4
'' ڳالھ هيئَن آهي ..... ''
'' ته ڪم ڪرائڻ ۾ اوليت توکي ۽ ڀت کائڻ ۽ چڱه ‐ مڙسيءَ جي پڳه ........... ''
'' اِها چڱه مڙسيءَ جي پڳه اُنهن کي ئي مبارڪ هجي.''
۽ تو وٽ ٺلي تعريف جي روپ ۾ منهنجو ساٿ. اهڙن ماڻهن جي نيتي ٻڌايانءِ .
'' کائڻ وقت ڏاند وهڻ وقت گابو. ''
'' يعنيٰ...... ''
'' جڏهن فائدو وٺڻو هجي ان وقت سڀ ڪجھ ڄاڻن ۽ جڏهن ڪم ۽ سيوا جي ڀاونا اچي ان وقت اڻ ڄاڻ ۽ اسمرٿ. ٻيو ته ٻيو انهن سرسوتيءَ کي به سري عام نيلام ڪيو آهي.
'' ڇي ڇي ‐ اهڙا اِنسان اِخلاقي طور ڪريل چئَبا پر مان توکي ٻڌائيان، مدد ڪرڻ انسان جو فرض آهي. اگر ڪو ماڻهو چار ڀيرا وقت سيڙائي اچي ان جو ڪم نه ڪرڻ غير اِخلاقي آهي. ''
'' اڙي ها! اِها غير اِخلاقي ڳالھ ڪرڻ به نه گھرجي. اُنهن به توکي اوترو ئي ساٿ ڏنو هوندو. وقت جي پابندي، جذبي جي سچائي ۽ واعدي جو احترام. ''
'' پابندي ۽ واعدي جو احترام. اڄ ڪالھ ماڻهن جي عادت کان ته تون واقف آهين. ها ڪري لاپته. ٻيڙيءَ تي چاڙهي ڦرهو ڪڍڻ وارو پھ پچائي وار ڪيائون. ''
'' جن کي تو پنهنجو قيمتي وقت ڏنو ائڊمنسٽريشن جا ڪم ڪيئَه، تن به الله ڙي !!! ''
'' ها، اُنهن به ...... ''
'' ڇي ..... ڇي ..... ڇي ..... ڪهڙي نه غير اِخلاقي حرقت ڪيائون. اهڙن ماڻهن لاءِ ته مان اِئين چوندس لتڙ سان پڄي چڪر ...... ''
'' مون اهڙن شخصن جي مذمت ڪئَي نظرانداز ڪيم. وري جيڪو مڙيو سو جڙيو ۽ پوءِ منهنجي اڳيان ڪنڌ کڻڻ لائق نه رهيا آهن جو هو ....... جو هو شرم سار ٿي وري اهڙو ونھوار ڪرڻ جي جريت نه ڪري سگھندا.
'' پر تو شايد اهو پهاڪو ڪونه ٻڌو آهي. ''
'' ڪهڙو ؟ ''
'' وڇونءَ کي بچاءِ، وڇون ڏنگ ضرور هڻي. ''
'' اِها ڳالھ ته صحيح آهي. چوندا آهن پهاڙ پنهنجي جاءِ تان هڪ هنڌان سري سگھي ٿو پر ماڻهوءَ جو سڀاءُ مرڻ گھڙيءَ تائين به ڪين بدلجي.
