سفرناما

هو جي وڻ ولات جا

ھن ڪتاب ۾ ھانگ ڪانگ ۽ فلپائن ويندڙن لاءِ تفصيلي معلومات ڏنل آھي جنھن ۾ ھر ملڪ جي ٿوري گھڻي تواريخي ۽ سياسي پس منظر ڏيڻ سان گڏوگڏ سماجي، معاشي ۽ اقتصادي پھلوئن تي پڻ سٺي ۽ وڻندڙ انداز ۾ روشني وڌل آھي.
پليجو صاحب بنيادي طرح ھڪ حساس دل جو مالڪ آھي اھوئي سبب آھي ته سفرنامي ۾ دل ڇھيندڙ احساسن سان گڏ sentimental Touches به آھن.“
Title Cover of book هو جي وڻ ولات جا

4

هانگ ڪانگ ۽ چين وچ ۾ سياحن جو اچڻ وڃڻ ٽيهن سالن کان پوءِ جيئن چين آزاد ٿيو آهي پهريون دفعو شروع ٿيو آهي. مائوزيتنگ جي مرڻ کان پوءِ چيني قيادت ۾ وڏيون تبديليون آيون. انهيءَ تبديليءَ ۽ وٺ پڪڙ جو مثال چين جي ٽولي خلاف هلايل پروپئگنڊه ۽ انهن جي گرفتاري آهي جنهن ۾ خود مائوزيتنگ جي زال به ملوث ڪئي وئي آهي. انهيءَ قيادتي تبديليءَ جي ڪري چين ۽ آمريڪا جي درميان سفارتي تعلقات قائم ٿيا. سوشلسٽ بلاڪ جي عظيم قوت روس جنهن مان چين جا ناٽا مائو جي دور ۾ به خراب هئا تن ۾ ڪوبه سڌارو نه آيو ۽ چين ڏينهون ڏينهن آمريڪا ڏانهن جھڪندو ويو آهي. جهن ڪري چين مغربي سرمائيدارن جي هڪ واپاري منڊي بنجي ويو آهي. انهيءَ اثر هيٺ چائنا پنهنجون سرحدون هانگ ڪانگ سان کولي پنهنجو ناتو سڌيءَ طرح سرمائيدار دنيا سان قائم ڪري ڇڏيو آهي. سو توهان هاڻي جڏهن به چاهيو چين وڃي هڪ سوشلسٽ ملڪ جي معاشي، ثقافتي ۽ سياسي زندگيءَ جو مشاهدو پنهنجين اکين سان ڪري سگھو ٿا. بهرحال اهو فيصلو پوءِ ڪرڻو هئو ته ٻئي ڏينهن لاءِ ڪهڙو ٽوئر منتخب ڪجي سو اڄ سڄو ڏينهن اسان پنهنجي ليکي شهر گھمڻ جو پروگرام رٿيو هو. اسان ناٿان روڊ کان ٿيندا آهسته آهسته اچي ڊائون ٽائون پهتاسين، جتي عبدالحڪيم ۽ آفتاب لاءِ ڪجھه جين جون پينٽون خريد ڪيون. ٿوري پنڌ تي اڳيان ڏٺوسين ته هڪ دڪان تي لکيو پيو هو (Duty free shop) ڊيوٽي فري شاپ. مونکي اهو پڙهي ڏاڍو تعجب ٿيو ته هانگ ڪانگ ڊيوٽي فري پورٽ پوءِ وري خود هانگ ڪانگ ۾ ڊيوٽي فري جو ڪهڙو مطلب. سو شاپ اندر وڃي هيڏانهن هوڏانهن نهاري اچي مئنيجر کان پڇيوسين ته هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي جو هانگ ڪانگ اندر ڊيوٽي فري شاپ ! تنهن تي پاڻ ٻڌايائين ته هانگ ڪانگ ۾ مقامي انتظاميه ڪن شين تي مختصر ڪسٽم ڊيوٽي لڳائيندي آهي. سو ان ڪري حڪومت سياحت جي سهولت لاءِ شهر ۾ اهڙي نموني جا ڪجھه