1
'' مان! ''
'' تون؟ ''
'' ها، مان! ''
'' پر به تون ڪير؟ ''
'' مان ڪير؟ نه ٿي سڃاڻين. تنهنجو دوست. ''
'' منهنجو دوست؟
'' ها! ''
'' پر مون ته ڪڏهن توکي ڏٺو ڪونه آهي. ''
'' ڏٺو ڪونه آ ''
'' نه! توسان گفتگو ڪونه ڪئي آهي. ڪڏهن ملاقات ڪانه ٿي آهي. ''
'' منهنجي ملاقات، توسان زندگيءَ جي هر موڙ تي هر چوڙ تي ٿيندي رهي ٿي. نه صرف اڄ پر.... ''
'' پر.... پر.... پر.... به تون آهين ڪير؟ ''
'' مان! ''
'' ها تون آهين ڪير؟ ''
'' ٻڌايانءِ. ''
'' اڙي بابا، ٻڌاءِ ڪري ته تون ڪير آهين؟ ''
'' ٻڌايانءِ ''
'' اِئين ماٺ ڇو ٿي ويو آهين؟ سسپينس ڇو پيو پيدا ڪرين؟ پنهنجو نالو ڇو ڪين ٿو ٻڌائين؟ ''
'' مان! مان آهيان استحصال. ''
'' استحصال ''
'' ها تنهنجو دوست استحصال. ''
'' نه نه نه.....نه.....نه..... استحصال يعنيٰ (Exploitation)، پرماريت '' '' شوشڻ. ''
'' اڙي واھ! مون ته سوچيو هو منهنجي نالي جو تون پورو تلفظ به صحيح اُچاري نه سگھندينءَ. پر، آءُ مختلف زبانن ۾، جنهن ناءُ سان ڪوٺيو وڃان ٿو، اُنهن نالن جي به توکي ڄاڻ آهي. هاڻي ته توکي مونکي سڃاڻڻ ۾ ڏکيائي نه ٿيڻ گھرجي، ته مان تنهنجو دوست آهيان. ڪيئن ٺيڪ آهي نه؟ ''
'' ڇا پيو بڪين! تنهنجو دماغي توازن ته بگڙيل نه آهي. منهنجو دوست ۽ تون؟ تنهنجي نانءَ کان ئي مونکي نفرت آهي ۽ وري دوستي ته پري جي ڳالھ رهي. ''
'' اڙي! ڪمال ٿي ڪرين. نه صرف تنهنجو دوست، عزيز ۽ جگري دوست پر پڳه مٽ يار.......... ''
'' ڇي ڇي ڇي ......ڇي....ڇي........ ڇا پيو بڪين! مان چوان ٿي پنهنجي زبان کي لغام ڏي پنهنجي ناپاڪ زبان سان دوستيءَ جھڙي پاڪ رشتي کي بدنام نه ڪر. ''
'' اڙي ها! مان ته اِهو ٻڌائڻ ئي ڀلجي ويس ته مان نه صرف تنهنجو عزيز دوست آهيان پر.... پر...... مائٽ به آهيان. ''
'' واھ! جناب واھ! هاڻي دوستيءَ کان اڳتي وڌي مائٽيءَ جو ناءُ بخشي رت جو رشتو قائم ڪري رهيو آهين. تو جھڙن مڪارن ۽ دغابازن کي پنهنجو مائٽ تسليم ڪندي پاڪ زبان ناپاڪ ٿي ويندي. ''
'' مان! ۽ ناپاڪ؟ نه ٻيلي نه ‐ اِئين نه چئَه. مان پاڪ آهيان، پوتر آهيان...... ''
'' ڍونگي....... اول توکي پاڪ جي معنيٰ اچيئي ٿي. تون ڇا ڄاڻين پاڪ ۽ پوتر لفظ مان. ''
'' ها.....ها.....ها..... ها ها ها...... ها..... '' (ٽھڪ)
'' يا الله! منهنجي ڪنن جا پڙدا ڦاٽي ويندا. مان چوان ٿي بند ڪر پنهنجا اِهي ڀيانڪ ٽھڪ. ''
'' منهنجا ٽھڪ توکي ڀيانڪ ٿا لڳن پر مونکي يقين آ ته تون مون سان عشق، محبت ۽ پيار ڪيو آهي.
