ڪھاڻيون

بدلي جيِ باهه

هن ڪتاب ۾ ڪل ملائي ڏهه ڪهاڻيون آهن، الڳ ۽ منفرد موضوعن تي، اسان جي آسپاس رهندڙ ڪردان جون ڪهاڻيون آهن، اسان جي معاشري جو اولڙو ملي ٿو هنن ڪهاڻين ۾. ڪجهه ڪهاڻين جو ڪلائيمڪس اندازي جي ابتڙ ملي ٿو، ڪلائيميڪس تي پهچي ماڻهو دنگ رهجيو وڃي. سادي ٻولي ۾ لکيل هنن ڪهاڻين ۾ کوڙ پيغام ۽ اميدون سمايل آهن.
Title Cover of book بدلي جيِ باهه

استعيفا

شانتي سامهون پين پني کي ڏسي رهي هئي ۽ سوچي رهي هئي ته کيس هاڻي ڇا ڪرڻ کپي. هن ماءُ کي اڃان ٻڌايو ڪونه هو ته نوڪريءَ تان استعيفا ڏيئي ڇڏي اَٿائين. ٻن ڏينهن کان هوءَ بيماريءَ جو بهانو ڪري گھر ويٺي هئي ۽ آفيس ۾ پڻ بيماريءَ جي موڪل جي درخواست موڪلي هئائين. پر آفيس مان اڄ هي آرڊر آيو هوس ته جيڪڏهن هوءَ ٻئي ڏينهن پنهنجي ڊيوٽيءَ تي نه آئي ته سندس خلاف سخت قدم کنيو ويندو.
آفيس سندس خلاف ڪو به سخت قدم ڇو نه کڻي، چاهي سندس نوڪري به ڇو نه ختم ڪئي وڃي پر کيس ان ڳالهه جي ڪا پرواهه نه هُئي ڇاڪاڻ ته هن اهو ته پڪو پهه پچائي ڇڏيو هو ته هاڻي هوءَ ان آفيس ۾ نوڪري نه ڪندي. هنکي رڳو اهو فڪر هو ته هاڻي کيس پنهنجي ماءُ کي نه رڳو استعيفا ڏيڻ بابت پر استعيفا ڏيڻ پُٺيان جيڪي سبب آهن انهن باري ۾ به کولي ٻڌائڻو پوندو.
شانتيءَ کي ياد هو ته ٽي ڏينهن اڳ جڏهن آفيس جي چيف مئنيجر جي سڏ تي سندس چئنبر ۾ گھِڙي مَس هُئي ته چيف مئنيجر مسٽر ميراڻيءَ ڪجھه ناراض ٿيندي چيو هوس، ”هي ڇا آهي مِس شانتي؟ ٻِن ڏينهن کان پوءِ جنرل مئنيجر اَچڻو آهي ۽ توهان اوور ٽائيم ڪرڻ کان اِنڪار ڪري رهيا آهيو؟“
شانتيءَ جواب ڏنو هوس،”سر، مان آفيس ٽائيم ۾ ئي اوترو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ته پوءِ آفيس ٽائيم کان پوءِ رُڪڻ لاءِ ڇو ٿو زور ڀريو وڃي. آفيس ٽائيم کان پوءِ ويهي مان ڪم ڪري نه سگھنديس.“
مسٽر ميراڻيءَ غصي ٿيندي چيو هوس،”مِس شانتي، قاعدي انوسارآفيس ٽائيم کان پوءِ ويهي ڪم ڪرڻ لاءِ توهان ٻَڌَل آهيو. توهان جي ان نموني جو اِنڪار قاعده خلافي آهي جنهن لاءِ توهان جي خلاف قدم به کڻي سگھجي ٿو. انڪري منهنجي اها صلاح آهي ته اهڙو ڪجھه ته ڪريو جنهن مان توهان کي نقصان رَسي.“
