ناول

منهنجـا معصوم سڄڻ

هي ڪتاب ھند جي نامياري ليکڪا وينا شرنگي جي مونولاگ جي صورت ۾ لکيل ناول (يادن جو مجموعو) آھي. ھوءَ لکي ٿي:
''منهنجا معصوم سڄڻ'' هي ڪا صرف منهنجي نه پر سڄڻ تنهنجي زندگي آ.... منهنجي زندگي آ.... اسان سڀني جي زندگي سمايل آ.... '' منهنجا معصوم سڄڻ '' ڪنهن هڪ وينا يا وشال جي داستان نه آهي، پر اِنساني زندگيءَ جا اَلڳ اَلڳ روپ آهن. ''منهنجا معصوم سڄڻ'' ڪهڙي وينا جو اِظهار آهي اُن کان ناواقف آهيان جا مون کان منهنجو وجود ڦُري رهي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2069
  • 863
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • وينا شرنگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منهنجـا معصوم سڄڻ

5

'' اگر جديد ۽ زماني سارو واٽ وٺون ٿا ته مهڻو ٿو ڏين اگر سنڌ جو ڀينر رواعتي راھ اختيار ڪن ٿيون ته تنگ نظريي جي ڪوٽن جو قيدي قرار ڏين ٿو. ''
'' نه صرف اهو پر مان اهو به چوندس ته سنڌ جا سنڌي مسلمان پنهنجي طرفان ورتل واٽ جي راھ ڀلجي ويا آهن. توهان جي ايندڙ پيڙهي توهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي جو توهين انهن کي اهڙي مجھدار ۾ ڌڪي رهيا آهيو جنهن ڀنور مان نڪرڻ محال ٿيندو. ''
'' نه ‐ نه ائين نه ٿي سگھندو. زماني جي گردش ۽ وقت هر قوم تي آيو آهي. سنڌي قوم تي به وقت به وقت ڌارين جون يلگارون ٿينديون رهيون هيون. اُنهن مان اڳ ۾ به نڪري پار پئَي آهي ۽ اڳتي به .... ''
'' آمـين! توکي نا اُميد ۽ مايوس ڏسي مونکي افسوس ٿي رهيو آهي. ''
'' افسوس نه ڪر پر ماضيءَ جي تواريخ جي ورقن کي وراءِ ‐ اُنهن ورقن ۾ اُنهن شهيدن جي لهوءَ سان اِتهاس لکيل آهي جن جي قربانين رنگ لاتو ‐ شهيد مخدوم بلاول، هيمو، هوشو، مهاراجا ڏاهر، دولھ دريا خان، دودو، شاه عنايت شهيد. ''
'' پر عظيم ماضي اُنهن شهيدن جي تواريخ ۽ قربانين کي ڏسي خوش فهميءَ ۾ مبتلا رهڻ ڪٿان جو دستور آهي.''
'' في الحال ته اسان جي جاتيءَ تي راجا منسک جي راڻيءَ وانگر ڪلنڪ لڳل آهن. اهڙو ڪو مها ‐ لڪشميءَ جو پرڪوپ ٿيو آهي. جتي وڃون ٿا لوڌجون ٿا. ڪڍو ڙي ڪڍو پر مها لڪشمي اُهو ڏينهن ضرور آڻيندي ڪلنڪ لهندا ۽ هر ڪو جيءَ ۾ جاءِ ڏيندو. ''
'' مها لڪشمي اوهان تي ديا ڪري پر صرف تِن جِي پوڄا سان .... ''
'' صرف مان نه پر .... ''