'' ڇي!! عشق، محبت ۽ پيار تو جھڙيءَ شخصيت سان؟ اهڙين شخصيتن کي مان پنهنجي گھر اندر ته ڇا پر دروازي کڙڪائڻ جي به اِجازت نه ڏيان. ''
'' پر مان ته تنهنجي گھر اندر تنهنجي سامهون بيٺو آهيان. مان ته بنا دروازي کڙڪائڻ جي اندر پهچي ويو آهيان ۽ وري اِجازت وٺي اچڻ جي به ڪهڙي ضرورت آهي؟
'' مان ته ڪم ۾ مصروف هيس نه ته توکي گھر اندر داخل ٿيڻ نه ڏيان هان. جن ناپاڪ هٿن سان دروازو کوليو اٿيئي اُهي هٿ ڀڃي ڇڏيانءِ هان. تنهنجي اهڙي دردشا ڪيان هان جو شينهن مرد به هيسجي ۽ هراسجي ڏندين آڱريون ڏين ها.''
'' اڙي....اڙي... تون ته ناراض ٿي رهي آهين. غصي ڪرڻ سان صحت تي اثر پوندو آهي. مان هرگز اِهو نه چاهيندس ته تنهنجي صحت خراب ٿئي. ڀلا وهڻ لاءِ نه چوندينءَ؟ خير! ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن سان غيرن کان به وڌيڪ بدسلوڪيءَ جو وهنوار ڪيو ويندو آهي ‐ ٺيڪ آهي، مان پاڻ ئي ٿو ويهي رهان ۽ مان وري اهڙين رسمن ۾ اعتقاد به نه رکندو آهيان، مونکي ناگوارا نه لڳندو.''
'' ڏس، ڏس تون گستاخ ٿيندو ٿو وڃين، حد اُورانگي رهيو آهين. منهنجي صبر ۽ تحمل جو پيالو پر ٿي رهيو آهي. تون منهنجي سڀاءُ کان واقف نه آهين. ۽ ها! اڻ ڄاڻ ماڻهن کي وري ڪيئن ڄاڻ پوندي. تون منهنجي غصي ۽ مزاج کان ناواقف آهين. اِنهيءَ ڪري اهڙي حرڪت ڪري رهيو آهين. تون اِن گستاخيءَ جي انجام کان اڻ ڄاڻ آهين.''
'' مان! مان ۽ اڻ ڄاڻ !! مان تنهنجي غصي کان چڱيءَ طرح واقف آهيان.'' (ٽهڪ)
'' اڙي....اڙي هيءَ ڇا پيو ڪرين. تنهنجو دماغي توازن ته بگڙي نه ويو آهي؟ ''
'' نه بلڪل نه. منهنجو دماغ صحيح سلامت آ! مان نه صرف تنهنجي غصي، پر پيار کان به واقف آهيان. تڏهن ته هتي تنهنجي
سامهون وهڻ جي جريت ڪئي اَٿم. مونکي ڄاڻ آهي ته تون مون سان بي حد پيار ڪرين ٿي. ''
'' پنهنجي زبان کي لغام ڏي. پيار ۽ توسان؟..... ڏس ڏس..... منهنجي قريب اچڻ جي ڪوشش نه ڪر. تنهنجي ان گستاخيءَ جي اهڙي سزا ڏينديسانءِ جو تواريخ ۾ به اهڙو مثال ڪونه ملندو. ''
'' ۽ وينا تواريخ ۾ اهو به درج ٿيندو ته پنهنجي عزيز دوست کي دل ڏاريندڙ سزا ٻڌائي وئي. مونکي سزا ملڻ تي نه صرف منهنجو پر تنهنجو به يعنيٰ اسان ٻنهي جو نالو قلم بند ڪيو ويندو ته پنهنجي پيار کي ....... ''
'' مان چوان ٿي پنهنجي زبان تي قابو رکه. ''
'' ها ها.... ها ها ها ها......ها ها ها.............. ها ''
'' الله ! بند ڪر پنهنجا اِهي خوفناڪ ٽهڪ، اگر تون ريڊيو تي ناٽڪن لاءِ audition ڏيڻ لاءِ اچين ته مان توکي voice test ۾ فيل ڪري ڇڏيان. ٻيو ته پري رهيو، پر راوڻ جي ڀيانڪ ڪردار لاءِ گھربل خوفناڪ آواز لاءِ به توکي approve نه ڪريان. راوڻ جا ٽهڪ به توکان سريلا هوندا. ''
'' اڙي سگھڙ سنڌياڻي ! تون ته پاڻ کي سمجھو سمجھندين آهين ۽ ڪيترا توکي ذهين ۽ قابل سمجھندا آهن.''
