3
'' ڏٺئَه ڏٺئَه.........نه اُنهن جي تسلميت تنهنجي طرفان بي اونو ٿي 'تسڪين' جو روپ اِختيار ڪيو، يعنيٰ توکي پاڻ ئي جستجو ذريعي مقصد ۽ منزل تائين پهچڻ جي خطاب سان نوازي ۽ پنهنجو وقت بچائي ڪٽنب جي ترقي، خوشي ۽ خوشحاليءَ ۾ مست، مگن ۽ لين آهن. ''
'' نه نه، اهڙي ڳالھ ڪانه آهي. مون تي وقت اچڻ تي ڍال بڻجي ويندا. ''
'' هيل تائين گھڻا ڀيرا ڍال بڻيا آهن. ''
'' مونکي ڪڏهن اُن جي ضرورت ئي نه پئَي آهي. مان، مان، پاڻ ئي بردباريءَ سان صورتحال جو مقابلو ڪري وٺندي آهيان. ''
'' اِهو ته ڏسڻ ۾ اچي پيو. جنهن انداز سان ڳاٽ اوچو ڪري پنهنجي باري ۾ اِظهار ڪري رهي آهين، ان مان ئي ظاهر آهي. ''
'' خبر اٿيئَي منهنجا ٻه ڀائر ولائت ۾ آهن، اُنهن جو سٺو ڪاروبار آهي. پنهنجا بنگلا اٿن، مڇيءَ مانيءَ وارا آهن، مونکي چوندا آهن، تون وات مان اَکر ته ڪڍ، اسين اچي حاضر ٿينداسين. ''
'' ۽ حاضر ٿيا هوندا؟ ''
'' نه نه ! مون ڪڏهن هنن کي چيو ئي نه آهي. ''
'' ڇو؟ توکي چوڻ گھرجي. وقت ته هر ڪنهن تي ايندو آهي. اِئين نه آهي ته تون ڪا عام اِنسان کان الڳه ٿلڳه يا نرالي آهين. ''
'' تون صحيح ٿو فرمائين. ڀلا لکڻ مان ڪهڙو فائدو؟ وڏي ڳالھ ته پهچڻ ۾ ايترو وقت لڳندو جو اُهو وقت ئي نڪري ويندو. ''
'' يعنيٰ توتي وقت اچڻ واري گھڙيءَ تي، هنن جي غير موجودگي رهندي. ''
'' نه نه هرو ڀرو اهڙي ڳالھ نه آهي. زندگيءَ ۾ ٻيا به ڪيترا موقعا ايندا آهن، جن تي پنهنجن جي موجودگي سهڻي لڳندي آهي. منهنجو ولائت وارو وڏو ڀاءُ هميشه لکندو رهيو آهي ته هاڻي اسان جي گھر ۾ تون ئي آهين، ڏسجانءِ تنهنجي گھر آباد ٿيڻ واري وقت اسين سڀ ملي ڪري اهڙو ته ڌوم ڌام سان جشن ملهائينداسين جو مٽ مائٽ ريس ۽ هوُس ڪندا. ''
'' يعنيٰ پنهنجون پوريون خوشيون تو مٿان نڇاور ڪندا. اڄ ڏينهن تائين توکي اِنهن مالامال ڪري ڇڏيو هوندو. ''
'' مون ته هنن کان ڪڏهن ڪجھ گھريو ئي نه آهي. مونکي هميشه لکندا آهن تون وات مان اکر ته ڪڍ ‐ پر مون اڄ ڏينهن تائين هنن کان ڪجھ گھريو ئي نه آهي. خبر نه آهي ڇو مونکي پنهنجي لاءِ ڪجھ گھرڻ 'ٻه منهين تلوار' لڳندي آهي. ''