'' پر منهنجي مراد ان طبقي سان آهي، جيڪو ٻوليءَ جي حفاظت ڪندڙ ۽ نام نهاد سماج سيوڪ طبقو آهي، توهان جي ٻوليءَ کي آڪسيجن تي جياريو پيو وڃي. ها زنده رکڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي غلط سئَلينڊر مان آڪسيجن ڏني پئَي وڃي. جا ڳالھ ڏسي مونکي بي حد افسوس ٿيندو آهي پر مان ڇا ٿو ڪري سگھان. مان ته هر اِنسان جي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ مدد ڪندو آهيان. پر جڏهن توهان جي جاتيءَ جو اُهو سرگرم طبقو پرچم بلند ڪندڙ سنڌيت جو علم بردار، منهنجو حد کان وڌيڪ سهارو وٺي پنهنجا مقصد بر ثواب ڪندو آهي ته ٿورو ڏکه به ٿيندو آهي. وري ٻيءَ ساعت خيال ايندو آهي، اگر اهڙو طبقو منهنجو سهارو نه وٺي ته مان اڪيلو پئَجي ويندس. ''
'' تنهنجي سهاري جي ضرورت نه آهي. ''
'' ڏاهي توکي ڀل نه هجي. پر انهن نام نهاد سماج جي ٺيڪيدارن کي ته آهي نه.؟ جن جو اصول ڪن جو ''ڏيب ڪن جو وات'' جيڪي تهذيب ۽ ٻوليءَ لاءِ معصوم عوام کي گمراه ڪن ٿا. ان کي زنده رکڻ ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ ڪوڙو واعظ ڪن ٿا. جن جي ننڊ، صرف منچ جي ڪرسي وٺڻ، گڏجاڻين جي صدارت ڪرڻ لاءِ، ڦٽل رهي ٿي. انعام اقرام وٺڻ ۽ ڪميشن کائڻ لاءِ منهنجو حد کان وڌيڪ سهارو وٺن ٿا اهي ان چوڻيءَ ۾ واه جو استعمال ڪن ٿا ''ڀائرن جو هڪڙو هٿ روٽيءَ ۾ ٻيو هٿ چوٽيءَ ۾.'' اهو صرف انعامن اقرامن اعزازن ۽ ٻوليءَ تي کائڻ وقت ڪن ناز ٿا پر جڏهن ڪو خدا جو نيڪ بندو ايمانداريءَ سان سڀني کي سڏ ڏئي ٿو ته پوءِ صرف ''هٿ چوٽيءَ ئي چوٽيءَ ۾'' جيستائين ويچاري جو تڏو نه کڻائين. اُنهن کي ڏينهن رات اُٿندي وهندي منهنجي ضرورت ٿئَي ٿي. ها صرف منهنجي ۽ اُنهن جو رات ڏينهن هر گھڙيءَ هر پل مونکي ياد ڪرڻ بور ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڀڄ ڊڪ ڪندي ڪمزوري به محسوس ڪندو آهيان ۽ منهنجي هاڪ ۽ ڌاڪ ايڏي ته وڌڻ لڳندي آهي جو ..... ''
'' فڪر نه ڪر اُهو وقت پري نه آهي جو تنهنجو اُهو هاڪ ۽ ڌاڪ جو واريءَ وارو محل ڊهي پٽ پوندو. هيءَ ته سچ ۽ ڪوڙ جي جنگ آهي. توکي ۽ اُنهن چند نام نهاد شخصيتن کي به جيڪي قوم ۽ جاتيءَ تي بدنما داغ آهن، مايوسي ۽ ناڪاميءَ سان منهن مقابل ٿيڻو پوندو. پڙدو فاش ٿيندو ۽ تنهنجو بدصورت چهرو بي نقاب ٿي ويندو. تون تنها رهجي ويندين تنهنجو دم گھٽجڻ ..... ''
'' منهنجو دم ته پوءِ گھٽجندو پر في الحال پنهنجي ٻولي تفاضت ۽ تهذيب جي دشا تي تنهنجي حالت مان ڏسي رهيو آهيان ڏس ڏس ‐ تنهنجي ..... ''
'' مون ۾ ڇا ڏسي رهيو آهين؟ ''
'' اهو ئي. ''
'' لـڙڪ هڪـڙو تنهنجي اک ۾
مـون جو انين اٽـڪيل ڏٺـو
روئـي ڏنـم ان حـال تـي. ''
'' ڪٿي آ منهنجي اکه ۾ لـڙڪ ؟ ''
'' کٻيءَ اکه ۾ آلاڻ آ ...... ''