'' وھ هـٿـيـن وھ پـيريـن، وھ جــن جــي وات
ڪاري ڪا جا ذات، جا مورن پر مٽي ڇڏي ''
( شـاه )
'' هر گھڙي ڪوڙا دلاسا اِها ڪا اِنسانيت آهي. ٻيڙيءَ تي چاڙهي ڦرهو ڪڍڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئَي آهي پر خبر نه آهي ڇو مونکي ازغئَبي جھٽڪو لڳندو آهي ته اڳلي جو ارادو نيڪ نه آهي. ائين لڳندو آهي ته ڪا ازغئَبي طاقت سهارو ڏيئَي ٻڏڻ کان اڳ ئي سنڀالي وٺندي آهي. ان وقت وشواس گھات ڪرڻ وارن جو چهرو بدصورت لڳڻ لڳندو آهي. تعريف ۾ فريبي انداز جا جذبا چهري تي رفتا رفتا الڳه الڳه تاثر ڏيڻ لڳندا آهن ۽ حيرانيءَ جي ڳالھ اِها آهي ته مسڪراهٽ جي باوجود ائين لڳندو آهي ته اها مسڪراهٽ نه بلڪه ......... بلڪه ڀيانڪ وار آهي. پر وار ٿيڻ کان اڳه پاڻ سنڀالي ورتو اٿم. ''
'' واتان جنين وھ وهي، سي آيا اوڳارين،
جي آرڻ ٻڌي آئيا. تان نانگه نه نهارين،
ڏنيو ئن ڏاڙهين، ميل جنين جي من ۾ ''
( شـاه )
'' ۽ ....... ۽ پاڻ سنڀالڻ تي مالي ڌڪ ۽ صحت ڪيرائيندي آهين. ''
'' ظاهر آهي، مالي نقصان سان صحت تي اثر ته پوندو. اگر ڪو وشواس ڏياري وشواس گھات ڪري ته پوءِ مختصر وقت اندر پاڻ سنڀالڻ تي صحت تي اثر ته پوندو ئي پر اهڙين حالتن ۾ ڪاميابيءَ جو مزو ئي ٻيو ٿيندو آهي. ''
'' يعني '' خودداري.
'' ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان. ''
'' ته مان ائين چونديس ته خودداريءَ جو لقب حاصل ڪرڻ لاءِ صحت جي قرباني ۽ تفريحن کي خيرآباد ڪري تو مونکي ‐ ها منهنجي وجود کي گلي لڳائيو. ''
'' ڏس، ڏس مان توکي ڇو گلي لڳائينديس. ڪٿي منهنجو هٿ نه هلي وڃي. ''
'' ڪول ڊائون، پليز ڪول ڊائون، آءِ ايم ساري. دراصل ماڻهن مونکي ايترو ته ڇڙواڳه ڪري ڇڏيو آهي، جو مان ڪڏهن ڪڏهن حد اورانگھي ويندو آهيان. پر ساڳئي وقت مونکي اِهو به نه وسارڻ گھرجي ته دنيا ۾ ڪي غيرتمند ۽ خوددار اِنسان به آهن. اهڙيون شخصيتون مونکي ڇٺ ڇماهيءَ ملنديون آهن. اُنهن سان منهن ڏيڻ ڏکيو ٿي پوي. اهڙن پيارن ۽ عزيزن جو تعداد اڄ ڪلھ جي دؤر ۾ گھٽ ئي ملندو. ''
'' ڪلجڳ ۾ وڪارن کان پاڻ کي بچائي رکڻ به ته مشڪل ڪم آهي. خير اِنسان خطا جو گھر آهي. غلطي ٿي ئي ويندي آهي. مون کان به هڪ نه ٻه پر سوين ٿيون هونديون. مان به اِنسان آهيان ڪو فرشتونه آهيان. ''
'' وينا، اِنهن غلطين ڪري تنهنجون ساهيڙيون اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدن ۽ بي.بي.سي. تائين پهچي ويون پر تون اُتي جو اُتي رهجي وئين. ''