دڪان کوليا آهن جتي سياح پنهنجا پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ ڏيکاري هتان پنهنجي مرضيءَ جو سامان وٺي سگھن. عبدالحڪيم شاهه اتان هڪ واچ ۾ لڳل ريڊيو جيڪو ٻانهن ۾ ٻڌڻ لاءِ هئو سو خريد ڪيو. اتان ٽيڪسي ڪري سڌو P.I.A جي آفيس ۾ آياسين جتي اسان کي پنهنجو ڪم به هو ۽ هڪ دوست سان ملڻو به هو، وياسين ته سهي پر نه ڪم ٿيو ۽ نه دوست مليو. P.I.A جي آفيس ڇڏي، وري رستن تي وڙڪندا هڪ ريلوي اسٽيشن جي دروازي تي اچي بيٺاسين. هانگ ڪانگ جو ريلوي نظام دنيا جي سڌريل ملڪن جهڙو بهترين ۽ جديد نوعيت جو آهي. هانگ ڪانگ ۾ انهي کي چون سب_وي ٽيوب (Subway Tube) جيڪو ڪمپيوٽر وسيلي ڪنٽرول ٿئي ٿو ۽ سڄي هانگ ڪانگ ۾ پکڙيل آهي. ريل ۾ چڙهڻ لاءِ صرف ٻن قسمن جا ٽڪيٽ ٿين. هڪ سينٽرل ڊسٽرڪٽ کان (Tsimshatsui) تسمشتوئي تائين جنهن جي رقم ٿئي ٻه هانگ ڪانگي ڊالر ۽ هڪ پنجاھه سينٽ، ٻيو ڀاڙو ٿئي هانگ ڪانگي ٽي ڊالر ۽ پنجاھه سينٽ جيڪو سڄي لائين لاءِ آهي. هانگ ڪانگ ۾ مسافريءَ جو تيز کان تيز ذريعو به اهو ئي آهي. اسان به خيال ڪيو ته ڇو نه ٽڪيٽ وٺي انهيءَ ٽرين جي سواريءَ جو مزو ماڻجي. سو ٽڪيٽ وٺي هيڏانهن هوڏانهن چڪر هڻندا اچي مرڳئين صفا ٻاهر روڊ تي نڪتاسين. سڌ ئي نه پئيسون ته هي ڇا ٿي ويو، پنهنجي اڻڄاڻائي تي لڄي به ٿياسين پر پڪو پهه ڪيوسين ته انهيءَ انڊر گرائونڊر (زير زمين) ٽرين ۾ سفر ضرور ڪبو سو وري هيٺ لهي ٽڪيٽ وٺي اطمينان سان (هر اڌ ڪلاڪ ۾ هر اسٽيشن تي ٽرين اچي) معلوماتي بورڊ پڙهيوسين ۽ ٻين ٽن مسافرن کان به پڇا ڳاڇا ڪئيسون جن اسان کي صحيح ڏس پتو ڏنو. اسان اندر داخل ٿيڻ واري گيٽ ۾ ٽڪيٽ وڌي ته سامهون اٽڪيل لوهي ڏنڊا کلي ويا ۽ اسان واري واري سان اندر داخل ٿياسين. ٿوري دير ۾ ٽرين به اچي ويئي ۽ اسان ڌوڪي منجھس چڙهي پياسين. اها خبر ڪانه هئي ته ڪٿي ڪهڙي اسٽيشن آهي ۽ ڪاٿي لهڻ مناسب ٿيندو سو فيصلو ڪيوسين ته هڪڙي اسٽيشن ڇڏي ٻي تي لهي پونداسين. تمام سٺي ٽرين هئي. جيتوڻيڪ جپان جي بليٽ ٽرين ۽ هاڪاري ٽرين کان گھٽ معياري هئي پر تڏهن به لاجواب هئي. هانگ ڪانگ جو هي ريلوي نظام به جپان جو ئي ٺهيل آهي. ٻي ريلوي اسٽيشن اچي ويئي ۽ اسان تڪڙا تڪڙا هيٺ پليٽ فارم تي لٿاسين ۽ ٻاهر روڊ تي نڪري آياسين. ريلوي ڪولون سائڊ ڇڏي سرنگ (Tunnel) پار ڪري هانگ ڪانگ سائيڊ پهچي چڪي هئي. اسان هتي اچڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو هن پاسي آيا هئاسين. ڪولون سائيڊ جي ڀيٽ ۾ هانگ ڪانگ سائيڊ ۾ سياحن جي گھماگھمي ۽ پيهه گھٽ آهي. اسان ڪجھه وقت هتي چڪر هڻي پوءِ ٽيڪسي ڪري ڪولون سائيڊ آياسين. جڏهن ٽيڪسي سرنگ مان لنگھي رهي هئي ته عجيب ڪيفيت محسوس ٿي رهئي هئي. سرنگ مٿان وشال سمنڊ لهرون هڻي رهيو هو ۽ ڪئين جهاز مٿس تري رهيا هئا ۽ اسان ٽيڪسي ۾ ويٺا آرام سان ڪولون طرف وڌي رهيا هئاسين، نه هيٺين کي پتو ته مٿي ڇا پيو وهي واپري ۽ نه وري مٿين کي سڌ ته هيٺ ڇا پيو ٿئي. جديد انجنيئرنگ جو واقعي هيءَ هڪ وڏو فني ڪمال آهي. سائنس جي نون انڪشافن، ايجادن ۽ ڪارنامن دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي. ماضيءَ ۾ جيڪي ڳالهيون قصن ۽ ڪهاڻين ۾ تصوراتي طرح زيب داستان هونديون هيون سي هاڻي حقيقت جو روپ وٺي چڪيون آهن. اڳي الف ليلوي داستانن جا ديو ۽ پريون هوا ۾ اڏامندا هئا ۽ هاڻي ته انسان چنڊ تائين وڃي پهتو آهي. اڳي ايراني بادشاھ جو جام جم ٻڌبو هو اڄ ته هر گھر ۾ جام جم يعني ٽيليويزن موجود آهي. اهڙيءَ ريت وائرليس، راڊار، ڪمپيوٽر، روبوٽ ۽ جديد اليڪٽرانڪ سسٽم ته دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي، آئون اِنهن ويچارن جي وهڪري ۾ ئي لڙهي رهيو هئس ته ٽيڪسي اچي چونگ ڪونگ سينٽر جي اڳيان بيٺي جتي اسان کي عبدالله هوٽل ۾ ماني کائڻي هئي. عبدالله اسان کي ڏسي چيو ته توهان رات مغز جي فرمائش ڪئي هئي سو اڄ آئون خود مارڪيٽ مان سامان وٺڻ ويو هئس ۽ ڊزن کن مغز وٺي آيو آهيان ۽ ڊيپ فريزر ۾ رکي ڇڏيا اٿم. هاڻي رڳو توهان جي حڪم جي دير آهي. اميد ته جيستائين توهان هانگ ڪانگ ۾ هوندا تيستائين اِهي ڪم ڏيئي ويندا. اسان کان پڇيائين ته ڇا آڻيان، اسان کيس چيو ته سڄو هانگ ڪانگ پيرين پنڌ هليا آهيون سو صفا چُور ٿيا پيا آهيون ۽ بک به ايتري لڳي اٿئون جو پيٽ ۾ وٽ پيا پون سو پڇڻ جي ڪابه گنجائش نه آهي، جيڪي وڻئي سو آڻ پر آڻجئين ڳچ ته پيٽ ڀري کائون. پاڻ کلي چيائين ته پرواهه نه ڪريو اجھو ٿو سڄي هوٽل توهان جي ٽيبل تي لڳائي ڇڏيان. بس هو آڻيندو ويو ۽ اسين کائيندا وياسين. ڍؤ ڪري اٿياسين ۽ فيصلو ڪيوسين ته وري ڪڏهن ايترو پنڌ نه ڪبو، ماني کائي بل ڏيئي ٽيڪسي پڪڙي اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. رسيپشن تان چاٻي کڻي ڪمري تي آياسين، ڪپڙا بدلائي