'' اِهو تون صحيح ٿي چئَين. ڪنهن کان ڪجھ گھرڻ 'ٻه منهين تلوار' آهي. 'ڀلي بکه ڀرم جي شل نه وڃي شان' پر پنهنجن تي ته حق ۽ فرض هوندو آهي ۽ وڏي ڳالھ ته ضرورت هر ڪنهن کي پوندي آهي. اِئين چئَه ته پنهنجين خواهشن جو اُنهن اڳيان اِظهار ئي ڪونه ڪيو آهي. ''
'' تو شايد اُهو پهاڪو ڪونه ٻڌو آهي. ''
'' ڪهڙو ؟ ''
'' ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. ''
'' پر اڄ ڪلھ جي دؤر ۾ ولائتي مال جو ايڏو ته جنون آهي، جو اُن ڪريز کان ڀلا ڪير آجو آهي. ''
'' برابر اِئين ته ٿورو گھڻو ڪريز رهي ٿو ۽ مان به ڪا اُن کان آجي نه آهيان ۽ وري هو اچن ته پاڻ سان ڪانه ڪا سُوکڙي پاکڙي کنيو اچن. وڏي ڳالھ ته مان پنهنجي پسند واريون شيون پنهنجي ولائت واري دؤري دؤران کڻي آئي آهيان. وري ايڏو سامان ڪيڏانهن ڪبو. اِئين ته هر ڀيري اچڻ کان اڳه فون تي پڇن ته توکي ڇا کپي. منهنجو ولائت وارو وڏو ڀاءُ چوندو آهي 'پئَسو کٻي هٿ جي ميل آهي. تنهنجو هڪڙو لڙڪ لکن جي مٽ آهي، اصل نه لاڙ مان تنهنجي اکه ۾ ڳوڙهو ڏسي نه سگھندس. ''
'' لڙڪ هڪڙو تنهنجي اَکـه ۾،
مـون جـي اِئين اٽڪـيل ڏٺـو،
روئـي ڏنـم اُن حـال تـي. ''
'' ڇا اِهو تنهنجي ڀاءُ جو تو لاءِ اِظهار هو. ''
'' نه نه اِهي لفظ ته هن وقت اِئين ئي لبن تي اچي ويا. منهنجو ڀاءُ ضرور اِئين ئي محسوس ڪندو هوندو نه؟ ''
'' مطلب ته جذبا هن جا اِئين ئي هوندا. ''
'' ها، خبر اٿيئَي مون ڪٿي پڙهيو هو ته ڳوڙهن ڳڙڻ سان اکيون خوبصورت بڻجي وينديون آهن. اُن لاءِ ڪڏهن ڪڏهن اکين مان لڙڪن جون لڙيون لڙڻ گھرجن. ''
'' تڏهن تنهنجون اکيون ايڏيون سهڻيون پيون لڳن. ايڏا لڙڪ لاڙيا اٿيئَي ڇا؟ ''
'' هل ڪوڙا، منهنجون اکيون ڪي سهڻيون آهن؟ اڃا نڪ سهڻو آهي. ''
'' جي تنهنجون اکيون سهڻيون نه آهن ته پوءِ تو ڪڏهن لڙڪ ئي نه لاڙيا هوندا ۽ وري مردن لاءِ پئَسو کٻي هٿ جي ميل واري تنهنجا ڳوڙها ڏسي اُن هٿن جي ميل ذريعي ڳوڙها اکين مان لڙڻ ته ڇا پر اُنهن کي ترڻ به نه ڏنو هوندو. ''
'' ائين ڀلا ڪيئَن ٿيندو. ڏکه ۽ سکه، مسڪراهٽ ۽ لڙڪ زندگيءَ جو حصو آهن. صرف هر فرد جو الڳه الڳه پئَمانو هوندو آهي. ڪن جو گھڻو ته ڪن جو ٿورو، ڪن جو من اندر ته ڪن جو وري من کان ٻاهر اکين مان موتيءَ جي لڙي لڙي ڳلن تي ماڪ جي ڦڙن جيان ٽمڻ لڳي. ''
'' ڪر ته خبر تنهنجا موتي من اندر، يا من کان ٻاهر. ''
