ليکڪا پاران
پنهنجي قلم جو پورهيو حضرت سچل سرمست کي منسوب ڪري رهي آهيان جنهن حق جي صدا بلند ڪئي ۽ ناحق خلاف آواز اُٿاريو. ڪنهن هنڌ ڄاڻايو ويو آهي ته سچل سرمست (936600) نو لک ڇٽيهه هزار ڇھ سؤ شعر لکيا. شاديءَ جي ٻن سالن کانپوءِ سندن گھرواري گذاري وئي ۽ هڪ پٽ جو اولاد ڇڏي ويئي تنهن کانپوءِ شادي ڪانه ڪيائون ۽ تنهائي پسند هئا. رمضان شريف جي مهيني ۾ هن فاني جھان کي الوداع ڪيائون. سچل سرمست اِنساني استحصال جا ڀيانڪ روپ ڏٺا ۽ قلم ذريعي اُنهن چهرن کي بي نقاب ڪيو جن مذهب جي ناءُ تي اٻوجھ ۽ معصوم عوام جو استحصال ڪيو. هٿ ٺوڪيل مذهب جي ٺيڪيدارن جيڪي مذهب جي ناءُ تي فتنو ۽ فساد ڪرائيندا هئا، جن غلط تشريحن ذريعي فتوائون ڏيئي انصاف جو قتل ڪيو، معصوم عوام جو استحصال ڪيو سچل سائين اُنهن خلاف آواز اُٿاريو ''سچو سچو نام چوي''.
سچائيءَ جو آواز ٻڌي ڪوڙ واءِويلا ڪرڻ لڳو .... پر.... پر.... اُنهن لاءِ سچوءَ جو جواب هو.
'' ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي،
آئون جو هي آهيان سو هي آهيان. ''
(سچل)
اِها حق ۽ ناحق جي ويڙھ ڪالھ به هئي ته اڄ به جاري آهي ۽ آئيندي به رهندي، صرف چهرا ۽ نالا بدلجندا رهن ٿا. سچائيءَ جي اظهار تي نام نهاد غيرت مندن جي غيرت ڀڙڪو کائي ٿي اُٿي. انفرادي (Individual) غيرت جو وتن واعظ ڪندا. پر جي جاتيءَ ۽ ٻوليءَ جي مجموعي (Collective) غيرت جو سوال ٿو اُٿي ته ''کاريءَ هيٺان ڪانوَ'' وانگر ڀڄن. شريف اِنسانن جي اڪثريت جو دادگير اقليتي ٽولي طرفان استحصال.... ان جا نوان نوان طور طريقا ايجاد ڪيا ويا آهن. اِنسان ۽ شيطان وچ ۾ اِها جنگ پيڙهي در پيڙهي هلندي پئي اچي. دنيا جو اِهو دستور پئَي رهيو آهي ته سرحدي ڦهلاءُ جي هٻڇ ۽ پنهنجي حاڪميت جو سڪو ڄمائڻ لاءِ حاڪمن تلوار جي زور تي پنهنجي ڌاڪ ڄمائڻ لاءِ پنهنجي مخالف جاتيءَ جي نسل‐ڪشي ڪري اُنهن کي اقليت ۾ آندو آهي ۽ جابر پاڻ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انهن جي تهذيب ۽ ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جا نت نوان طور طريقا اپنائي ان قوم کي لتاڙيو آهي، پنهنجي هٿ ٺوڪين چمچن دلالن ۽ احمقن کان پنهنجي شان ۾ قصيدا لکارائي پنهنجي تاريخ جوڙي آهي.
اڄ اسان وٽ به اقليتي استحصالي ٽولي نسل‐ڪشيءَ جو نئون انداز اپنايو آهي. سماج سيوا، ٻولي، تهذيب و تمدن جي واڌاري ۽ ٻوليءَ جي ناءُ تي چهرن تي مکوٽا چاڙهي، جاتيءَ جي نسل ڪشي يعني Genocide يعني نرسنگھار جو نئون انداز اپنايو آهي. اِهو ٽولو رات ڏينهن گھر ۾ کاٽ هڻڻ ۾ جٽيل آهي. انهن جي ڪاتي پنهنجي شڪار کي آهستي آهستي ذلت ۽ عذاب ڏيئي نڍال ۽ مرڻينگه حالت تائين پهچائي پنهنجي ڪاميابيءَ تي خوش ٿي ان ننگي ناچ کي جديد الفاظن جي چادر سان ڍڪي نوان نوان خطاب ڏيئي ڪردارڪشيءَ جي غيراِخلاقي تفريح ماڻي رهيو آهي. مٿان اها صدا بلند ڪري رهيو آهي ته اسين چاهيون ٿا ته اسان جي اکين ٻوٽڻ کان پوءِ جاتيءَ لاءِ ڪو مشعالي راھ بڻي، جاتيءَ جي شمع روشن ڪري. اسين پنهنجا امانتدار ڇڏڻ چاهيون ٿا جيئن اسان جي ڪو جاءِ والاري. غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي چاليهن (40) سالن کان مٿي عرصو ٿيو پر.... پر اڃان تائين گدي نشين چونڊڻ واري ڪهني رسم نئين انداز سان جاري آهي. ان واعظ جو پڙاڏو ايڏو ته زوردار آهي جو سچائيءَ جو حليم آواز دٻجي وڃي. اِهو لڏو صرف تعبيدار ته پيدا ڪرڻ چاهي ٿو پر تخليق ڪار نه.... اگر ڪنهن قلم جو پورهيو ڪيو ۽ اِن سان محبت ڪئي ته واسينگه نانگ وانگر ڦڻ ڪڍي ڏنگي ڇڏيندا جن جا چهرا زهر اُتڻ وقت ڪاراٽيو وڃن.
