ناول

منهنجـا معصوم سڄڻ

هي ڪتاب ھند جي نامياري ليکڪا وينا شرنگي جي مونولاگ جي صورت ۾ لکيل ناول (يادن جو مجموعو) آھي. ھوءَ لکي ٿي:
''منهنجا معصوم سڄڻ'' هي ڪا صرف منهنجي نه پر سڄڻ تنهنجي زندگي آ.... منهنجي زندگي آ.... اسان سڀني جي زندگي سمايل آ.... '' منهنجا معصوم سڄڻ '' ڪنهن هڪ وينا يا وشال جي داستان نه آهي، پر اِنساني زندگيءَ جا اَلڳ اَلڳ روپ آهن. ''منهنجا معصوم سڄڻ'' ڪهڙي وينا جو اِظهار آهي اُن کان ناواقف آهيان جا مون کان منهنجو وجود ڦُري رهي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2069
  • 863
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • وينا شرنگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منهنجـا معصوم سڄڻ

2

'' ۽ وري معصوم سڄڻ تنهنجي دل کولي ٽهڪڻ ڏيڻ تي ماڻهن کي لڳندو هوندو ......... ''
'' مان توکي ان ٽهڪن جو قصو ٻڌايان‐ هڪ ڀيري هڪ جناب سان اهڙي ئي موضوع تي گفتگو ٿي ته دفتر ۾ ڪم ڪندڙ نوڪري پيشي واريون عورتون تيز ٿين ٿيون ۽ وري جيڪا ڪپڙو لٽو چڱو ڪري ان عورت لاءِ ڪوڙن قصن ۽ الزامن جا ته ڍير.......... '' يعنيٰ...............
'' اسين اُن اٻلا تي رحم کائيندا آهيون
جا اڄ جي دؤر ۾ خودداريءَ جو پلاند پڪڙي آدرشن جي واٽ وٺندي آهي
اُن جي اڇي اُجري پلاند کي الزامن جا ڪلنڪ لڳائي ڪارو ڪندا آهيون. ''
'' هڪ طرف مون سان نفرت ڪري رهي آهين ۽ ٻئي طرف جيءَ سان جڪڙي رهي آهين. ''
'' ڇـي............ ''
'' مون سان تنهنجي اِها نفرت ئي تنهنجو وڏو ڏوھ آهي. جنهن جي سزا........... ''
'' ڏوھ ۽ سزا !!؟ ''
'' تنهنجو سڀ کان وڏو ڏوھ اِهو آهي جو تون پنهنجي شخصيت، پنهنجي Plus points کان ناواقف آهين. ''
'' ڪمال ٿو ڪرين!؟ مان ۽ پنهنجي شخصيت ۽ پنهنجين Plus & Minus Points کان بخوبي واقف نه هجان. ''
'' اگر تون بخوبي واقف هجين ها ته اُنهن جو جوڳو استعمال ڪرين ها. ''
'' خبر نه آهي تون ڪهڙين Plus ۽ Minus Points جي ڳالھ ڪري رهيو آهين. ''
'' تنهنجي صورت. ''
'' منهنجي صورت !!؟ ''
'' ها تنهنجي صورت، هار سينگار، ڪپڙو لٽو، چهري تي خوشيءَ جا تاثرات ۽ ٻاهرين شخصيت جو من سان تضاد غلط فهمين جو شڪار بڻائين ٿا. ''
'' تنهنجو مطلب آهي ته پنهنجي پسند نا پسند کي ترڪ ڪري ڇڏيان. اگر اِهو تضاد آهي ته ڪن اُصولن جو آهي. ''
'' سمجھو تو ...... ''
'' ڇا؟ اصولن سان ''
'' ها ''
'' نه نه ................ ''