'' ۽ تو ڇا سمجھيو آهي ‐ بيوقوف ''
'' ها..... اڙي نه. پر خبر نه آهي ڇو اڄ تو سمجھڻ ۾ ايتري دير ڪئي آهي؟ ويھ آرام سان ويھ، Relax, relax, take it easy ڪاوڙ غصو ڇڏ
چئَين ته فرج مان تولاءِ ڪولڊ ڊرنڪ کڻي اچان. Relax, please relax, Cool down. ''
'' مان relax ته تڏهن ٿينديس جڏهن توکي ڌڪا ڏيئي ڊرائنگ روم مان ڪڍنديس. منهنجي گھر ۾ داخل ٿي، مونکي ئي مهمان بڻائي رهيو آهين. توکي ميزبان بڻجڻ جو حق ڪنهن ڏنو؟ ''
'' اڙي ان ۾ حق ۽ جريت جي ڪهڙي ڳالھ آهي، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو خود ئي ميزبان جو شرف حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي، پوءِ پنهنجي گھر ۾ نه سهي ته دوستن جي گھر ۾ ئي سهي. ڀلا منهنجي ميزبان واري ان ڪردار کي قلم ذريعي نه بيان ڪندينءَ ؟ ''
'' ڇي! تو جھڙي ناپاڪ جنس کي قلم ذريعي بيان ڪري قيمتي ڪاغذن جو نقصان ۽ قلم کي ناپاڪ نه بڻائڻو اٿم. ''
'' واھ! .......... واھ !! ......... واھ !!! ........ واھ !!! ....... ماشا الله !!! '' (تاڙيون)
'' هاڻي پنهنجي تاڙين جي ڦهڪن کي بند ڪر. منهنجي ڪنن جا پڙدا ڦاٽي پوندا ۽ اکين اڳيان ٽري وڃ.
'' اڙي واھ! تون ته چوندين آهين ته جيڪو محسوس ڪندين آهيان اُن جو اِظهار ڪندي آهيان. تو ته سماج جي نظرن ۾ ڪريل عورت تي به قلم ذريعي اِظهار ڪيو آهي. ''
'' عورت کي ان درجي تائين پهچائڻ لاءِ جوابدار ۽ ذميوار حالات ۽ ماحول آهي. جنهن ۾ سماجڪ ٻنڌن، انڌا قاعدا قانون، ريتيون رسمون، مالي مجبوريون، مردن جي حوس يا عورت جو عورت خلاف جذبو، حسد، ريس ۽ هوُس اچن ٿيون. ۽ مان اُن سچائي اِظهار ڪرڻ ۾ نه هچڪچائيندي آهيان ۽ نه ئي گھٻرائيندي آهيان. ''
'' ڀلا ! اڄ زندگيءَ جي ان سچائيءَ ۽ حقيقت کي ڇو نظرانداز ڪري رهي آهين؟ جڏهن تو ۾ ايتري جريت آهي ته پوءِ مون کان ڇو ٿي گھٻرائين؟ تون سماج کان ڊڄي رهي آهين يا ماحول کان، يا تنهائي کان يا وري پنهنجو پاڻ کان خوف ٿيڻ لڳو اٿيئي؟ تون سچائيءَ کان منهن موڙي رهي آهين. مونکي نه صرف اُميد آهي، پر يقين آهي. اعتقاد آهي ۽ پورو ڀروسو آهي ته تون مون تي پورو ديوان لکي سگھين ٿي. ''
'' مونکي تو جھڙيءَ شخصيت تي ديوان لکڻ جي ضرورت نه پوندي. تنهنجي ذات کي مان صرف ٽن لفظن ۾ بيان ڪري سگھان ٿي 'ناپاڪ' 'ذليل' ۽ 'بدصورت'. ''
'' واھ! واھ!! واھ!!! واھ!!!! ڇا ته تشبيهون ڏنيون اٿيئي. ها..... ها.... ها ها ها .... ها .... ها .... تو ته اڄ ڪمال ڪري ڇڏيو. وينا ذرا اِهو به ٻڌاءِ ته ڇا ماءُ جي ممتا ۽ پيءُ جي شفقت ناپاڪ ٿيندي آهي؟ ڀينرن ۽ ڀائرن جو قرب ۽ پيار جو ناتو ذليل ٿيندو آهي؟ ڇا دوست احباب سماج بدصورت آهي؟