هٿ منهن ڌوئڻ کان سواءِ پلنگ تي ڦان ٿي ڪري پياسين. ننڊ جا گھيرٽ چڙهي ويا سو وري وڃي رات جو سواءِ نوين وڳي سار ٿيسون. ننڊ اسان لاءِ مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو هو، ڏاڍو افسوس ٿيوسين ته اسان گھمڻ آيا آهيون يا رڳيون ننڊون ڪرڻ ! ننڍي هوندي اويرا اٿندا هئاسين ته مائٽ چوندا هئا، ”ابا اجائي ننڊ نڀاڳ جي نشاني آهي. سوير سمهندا وڃو ۽ سوير اٿندا وڃو.“ ننڍي لاڪر مائٽن جو رلي ڇڪي سوير اٿارڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو هو پر اڳتي هلي احساس ٿيوسين ته مائٽن جي نصيحت صحيح هُئي. ننڊ انفرادي هجي يا قومي هڪ ڏينهن نهوڙي نينري، جيڪي قومون صدين تائين خواب غفلت ۾ پيون هونديون آهن تن جا ڀاڳ به سمهي پوندا آهن ۽ چور، رهزن، کاٽڙيا ۽ ڦورو سندن جھڳو جھڻ ڪري ويندا آهن. جيڪڏهن ڪو سياڻو ۽ خيرخواه کين ڌونڌاڙي جاڳائيندو به آهي ته به اکيون پٽي وري به سمهي پوندا آهن. اهڙي ريت وقت جو قافلو اڳيان نڪري ويندو آهي، سجاڳ قومون پنهنجون منزل مراد تي پهچي وينديون آهن ۽ ننڊ جون نهوڙيل قومون حال کان بيحال ٿي صديون پوئتي رهجي وينديون. نڀاڳي ننڊ سبب بک ڏک پسماندگي ۽ غلامي سندن مقدر بنجي ويندي آهي. ياد اٿم ته ننڍي هوندي بابا سائين (مرحوم) اڪثر لطيف سائينءَ جا هي بيت ٻڌائيندو هو ۽ اجائي ننڊ ڪرڻ کان روڪيندو هو.

سُتي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرينءَ جي،
وهامي ويندياءِ، گھڻا هڻندين هٿڙا.
*
ستا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري،
تو جو ساڻيهه ڀانيو، سو مانجھاندي جو ماڳ،
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.

سو بهرحال هتي ايتري ننڊ اسان لاءِ آزار ٿي پئي هئي. يڪدم تيار ٿي هيٺ لٿاسين ۽ ٽيڪسي ۾ چڙهي پياسين، ٽيڪسي واري پڇيو ته سائين ڪيڏانهن هلون. اسان چيس ته تون پيو هل، اسان پاڻهي ٿا توکي ٻڌايون ته ڪيڏانهن هلڻو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان تڙ تڪڙ ۾ اهو فيصلو نه ڪري سگھياسين ته ڪيڏانهن هلڻو آهي. مون عبدالحڪيم شاهه کان پڇيو ته ڪيڏانهن هلون ته پاڻ وراڻيائين اهو پورٽفوليو تنهنجي حوالي آهي. مونکي رڳو ٻڌائج ته فلاڻي جڳهه تي پهچي ويا آهيون. مون کيس چيو ته اڄ هن روشنين جي شهر ۾ آسمان ڏانهن ڏس ڪا چانڊان نظر اچي ٿي ته پاڻ چيائين واه! شايد چوڏهين جو سهائو آهي.
