ڊرائنگ روم مان
مان انھن اڀاڳين مان آھيان جن جي قسمت ۾ لکيل آھي تہ عشق مٿان عشق ڪن پر شادي نہ ڪن. اڳي مونکي پنھنجي قسمت تي روئڻ ايندو ھو، پر ھاڻ مان ڪڏھن ڪڏھن کليو ڏيان.
منھنجو پھريون عشق مونکي عجيب لڳو ھو جو جڏھن شادي جو چيومانس تہ ھڪڙي تمام سھڻي ۽ نازڪ ڪنوار وٺي وڃي گهر ويٺو ۽ مان ڳوڙھا اگهي ويھي رھيس. وقت گذڻ لڳو ۽ پوءِ زمانو گذري ويو. ھڪڙي ڏينھن جڏھن مان ڦوھ جواني اڪرڻ تي ھيس تڏھن ھو آيو ۽ منھنجي گوڏن ۾ منھن وجهي سڏڪا ڀري رئڻ لڳو. جيئن ڪو ننڍو ٻار ھجي، جيئن مان سندس ماءُ ھُجان، ھو روئندو رھيو ۽ پوءِ روئي روئي ماٺ ٿي ويو.
چوڻ لڳو تہ ”مون نفسيات ۾ پڙھيو ھو تہ زال جو بدصورت يا معمولي صورت جو ھئڻ مڙس ۾ احساس ڪمتري پئدا ڪندو آھي. منھنجو خيال ھو تہ عشق ماڻهون ڪنھن سان بہ ڪري. ڪھڙي سان بہ ڪري پر شادي اھڙي سان ڪري، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ شڪل شبيھ ۾ اھڙي ھُجي جو ان کي پنھنجي زال چوڻ ۾ ماڻهون فخر محسوس ڪري. منھنجي خيال ۾ تہ زال اھڙي ھجي جيڪا ڊرائنگ روم ۾ ويھارڻ جي قابل ھجي، جنھن کي جيڪڏھن شوڪيس ۾ رکجي تہ شو ڪيس چمڪڻ ۽ تجلا ڏيڻ لڳي.
”تنھنجي سانوري رنگ، ٿلھن چپن ۽ ڳري بدن جي ڪري مون توسان شادي نہ ڪئي. تنھنجو منھنجي زال سڏائڻ مونکي نفسياتي تڪليف ڏئي ھا، تو سان شادي ڪئي ھجيم ھا تہ مان احساس ڪمتري جو شڪار ٿي ويو ھجان ھا. مون توسان شادي نہ ڪئي، مان احساس ڪمتري جو شڪار نہ ٿيس، مان نفسياتي تڪليف کان پاڻ کي بچائي ويس، پر مان اتي ڦاٿس جتان مون کي فقط تون ئي بچائي سگهين ٿي.
”منھنجي زال سھڻي آھي، تمام سھڻي، ھن جي سھڻائپ ظاھر ظھور ھن جي چھري ۽ جسم تي لکيل آھي، ڪا شئي ئي ڪانهي جنھن جي مونکي ھن ۾ ڳولها ڪرڻ جي تڪليف وٺڻي پوي، پر مان پنھنجي ھن جسم کي ڪيڏانھن ڪريان جيڪو تنھنجي سانوري رنگ، ڀريل چپن، ۽ ڳري بدن کان پري ھاڻ ھڪڙو ڏينھن بہ گهاري نٿو سگهي؟ وڏي فخر سان مان محسوس ڪندو رھيو آھيان تہ سنھڙا گلابي چپ منھنجي زال جا آھن، پر تون منھنجا ھي چپ ڏس جيڪي تنھنجي ڪارن ڀرين چپن لاءِ سڪندا رھيا آھن. نازڪ سڊول جسم جيڪڏھن منھنجي زال جو آھي تہ منھنجي ڪھڙي ڪم جو جڏھن منھنجو پنھنجو جسم تنھنجي ڳري ۽ مضبوط جسم جو محتاج ھجي؟ گلاب ۽ موتيي جي خوشبو منھنجي زال کي وڻي ٿي ۽ دنيا کي وڻي ٿي، پر مان ڇا ڪريان جيڪڏھن مان پنھنجو منھن تنھنجي پگهر ۾ شل جسم ۾ لڪائي دنيا کي وساري ڇڏڻ لاءِ آتو رھان؟ مونکي غلط ڳالھيون پڙھايون ويون، مون کي غلط ڳالهيون سمجهايون ويون، مونکي غلط دنيا ڏيکاري وئي، مون کي غلط تجربا ٻڌايا ويا. نرم ۽ نازڪ زال منھنجي مونکي احساس ڪمتري کان بچائي مونکي احساس برتري ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي، پر ھي احساس برتري منھنجي ڪھڙي ڪم جوو جيڪڏھن منھنجو روح تنھنجي کھري جسم جي قربت لاءِ ھميشہ بيقرار رھي؟ ڊرائنگ روم سينگارجي ويو، شوڪيس چمڪي ويو، مان شادي شدہ آھيان ۽ توسان شادي نٿو ڪري سگهان. مان ڇا ڪريان، مان ڪيڏانھن وڃان.“
مون ٿورو سوچيو، پوءِ چيومانس تہ ”تون ڪُجهہ نہ ڪر، تون ڪيڏانھن نہ وڃ. مان انھن اڀاڳين مان آھيان جن جي قسمت ۾ لکيل آھي تہ عشق ڪن ۽ شادي نہ ڪن. جتي مون ايترا عشق ڪيا آھن اُتي تون ھڪڙو ٻيو عشق سھي، فقط ٿورو مونکي عجيب ٿو لڳي ساڳئي ماڻهون سان ٻيو ڀيرو عشق ڪرڻ.“
***