'' نه نه ته پوءِ زندگيءَ جو قيمتي سرمائيو وقت کان اڳه شعلن جي حوالي ڪري ڇڏ. ''
'' تنهنجو مطلب آهي جڏهن چهري ته وقت ليڪون ڪڍي، دکه درد ڀيانڪ وار ڪن، يا پنهنجي ڇاپ ڇڏين. ''
'' ها. ''
'' تڏهن ئي رحم کائي هٿ وڌائيندا. ''
'' بلڪل، ديا کائي. ''
'' نه اُهو وقت نه ايندو. ''
'' ته پوءِ ڪلجڳه جي دؤر ۾ فرشتن جو اِنتظار ڪر، جيڪي توکي ڪونه ملندا. توکي ان 'تضاد' سان ناٽڪ ڪرڻو ئي پوندو. ''
'' هيءَ دنيا حقيقت کي تسليم نٿي ڪري. گيتا ۾ چيل آهي ته پاڻ ئي خرچ ضرور ڪرڻ گھرجي. خبر اٿئي ته ڪنجوس، لوڀي ۽ وشواس گھات ڪندڙ ڪهڙي جوڻ وٺندا؟''
'' ها ها ........... ها ها ......... ''
'' اهي صرف دل کي آٿت آهن. ڪنهن کي خبر ڪير ڪهڙي جوڻ وٺندو ‐ اهي نادانيون ڇڏ ... ۽ ... ''
'' نه نه اهڙو سون ئي گھوريم جيڪو ڪن ڇني. ''
'' ٻه واٽون آهن. ''
'' وجودي زن سي هئه تصويريه ڪائنات ۾ رنگت ''
'' عورت جو رنگه روپ. ''
'' دشمن آهي. ''
'' اگر ان کي دشمن قرار ڏين ٿي ته ٻي واٽ ٻڌي وٺ.''
'' چهري تي ڏک مايوسيءَ جو اِظهار ڪري همدردي ۽ فائدو. ''
'' اِهو فريب آهي ''
'' فريب نه ...... 'حرفت' 'فن' ‘Diplomacy’ ''
'' تنهنجو مطلب آهي عورتن لاءِ وچين واٽ وٺڻ گناھ آهي. ''
'' ان وچينءَ واٽ ۾ تڪليفون آهن، هيٺ مٿاهيون آهن.......... ۽ آهن ڏکه، سُور ۽ مصيبتون. ''
'' نه بلڪل نه...... وچين واٽ ئي زندگيءَ ۾ توازن برقرار رکي ٿي. ''
'' ٺاھ ٺوھ ۽ اها صورت به عورت جي دشمن آهي. ''
'' دشمن نه پر سڄڻ چئَه ۽ تون پنهنجي سڄڻن کي ڌڪارين ٿي. ''
'' اِها صورت وقت جي سانچي ۾ ايترو جلد ڍلجي وڃي ٿي، جو پوءِ صورت تي ناز ڪندڙ نازنينون پنهنجي ئي خواهشن ۽ خوشين جا لاش جھڪيل ڪلهن تي ڍوئيندي لڙڪ لاڙين ٿيون. آئيني ۾ وقت جو ليڪون چهري تي ڏسي خؤفزده ٿين ٿيون. ''
'' پر تون اُن منزل تي پير پائڻ کان اڳه ئي اُنهن جي ڀاونائن کي ڪيئن ڄاتو؟ ''
'' جو مان خود عورت آهيان ‐ اگر تنهائيءَ ۾ پاڻ ۽ پنهنجو 'وجود' خود ئي آئينده جو درپڻ ڏيکاريندو. ''
'' اڙي ها ! اِهو ته ٻڌاءِ جنهن جناب سان تنهنجي اُن موضوع تي گفتگو ٿي اُن سان ٻي ڪهڙي ڳالھ ٻولھ ٿي؟ ''
'' مون اُن جناب کي چيو ‐ ماڻهن جا اهڙا ويچار ڏسي مون کي لڳي ٿو ته مون لاءِ به اهڙا گمان ٿيندا هوندا ته ٻه ٽي Boy Friends ته ضرور هوندا. اُن تي خبر اٿيئي اُن جناب وراڻيو ‐ تنهنجا ٽهڪ تنهنجي شڪل ڏسي هڪ ٻن جو نه بلڪه ڊزن کن جو گمان ٿئي ٿو. جنهن تي پوري محفل کلي ڏنو.