تنهن تي شانتيءَ جواب ڏنوهوس، ”توهانکي الائي خبر آهي يا نه، پر مان آفيس ٽائيم ۾ به ٻين کان وڌيڪ ڪم ڪندي آهيان. مان نه ڪڏهن پنهنجي جڳهه تان اُٿندي آهيان ۽ نه اجايو ٽائيم وڃائيندي آهيان. مان آهيان ته رڳو هڪ ٽائيپسٽ پر مونکي ٽائيپ ڪرڻ کان سواءِ ٻيا به گھڻا ئي ڪم ڏنا ويا آهن جيڪي سڀ بَخوبي ڪندي آهيان. ايتري قدر جو اِسٽينو مِس چاولا جي غير حاضريءَ ۾ مان اُن جو ڪمُ به ڪندي آهيان ۽ سڀني جي ڊڪٽيشن وغيره به وٺندي آهيان جنهن لاءِ مونکي نه ڪڏهن ڪو معاوضو ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي مون ان جي ڪا گھُر ڪئي آهي. پر منهنجون ڪي مجبوُريون آهن جنهن ڪري مان اووَر ٽائيم ڪرڻ نٿي چاهيان.“
مسٽر ميراڻيءَ ڪجھه تيز نموني سان چيو هوس، ”مِس شانتي، مونکي اِهو ڄاڻڻ جي نه ڪا ضرورت آهي ۽ نه فرصت ته تون آفيس ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪم ڪندي آهين. آفيس توکي اَٺ ڪلاڪَ ڪم ڪرڻ لاءِ پگھار ڏيندي آهي ۽ توُن اَٺ ڪلاڪَ ڪم ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهيِن. باقي رهيو سوال آفيس کان پوءِ ڪم ڪرڻ جو، سو ان لاءِ توکي قاعدي مطابق اووَرٽائيم ڏنو ويندو. تنهنجي اَهڙي ڪهڙي مجبوري آهي جو توُن اووَر ٽائيم ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهين؟ ڇا بيمار آهيِن يا گھر ۾ ٻيو ڪو بيمار اَٿئي. جيڪڏهن آفيس مان دير سان موٽڻ ۾ توکي ڪا تڪليف ٿيندي هُجي ته آفيس جي ڪار ۾ توکي گھر ڇڏي اَچڻ جو بندوبست به ڪري سگھجي ٿو.“
شانتيءَ سانتيڪي آواز ۾ وَرندي ڏني هئي، ”سر، جيئن هينئر توهان چيو ته آفيس ۾ ڇا ٿو وَهي واپري ان ڄاڻڻ جي نه توهان کي فرصت آهي ۽ نه ضرورت، انڪري مان پنهنجون مجبوريون ٻڌائي توهان جي ان اصول کي ٽوڙڻ جي گستاخي نه ڪنديس. توهان لاءِ بس ايترو ڄاڻڻ ضروري آهي ته مان مجبور آهيان. مان اووَر ٽائيم ڪانه ڪنديس.“
شانتيءَ جو جواب ٻُڌي مسٽر ميراڻيءَ جو پارو هڪدم چڙهي ويو. گجندڙ آواز ۾ چيائينس، ”مِس شانتي، جيڪڏهن اهو تنهنجو آخري فيصلو آهي ته پوءِ مونکي تنهنجي خلاف ڪو قدم کڻڻو ئي پوندو. مون نٿي چاهيو ته تنهنجو ڪو نقصان ٿئي. پر هاڻي ته مونکي ڪاروائي ڪرڻي ئي پوندي. مونکي رپورٽ ڏني ويئي آهي ته هن کان اڳ به ٻه دفعا تو اووَر ٽائيم ڪرڻ کان اِنڪار ڪيو آهي. مان آفيس ۾ ڪا به قاعده خلافي برداشت نه ڪندس. تون هاڻي وڃي سگھين ٿي.“
چيف مئنيجر جي ڪمري مان موٽي شانتي پنهنجي ڪرسيءَ تي اَچي ويٺي هئي. ٿوري دير سوچڻ کان پوءِ هن ٽائيپ رائيٽر ۾ پنو وجھي پنهنجي استعيفا جو هڪ مهيني جو نوٽيس ٽائيپ ڪيو هو ۽ ان تي صحيح ڪري لفافي ۾ بند ڪري هن اهو پٽيوالي جي معرفت مسٽر ميراڻيءَ کي موڪلي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ ٻن ڏينهن کان بيماريءَ جو بهانو ڪري گھر ويٺي هئي.