'' اگر هر ماڻهو بي.بي.سي. تي پهچي وڃي يا ٽي.وي. تي چهرو ڏيکاري ته ....... ''
'' بلڪل صحيح آخر ريڊيو ڪيڏانهن ويندو ۽ وري سنڌي سروس جو ڇا ٿيندو؟ سنڌي ٻوليءَ جو ڇا ٿيندو. ائين نه ؟ ''
'' مان ائين ٿوريئَي ٿي چوان ته سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي سروس جي خذمت مان ئي ڪري رهي آهيان. اگر پنهنجي زبان، ٻولي يا فن سان ٻين ڪمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نڀائي سگھجي ته ان ۾ ڏوھ ئي ڪهڙو آهي؟ ''
'' پنهنجي ٻوليءَ سان نڀائڻ واري اِنهيءَ جنون ئي ته توکي پنهنجين انڪريمينٽس تان هٿ کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. ڀلا توکي يونٽ جي مصروفيتن مان فرصت ملي ته تون ڀڄ ڊڪ ڪري پنهنجي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙ ڪرين. ''
'' در اصل منهنجي آفيسرن مونکي ڏاڍو زور ڀريو منهنجي محنت ۽ شونق کي ڏسي منهنجي همٿ افزائي ڪئَي. ٻئَي ڪنهن هنڌ نوڪري ڪرڻ کان منع ڪئَي. ''
'' جي توکي ايترو ڀائيندا آهن ته توکي ڊپارٽمينٽل پروموشن ۽ انڪريمينٽ به ضروري ڏياري ..... ''
'' نه مان ان کان محروم رهيس. ''
'' ڇو؟ ان ڇو جو شايد تو وٽ جواب ڪونه هوندو. تنهنجو ڪو گاڊفادر ڪونه هوندو ۽ وڏي ڳالھ ته...... ''
'' مون پنهنجي آفيس جي ڪم ۾ ڪڏهن ڪا ڪوتاهي ڪانه ڪئَي آهي. ڪي ته اڪيلي سر اهڙا پروگرام ڪيا آهن جو انهن جو رڪارڊ رهندو. ''
'' يعني ايماندار ۽ محنتڪش ملازم جيڪو پنهنجي حق جو معاوضو نه وٺي ڪري پاڻ کي صرف ''وفادار'' لقب ڏيارڻ تي راضي رهي ۽ واه! واه!! ٻڌي تسڪين ماڻي ۽ ڪم جي فڪر واري جنون ۾ مبتلا انسان کي مان ''خودغرض'' قرار ڏيندو آهيان. ''
'' خود غرض ! پاڻ کي تڪليف ڏيئَي ڪم ڪرڻ خود غرضي آهي. هيءُ ته ''لڏ به ڏي ته لڏاڻي به'' . اُلٽو اِلزام ‐ لڳي ٿو ''چوڏس جو چنڊ'' ڏٺو اٿم. هڪ ٻئي مٿان الزام پيا لڳن. ''
'' جيستائين ''خودي'' ''خودداري'' جو دامن اوڙهيل رهندءِ، تيستائين ''چوڏس جي چنڊ'' واري سزا ملندي رهندءِ. ''
'' وويڪ کي وڍي زندگي گھارڻ نه صرف مشڪل پر محال آهي. ''
'' ته پوءِ هر نئَين صبح سان نون ڪلنڪن جي آمد لاءِ تيار ٿي. ''
'' پر صبح ڍلجي شام ۾ پير پائيندي رات جي اونداهيءَ ۾ به ته غرق ٿيندو آهي. ''
'' وينا ...... پر ...... پر ...... ان اونداهيءَ کان اڳ ۾ :
'' اسين ان اٻلا تي رحم کائيندا آهيون
جا اڄ جي دؤر ۾ خودداريءَ جو پلاند پڪڙي
آدرشن جي واٽ وٺندي آهي.