'' نه..... ..... بلڪل نه ..... ... پيءُ ماءُ جي پيار ۽ پوتر خون جي رشتي کي ناپاڪ بڻائڻ، ڀائرن ۽ ڀينرن جي محبت ۽ ڀائيچاري جي جذبن کي ذليل ڪوٺڻ، دوست ۽ عزيزن کي بدصورت بيان ڪندڙ اکين کان اَنڌا، گندي زبان وارا پنهنجي اکين کي ٺيڪ ڪر، پنهنجي زبان جي ذائقي جو صحيح سواد وٺڻ لاءِ ڪنهن حڪيم ۽ طبيب جو سهارو وٺ''
'' مومل! مان ڪنهن به سهاري جو محتاج نه آهيان. توهين ئي وقت به وقت منهنجو سهارو وٺندا آهيو. ''
'' مهرباني ڪري منهنجو نالو اُنهن ماڻهن جي فهرست ۾ نه شامل ڪر. ''
'' محترمه اُن فهرست ۾ تون به شامل آهين. وقت به وقت موقعو مهل ڏسي اِنسان منهنجو سهارو وٺي اڳتي وڌندو رهيو آهي، تون ڪو فرشتو نه آهين. ''
'' ڏس ڏس ... ... ڏس ... پنهنجي زبان سنڀال. مون جھڙو ڪو .... .... ''
'' مون جھڙو ڪو نرم دل ۽ خوش مزاج اِنسان توکي ڪونه ملندو؟ ''
'' مان مضبوط دل ۽ سخت مزاج واري آهيان نه ڪي..''
'' اُهو ته مڃيم مزاج گرم لڳندو آهي. پر پٿر دل پوئيان ڪنهن نرم ۽ نازڪ جذبن کي ڪونه ڏٺو آهي. خود تون اُنهن کان اڻ ڄاڻ بڻجڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي آهين. پنهنجو پاڻ سان ناٽڪ. خير! مان اُن فهرست ۾ تنهنجي پوزيشن پٺتي ڌڪي ٿو ڇڏيان. تون خوددار آهين....... پر جڏهن وقت ساٿ ڇڏي ڏيندءِ ته تون زور شور سان اُن فهرست ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندينءَ ‐ پر تنهنجو آواز، تنهنجي قوت ڪمزور بڻجي چڪا هوندا تڏهن پنهنجو پاڻ تي........ ''
'' تون پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکه........ جناب هوش سنڀال. ڇا پيو ڳالهائين؟ مان ته سوين جنمن تائين به اُن ۾ شامل ٿيڻ جو نه سوچينديس. تون ته هن پيڙهيءَ جي ٿو ڳالھ ڪرين. ''
'' اِها ڳالھ ته برابر آهي. تون ته ڇا هر اِنسان ان فهرست ۾ شمار ٿيڻ پنهنجي گھٽتائي ۽ توهين سمجھندو آهي. ''
'' مان نه ٿي ڀانئَيان ته ڪوئي اِنسان توکي سڃاڻندي به اڻ ڄاڻ بڻجي توکي اپنائيندو. ڪي اِنسان آدرشن ۽ اُصولن جا پڪا هوندا آهن، ايمانداري ۽ سچائي اِنهن جي منزل مقصد رهي ٿي. ڀلا، اُهي ڇو اڻ ڄاڻ بڻجندا؟ ''
'' اُهي منهنجو سهارو نه وٺي پاڻ سان وشواس گھات ڪندا آهن. ''
'' تو شايد وڏڙن جو اُهو پهاڪو ڪونه ٻڌو آهي. ''
'' ڪهڙو؟ ''
'' انڌيءَ جي ٻار کي الکه جي رکه. ''
'' اڙي وينا! ڪلجڳه جي زماني ۾ تون الکه جي ڳالھ ڪري رهي آهين. وڏڙن جو دؤر ست جڳه جو دؤر هو. ڪلجڳه ۾ بندي کي الکه جي نه پر ماڻهن جي ضرورت آهي.''