اڄ آفيس جي مئنيجر مسٽر پٽورڌن جي صحيح سان کيس آرڊر ملي و هوته هوءَ ٻئي ڏينهن اَچي ڊيوٽيءَ تي چڙهي نه ته سندس خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. شانتيءَ کي پتو هو ته ٻئي ڏينهن ئي سندن جنرل مئنيجر اچڻو هو. انڪري هاڻي اووَر ٽائيم ڪرڻ جو سوال ته رهيو ئي ڪونه هو. ٿي سگھي ٿو ته سڀاڻي سندس حڪم اُدوليءَ لاءِ کيس جنرل مئنيجر جي سامهون پيش ڪيو وڃي ۽ سڀاڻي ئي سندس نوڪري پڻ ختم ڪئي وڃي. پر کيس ان جي ته ڪا به پرواهه ڪانه هئي. هن سوچيو هو ته هوءَ ماءُ کي ڪو موقعو ڏسي نوڪري ڇڏڻ جي باري ۾ ٻُڌائيندي. جيڪڏهن ٻي نوڪري جلد ملي ويئي ته شايد اهڙو موقعو نه به اچي. پر هاڻي ته کيس پنهنجي ماءُ کي هن نوڪريءَ تان اِستعيفا ڏيئي ڇڏڻ بابت ٻُڌائڻو ئي پوندو. کيس پڪو وشواس هو ته ماڻس سڀ ڳالهيون ٻڌي کيس ڪجھه به نه چوندي، پر گھر هلائڻ جي ذميواري ته سندس مٿان ئي هُئي. اَڄ جيڪڏهن گھر ۾ ٻيو به ڪو ڪمائڻ وارو هُجي ها ته شايد هيءَ نوڪري ڪڏهوڪو ڇڏي ڏئي ها. پر وڌوا ماءُ ۽ ننڍي ڀاءُ کي پالڻ جو بارُ ته سندس مٿان ئي هو. انڪري هن ايترا ڏينهن برداشت پئي ڪيو. پر هاڻي ته ماءُ کي ٻُڌائڻو ئي پوندو. پوءِ وري هن سوچيو ته اَڃان ڪهڙي تڪڙ آهي، اها ڳالهه ته هوءَ سڀاڻي آفيس مان موٽي اچڻ کان پوءِ به ماءُ کي ٻُڌائي سگھي ٿي.
هوءَ اَڃان اهي ڳالهيون سوچي ئي رهي هُئي ته ماڻس جو آواز آيو، ”شانتي، ڏس، توسان ڪو ملڻ آيو آهي.“
ملڻ اچڻ واري هڪ ڇوڪري هُئي جنهن کي شانتي سُڃاڻندي ڪانه هئي. ان اَجنبي ڇوڪريءَ نمستي ڪرڻ کان پوءِ چيو، ”مس شانتي، منهنجو نالو رجني آهي. تون مونکي ته سُڃاڻين. تنهنجي آفيس جي سينئر مس چاولا منهنجي واقف آهي، ان ٻڌايو ته تو آفيس مان استعيفا ڏني آهي. جيئن ته مونکي نوڪريءَ جي ضرورت آهي، هُن منهنجي درخواست پڻ آفيس ۾ ڏئي ڇڏي آهي ۽ سڀاڻي مونکي آفيس ۾ انٽرويو لاءِ به سڏايو اٿائوُن. مس چاولا ته آفيس جي ڏاڍي تعريف ٿي ڪئي، پوءِ تو ڇو استعيفا ڏني آهي؟ ڇا ٻي ڪا نوڪري ملي اٿيئي يا وري ڪا ٻي ڳالهه آهي؟ مان ته صرف اهو ڄاڻڻ لاءِ تو وٽ آئي آهيان ته جيڪڏهن مونکي تنهنجي جڳهه تي رکيو وڃي ته ڇا توکي ڪو اعتراض ٿيندو ؟“