اِها ته غلط ڳالھ چئبي. اِئين ته ڪيترا ماڻهو ملندا. ۽ آفيس ۾ گڏ ڪم ڪن ٿا، ان جو مطلب اِهو ٿوريئي آهي ته اُنهن سان دوستي ٿي وئي ۽ وري نوڪري به اهڙي جو سون ماڻهن سان واسطو پوي. برا ڀلا، حرفت باز، نيڪ، رحمدل، شريف ۽ وغيره وغيره. ''
'' تو صحيح فرمايو سڀيئَي مون جھڙا دوست ٿوريئي هوندا. ''
'' ڇو! تون پاڻ کي وري نيڪ ٿو ڀائين ڇا؟ تون وري ڪهڙو چڱو مڙس آهين ''استحصال'' اِهو ئي تنهنجو نالو آهي نه؟ تو جھڙن حرفت بازن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان. مون اهڙي کوھ جو پاڻي پيتو آهي جنهن جو تون ترو به نه لهي سگھين.
'' ڪهڙي کوھ جو؟ پنهنجي ڳوٺ شهداد ڪوٽ واري کوھ جو ڇا؟ ''
'' ها! اِئين ئي ڪري سمجھ شهداد ڪوٽ واري کوھ جو پاڻي پيتو اٿم ۽ لاڙڪاڻي جي رائيس ڪئَنال جي پاڻيءَ جي امڙ ستي پياري آهي. ''
'' ڇو لاڙڪاڻي جي وري ڪيئَن ؟ ''
'' اِهو هيئن جو ٽي ڀائر شهداد ڪوٽ ۾ ڄاوا، ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ ڪراچيءَ ۾، هڪ ڀيڻ بمبئيءَ ۾ ڄائي ۽ مان لاڙڪاڻي ۾ ڄاوس. ''
'' توکي ڏسي لاڙڪاڻي جو پهاڪو ياد اچي ويو 'هجيئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو'. لاڙڪاڻي جا ماڻهو ڪپڙي لٽي جا شوقين ٿين. اِنهيءَ ڪري تو به اُتان جي اَڍ ڇڪي آهي ۽ ها اِهي دليل لاڙڪاڻي جي رائيس ڪئَنال جي پاڻيءَ جو ئي نتيجو آهن؟ ''
'' ڇا به ڪري سمجھ، ڪنهن جي گھران ٿوريئي ٿي کان، جو ڊڄان؟ اسين ڪنهن جي ڪڙي تي ٿوريئي ويٺا آهيون جو مڻ مڻ ڪريون. ''
'' وينا تنهنجا اِهي بي لاڳه دليل تنهنجا دشمن آهن. مون ڪئَي ڀيرا محسوس ڪيو آهي، معصوميت ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ توکي منهنجو سهارو وٺندي ڏٺو آهي. ''
'' ڇا؟ مان ۽ تنهنجو سهارو !! ''
'' خير ‐ وقت ايندو ته تون ڄاڻندي به اڻ ڄاڻ بڻجندينءَ ۽ منهنجي سهاري لاءِ تڙڦندينءَ ۽ اُن وقت مان به توکي ستائيندس، جيئن توکي منهنجيءَ ضرورت جو احساس ٿئي.''
'' ضرورت ۽ تنهنجي؟ وڃ ڙي وڃ 'آپ نه پلي ڏوجا متيان ڏيوي : . ''
'' مان توکي سمجھايان. ''
'' تون ڇا مونکي سمجھائيندين؟ جنهن جو 'پنهنجو گھرگھاٽ، ٺورٺڪاڻو' ۽ بنياد نه هوندو آهي ٻين جي گھرن ۾ کاٽ هڻندا آهن. بڙ ‐ بڙ ‐ بڙ ڇيڻا جنگه مچاءِ. ''