اُن جي اڇي جري پلاند کي
الزامن جا ڪلنڪ لڳائي
ڪارو ڪندا آهيون
۽ منزل تي پهچڻ کان اڳه
ان کي راھ رباني اُماڻيندا آهيون
ڇو ته ....... ''
'' توکي ته هر ڳالھ ۾ ....... ''
'' محترمه مونکي هر ڳالھ ۾ حقيقت نگاري نظر اچي ٿي. مان ان کي سيوا جي ڀاونا چوندس. بس! هاڻي ته خوش آهين. جيڪا تنهنجي پيءُ ماءُ ۾ به آهي. ''
'' مان پنهنجي امڙ ابي جي ته جتيءَ ۾ به پير ڪونه سگھنديس. پر اِها ڳالھ صحيح آهي ته منهنجي پيءُ ماءُ غريبن جي خذمت، محتاجن ۽ بي مددگارن جي مدد ڪري سماج سيوا ۽ نيڪ ڪمن ۾ پنهنجي پوري زندگي صرف ڪئَي. ''
'' جنهن جو نتيجو کين ضرور مليو هوندو. ''
'' نتيجو؟ ''
'' اڙي نتيجو نه ڦل چوان. ''
'' ڦـل ! ''
'' ڦـل به نه چوان ته پوءِ ان کي روارڊ جو لقب عطا ڪيان يا احترام ۽ مان سمان چوان. جيڪو تنهنجي ابي امڙ کي ضرور مليو هوندو. ''
'' منهنجي امڙ ابي کي ڪهڙو روارڊ مليو. اُلٽو هنن زندگيءَ جو وڏو عرصو پنهنجي ٻارن کان پري گذاريو پنهنجو وقت ٻين جي حوالي ڪيو. جڏهن ڏس ڪنهن نه ڪنهن ڪم سانگي گھر کان ٻاهر ‐ تتيءَ ٿڌيءَ ‐ مينهن جھڙ ٻيو ته ٻيو ٻاراماهي ڏڻ تي به پپا جن ڪنهن نه ڪنهن ڪم سانگي گھر کان ٻاهر گذاريو. اڄ تائين پڙدي پٺيان ننڍڙي ڳوٺ ۾ گمناميءَ جي زندگي گھاري رهيا آهن. ڳوٺائي چون توهان جو ئي آسرو آهي ورهاڱي کان پوءِ به هندستان لڏي ڪونه اچي سگھيا. ''
'' ڇـو ؟ ''
'' پنهنجي جنم ڀومِي ۽ ابن ڏاڏن جي پکن پيرن ۾ ڪڙيون وجھي ڇڏين. نه ته ورهاڱي وقت لڏين ها ته هتي اسان سڀني جو سٺو آئينده ٿئَي ها. 1947 ۾ اسان جو مامو ڪئَسٽوڊين هو. انهن سنڌ جي ملڪيت جي عيوض دهليءَ جي پاش ڪالوني سندر ننگر ۾ پلاٽ ۽ جمنا پار زرعي زمينون وٺي ڏنيون. انهن جو هڪ فصل به کنئَيائون. اڄ انهن جون قيمتون چوٽ چڙهيل آهن. ان کان علاوه حيدرآباد دکن جيڪو هن وقت آنڌر پرديش ۾ آهي، ان جي هڪ نواب سان ملڪيت جي مٽا سٽا جو سؤدو به پڪو ڪري ڏنائون. پر پپا جن انهيءَ جي باوجود سڀ ڪڇ حاصل ڪرڻ کان پوءِ به ترڪ ڪري واپس شهدادڪوٽ هليا ويا. ''
'' ڇـو ؟ ''
'' هنن چيو سنڌ مان لڏ پلاڻ عارضي آهي. هرڪو واپس موٽي ايندو. نه صرف پاڻ رهيا پر پاڻ سان گڏ ٻين ڪيترن ڪٽنمبن کي لڏڻ کان منع ڪيائون. ''
'' ٺيڪ ته ڪيائون هندوستان وڃڻ مان ڪهڙو فائدو؟ دهليءَ جي مال ملڪيت ڇڏي پاڪستان پنهنجي خذمتن جو اجورو حاصل ڪرڻ لاءِ موٽي آيا هوندا ؟ ''
'' يعني ''