”توهانکي نوڪري ملي ان ۾ مونکي ڪهڙو اعتراض ٿيندو. مونکي ته پاڻ خوشي ٿيندي ته هڪ گھرجائوءَ کي نوڪري ملي . اِهو برابر آهي ته مون نوڪريءَ تان استعيفا ڏني آهي، پر نه اڃان ان نوٽيس جو مُدو پورو ٿيو آهي ۽ نه ئي ان جي منظوريءَ جي ڄاڻ مونکي ڏني ويئي آهي. مون اها استعيفا ڇو ڏني آهي، اهو منهنجو ذاتي معاملو آهي جنهن کي ٻُڌائڻ جي مان ڪا ضرورت نٿي سمجھان. ها، مان توهان کي رڳو ايترو ٻُڌائڻ ٿي چاهيان ته نه مونکي ڪا ٻي نوڪري ملي آهي ۽ نه ئي موُن ان لاءِ اڃان ڪا ڪوشش ئي ڪئي آهي. ڪم ڪرڻ وارن لاءِ نوڪريُن جي ڪمي نه آهي. منهنجي استعيفا جو فيصلو معلوم ٿئي ته پوءِ مان ٻي ڪنهن نوڪريءَ جي تلاش شروع ڪنديس. ڪجھه ڏينهن ضرور بيڪار رهڻو پوندو پر عزت سان نوڪري ڪرڻ جي ڪجھه ته قيمت چُڪائڻي پوندي.“
رَجنيءَ چيس، ”شانتي، تون مونکان ننڍي آهين انڪري جيڪڏهن مان توکي پنهنجي ننڍي ڀيڻ سمجھي ڪجھه پُڇان ته ٻُڌائيندينءَ؟ ”
”پُڇو، جيڪڏهن ٻُڌائڻ جَـهِڙي ڳالهه هوُندي ته ضرور ٻُڌائينديس.”
رجنيءَ پڇيس، ”شانتي، تو هينئر چيو ته عزت سان نؤڪري ڪرڻ جي توکي قيمت چُڪائڻي پوندي. ته ڇا آفيس ۾ ڪي اهڙا به آهن جيڪي توکي عزت سان نؤڪري ڪرڻ نٿا ڏين ؟“
شانتيءَ وَراڻيو، ”معاف ڪجو. جيئن ته توهان مونکي ننڍي ڀيڻ چيو آهي انڪري مان توهانکي ديدي چئي سگھان ٿي. ديدي، ڪُجھه ڳالهيون اهڙيون به ٿينديون آهن جن جي باري ۾ نه ڳالهائڻ ئي ٺيڪ ٿيندو آهي، خاص ڪري اهي ڳالهيون جيڪي ڪو وسارڻ چاهيندو هُجي. مون آفيس مان استعيفا ڏني آهي ۽ مان پنهنجي زندگيءَ جو اِهو بابُ ختم ڪري ان کي وسارڻ ٿي چاهيان. تنهن کان سواءِ ڪنهن جي باري ۾ ڪجھه چئي توهانکي ڪنهن جي خلاف بدگمان ڪرڻ نٿي چاهيان. هر ڇوڪري جيڪا نؤڪري ڪري ٿي ان کي ڪن حالتن سان سمجھوتو ڪرڻو پوندو آهي. مان شايد اَهڙين حالتن سان سمجھوتو نه ڪري سگھيس. جتي مان ناڪامياب رهيس اُتي هرڪو ائين رهندو اهو ته ضروري ناهي. ٿي سگھي ٿو ته توهان جي سامهون اهي حالتون ئي نه بڻجن يا توهان وٽ انهن حالتن سان مقابلو ڪرڻ جي وڌيڪ شڪتي هُجي.“
رجنيءَ پُڇيس، ”شانتي، هڪ ڇوڪري هُئڻ جي ناتي، ڇا اهو تنهنجو فرض نه آهي ته تون منهنجي آڏو ايندڙ مشڪلاتن جي باري ۾ کولي ٻُڌائين. مِس چاولا ته ٻڌايو پئي ته آفيس جو چيف مئنيجر هڪ شريف انسان آهي. جيڪڏهن ڪنهن توسان ڪا بدتميزي به ڪئي هُجي ته توکي ضرور پنهنجي آفيسر کي پنهنجي پريشاني ٻُڌائڻ کپي. يا ائين ته ڪونهي ته اُهو ئي شخص رِڍَ جي ويسَ ۾ ڇِپيَلُ بَـگھڙ آهي؟“