'' جيستائين مونکي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏيندينءَ تيستائين مان پنهنجي باري ۾ توکي ڪيئَن ٻڌائي سگھندس. ڪڏهن مان تنهنجي پيءُ ۾ واسو ڪري تنهنجي عزت آبرو جو فڪر ۽ تنهنجي سرپرستيءَ لاءِ وڏڙن جي رواعيت ۽ خاندان جي ناءُ تي اولاد جي خوشين جو گلو گھوٽي پنهنجن اُصولن کي برقرار رکيو آهي ۽ ڪڏهن ماءُ بڻجي عورت جي قرباني جو جذبو عظيم تصور ڪري پنهنجن آدرشن کي عملي جامو پهرائيو آهي. ڪڏهن ڀاءُ بڻجي سارسنڀال ۽ جوابداري نڀائڻ جي دنياداريءَ جو نقاب چاڙهي داد حاصل ڪيو آهي. ڪڏهن هڏ ڏوکي ڀيڻ جو روپ ڌاري مقصد پاتو آهي. باقي ڀاڄائي ۽ ڀيڻويئَن جو مان ناءُ ئي نه وٺندس جو اُنهن رشتن جي باري ۾ دنيا گھڻو ڪجھ ڏٺو آهي، ٻڌو آهي ۽ جڏهن ڪڏهن به اِنهن رشتن لٽيو آهي ته ڌارئي خون تي معيارون ڪهڙيون چئَي ڳالھ اُتي ئي 'لئَه مٽي' ڪئي وئي آهي. مون ڪڏهن تنهنجو سڄڻ بڻجي واه واه! ڪري ۽ نام نهاد نيڪ صلاح ڏيئي پنهنجو ٻيڙو پار ڪيو آهي. ڪڏهن آفيسر ۽ ساٿي بڻجي وقت جي پابند ۽ ڪم تي داد ڏيئي پنهنجا پراوا ڪم ڪرائيا اٿم. تنهنجو پيءُ........... ''
'' ڏس، ڏس، خبردار جو منهنجي پيءُ جي نالي هڪ به اکر وات مان ڪڍيو اٿيئَي. پپا جن پنهنجي پوري زندگي سماج سيوا، ايمانداريءَ ۽ اصولن جي نظر ڪري ڇڏي. منهنجو پيءُ مونکي ڏاڍو ڀائيندو آهي. پپا جن چوندا آهن ڌيئَر اکيون ٿينديون آهن. اگر اکه ۾ هڪ به ڪکه اُڏامي پوي يا واريءَ جو ڪڻو به پوي ته اکه کي تمام گھڻي تڪليف رسائيندو. مون ۾ وڏيون اُميدون ۽ آشائون رهيون اٿن. مون لاءِ فڪرمند رهندا آهن. اسان جي خاندان جو تعلق زمينداري طبقي ۽ پڙدي واري ماحول سان آهي. ڏاڍي چنتا اٿن. هميشه چوندا آهن، اگر تنهنجي شادي گھٽ ذات واري شخص سان ٿي ته مونکي ڏاڍي تڪليف ٿيندي. اسين برهمڻ آهيون ‐ واڻين جي گھر پنهنجي ڌيءَ ڏيڻ گھٽتائي ٿيندي ‐ آخرڪار واڻئَي اڳيان جھڪڻو پوندو. ''
'' اُهو وري ڪيئَن ؟ ''
'' ڇو جو اسان ۾ شاديءَ وقت ڪنوار پيءُ نياڻي کي پيري پوندو آهي. منهنجو پيءُ ته برهمڻ آهي نه! ڀلا واڻئَي کي ڪيئَن پيري پوندو؟ ۽ ها هوُ ٺيڪ به ته چون ٿا اسين اوچ ذات وارا آهيون. ''
'' اڙي مونکي ته اِها ڄاڻ ڪانه آهي ته اوهين ايڏي اونچي ذات وارا آهيو. ''
'' جي خبر ڪانه هيئَه ته هاڻي ته خبر پيئَه نه ۽ ها برهمڻ ۾ به درجا ٿيندا آهن. ''
'' درجا ! ''
'' ها درجا، هن وقت مونکي اُن لاءِ صحي لفظ تلاش ڪرڻ جي فرصت ڪانه آهي. درجا يعنيٰ Class System تو نه ٻڌو آهي؟ برهمڻ ۾ به ٻاري ٻاونجھائي، گوسائين وغيره وغيره. اِهي گھٽ درجي وارا برهمڻ ٿين. ڪي ته گوشت، مڇي، شراب وغيرھ واپرائين. اسان جو تعلق اونچي درجي واري طبقي سان آهي. ''
'' يعنيٰ High Class Brahmin family ان جو مطلب ته تون اِنسان اِنسان جي وچ ۾ فرق ڀائين ٿي. ''