'' تو ڇا محسوس ڪيو؟ تون ئي ڪري ٻڌاءِ، منهنجي چهري تي ڇا ڏٺئَه؟ ''
'' اِهو ئي ‐
'' لڙڪ هڪڙو تنهنجي اَکـه ۾،
مـون جـي اِئين اٽڪـيل ڏٺـو،
روئـي ڏنـم اُن حـال تـي. ''
جڏهين ڳوڙها ڳڙندا هوندا ته هو غير حاضر هوندا ۽ جيستائين پهچندا تيستائين لڙڪن جون لڙيون خشڪ ٿي وينديون. ''
'' اڙي جناب تون ته بلڪل ديوانو آهين، ديوانو. منهنجي ڳالھ سمجھين ڇو نه ٿو؟ لڙڪ ۽ مرڪ هر اِنسان جي زندگي ساڻ جڙيل آهن. زندگي به سج جي ٻن ٻاڇن جيان آهي. ان کان ڪير ٿو پلاند ڇڏائي سگھي ۽ وري لڙڪن جو ڪو وقت ٿوريئَي مقرر ٿيندو آهي. خبر نه آهي ڪهڙي وقت بن بادل برسات وانگر برسي پون. ته ڇا هر گھڙي ۽ هر وقت منهنجي اکين ڏيئَي نهاريندا رهن، روزمره جي ڪم ڪار کي تلانجلي ڏيئَي اکين ۾ اکيون وجھي ويٺا رهن. ۽ وڏي ڳالھ ته مان گھر ۾ وهان ڪٿي ٿي. ''
'' پوءِ ته تون به پنهنجن جي دک سک کان ناواقف هوندينءَ. ''
'' ائين ڀلا ڪيئَن ٿو ٿي سگھي. ڪوئي گھر جي ڀاتين جي جذبن کان اڻ واقف رهي سگھي ٿو؟ ڪي اڻ ڄاڻ هوندي ۽ ڪي ڄاڻندي به اڻ ڄاڻ بڻجندا آهن. ''
'' تون ڪهڙي ڪئَٽگريءَ ۾ آهين ''
'' الله! تون ته ''مڇڏو'' آهين. ''
'' يعنيٰ توکي اُنهن جي دک سک جو احساس آهي. تون اُنهن جي جذبن کان واقف آهين. ''
'' ٻيو نه وري ڇا؟ هڪ واريءَ منهنجي وڏي ڀيڻ جي اکين مان لڙڪ لڙي آيا. مون هن جي ڳلن تان ڳوڙها اُگھندي چيو هو ''مان تيستائين سک جو ساھ نه کڻندس جيستائين تنهنجي اِها خواهش پوري نه ڪندس.'' منهنجي ننڊ ڦٽي پئَي ۽ مون تڏهن وڃي سک جو ساھ کنيو جڏهن سندس لبن تي مسڪراهٽ ڏٺم. چهري ٿي سڪون ڏٺم. ساڳيءَ طرح ٻيءَ ڀيڻ جي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيم. جنهن ڳالھ تي فخر ۽ ناز اٿم جو اهو مقصد پلئَه پيو. جستجو ڪرڻ کانپوءِ نتيجي جو جيڪو ڦل ملي ٿو اُن جو مزو ۽ نشو ئي نرالو آهي. ''
'' يعنيٰ تو منهنجو سهارو ورتو. ''
'' مطلب؟ ''
'' مطلب صاف آهي. ڪاميابي، ناموس، واه! واه!! ۾ منهنجو تصور. ''
'' نه نه نه ..... اهڙي ڳالھ نه آهي. ''
'' نه آهي؟ ڪيئَن نه آهي. ڪي منهنجو سهارو ڪهڙي روپ ۾ وٺن ٿا ته ڪي ڪهڙي روپ ۾. ڪي '' مظلوم '' ته ڪي '' جابر '' ڪي '' گدا '' ٿي ته ڪي '' فقير '' بڻجي، ڪي ته '' حرفت باز '' بڻجي ته ڪي '' نماڻا ۽ نھٺا ''، ڪي '' تشدد '' ته ڪي '' اهنسا'' ۾ ڪي '' فرشتي '' جو اوتار بڻجي ته ڪي ''شيطان'' جو چوغو پائي. ''