شانتيءَ جواب ڏنس، ”ديدي، مان ڪنهن جي خلاف ڳالهائي توکي برغلائڻ نٿي چاهيان. توکي آگاهه ڪرڻ جي خيال کان رڳو صلاح ڏيڻ چاهينديس، آفيس جي مئنيجر مسٽر سنگهه جي نِيَت ڪُجھه ٺيڪ ناهي. ڇوڪريُن ۾ سندس هِڪَ خاص قسم جو چاهُه رهندو آهي. گاهي بيگاهي کين پنهنجي ڪمري ۾ گھُرائڻ ۽ گھڻي ڪم جو بهانو ڪري آفيس ٽائيم کان پوءِ اڪيلو ويهاري ڦاسائڻ هن جو شغل آهي. جيڪا ڇوڪري سندس مرضيءَ موافق ڪم نه ڪندي آهي ان کي هوُ طرح طرح جون تڪليفون ڏيندو آهي ۽ پنهنجي هَوَسُ جو شڪار بڻجڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي. جيڪا سندس خواهش پوري نه ڪندي آهي ان لاءِ هو اهڙيون ته حالتون پئدا ڪندو آهي جو اها يا ته پاڻ ئي نؤڪري ڇڏي وڃي يا ان کي نؤڪريءَ مان ڪڍيو وڃي. باقي سوال رهيو چيف مئنيجر کي ٻُڌائڻ جو، اُهو ته پنهنجي هر زيردست جي سُک دُک جي ڄاڻ رکڻ هر آفيسر جو فرض هئڻ کپي. پر اسانجي چيف مئنيجر کي نه ان ڪم لاءِ ڪا فرصت آهي ۽ نڪو هو ان کي ضروري ٿو سمجھي. هن کي آئي به اڃان ٽي مهنا ئي ته ٿيا آهن. ڏسڻ ۾ ته هو اهڙو نٿو اچي، پر اڳتي هلي ڇا ڪندو ان جي ڪهڙي خبر! پر جڏهن هو پنهنجي آفيس ۾ ٿيندڙ حرڪتن کي ڄاڻڻ ئي نٿو چاهي ته ان مان ڪهڙي اُميد ڪجي ته هو ڄاڻڻ کان پوءِ ڪجھه ڪندو. انڪري مون هن کي ڪجھه ٻُڌائڻ واجب نه سمجھيو. آخر هوُ به ته هڪ مڙد آهي. ضرور هو هڪ مڙد ۽ پنهنجي زيردست آفيسر جو ئي پاسوکڻندو.“
رجنيءَ اُٿندي چيو، ”مهرباني شانتي، مونکي تنهنجي مئنيجر مسٽر سنگھه کي ٺيڪ ڪرڻ جا گھڻا ئي طريقا ايندا آهن. هونءَ ته مان چاهينديس ته تون آفيس ۾ ئي نوڪري ڪندي رهين، پر جيڪڏهن بدقسمتيءَ سان توکي نوڪري ڇڏڻي پوي ۽ ٻئي ڪنهن هنڌ توکي منهنجي مدد جي ضرورت پوي ته وڏي ڀيڻ سمجھي مون وٽ بي حجاب هلي اَچج.“
اِئين چئي رجني موڪلائي هلي ويئي. هن جي وڃڻ کانپوءِ شانتيءَ کي ياد آيو ته رجنيءَ مدد جو وعدو ته ڪيو پر هن پنهنجي ائڊريس ته کيس ڏني ئي ڪانه. ڇا هن کي پورو يقين هو ته کيس شانتيءَ واري نوڪري ملندي، انڪري پنهنجي ائڊريس ڏيڻ ضروري نه سمجھيائين. نوڪري ملڻ جي پڪ به هن کي ڇو نه هُجي، مِس چاولا جيڪڏهن شانتيءَ جي جڳهه خالي ٿيڻ کان اڳ ئي ٻن ڏينهن ۾ هن جي انٽرويو جو بندوبست ڪري سگھي ٿي، ته ضرور مسٽر سنگھه ان ۾ خاص دلچسپي ورتي هوندي. پوءِ رجنيءَ کي نوڪري نه ملڻ جو ڪو ڪارڻ ئي نٿو ڏسڻ ۾ اچي.