'' نه نه، بلڪل نه. اِنسان ته خدا جي خلقيل اولاد آهي. اسين سڀ برابر آهيون. مالڪ ساھ ته سڀني کي هڪ جھڙو ڏنو آهي. پوءِ ڀلا اِنسان اِنسان وچ ۾ فرق ڇو؟ اِها ڳالھ صحيح آهي ته بندو الڳه الڳه جاتين ۾ پيدا ٿئي ٿو پر منزل ته هڪ آهي نه؟ مان ته ٻه اَکيائي ۾ بلڪل يقين ڪونه رکندي آهيان. ''
'' ته پوءِ شادي............؟ ''
'' اَڙي .......... شاديءَ وارو معاملو تمام نازڪ ٿيندو آهي. منهنجو پيءُ ٺيڪ ئي ته چوي ٿو برهمڻن جي رهڻي ڪهڻي الڳه ٿيندي آهي. ''
'' ته ڇا تنهنجي پيءُ ٻين ٻارن جون شاديون ٻيءَ ذات وارن ۾ نه ڪرڻ جو پڪو اِرادو ڪيو آهي. ''
'' ها.... جي ........ جي جي....... جي اصل حالات...... ''
'' اڙي توهان تمام سٺو ٿا ڪريو. برابريءَ وارن ۽ اعليٰ ذات وارن ۾ ئي شادي ڪرڻ گھرجي. ان معاملي ۾ اوهان جو خاندان اِهو مثال ضرور قائم ڪندو. وري تيڪهين صديءَ ۾ پراچين روائتين کي برقرار رکڻ ڪو سولو ڪم ٿوريئي آهي. ''
'' نه نه.........نه اهڙي ڳالھ نه آهي اِئين ته منهنجي ڀائرن واڻين جي خاندان ۽ فارينر يعنيٰ عيسائين جي خاندان مان شاديون ڪيون آهن. پر پٽن ۽ ڌيئرن ۾ ته وڏو فرق آهي. ''
'' اڇا! اڇا!! صرف پٽن جون ئي شاديون ڌارين جاتين ۾ ڪيون اٿائون. ڀائي اُهي ٿيا مرد ۽ وري اسان جي سماج ۾ مردن کي ڪهڙو مهڻو. مون توکي چيو نه هو ته تون معصوم آهين. تون ٻڌائڻ ڀُلي وئي هوندينءَ. ''
'' در اصل...... مان ...... مان ...... مان ...... ''
'' گھٻرائڻ جي ڪھڙي ڳالھ آهي وينا تون حجاب نه ڪر. ڌيئَرن جون شاديون پنهنجي ذات وارن ۾ ڪيون اٿو، تمام سٺو ڪيو اٿو ‐ مبارڪون هجنوَ. ''
'' ها ..... ها ..... ها..... نه نه..... نه........ در اصل هڪ برهمڻ آهي ۽ ٻيو ...... ''
'' ۽ ٻيو ...... ٻيو سنڌي آهي. ''
'' نه نه ........ ائين نه آهي، پهريون به سنڌي نه آهي. ''
'' ڇو؟ پنهنجي ٻوليءَ سان پيار نه اٿوَ ڇا؟ خير جيڪي ڪيوَ، سٺو ڪيوَ. برهمڻ ته آهي نه؟ جي ٻيءَ ذات وارو ٿيو ته ڇا ٿيو؟ اونچي جاتيءَ سان ته واسطو اٿس ۽ ٻيو....... ''
'' ٻيو ...... ٻيو ته برهمڻ به نه آهي. ''
'' اللھ واڻيو ...... توهين برهمڻ، ته پوءِ تنهنجي پيءُ جي اکه ۾ ته ضرور ڪکه چڀيو هوندو. ''
'' ڪافي سالن کان پريشاني ۽ اُلجھن رهي ۽ گھر جي ڀاتين جي زور بار ۽ حالت ۾ جڪڙجي ويا ۽ وڏي ڳالھ ته اڄ ڪلھ شاديءَ جو مسئلو ايترو ته مشڪل ٿي پيو آهي جو....... جو مائٽ پريشان ٿي ٿا وڃن. مان ته چونديس فيصلو ڪري سٺو ئي ڪيائون. ''
'' يعنيٰ ڌيءُ ڪڙي ڪيائون. ''
'' نه... نه.... نه..... ڌيءُ کي ڪڙو نه پر پيار ڪري آباد ڪيائون. ''