'' يعني! اِهو ته تنهنجي پيءُ کي هندوستان نه وڃڻ ۽ پنهنجن پکن سنڌ جي سرزمين سان پيار '' جيجل سنڌ '' کي سيني سان لڳائڻ جي عيوض روارڊ نه عطا ڪيو ويو. ''
'' روارڊ ‐ ڪهڙو روارڊ؟ ''
'' 1965 جي هند ‐ پاڪ جي جنگ ۾ ٽي مهينا سکي سينٽر جيل جو اُماڻيو ويو. ''
'' اُها ته ........ ''
'' اِهو ئي نه ‐ اُها ته احتياط واري نظربندي هئَي. ''
'' بلڪل ‐ اُن وقت گرم هوا هئَي ماحول ۾ فرقي پرست زهر ڦهلائي رهيا هئَا. هندن سان گڏ ڪيترا مسلمان به هئَا ڪيترا سرحدي صوبي بلوچستان جا اڳواڻ به نظربند ڪيا ويا. اِهو عمل، چند گنڊن ۽ سماج دشمن عناصرن ۽ فرقي وارانه نفرت ڦهلائيندڙ تعصبين ۽ ديوانن جي شرارت، هو. ''
'' وينا ان ۾ سنڌي مسلمانن جو هٿ ڪونه هوندو؟ '' '' مان ائين ته نه چونديس ته سنڌي مسلمان ڪونه هئَا . ڪو طبقو ضرور شامل هو؟ ''
'' خير پوريءَ قوم کي تلاهي ٺهرائڻ غير مناسب ٿيندو. جنم ڀومي ۽ ٻوليءَ لاءِ پيار ته سڀ کان مٿي آهي. ڪن ۾ گھڻو ڪن ۾ ٿورو. ''
'' اِنهيءَ ڪري ته مون توکي چيو ته مان الڳه الڳه روپن ۾ مؤجود آهيان. ''
'' پنهنجي ٻوليءَ ۽ تهذيب سان پيار ڪا خودغرضي ٿيندي آهي؟ ''
'' منهنجا معصوم سڄڻ توکي ڪيئَن سمجھايان ؟
'' مونکي تنهنجي فلاسافي سمجھڻ جي ضرورت به نه آهي. اسان جي تهذيب قديم ۽ عظيم آهي. جتي سڀيتا جو سورج سڀ کان پهرين اُڀريو. اُن تي نه صرف اسان کي فخر ۽ ناز آهي پر پوري دنيا کي فخر ٿيڻ گھرجي. تواريخ نويس اُن کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگھن. اُنهن کي سنڌ جو ذڪر ڪرڻو ئي پوندو. ''
کر ڪڻا لاهي، سکه نه ستا ڪڏهين،
کاهوڙين آهي، اوسيئَـڙوڪنهن پنڌ جو
( شـاھ )
'' خير محترم ان ۾ تنهنجو ڏوھ ڪونه آهي. ٻولي، تهذيب، قوم هڪ اهڙو نازڪ پهلو آهي، جنهن تي جذباتي ٿيڻ ڪو گناه به نه آهي. پر ٻوليءَ جي آڙ وٺي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ته ڪو توهان کان..... ''
'' ڇا چيو ته ..... ''
'' توهان جي جاتيءَ ڪيڏو نه ناءُ ڪمائيو آ ‐ اڄ مرد مالدار ليکيا وڃن ٿا ۽ عورتون خوبصورت. توهان جو شمار ائڊوانس ۽ براڊ مائينڊيڊ طبقي ۾ ڪيو ٿو وڃي. ''
'' توهان ذات پات جي ڀيد ڀاءُ کي مٽائي ۽ ريتن رسمن جا ٻنڌن ٽوڙي ٻين جاتين کان گوءِ کڻي ويا آهيو اڄ ڇوڪرين بنگالي، گجراتي، سک، عيسائي، پارسي، ڪشميري ۽ آفريقي ڪٽمبن جا ويڙا وسائيا آهن. ''
'' اسان کي حالات مجبور ڪيو. ''
'' توهان کي ته ورهاڱي جي واءُ ۽ حالت مجبور ڪيو پر سنڌ جو عورتون اڄ به پڙدي جي اوٽ ۽ تنگ نظريي جي ڪوٽن ۾ قيد آهن. ''