'' تون ته صفا ڳالهين جو ڳوٺ آهين ڳوٺ! ڪٿان جي ڳالھ ڪٿي وڃي هنڌ ڪئَي اٿئَي. ''
'' جتي ڇوڙ ٿيڻو آهي اُتي ئي هنڌ ڪئَي اٿم ‐ ها اِهو ئي ڄاڻڻ چاهيندس هاڻي هنن جو وقت صرف تو لاءِ ئي هوندو آهي. تو لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏينديون هونديون. ''
'' برابر مون لاءِ ڪنديون ؟ ''
'' ڪنديون!! ڪنديون ڇو چئَي رهي آهين. ڪن نه ٿيون ڇا؟ ''
'' در اصل هنن کي ڪي مجبوريون آهن. پنهنجو گھر ڏسڻو اٿن. منهنجي خاطر گھر جو سڪون ٿوريئَي وڃائينديون. آخرڪار هنن جو پنهنجو سنسار آهي ۽ ها وڏي ڳالھ هنن کي پنهنجي پتي پرميشور جو به خيال رکڻو پوي ٿو. اول پنهنجو گھر گھاٽ ڏسڻو پوي ٿو ‐ اهو ته دنيا جو دستور آهي. ''
'' پوءِ تون پنهنجي ننڊ ڇو پئَي ڦٽائين؟ ''
'' مان! ۽ پنهنجي ننڊ ڦٽايان، ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي. مونکي ته آفيس جي ڪمن کان ئي فرصت ڪانه آهي. وڏي ڳالھ ته مون لاءِ موڪلن ملڻ جو مسئلو آهي. ''
'' ڇو؟ ٻيو اسٽاف ڪونه آهي ڇا؟ ''
'' نه نه ٻيو اسٽاف ڇو نه آهي ائين ته ٻيا به آهن. ''
'' پوءِ توسان موڪل جو مسئلو ڇو؟ ''
'' سڄڻ توکي خبر ڪهڙي، خطن جا جواب تيار ڪرڻا ٿا پون، تبصري جو ترجمو، رڪارڊنگه وغيره وغيره لڳل آهي ۽ ان وغيره وغيره ۾ گھڻا ئي ڪم لڳل آهن. ''
'' ڇو؟ وغيره وغيره لاءِ ٻيو ڪو ماڻهو ڪونه آهي ڇا؟''
'' ان لاءِ ڪئَزئيل هئَنڊ ته بوڪ ڪندا آهيون پر تڏهن به فرمائشي خطن وغيره جو مسئلو ٿيو پوي. ڪن جا نالا غلط ٿين ته افسوس ٿئَيم ڇو جو ويچارا ٻڌندڙ پنجن ڇهن روپين کان مٿي پئَسا خرچ ڪري لفافا لکن. وڏي ڳالھ ته سنڌ جا ڪيترا ٻڌندڙ ڏوُر علائقن جي ڳوٺـڙن، واهڻن ۽ بستين ۾ آباد آهن ۽ ڪئَي ڪلوميٽر پيري پنڌ اچي ڀرواري ڳوٺ جي پوسٽ آفيس مان ٽڪليون ۽ لفافا وٺن. پنهنجي پگھر جي پورهئَي جي رقم مان ورتل ٽڪليون ۽ وقت سيڙائي جذبن جو اِظهار ڪن. گھٽ ۾ گھٽ اُنهن جي قلم جي پورهئَي جو احترام ته ڪرڻ گھرجي. ''
''اِها همدردي ته سٺي آهي پر وغيره وغيره ۾ ٻيو ڇا؟''
'' ٻيو توکي سمجھ ۾ ڪونه ايندو جو نشريات جو معاملو آهي. ''
'' ڇو مونکي ڄڻ ريڊيو جي ڄاڻ ڪانه آهي؟ مان ته هر هنڌ موجود آهيان. ''