'' نه نه شايد ڪجھ اکه ۾ پئَجي ويو هوندو. ''
'' مـومـل! اکه ۾ ڪجھ به ڪونه چـڀـيو آهي، پر جڏهن دل کي ڌڪ لڳندو آهي ته ويچاري دل جو ساٿ اکه پنهنجي آلاڻ سان ڏيندي آهي پر اِن لاءِ ...... ''
'' توکي ته هر ڳالھ تي گمان ۽ شڪ رهي ٿو. اِها عادت سٺي نه آهي. ''
'' وينا اِها ڳالھ مان توکي اِن لاءِ چئَي رهيو آهيان جو پنهنجي ٻوليءَ ۽ تهذيب کي هٿان نڪرندي خوف وچان تواريخ جا ورق ورائڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ به ته تو ئي شروع ڪيا آهن. صوفي شاعرن، شهيدن جي تصنيفن، سوانح نگاري کي ور ور ڪري پڙهڻ شروع ڪيو اٿيئَي. اِنهن دستاويزن جا ورق ورائڻ شروع ڪيا اٿيئَي. ''
'' دستاويز نه پر پر مقدس گرنٿ چئَه. جنهن کي تون ليڪچر چئَي رهيو آهين، اُهو ليڪچر نه بلڪه جذبا آهن. اُهي نيڪ جذبا قلم ذريعي اِظهار جو روپ اختيار ڪن ٿا ۽ اهڙن جذبن جو هئَڻ به لازمي آهي. پنهنجي ٻوليءَ سان نڀائڻ هر اِنسان جو اِخلاقي فرض آهي. ''
'' تنهنجي جاتيءَ وارا ڪيتري حد تائين اِخلاقي فرض ادا ڪري رهيا آهن، اِهو هڪ واريءَ تنهنجيءَ دل مان دانهن نڪرڻ مان معلوم ٿيو. ''
'' ڪڏهن؟ ڪهڙي وقت مونکي ته ياد نه ٿو پوي. ''
'' جي توکي ياد نه ٿو پوي ته مان توکي ياد ڏياريان. لطيف سيمينار دؤران پريشان ٿي توئي ته پنهنجي ڊائري ۾ لکيو ...... ''
'' ته .... ''
'' توهين سڀ ڄامڙا آهيو
قديم تهذيب ۽ عظيم سڀيتا کي به
ڄامڙو بڻائي ڇڏيو اٿـوَ .
نه پاڻ ماڻيو ٿا نه ٻين کي ماڻڻ ڏيو ٿا .
خير اِهو تمام نازڪ مسئَلو آهي ان تي مان وڌيڪ بحث نه ٿو ڪرڻ چاهيان. ''
'' تون ته صرف هڪ پهلوءَ جو بيان ڪرين ٿو. هڪڙي طبقي جو تجربو بيان ڪرين ٿو. لطيف سيمينار دؤران ڪيترن سڏ ۾ سڏ ڏنو، اُنهن جو تون ذڪر ئي نه ٿو ڪرين. ''
'' ائين ته دنيا ۾ ڪئَي نيڪ اِنسان اڃان به موجود آهن. توکي ۽ اهڙن نيڪ جذبن وارن هند ۽ سنڌ جي ماروئـڙن ۽ جھانگيئَـڙن کي دعا ٿو ڪريان ته اوهين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب وڃو. ''
آمـيـن !
۽ جيڪي منهنجو سهارو وٺي پئَسا ڏيئَي طوفاني رفتار سان پنهنجون تصويرون ڇپائي ۽ سنمان ڪرائين ٿا اُنهن کي ...... ''
'' اُنهن کي شڪست نصيب ٿئَي. آمـيـن ! ''
'' اڙي وينا منهنجي جملي پوري ڪرڻ کان اڳه توئي پنهنجي طرفان جملو پورو ڪيو. ''
'' مونکي ڄاڻ آهي ته تون اُنهن جي بچاءُ لاءِ ڪجھ نه ڪجھ اُلٽو سلٽو اِظهار ڪرين ها. اِنڪري مان اهڙي ڪابه ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان. ''
'' چڱو تون ئي خوش رهه منهنجون دعائون تو ساڻ آهن. ''
الله !!