ٻئي ڏينهن شانتيءَ ٽائيم تي آفيس پهچي پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ مسٽر ميراڻي جنرل مئنيجر سان گڏ آفيس ۾ آيو. جيئن ته جنرل مئنيجر پهريون دفعو ان آفيس ۾ آيو هو انڪري هن هر ڪرمچاريءَ جي سيٽ تي وڃي ملڻ شروع ڪيو ۽ مسٽر ميراڻي هر هڪ سان سندس ملاقات ڪرائيندو رهيو. جنرل مئنيجر به هر هڪ کان ان جي ڪم جي باري ۾ پُڇندو پئي ويو. جڏهن شانتيءَ جو وارو آيو ته مسٽر ميراڻيءَ سندس واقفيت ڪرائيندي چيو، ”سر، هيءَ آهي مس شانتي، هن آفيس جي ٽائيپسٽ، جنهن جي باري ۾ مون توهان کي ٻڌايو هو.“
جنرل مئنيجر رڳو ”هون“ ڪري اڳتي وڌي ويو. سڀني سان ملاقات ڪري جنرل مئنيجر ۽ مسٽر ميراڻي چيف مئنيجر جي ڪمري ۾ هليا ويا. شانتي پنهنجي ڪم ۾ لڳي رهي. سندس اَنديشو پَڪَ ۾ بدلجي ويو ته ضرور مسٽر ميراڻيءَ جنرل مئنيجر کي سندس خلاف شڪايت ڪئي آهي انڪري سندس پيشي ضرور ٿيندي. ٿوري دير ۾ رجني به آفيس ۾ آئي ۽ بنا ڪنهن هچڪ هوءَ شانتيءَ جي سامهون پيل ڪُرسيءَ تي اچي ويٺي. هوءَ ڪافي خوش نظر ٿي آئي. اچڻ سان هن پني جي هڪ ٽڪريءَ تي پنهنجو نالو لکي، چيف مئنيجر کي ڏيڻ لاءِ پٽيوالي کي ڏنو. ٿوري دير ۾ پٽيوالي اچي رجنيءَ کي اندر وڃڻ لاءِ چيو. رجني شانتيءَ ڏانهن نهاري، مسڪرائيندي اَندر هلي ويئي. ڪلاڪ کن ٿي ويو پر رجني اندران ڪين نڪتي، ان وچ ۾ پٽيوالو چانهه جي ٽري به اندر کڻي ويو. شانتيءَ کي عجب لڳي رهيو هو ته ايتري دير تائين رجنيءَ جو انٽرويو ڇو هلي رهيو آهي. ڇا رجني جنرل مئنيجر جي سفارش تي ئي نوڪريءَ ۾ رکي ٿي وڃي. ضرور ائين ئي هوندو نه ته ڇو رجنيءَ جي هوُندي به چانهه اندر وڃي ها. هاڻي شانتيءَ کي سمجھ ۾آيو ته ڇو ڪالهه رجنيءَ وشواس سان چيو هو ته مسٽر سنگھه کي سڌي ڪرڻ جا طريقا به کيس ايندا آهن. اِئين نه هُجي ها ته رجني ڇو اهڙي خوش ڏسڻ ۾ اَچي ها، سندس چهري تي انٽرويوءَ جو ڊپ ته هئو ئي ڪونه . شانتي اَڃان انهن خيالن ۾ ئي هئي ته پٽيوالي اچي کيس چيو ته جنرل مئنيجر کيس ڪمري ۾ سڏي رهيو آهي. شانتيءَ کي هينئر پورو يقين ٿيو ته سندس نؤڪري هاڻي رڳو ڪجھه پلن جي آهي پر ڏِسِڻو اِهو آهي ته سندس استعيفا منظور ٿي ڪئي وڃي يا کيس ڪڍيو ٿووڃي.