''منهنجـا معصوم سڄڻ'' هن تصنيف ۾ ڪردار ڪڏهن ڪهڙو لباس اوڙهي ڪڏهن ڪهڙو اوڙهي مخاطب ٿيا آهن. ''روپ ٻهروپ'' چوڻي آهي ''ست ڪوئا کائي ٻلي حج تي هلي''. انهن ٻلن جا منهن خون سان رڱيا پيا آهن. پر وقت جي وڇوٽيءَ سان خون خشڪ ٿيو وڃي جنهن خشڪ خون کي ڏسڻ لاءِ عقاب واري اک کپي. ڪي انتها پسند ته ڪي ترقي پسند، ڪي اٻوجھ، اٻلا جو ته ڪي ڪاليءَ جو ڪي خوددار ته ڪي ظالم ۽ مظلوم ۽ ڪي راوڻ ته ڪي اِنسان ۽ فرشتا.... سڀ اِنسان.... ها اِنسانن جو اِنسانن هٿان استحصال.... اِنسان ۽ استحصال وچ ۾ ڪشمڪش.
اِنسانن طرفان پيدا ڪيل دشوارين ۽ حالات جي چپيٽ کي زندگي جي ادا ۽ انگڙائي ڀانئَي نظرانداز ڪري هيٺ مٿاهين سان منهن ڏيڻ جي جريت ڪري پنهنجي ڪاميابيءَ تي ڳاٽ اونچو رهيو آهي. پر.... پر.... نادر وقت زندگيءَ کي لتاڙي حال (Present) کي تڪليف ڏيندڙ ماضيءَ جو لباس پهرائي پنهنجي ڪاميابيءَ تي ڀيانڪ ٽهڪ ڏنا آهن. ڏک سک ڪاميابي جاکوڙ ۽ جستجو لباس بدلائيندي بدلائيندي چهري تي وقت جون ليڪون نڪري نروار ٿين ٿيون.
گوري توتي گھنج پيا،
يا روپ ڏنو رهنبوٽو ري،
هاءِ جواني جھوٽو ري.
( اياز )
سڄڻ مان هتي اِهو ضرور قبول ڪندس ته ادب جي ماڻ، ماپن پئمانن کان اڻ ڄاڻ آهيان. جڏهن به شدت سان محسوس ڪيو اٿم ته وقت به وقت اِظهار ڪيو آهي ۽ وري جذبا ڪا شيءَ ته آهن ڪو نه جو سينگھاري سنواري پيش ڪجن يا ملھ ڪٿڻ لاءِ خريدارن اڳيان پيش ڪجن. پنهنجي جذبن جو قلم ذريعي اِظهار ڪيو آهي. قلم کي زنجيرن ۾ جڪڻڻ کان باز رکيو آهي، پر ڇڙواڳيءَ جي ڪڏهن اِجازت نه ڏني آهي. هڪ ته ريڊيو جي نوڪريءَ جون مصروفتيون ۽ ڀڄ ڀڄان مٿان وري ٻئين عالمي لطيف ڪانفرنس، جو هن وقت شاھ سچل ساميءَ جي سجدي ۾ ڪنڌ جھڪيل.
'' والي وسائيج درمنديءَ جو ديس،
پرين مون پرديس اُٺي ايندم اوڏڙا.
( سچل )
وقت جو منهن موڙڻ، مٿان ڪتاب جي اشاعت اجمير ۽ دهليءَ جي اچ وڃ ۾ فاصلو طئه ڪندي لفظن جي اڙنگي راھ جي وڪڙ ۾ واٽ وڃائڻ خبر نه آهي ان سان ڪيترو انصاف ڪيو اٿم، بس واڳ ڌڻيءَ جي وس آ.
مان انهن بي شمار سڄڻن جي شڪر گذار آهيان جن جي پيغامن ۽ دعائن سان اِظهار پختگيءَ جي راھ تي گامزن آ.... ۽ پنهنجي همٿ افضائيءَ سان، منهنجي قلم جي پورهئي جو قدر ڪيو آهي ۽ آئيندي به نيڪ خواهشات ۽ دعائن سان همٿ افضائي ڪري تعاون ڏيندا. مان مانور راجڪمار آريه جي شڪرگذار آهيان جنهن جي تعاون سان ڪور Print ڪرايو آهي ۽ گڏوگڏ پرشوتم ٽلواڻيءَ ۽ وشني گربخشاڻيءَ جي به جن کي ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ تي خوشي ٿيندي آهي.
''منهنجا معصوم سڄڻ'' هي ڪا صرف منهنجي نه پر سڄڻ تنهنجي زندگي آ.... منهنجي زندگي آ.... اسان سڀني جي زندگي سمايل آ....
اِنشاءَ الله! ڪهاڻين جي مجموعي ''اڌ کولين اکين'' سان پر کليءَ دل ۽ ذهن سان قلم ذريعي وري ملاقات ٿيندي. تيستائين اِجازت وٺي رهي آهيان.
سدائين گڏ
[b]ويـنـا شـرنـگـي
[/b]