ڇا ٿيو ؟
'' مري ويس. ''
'' ڇي ! ڇي !! ايترو جلد مرڻ جي ڳالھ نه ڪر. اهڙي نڀاڳي وائي نه ڪڍ. تنهنجي هٿ جي ليڪن ۾ تنهنجي عمر جي ليڪ تمام وڏي آهي. ''
'' مونکي نه کپي وڏي عمر ‐ ننـڍپـڻ ۾ مونکي مرڻ کان ڊپ لڳندو هو. پر هاڻي نه ‐ بلڪل نه ‐ اِنسان رتيءَ راند مان نڪري وڃي. الله ڙي منهنجي ڊيوٽيءَ جو ٽائيم ٿي ويو آهي. تون ته ڳالهين جو ڳوٺ آهين. ڀلجي ويس ته مون ڪنهن کي رڪارڊنگ لاءِ ٽائيم ڏنو آهي. ''
'' گھر اندر داخل ٿيڻ وقت مون توکي چيو ڪين هو ته مان تنهنجو دوست آهيان. ''
'' ڇي ‐ هل ڙي هل ‐ تون ۽ منهنجو دوست پنهنجي .... ''
'' چئَـه نه ‐ رڪجي ڇو وئينءَ. جملو پورو ڪر نه ‐ دوستي ۽ وري ٿو جھڙي جنس سان يعني استحصال سان. اِئين نه ؟ ''
'' توکي بار بار پنهنجي نالي ڳنهڻ جي ضرورت نه آهي . ''
'' الڳه الڳه زبان ۾ جيڪي منهنجا ناءَ تو ٻڌايا 'وينو' اُهي هڪ دفعو وري توکي ياد ڏياريندو وڃان ڪٿي ڀلجي نه وڃين. ''
'' منهنجو نالو تميز سان وٺ وينا شرنگي. 'وينو' چوڻ جو توکي ڪو حق نه آهي. مونکي تنهنجي نالن جي ڄاڻ آهي نه صرف مان ياد رکندس پر سڀني کي چيتاوڻي ڏينديس ته انهن ناون کان ڪنارو ڪن، exploitation استحصال، شوشڻ پرماريت ...... ''
'' ............. ''
'' بس بس مونکي ڊپ آهي ته ڪٿي آل انڊيا ريڊيو جي پرڏيهي نشريات تان نشر ٿيندڙ چوويهن (24) زبانن ۾ منهنجو نالو نه ڳنهين. مونکي دوست نه ڪري ڀانئَه پر عزيز ئي سهي ........ ''
'' دماغي توازن ته نه بگڙجي ويو اٿيئَي؟ ''
'' اگر ايڏو غصو ٿو لڳيئَي ته عزيز نه سهي پر خيرخواه ۽ سڄڻ سهي. ''
'' خيرخواه ۽ سڄڻ وري تو جھڙا؟ مان! مان ته پنهنجن دشمنن کي به حدايت ڪنديس ته تنهنجي سائي کان به پري رهن. ''
'' في الحال سائي کان به پري رهڻ ته پري پر هن وقت تون منهنجي قريب آهين، بلڪل قريب. مون سان محو گفتگو ‐ مون محسوس ڪيو ته دل جا حال اورڻ لاءِ ڪافي کوئجي وئي هئَينءَ. ''
'' مان ! ۽ توسان حال اوريان. ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ''
'' محترمه تون مڃين نه مڃين پر تو دل کولي ڳالھيون ڪيون ۽ اهڙي ئي انداز سان ميزبان بڻجي مهمان نوازيءَ جو فرض ادا ڪر. ''
'' اڙي مهمان ته ڀاڳن وارن جي گھر ايندا آهن ‐ ۽ وري سنڌ جي سر زمين جي ته مهمان نوازيءَ جي ته ساکه ۽ هاڪ آهي ۽ پنهنجو پيٽ ڪٽي به مهمانن جو پيٽ ڀرين. پنهنجي آئينده جي ابن يعني ايندڙ پيڙهيءَ جي منهن مان گرھُ کي مهمانن کي کارائڻ تي سندرو ٻڌيو بيٺا آهن. ''
'' يعني ! ''
'' اِهي ئي تنهنجي سنڌڙيءَ جا سپوت جن ڌارين کي پنهنجي هٿن سان سڀ ڪجھ ڪڍي ڏنو آهي. لطيف سائينءَ جي شعر جو اوهان واه جو اِستعمال ڪيو آهي. ''
'' سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين. ''
توهان عالم سڀ آباد ڪرين جي فڪر ۾ ايترو ته جڪڙجي ويا آهيو جو پوري عالم کي ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيڻ جي نينڊ ڏني اٿو. نه صرف ايترو پر توهان پنهنجي بي بها موڙي ڪراچيءَ کي پاڪستان جي گادي بڻائڻ جي رضاڪارانه آڇ ڪئَي هئَي. سرخرو ٿيڻ جو مزو ته اوهان ماڻيو ...... وري هاڻي ...... هاڻي ته ملڪي گاديءَ مان ڦري بس بين القوامي مرڪز بڻجي پئَي آهي. ۽ توهين پنهنجي ئي گھر ۾ ڳولهيا نه ٿا لڀجو.