شانتي چيف مئنيجر جي ڪمري ۾ گھڙي ته ڏٺائين ته مسٽر ميراڻي ۽ جنرل مئنيجر ڪمري ۾ پيل وڏي صوفا تي گڏ ويٺا آهن ۽ پاسي ۾ پيل صوفا تي رجني ويٺي مسڪرائي رهي آهي، ٽتهي جي اڳيان چانهه جا ڪوپ پيا آهن. جنرل مئنيجر جي هٿ ۾ شانتيءَ جي استعيفا پڻ آهي.
اندر گھِڙندي ئي مسٽر ميراڻيءَ شانتيءَ کي ويهڻ جو اِشارو ڪندي چيو، ”مس شانتي، رجنيءَ سان تون ملي چُڪي آهين ۽ جنرل مئنيجر سان به تنهنجي واقفيت ٿي چُڪي آهي. اسان سڀ تنهنجي باري ۾ ئي ڳالهائي رهيا هئاسين ۽ اسان ڪجھه فيصلا ڪيا آهن جن جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ توکي هت گھرايو ويو آهي. پر پهريائين تون هتان سائيڊ ٽيبل تان ٽري مان پنهنجي لاءِ چانهه جو ڪوپ کڻي ويهُه ته ڳالهايون.“
شانتي چپ چاپ بيٺي رهي. مسٽر ميراڻيءَ جي ٻيهر چوڻ تي سامهون پيل ڪُرسيءَ تي ويٺي ته، پر هن چانهه جو ڪوپ کڻڻ واجب نه سمجھيو. هوءَ واري- واري سان جنرل مئنيجر، مسٽر ميراڻي ۽ رجنيءَ کي ڏسي رهي هئي ۽ سندن چهرن کي پڙهڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين، پر کيس ڪجھه به سمجھه ۾ نٿي آيو. رجني مُسڪرائي رهي هئي. جنرل مئنيجر ڪنڌ هيٺ ڪري شانتيءَ جي استعيفا ڏسي رهيو هو ۽ مسٽر ميراڻيءَ جو چهرو بلڪل گنڀير هو. ٿوري دير رکي مسٽر ميراڻيءَ چوڻ شروع ڪيو-
”مس شانتي، مون تنهنجي استيفا پنهنجي رپورٽ سان گڏ وڏي صاحب جي سامهون رکي آهي. اسان ٻنهي جو اهو ويچار نه، پر پڪو فيصلو آهي ته قائدي مطابق تنهنجي استعيفا منظور ڪرڻ ۾ ڪجھه رڪاوٽون آهن، انڪري سٺو اهوئي ٿيندو ته تون پنهنجي استعيفا واپس وٺ.“
شانتيءَ جواب ڏنو، ”سر، مون پڪو فيصلو ڪيو آهي ته مان هن نوڪريءَ ۾ هلي نه سگھنديس انڪري توهانکي وينتي آهي ته منهنجي استعيفا منظور ڪئي وڃي.“
مسٽر ميراڻيءَ وراڻيو، ”مس شانتي، جيڪڏهن اهو تنهنجو آخري فيصلو آهي ۽ توُن زور ٿي ڪرين ته اسانکي تنهنجي استعيفا منظور ڪرڻي ئي پوندي ۽ صاحب به ان راءِ جو آهي ته توُن هن نوڪريءَ ۾ هلي نه سگھندينءَ، انڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته توکي هن نوڪريءَ مان جلد-به - جلد ڇوٽڪارو ملڻ کپي.“
شانتيءَ اُٿندي چيو، ”سر، توهانجي مهرباني. توهان جڏهن به ، جنهن کي به چوندا، مان پنهنجي چارج اُن کي ڏئي ڇڏينديس.“
