ناول

منهنجـا معصوم سڄڻ

هي ڪتاب ھند جي نامياري ليکڪا وينا شرنگي جي مونولاگ جي صورت ۾ لکيل ناول (يادن جو مجموعو) آھي. ھوءَ لکي ٿي:
''منهنجا معصوم سڄڻ'' هي ڪا صرف منهنجي نه پر سڄڻ تنهنجي زندگي آ.... منهنجي زندگي آ.... اسان سڀني جي زندگي سمايل آ.... '' منهنجا معصوم سڄڻ '' ڪنهن هڪ وينا يا وشال جي داستان نه آهي، پر اِنساني زندگيءَ جا اَلڳ اَلڳ روپ آهن. ''منهنجا معصوم سڄڻ'' ڪهڙي وينا جو اِظهار آهي اُن کان ناواقف آهيان جا مون کان منهنجو وجود ڦُري رهي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2069
  • 863
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • وينا شرنگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منهنجـا معصوم سڄڻ

ڪـتـابـي سـمـالـوچـنـا '' هـندواسـي ''

Hindvasi 19th June 1988
ڪـتـابـي سـمـالـوچـنـا
'' هـندواسـي ''
پـکـا ۽ پـنهـوار ڏٺـي مـون ڏيـنـهـن ٿـيـا

