قوتن انگريزن جي انهيءَ هيڏي ساري ڪامياب ڦرلٽ کي ڏاڍي رشڪ ۽ حسرت جي نگاهه سان ڏسڻ شروع ڪيو. هنن به دنيا ۾ بيٺڪن لاءِ ٽنگ پکيڙ شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ انهن قوتن درميان تضادات پيدا ٿيا، وڌيا ۽ وڃي وڏين جنگين جي صورت ڏنائون. انهن جنگين ۾ لکها انسان بارود جو بک بنيا، ملڪيتون تباهه ٿيون ۽ وڏين وڏين سلطنتن جا بخيا اُڊڙي ويا. انگريزي سلطنت جي چيلهه چٻي ٿي پئي ۽ هن جو ٺاهيل سارو کِرمٽ ٽٽي ڀور ڀور ٿي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ آفريڪا ۽ ايشيا جا ڪيترائي ملڪ غلاميءَ جا ڳٽ ڳچين مان لاهي آزادي ماڻي ويٺا. هن وقت انگريزن جون سڄي دنيا ۾ صرف ٻه بيٺڪون وڃي بچيون آهن.
هڪ اترين آمريڪا ۾ فاڪ لئنڊ ٻيٽ ۽ ٻيو ايشيا ۾ هانگ ڪانگ. فاڪ لئنڊ تي ارجنٽائن جي دعوي آهي ۽ ان جي فوجن اُن تي قبضو به ڪري ورتو هو پر انگلينڊ ٻيهر حملو ڪري اُن تي پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو. باقي رهيو هانگ ڪانگ تنهن جي لِيز (مقاطعو) 1997ع ۾ پوري ٿيڻ واري آهي.
هن علائقي کي تڏهن جي چيني سرڪار کان برطانيه 99 سالن جي مقاطعي تي ورتو هو. چين هانگ ڪانگ کي پنهنجو علائقو قرار ڏيندي 1997ع ۾ ان کي موٽائڻ جي گُهر ڪري رهيو آهي ۽ هوڏانهن برطانيه آمريڪا جي مدد سان انهيءَ لِيز جي مُدي کي وڌائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي، چين لِيز جي مدي وڌائي ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار نٿو ڏسجي.
هانگ ڪانگ جي ڪل ايراضي 365 چورس ميل آهي ۽ هيءَ انتظاميه جي لحاظ کان ڇهن ضلعن ۾ ورهايل آهي.
1. Tsimstatsni
2. .Central
3. Wanchai
4. Causeiwaybay
5. Mangkak
6. Yaumati
هانگ ڪانگ ۾ 55 لک ماڻهو آباد آهن، جن ۾ اٽڪل ويهه هزار سنڌي هندو آهن، جيڪي ڊگهي عرصي کان هتي آباد آهن ۽ وڏي ڪاروباري حيثيت جا مالڪ آهن. پر جيئن ته 1997ع ۾ هيءَ بيٺڪ ختم ٿي رهي آهي، تنهنڪري ٻين واپارين وانگر سنڌي واپاري به تمام گهڻو مُنجهيل ۽ پريشان آهن. جيتڻيڪ چين اِها به پڌرائي ڪئي آهي ته هانگ ڪانگ کي پنهنجي ساڳئي حالت ۾ رکيو ويندو پر تڏهن به هانگ ڪانگ جو سرمائيدار ڏاڍو سراپيل ۽ پريشان آهي. اِنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هانگ ڪانگ جي ڪرنسي، جيڪا بين الاقومي مارڪيٽ ۾ تمام سٺي پوزيشن رکندي هئي، سا ڏينهون ڏينهن ڪرندي پئي وڃي. برطانيه خود هانگ ڪانگ جي ملڪيت کي ميڙي سيڙي پاڻ ڏانهن منتقل ڪري رهيو آهي. هندستان ۽ ٻين ايشيائي، آفريڪي بيٺڪن کي خالي ڪرڻ وقت به هنن ائين ڪيو هئو.
هن وقت هانگ ڪانگ جو برطانيه طرفان ٿاڦيل گورنر سر ايڊورڊ يوڊي (Sir Edward youde) آهي. ٻيا عملدار ۽ سيڪريٽري وغيره سڀ جا سڀ انگريز آهن. هانگ ڪانگ ۾ برطانوي آرمي جو ڪمانڊر ميجر جنرل جان چئپل ( John Chapple) آهي. هتي آمريڪن آرمي فليٽ به هميشه موجود رهندي آهي. بي.بي.سي جيڪا ايشيا ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي، تنهن جي رلي اسٽيشن به هانگ ڪانگ ۾ آهي. انهيءَ کانسواءِ يورپ ۽ آمريڪا جا وڏا اقتصادي ۽ تجارتي مفادَ هِن علائقي سان وابسته آهن. برطانيه ۽ آمريڪا انهن مفادن کي بچائڻ لاءِ وڏا هٿ پير هڻي هڻندا ۽ مشڪل سان هِتان ٽپڙ گول ڪن.