چيومانس ڀلا هن چانڊوڪيءَ ۾ سمنڊ جو ڪنارو ڪيئن لڳندو؟ پاڻ وراڻيائين، واه جو مزو ٿيندو! مون ٽيڪسي واري کي هاربر ڪروز بيچ (Harbour cruise beach) هلڻ لاءِ چيو. ٽيڪسي واري چيو ته ”سائين اها بيچ ڪافي پري آهي.“ مون چيس، ”پرواه نه ڪر، اسان هتي ڪمائڻ نه پر کپائڻ آيا آهيون“ ٽيڪسيءَ وارو ماٺ ٿي ويو ۽ ڌوڪيندو اڳيان وڌندو رهيو. اسان هن جڳمڳ جڳمڳ جرڪندڙ شهر جي رنگينين کي ڏسندا اڳتي وڌي رهيا هئاسين. فاصلي جي گذري وڃڻ جو احساس ئي نه ٿيو جو وڃي بيچ تي پهتاسين. مست هاٿي جيئن ماريندڙ هيءَ وشال سمنڊ کليل ڪتاب جيئن اسان جي اڳيان ڦهليو پيو هو. چنڊ جا سونهري ڪرڻا سمنڊ جي سطح تي رقص ڪري رهيا هئا. چنڊ جو اولڙو لهرن ۾ لڏي رهيو هئو. ۽ هڪ مسرور ڪندڙ منظر اکين اڳيان هئو. جمالياتي ذوق رکندڙ ماڻهوءَ لاءِ ههڙي منظر ۾ بلا جي ڪشش هوندي آهي. احساس ۽ صاحب ذوق رکندڙ ماڻهو ته ههڙن منظرن ۾ کوئجي ويندا آهن ۽ سندن ذهن ۽ ضمير تي الهامي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. سمنڊ جي لهرن، چنڊ جي اڇوت چانڊاڻ ۽ ٿڌين ٿڌين هوائن جي جھونڪن ۾ سرمدي نغمن جا آلاپ هوندا آهن. وليم ورڊس ورٿ ڍنڍ جي ڪناري ڊئفوڊلس جي منظر کي ڏسي اهڙو ته کوئجي ويو جو اهو منظر پيو سندس تخيل ۾ ڦرندو هئو ۽ هن لاءِ (Bliss of solitude) هئو يعني تنهائيءَ جي مسرت.
پر چين جي هڪڙي شاعر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري هو چوڏهين جي چانڊاڻ ۾ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي درياهه جي سير تي نڪتو. جَر تي چنڊ جي نور ورکا هن جو اهڙو ته من موهيو جو مست ۽ بي خبر ٿي پاڻيءَ ۾ چنڊ جي اولڙي کي چمي ڏنائي ته لهرن ۾ لڙهي ويو. اها سرمستي ۽ بيخوديءَ جي ڪيفيت هرَڪس و ناڪس جي ميراث نه آهي.
اسان ٽيڪسي تان لهي ڪي گھڙيون هڪ ئي هنڌ هن نظاري جي رنگينين ۾ گم سم بيٺا رهياسين. ٿوريءَ دير کانپوءِ اڳيان وڌي ماحول جو وڌيڪ جائزو ورتوسين. سمنڊ جي وشالتا ۽ گهرائي تي ويچاريندي. مون کي ماڻھوءَ جي من جي تنگي ۽ سوڙه تي ڏاڍي بڇان محسوس ٿيڻ لڳي. ڪاش ماڻھوءَ جي من ۾ به سمنڊ جيڏي وسعت ۽ گهرائي هجي ها.
دل دريا سمندر تانگھا ٿاهه پسائي،
ٻول ته اُن جي ٻانهڙي آهيان.
هانگ ڪانگ ئي دنيا ۾ شايد هڪ اهڙو ملڪ آهي جو اُن ۾ توهان ڪٿي به ويندا ته توهان کي ماڻهن جي ڀيڙ ڏسڻ ۾ ايندي پوءِ کڻي ڇو نه رات جا 2 وڳا هجن. رستا ته خاص طرح پانڌيئڙن سان ڀريل هوندا آهن. سو هتي به رات هئڻ باوجود ماڻهن جا وڏا ميڙ نظر اچي رهيا هئا. اسان هلندي هلندي ڪجھه ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هڪ بينچ تي ويهي رهياسين ۽ ڪافي دير هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ کان سواءِ چپ چپات ويٺا رهياسين. نيٺ اُٿياسين ۽ هڪ دڪان تان ٻه چڪن رول وٺي کاڌاسين. رات جي ماني کائڻ جو ڪوبه پروگرام نه هئو، ڇاڪاڻ ته ماني دير سان ۽ سابه ڍؤ سان کاڌي هئيسين. هي چڪن رول به