واه! سائين واه!! ڇا ته توهان اُن بيت جي آخري سٽ جو استعمال ڪيو آهي.
''سائين منهنجا اچو'' توهين اسان جي دين جا ڀاءَ آهيو. اچي سنڌ ۾ آباد ٿيو. جڏهن امڙ جي سيني تي ايڏو بوجھ وڌو اٿو جو جيجل ويچاري پيڙا ۾ مبتلا آهي، پوءِ سڪار ڪٿان ٿيندو؟ ''
'' ٿيندو ضرور ٿيندو. اُميدون برثواب ٿينديون. خوشحاليءَ جو نئَون سج ضرور اُڀرندو. ''

'' نـئـَون نـيـاپـو آيـو راڻـي مـلان رات
لڌي سون لطيف چئَي ڪنا ڏاتر ڏات
ڪهڙي پڇين ذات جي آئيا سي اگھيا.''
( شـاه )
'' آمـيـن ! وينا منهنجون نيڪ تمنائون توهان سان آهن. توکي ته زماني جي واءُ لڳي وئي آهي. تون مهمان نوازي ڪانه ڪندينءَ. ۽ وري مان اهڙين فارمليٽيز ۾ يقين رکان ڪين. تون ڀل زحمت نه ڪر مان پاڻ ئي وڃي تو لاءِ چانھ ٿو ٺاهي اچان جيستائين چانھ تيار ڪريان تيستائين هان هيءُ پاڻيءَ جو گلاس لبن تي لڳاءِ جو چپ خشڪ ٿي رهيا اٿيئَي.''
'' ڏس ڏس منهنجي قريب نه اچ خوام خواه منهنجو هٿ هلي ويندو. ''
'' مونکي خبر آهي تنهنجو هٿ هلندو آهي ۽ زوردار نموني هلندو آهي. اِها به ڄاڻ اٿم ته هڪ روڊ روميو جي چهري تي اهڙو زوردار هٿ هلايئه جو جناب جي چهري تي نه صرف پنج ئي آڱريون ڄمي ويون پر سندس چهري تي موجود موهيڙن جي ڦاٽي پوڻ سان رت ۽ روڳ ڪري تنهنجو هٿ به خراب ٿي پيو هو. ۽ تون اُن ڏهاڙي ڏھ ڀيرا هٿ Detol سان ڌوتا هئَا. ''
'' پوءِ ائين عورتن تي روڊ روميو فقرا ڇو ڪسيندا آهن؟ اڙي ..... اڙي ..... اڙي ..... شرمائجڻ جي ڪهڙي ڳالھ آهي. ڪاوڙ ۾ هٿ کڄي ئي ويندو آهي. جيئَن ٻئَي ڀيري هڪ سڙڪ ڇاپ مجنوءَ کي چماٽ هڻي چار ڏهاڙا بخار ۾ بستري داخل ڪيو. ٽئَين جناب جي سيني تي سر هڻي دل کي ڌڪ رسائي مٿي پهچائڻ جو پاپ پنهنجي سر تي کڻڻ جو سندرو ٻڌو ۽ چڱو ٿيو اُن جناب راھ رباني نه ورتي نه ته بيلي تو لاءِ ..... ''
'' پوءِ ائين عورتن تي اِهي سڙڪ ڇاپ مجنو ڇو ٿا پنهنجي عاشقي جملن سان وار ڪن. اِنهن کي شرم نه ٿو اچي. ''
'' پر هاڻي تنهنجو هٿ نه ٿو کڄي هاڻي تون ڏاڍي عقل واري ٿي وئي آهين. هاڻي اهڙن ڪارنامن تي ..... ڪٿي توسان ..... ''
'' گدڙ ڊاڪ نه پڄي آکي ٿوُ کٽا. ''