'' ۽ ٻي.... اُهو به ضرور اوهان وانگر زميندار هوندو. تنهنجي ڀائرن وانگر عاليشان عمارت ۾ آباد يعنيٰ مالدار جي گھر وئي هوندي. ''
'' نه مالدار ته نه، پر غريب به نه آهن، مڇي مانيءَ وارا آهن. گھر جو گاڏو تمام سٺو پيو هلين. ''
'' يعنيٰ ٻئي ڌيئَر ڪڙيون ڪيائون ۽ توکي؟ ''
'' مان! اڄ ڪلھ اهڙو دؤر آهي جو ملي جھلي ڪم ڪجي. نه صرف گھر ۾، ملڪ ۽ قوم جي واڌاري ۾ به پنهنجي ڪردار ذريعي تعاون ڪجي. ڀارت به يُورپ وانگر ٿي ويو آهي. مرد چاهي عورتون سڀئَي ڪم ڪن ٿا. منهنجي پيءُ کي ڌيئَرن جو نوڪري ڪرڻ اصل نه وڻندو آهي. مون ۾ ڏاڍو موھ اٿن. عزت آبرو جو خيال، غير مردن سان ڳالهائڻ هنن کي پسند نه آهي. ''
'' ٻين ڌيئَرن لاءِ ڀلا ڇو نه ٿا اِئين سوچين، اُنهن کي ڪوَڙو ڪيائون ۽ توکي وڌيڪ ڀائيائون. ''
'' نه نه اِئين نه آهي، آخرڪار اولاد ته برابر هوندو آهي.''
'' يعنيٰ، مونکي پيار جي روپ ۾ اپنايائون؟ ''
'' ڇي تون ۽ پيار! تون ڇا ڄاڻين پيار جي قيمت. ''
'' خير! پيار نه ته ممتا. ''
'' ممتا !! اول ممتا لفظ جي معنيٰ خبر اٿيئَي؟ ''
'' تون ڇا ڄاڻين ممتا جي ساگر کي. منهنجي امڙ جي جتيءَ ۾ ڪير به پير نه پائي سگھندو. ''
'' ممتا اِنسان کي ڪمزور بڻائي ڇڏيندي آهي. نه صرف تون پر پٿر دل به پگھرجي سچائيءَ کي تسليم ڪرڻ کان ڪنارو ڪندو آهي. خير تنهنجي همٿ کي پست ڪرڻ جو اِرادو نه آهي. مان تنهنجي امڙ جي نالي ڪجھ نه چوندس. هونءَ به عورت ۾ قرباني جو جذبو اٿاھ ٿيندو آهي. بهتر سماج تخليق ۾ عورت جو نمائيان ڪردار آهي. سماج شيوا جو مطلب ئي قرباني آهي. ''
'' ۽ ها مان توکي ٻڌايان منهنجو اُن طرف لاڙو ۽ اِهو جذبو مائٽن وٽان ئي مليو آهي. ''
'' ۽ قربانيءَ جو اَمڙ وٽان اِئين نه ؟ ''
'' عورت ته ٿيندي ئي درياھ دل آهي، پنهنجي سيني ۾ ڪئَي سور سمائي ڇڏي، پيار جو ساگر ديا جي ديوي ڪروڻا جي مجسم ۽..... ۽...... ''
'' ۽ وقت اچڻ تي ڪڏهن 'ڪالي' ته ڪڏهن 'جھانسي جي راڻي' ڪڏهن 'نوري نماڻي' ته ڪڏهن حب_ الوطني، سادگي ۽ وفا جي مورت 'مارئي'. بلڪل، عورت اِنهن سڀني روپن جو سنگم آهي. اِنهيءَ ڪري خبردار جو منهنجي اَمڙ جو نالو ورتو اٿيئي. ''
'' ڀلا تنهنجي ڀائرن جو نالو ڳنهڻ ته منع نه آهي. ''
'' سڀئَي سکيا ۽ ستابا آهن. پنهنجن ٻارن ٻچن سميت خوش آهن، خوشحال آهن، هنن کي ڌڻيءَ اٽو، لٽو، اجھو سڀ ڪجھ ڏنو آهي. ''
'' ۽ تون ؟ ''
'' ۽ مان ! مونکي وري ڪهڙي پريشاني آهي. مان، مان بي انتها خوش آهيان، خوش نصيب آهيان، اِهو نه صرف منهنجو پر سوين سڄڻن جو چوڻ آهي. ''
'' مون به توکي ان ڪري چيو تون معصوم آهين، خوبصورت آهين. ''