وينا شرنگي (سفرنامو) ڇپائيندڙ : پرميلا پبليڪيشن C - 84 اِندر پوري، نئَين دهلي ‐ 12، صفحا 218، قيمت 55 روپيا.
وينا جو هيءُ سفرنامو پڙهندي الائي ڇو ڪرشن راهيءَ جو هيءُ بيت من تي تري آيو:
جيڪي هـت ڄـمـيا، سي ڀـي سنڌي سڏبا،
سنڌي ٿي به سنڌ کي، ڏسڻ کون سڪندا،
ڌارين وانگيان جڏهين، سنڌ وڃي ڏسندا،
ماڻهو اِئين چوندا ته، سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ.
وينا ڄاول سنڌ جي آهي، پر ويهارو سالن جي وطن کان وڇوڙي بعد جڏهن سنڌ جي سفر تي ويئَي آهي ته سندس منووگيانڪ حالت، من جي آترويلا، انتظار ڀري لوڇ ۽ شين توڙي واقعن ڏانهن گھري ممتا ۽ لالسا اُها ٿي آهي، جيڪا اُن شخص ۾ ٿئَي، جنهن ڄڻ سڀ ڪجھ وڃايو هجي ۽ اوچتو اُن کي ڳولهڻ، ڏسڻ ۽ پائڻ جو وجھ مليو هجيس. وينا چاهيو آهي ته محدود ۽ ٿوري وقت ۾ سنڌ جي ماحول، سنڌ جي شاهوڪار ورثي ۽ سنڌ جي روح کي جھٽي وٺي. سنڌ کي Rediscover ڪري، ڇو ته هن کانپوءِ '' الله '' ڄاڻي ته ڇا ٿئَي! اهڙي پيڙا جو پڙاڏو سندس اکرن ۾ ''...... سرحدن کي الڳه ڪندڙ اُهو صليب آهي، جنهن تي جسم ۽ روح لٽڪيل آهن‐ ٻي خبر نه آهي...... پر مرڻ کانپوءِ اُن منظر کي سمائڻ لاءِ هيءُ اکيون اڌ کليون رهنديون. ''
هـنيون منهنجو هـت ٿيو، هـت مـٽي ۽ مـاھ .
وينا جيءُ کولي سنڌ جو سير ڪيو آهي. ائين چوڻ ته هن سڄي سنڌ جي مٽي ڇاڻي آهي، شايد وڌاءُ ٿئَي پر يقين ڄاڻو ته سنڌ جي تهذيبي مرڪزن، اتهاسڪ هنڌن، خوبصورت آسٿانن ۽ محبوبڙن ماڻهن مان ڪو ورلي آهي، جنهن سان هوءُ نه ملي هجي يا نه ڏٺو هجي. لڳي ٿو ڪا پياس آهي، جنهن کي ٻجھائڻ لاءِ هوءَ سرگردان آهي. وقتي سچ پچ اُڃ ‐ بک جو اونو به نه رهيو اٿس. هن اُڏيري لال جي جوتين وارو مندر به ڏٺو، جنهن کي هندو مسلم اڃا تائين پوڄين ٿا ته ڀٽ شاھ جو مقبرو به ڏٺو، جو اڄ به سنڌي تهذيب جو روشن منار آهي ۽ پوري سنڌ جي خلق کي سڪون ٿو بخشي ۽ اخلاقي ٻل ٿو ڏئي. هن قرار ڍنڍ جو مشاهدو ماڻيو، ته ڪينجهر ڍنڍ جي حسين منظر کي لهندڙ سج جي لالڻ ۾ ڏٺو. اُها ڍنڍ جنهن کي شاھ لطيف، نوري ۽ ڄام تماچي جي قصي ۾ امر بڻائي ڇڏيو آهي. هوءَ مڪلي ٽڪريءَ تي به ويئَي، جتي سنڌوءَ جي ماضيءَ جو اِتهاس دفنايو پيو آهي ته ڀنڀور جي کنڊهرن ۾ سسئَي جي ورلاپ جا پڙاڏا به ٻڌائين. هن اروڙ جو اِتهاسڪ قلعو ۽ مندر به ڏٺو جتي سنڌ جو آخرين راجا ڏاهر راڄ ڪندو هو. ساڌ ٻيلي جو دلفريب ديدار ته ڪيائين پر اُتي ماني ۽ پاڻيءَ جو لطف به ماڻي آئي ۽ ٻيو به گھڻو ڏٺائين ۽ ماڻيائين.
سڄي سفرنامي ۾ اِسٿول منظر ‐ ڪشيءَ کان وڌيڪ نازڪ ۽ اَهم آهن اُنجا تاثرات جيڪي ليکڪا نهايت ئي سچائي سان چٽيا آهن ۽ سهڻيون تصويرون ٺاهي ورتيون آهن. اُهي تصويرون ڪٿي دک ۽ درد جو احساس ٿيون ڏيارين، ڪٿي سوچ جي پرن تي ٿيون اڏائين. ڪٿي غصي ۽ ڌڪار جي ڌارا ۾ ٿيون وهائين ته ڪٿي موج ۽ مستيءَ جي عالم ۾ ڇڪي ٿيون وٺن. ڪي لمحا اِنتهائي دلفريب ته ڪي پيڙا ڏيندڙ.
وينا پهرين ڏينهن ئي شهداد ڪوٽ واري پنهنجي ويران گھر جو ورنن ڪندي، درد جي هڪ سوُٽ جاڳائي آهي. ساڳي سوٽ هن اِظهار مان پڻ اُٿي ٿي : '' شڪارپوري ڪلفي نه کائي پڇتائڻ کان، کائي پڇتائڻ ڀلو ڀانئَيم. '' سنڌ يونيورسٽي (ڄامشورو) ۾ سنڌالاجي ڊپارٽمينٽ، جتي ڄڻ سنڌ جي تهذيب جو بيبها ۽ اَڻميو خزانو گڏ ڪيو پيو وڃي، اُتي پهچڻ سان وينا جو قد هرڪيوليس جيڏو ( جسماني نه، اِخلاقي ۽ ذهني طور ) ٿي ويو آهي. پنهنجي شاهوڪار ماضيءَ تي اٿاھ فخر ۽ ڳاٽ اوچو ‐ '' اگر دنيا جي نگاھ سنڌيت جي علامت عظيم اداري سنڌالاجي تي پوي ته اُنهن کي پنهنجو رخ ۽ رويو بدلائڻو پوندو. '' ساڳيءَ طرح ڪلفٽن ۽ هاڪس بي جي شيل شغل ڪرڻ وقت ليکڪا اهڙي سروُر ۽ ڪيفيت ۾ آهي، ڄڻ سڌ ٻڌ وڃايل، يادگيرين جي ڪنجن جي ولر سان اُڏمندڙ ۽ ٻيون خوبصورت چيزون آهن. مثال طور ‐ '' آءُ وات وڪيل '' سڀني کي هن ننڍڙي نوٽ ۾ بند ڪرڻ ڏکيو آهي.
گرامر واري پهلوءَ کي پاسيرو رکي مان چوندس ته ليکڪا جي ٻولي ڏاڍي برجسٿي آهي ٻوليءَ تي قبضو اٿس. شهري ۽ ڳوٺاڻي ٻوليءَ جو سهڻو سنگم آهي، جنهن ۾ پنهنجي ڀونءِ جو سڳنڌ ۽ ميٺاج آهي. ڪي ڪي مهاورا اهڙا به اِستعمال ٿي ڪري جيڪي رواجي اِستري ليکڪا جي پهچ کان پري آهن. صرف ٿورا مثال : پيران پير، دستگير جي ڊوهي اٿو، هنن جو دين ايمان صرف ڌن دولت، نانوَ جي بک ۽ زن آهي، غيرت صرف مردن جي جاگير نه آهي، اک پٽڻ کان اڳه عورت جو سوَدو ڪيو ويندو آهي، ڏھ ڀيرا عشق جو اِظهار ڪرڻ مردن جي جنم ڪنڊليءَ ۾ لکيل آهي وغيرھ وغيرھ.
باقي هڪ ڳالھ ‐ هن سفرنامي ۾ شخص جي خالي خالي وجود جي پيڙا جو درد ‐ انفرادي سطح کان اُڀري گڏيل درد جو آڪار بڻجي پيو آهي. جيڪو به حساس دل پڙهندو، سو درد کي پنهنجو ئي سمجھندو.

[b]ڪـيرت ٻـاٻـاڻـي
[/b]