'' ڇو؟ تون الله آهين ڇا جو هر هنڌ حاضر ناظر آهين؟''
'' نه الله سائين ته نه آهيان پر ائين دين دنيا جي حرفتن کان به اڻ واقف نه آهيان. آخرڪار زندگيءَ جي شطرنج ۾ ڪي ''پيادا'' آهن ته ڪي ''وزير'' ۽ اُنهن مٿان ''راڻي'' ۽ ''بادشاه''. بادشاه جي حڪم تي مهرا بڻجي مختلف چالون هلون ٿا. زندگيءَ جي ان شطرنج ۾ ڪو کٽي ٿو ته ڪو هارائي ٿو ۽ شطرنج جي چال لاءِ دماغ کپي حرفت کپي، ۽ انهن چالن جي وڪڙ ۾ اچي، فنڪارن جا ڪانٽريڪٽ روانا ڪرڻ، چيڪ تيار ڪرڻ اُنهن جي سهوليت لاءِ پنهنجو شخصي ٽيليفون استعمال ڪري پاڻ کي ٺوڪي لڳائڻ وغيره وغيره اِهي ئي ته .......... ''
'' ڪانٽريڪٽ موڪلڻ منهنجي جوابداري ڪونه آهي. اِهو ته ائـڊمنسٽريشن جو ڪم ۽ جوابداري آهي. ''
'' تون ته پرفارمنگه آرٽيسٽ آهين اِها ته پروگرام ائگزيڪيوٽـوَ جي جوابداري آهي. ۽ تون اهڙي ڳهيلي آهين جو پنهنجي زر ۽ وقت جو نقصان پئَي ڪرين يعني تون پنهنجي هوشياري ڏيکارڻ ۽ تعاون ڪرڻ جي روپ ۾ مونکي اپنائڻ جي ڪوشش ڪئَي. ''
'' نه نه ........... نه نه نه اهڙي ڳالھ نه آهي. ''
'' اهڙي ڳالھ نه آهي ته وري ٻيو ڇا آهي؟ ''
'' در اصل فنڪارن آرٽيسٽن جو پيمينٽس رهجي وڃن ٿيون پوءِ پروگرام ائگزيوڪئَيٽ جي غير موجودگيءَ ۾ مونکي چون ۽ مون ۾ وري اهڙي پٽ جو ڪم اصل پينڊنگ رکان ئي ڪين، جلدي اُڪلائيان. ''
'' يعنيٰ ‐ جو ڪل ڪرو سو آج
جو آج ڪرو سو اڀي
پـل ۾ پـرلءِ هـئَـه
ڦـر ڪـريـگا ڪـب . ''
جن کي تڪڙا چيڪ يا ڪانٽرئڪٽ وغيره تيار ڪري موڪليندينءَ ته اُهي ضرور تنهنجي تعريف ڪندا هوندا. تنهنجي واه واه ڪندا هوندا. بس وينا اِهو اٿيئَي منهنجو هڪڙو پيارو نيارو روپ. ''
'' يعني. ''
'' اِها سکڻي واه! واه!! واه!!! اڙي اڙي ڏندن ۾ آڱر دٻائي ڀرون تاڻي ڇو گھوري رهي آهين؟ ''
'' واه! واه!! جي ضرورت نه آهي. پر ڪيترن جو چوڻ آهي ته مونکي ٻيهر چوڻ جو کين موقعو ئي ڪونه مليو اٿن.''
'' پوءِ ته اُهي سڄڻ تنهنجو ڏاڍو خيال رکندا هوندا. پروگرام لاءِ صلاح يا دعوت وغيره ڏيڻ لاءِ تو وٽ ايندا هوندا. تنهنجو خيال رکندا هوندا. ''
'' مان پروگرام آفيسر ٿوريئَي آهيان جو مون سان ڳالهائيندا. پروگرام ته اُنهن کي اُهوئي ڏيندو. اِن ڪري اُن وٽ دعا سلام لاءِ ايندا آهن. ''