جيئن تيئن ڪري ڳڙڪاياسين. سمنڊ جي ساحل تي وڙڪندي ۽ سهڻا نظارا پسندي عبدالحڪيم شاهه کي چيم : ”يار! هتي سونهن پنهنجن سورهن سينگارن سان جرڪا پيئي ڏي، پر يقين ڪر اسان جي منڇر، ڪينجھر ۽ منهوڙو ڪنهن به پر هنن کان گھٽ نه آهن. جيترو ناڻو هتي خرچ ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي انتظام هتي ڪيا ويا آهن سي جيڪڏهن منڇر، ڪينجھر ۽ منهوڙي تي ڪيا وڃن ته دنيا جا سياح انهن کي ڏسي دنگ رهجي وڃن.“ شاھه صاحب چيو، ”واه واه واه جي ڳالھه ڪئي اٿئي. سچ پچ اِهي هنڌ بي مثال اسپاٽ ٿي وڃن.“
شاهه صاحب ته آهي ئي ڪينجھر جي ڪپ جو واسي سو ڪينجھر جي دلفريب نظارن مان دل ڀري پئي اٿس. ڪينجھر تي مون به ڪيئي راتيون بسر ڪيون آهن. ڪينجھر مٿان جڏهن چنڊ سونهري نور ورکا ڪري ٿو ته اُن جي سونهن سَرس ٿيو وڃي. گرميءَ ۾ به رات جون ٿڌيون هيرون بنهه مدهوش پيون ڪنديون آهن. هتي جي هوائن ۾ کٿوريءَ جي خوشبو ۽ پريم جي مهڪ آهي. ڄام به ته اِتي ئي شڪار ڪرڻ آيو هئو ۽ خود نوريءَ جي نينهن جي ڪنڊيءَ ۾ ڦاسي پيو. خبر نه آهي ته انهن ڪپن تي ڪيترا ڄام ۽ ڪيتريون نوريون محبتن جا ميلا مچائي ويا هوندا. ڏينهن هجي يا رات اتر گھلي يا واهوندي ڪينجھر هميشه هندوري جيئن پئي جھولندي آهي. لطيف سائين به هن نينهن ڀرئي نظاري کي پسي بي اختيار چئي ويٺو :
هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراه،
اچي وڃي وچ ۾ تماچيءَ جي ساءِ،
لڳي اُتر واءُ، ته ڪينجھر هندورو ٿيئي.
**
هيٺ جر مٿي مڃر ڪنڌيءَ ڪوَنر ترن،
لڳي واهوندن، ته ڪينجھر کٿوري ٿئي.

هتي هانگ ڪانگ جي هن سامونڊي ساحل جي سونهن پسي وطن جا نظارا ياد آيا ۽ يادن جو سلسلو پري پري تائين ڦهلجندو ويو. سونهن ڪٿي به هجي، من کي موهيندي آهي. بهرحال دل ته نٿي چاهيو ته اهڙي منظر کي ڇڏجي پر مجبوراً واپس به ورڻو هو سو ٽيڪسي ڀاڙي هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين. هانگ ڪانگ توهان کي رات جو ڏينهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حسين لڳندو. هتي هر ڏس روشنيون ئي روشنيون نظر اينديون، اوندهه جو ته نالو نشان ئي نه آهي. شايد غلام هانگ ڪانگ ۾ ٻاهريون روشنيون ايتريون انهي ڪري ڪيون ويون آهن ته جيئن اندر جي اونده کي لڪائي سگھجي. ٽين دنيا جي پسمانده ملڪن کي اونداهيءَ جو ديوَ ڳڙڪايو ويٺو آهي ۽ هي رستن ۽ عمارتن جون روشنيون ته رڳيون ڏيکاءَ جون آهن. ٽيڪسي رمندي اچي هوٽل اڳيان بيٺي، اسان کيس پئسا ڏيئي رسيپشن تان چاٻيون کڻي ڪمري ڀيڙا ٿياسين ۽ تمام گھڻي دير تائين منهوڙي، ڪينجھر ۽ منڇر کي جديد نموني آراسته ڪرڻ لاءِ ويچار ونڊيندا رهياسين. اِهي ويچار ونڊيندي وڃي رات جا اڍائي ٿيا. ننڊ نيڻن کان رسي ويئي هئي، پلنگن تي پاسا ورائيندي رات وهامي ويئي ۽ صبح جو سوير سار ٿيسين پريزيڊنٽ ٽوئر لميٽيڊ وارن سان ڪالھه ئي ڳالهائي ڇڏيو هئوسين. اسان کي اوشين پارڪ (Ocean Park) لاءِ صبح جو 9 بجي اسهڻو هئو.