'' اڃا اُهو منحوس دؤر ڪونه آيو آهي. ''
'' خير ٻين جي ڳالهين کي پاسيرو رکون، جي توکي دنيا جهان جي باري ۾ ٻڌائڻ شروع ڪندس ته تو وٽ وقت ڪونه آهي، تون چوندينءَ مونکي ڊيوٽيءَ تي وڃڻو آهي، منهنجي رڪارڊنگه آهي، ''خطن جا جواب'' ڏيڻا آهن، ''سڄڻ توکي خبر ڪهڙي'' پيش ڪرڻو آهي. وغيره وغيره. ''
'' ڏسين نه ٿو ڇا؟ اڃا هيڏيون ساريون اَخبارون پڙهڻيون آهن، تنهنجي فالتو ڳالھين ٻڌڻ جو مون وٽ وقت ڪونه آهي. ''
'' تون معصوم آهين. ''
'' مان ۽ معصوم! جناب ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي؟''
'' واھ! نه صرف معصوم، پر حسين ۽ شوخ به. جھڙي انداز سان نگاهون کڻي زلفن کي جھٽڪو ڏيئي گفتگو ڪري رهي آهين. ''
'' مان ......... چوان......... ''
'' مان توکي ڪيئن سمجھايان منهنجا معصوم سڄڻ. ''
'' سڀئي مونکي معصوم نه بلڪه تيز چوندا آهن. ''
'' خير! منهنجو سڀني سان ڪھڙو لڳه لاڳاپو. ''
'' ڇو! تون ته مختلف روپن ۾ هر ڪنهن جي قريب آهين، پوءِ لڳه لاڳاپوڪيئَن نه آهي. هر وقت پيو نيتائن وانگر بيان بدلين. ''
'' وينا! تون ته اٽي مان پئي وار ڪڍين. هن وقت منهنجو صرف توسان........ ها ........ صرف توسان واسطو آهي. اِنهيءَ ڪري مان پنهنجو رايو ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگھان. دنيا ڪجھ به چوي پر مان توکي معصوم چوندس. چهرو ۽ دل .......... ''
'' معصوم ۽ پاڪ خيال ٿيندا آهن، عورت جي سونهن، چهرو نه بلڪه اِخلاق، عزت ۽ آبرو ٿيندي آهي. صورت نه پر سيرت چئَه. ''
'' (ٽهڪ) ها .... ها .... ها .... ها ها ها ......... متان اڄ جي دؤر ۾ اِها ڳالھ ٻئي ڪنهن اڳيان ڪرين، سڀئي چريو چوندءِ. تون بابا آدم جي زماني جي ته نه آهين؟ ''
'' مان......... مان توکي بابا آدم جي زماني جي ٿي لڳان.... مان اهڙي محڪمي ۾ ڪم ڪندي آهيان جتي Boldness جي ضرورت پوي ٿي. Boldness ۽ اڌ ڊزن کن........ ''
'' نه .... نه..... اهڙي ڳالھ نه آهي ......... پر الائي ڇو ماڻهن کي اِئين لڳندو آهي ته نوڪري ڪندڙ ڇوڪرين جا Boy Friends ضرور هوندا آهن. ''