ائين چئي شانتي وڃڻ لڳي ته ميراڻيءَ چوڻ شروع ڪيو، ”مس شانتي، مون اَڃان پنهنجي ڳالهه پوري نه ڪئي آهي. تنهنجي چارج ڏيارڻ جو اسان جلد انتظام ڪنداسين. پر ان کان اڳه اسانجو پورو فيصلو ته ٻُڌندي وڃُ . جيئن ته مون توکي اڳي ئي ٻڌايو ته وڏي صاحب جو به اهو رايو آهي ته تون ٽائيپسٽ جي پوسٽ تي هلي نه سگھندينءَ، انڪري اسان توکي اسٽينوگرافر جي پوسٽ آڇي رهيا آهيون. مان سمجھان ٿو ته ان ۾ توکي ڪو اعتراض نه هوندو؟“
شانتيءَ جواب ڏيڻ لاءِ اڃان واتُ کوليو ئي جو ميراڻيءَ اِشاري سان کيس چُپ ڪرائيندي چيو، ”تون ڪجھه چئين، ان کان اڳ مونکي پنهنجي ڳالهه پوري ڪرڻ ڏي. اِسٽينوگرافر جي پگھار سان گڏ، منهنجي سيڪريٽري هئڻ جي ناتي توکي اسپيشل ڀتو پڻ ملندو. هونءَ ته توکي آفيس ٽائيم کان پوءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي پر مان سمجھان ٿو ته عهدي جي لحاظ کان جيڪڏهن توکي ڪجھه جلد اچڻو پيو يا آفيس ٽائيم کان پوءِ رُڪڻو پيو ته توکي ڪو اعتراض نه رهندو. اهڙن موقعن تي آفيس جي ڪار توکي وٺي ايندي ۽ ڇڏي ايندي. توُن رُڳو چيف مئنيجر جي اَنڊر ئي ڪم ڪندينءَ. هڪُ ٽائيپسٽ به تنهنجي مدد لاءِ تنهنجو زيردست ٿي رهندو. ها هڪ ڳالهه جنهن سان تنهنجو ڪو مطلب ڪونه آهي، پر توکي ان باري ۾ ڄاڻائڻ ضروري آهي، صاحبَ اڄ ئي مسٽر سنگھه کي هڪ ٻي ننڍي برانچ ۾ موڪلڻ جو آرڊر ڪيو آهي. چؤ، مس شانتي! توکي اَسانجا فيصلا منظور آهِن ؟“ شانتي وائڙي ٿي اهي ڳالهيون ٻُڌي رهي هئي، کيس وشواس ئي نه پئي آيو ته هوءَ جيڪو ٻُڌي رهي آهي اهو سچ آهي يا خواب. ڪٿي هن جي من ۾ اُٿندڙ خيال کيس دوکو ته نه ڏيئي رهيا آهن! هن ته سوچيو هو ته کيس نؤڪريءَ مان جواب ملندو، پر هتي ته ڳالهه ئي اُبتڙ لڳي پيئي هُئي. اها اَڻ ٿيڻي ڳالهه ڪهڙي سبب ٿي، اهو سندس سمجھ کان ٻاهر هو. هوءَ اَڃان اهو سوچي ئي رهي هئي ته مسٽر ميراڻيءَ هڪ دفعو وري پنهنجو سوال دهرايو.
شانتيءَ جواب ڏيندي پڇيو، ”سَر،ته ڇا مِس رجني ئي منهنجي اَنڊر ٽائيپسٽ جو ڪم ڪندي؟“ مسٽر ميراڻيءَ کلندي چيو، ”توکي پنهنجو زيردست چوُنڊڻ جي پوري اختياري رهندي. باقي رهي مس رجني، سو هيءَ مِس نه، پر مِسز رجني ميراڻي آهي.“
شانتي عجب مان رجنيءَ ڏانهن نهاريو جنهن جي منهن تي هڪ شرارت ڀريل مُرڪ هُئي.*