ڪھاڻيون

بدلي جيِ باهه

هن ڪتاب ۾ ڪل ملائي ڏهه ڪهاڻيون آهن، الڳ ۽ منفرد موضوعن تي، اسان جي آسپاس رهندڙ ڪردان جون ڪهاڻيون آهن، اسان جي معاشري جو اولڙو ملي ٿو هنن ڪهاڻين ۾. ڪجهه ڪهاڻين جو ڪلائيمڪس اندازي جي ابتڙ ملي ٿو، ڪلائيميڪس تي پهچي ماڻهو دنگ رهجيو وڃي. سادي ٻولي ۾ لکيل هنن ڪهاڻين ۾ کوڙ پيغام ۽ اميدون سمايل آهن.
Title Cover of book بدلي جيِ باهه

پنج پنکڙيوُن

ڀوپال، 11-09-1980
مِس ڪملا،
چٺي توهانجي ملي . توهانجي همٿ کي داد ڏيڻو پوندو جو هن نموني هڪ اڻڄاڻ کي توهان ائين چٺي لکي آهي. مان توهان سان شامل راءِ آهيان ته اسانجي مائٽن کي ائين اَسانجي شاديءَ جي پڪ ڪرڻ جو ڪو اختيار ڪونهي، خاص ڪري جڏهن نه اسين هڪ ٻئي کي سُڃاڻوُن ۽ نه ئي اَسان هڪ ٻئي کي ڏٺو آهي. مان توهانجي اها ڳالهه به مڃڻ لاءِ تيار آهيان ته ان نموني جي شاديءَ سان اسان ڪڏهن به سکي نه رهي سگھنداسين ۽ انڪري اسانکي اهڙي نموني جي شاديءَ جو وروڌ ڪرڻ کپي. مان اهو مڃڻ لاءِ هرگز تيار نه آهيان ته مڙد هئڻ جي ناتي اهو فرض رُڳو منهنجو آهي ته مان اهڙي شاديءَ کان انڪار ڪريان.
مئڊم، مان توهانکي ياد ڏياريان ته اڄ زماني ۾ زالن ۽ مڙدن جا حق ۽ فرض هڪ جهڙا آهن. انڪري توهان جو به اوترو ئي فرض آهي جيترو منهنجو. جڏهن همٿ ڪري توهان اهڙي چٺي لکي آهي ته هڪ ٻي به همٿ ڏيکاريو ۽ پنهنجي پيءُ کي پنهنجن حقن کان واقف ڪرايو. مان ته پنهنجي ماءُ کي ناراض ڪري نه سگھندس ڇو ته بابي جي سرڳواس ٿيڻ کان پوءِ هن سهسين تڪليفون وٺي مونکي پڙهائي لکائي قابل بڻايو آهي. سو اهڙي امڙ لاءِ مان ڪا به قرباني ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ائين ته توهان سان شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪونه آهي پر ماءُ جي خوشيءَ خاطر مان ڪجھه به ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندس. انڪري جيڪڏهن شاديءَ کان انڪار ڪرڻو ئي آهي ته اهو توهان کي ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجن مائٽن سان صاف صاف ڳالهائڻو پوندو. جيڪڏهن ائين ڪرڻ جي همٿ توهان ۾ نه هجي ته پوءِ اسانکي ٻيو ڪو اُپاءُ سوچڻو پوندو. هن نموني چٺيون لکڻ سان هڪ طرف جتي ڪو اُپاءُ ڳولهڻ ۾ ڪافي وقت لڳي سگھي ٿو اُتي چٺيون غلط هٿن ۾ به پهچي سگھن ٿيون. منهنجو ويچار آهي ته پاڻ ۾ گڏجي ڪو طريقو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪجي. جيڪڏهن توهانکي ڪو اعتراض نه هجي ته توهان سڀاڻي شام جو پنجين بجي ڪافي هائوس ۾ اچو ته ان مسئلي جو ڪو حل ڳولهجي. مان توهانجو انتظار ڪندس.
توهانجو خيَرخواه،
- پريم
.....
ڀوپال، 19-9-1980
ڪملا،
نراش من سان اڄ بنا توسان ملڻ جي مونکي موٽڻو پئجي رهيو آهي. پوين ستن ڏينهن ۾ روز پنجين بجي توسان ملڻ جي ڪجھه اهڙي عادت پئجي ويئي آهي جو تنهنجي اڄ نه اچڻ جي نياپي منهنجي دل تي بجلي ڪيرائڻ جي حالت پئدا ڪئي آهي. ائين ته تنهنجي نه اچڻ سان اسانجي مسئلي جو حل ڳولهڻ تي ڪو خاص فرق ڪونه پيو ڇاڪاڻ ته ستن ڏينهن ۾ به اسان پنهنجي پريشانيءَ جو ڪو علاج ڳولهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھياسين. سو اڄ اهو ڪري سگھون ها، ان جي به ڪا پڪ ڪانه هئي. ائين ته اسان جيڪڏهن ايمانداريءَ سان سوچيون ته هنن ستن ڏينهن ۾ اسان پنهنجي مکيه سوال تي ڪڏهن به گنڀيرتا سان ويچار ڪونه ڪيو آهي. جڏهن به اسان ان باري ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ڳالهين ڪجھه اهڙو رخ ورتو جو اسان ٻين ڳالهين تي وڌيڪ ڳالهايو هوندو ۽ پنهنجي مسئلي تي گھٽ. مان ته سمجھان ٿو ته ان جو رڳو هڪ ئي سبب هو ته ڪافي هائوس ۾ اهڙي گنڀير سوال تي ويچار ڪرڻ جو ماحول اصل نه هوندو آهي. انڪري منهنجو سجھاءُ آهي ته هاڻي ڪافي هائوس جي بدران ڪنهن اهڙي جڳهه تي ملڻ کپي جتي اسانکي اهڙو ماحول ملي سگھي. ميونسپل پارڪ ۾ ڦوهاري جي پوئتان واري بند دروازي جي ڀرسان هڪ بينچ پيل آهي جنهن طرف رواجي طرح ڪو به نه هوندو آهي، اُتي اسانجي خيالن ۾ خلل وجھڻ وارو ڪو به نه هوندو، انڪري سڀاڻي مونسان اُتي ملج.
هن سان گڏ شيڪسپيئر جي هڪ ڪاميڊي موڪلي رهيو آهيان، ٽرئجڊي ته ملي ڪانه انڪري جيڪي مليو اهو توکي ڏيڻ خاطر کڻي آيو هوس. مونکي ته توسان ملڻ نصيب نه ٿيو پر هن ڪتاب کي توسان ملڻ کان ڇو روڪيان انڪري تنهنجي نوڪر هٿان اهو موڪلي رهيو آهيان. تو گراهم گرين جي ڪنهن ڪتاب لاءِ چيو هو اهو به پاڻ سان کڻي اچج. مان ساڳي وقت تنهنجو انتظار ڪندس. ٻُڌاءِ، ايندينءَ ته؟
توسان ملڻ لاءِ منتظر،
- پريم
.....
ڀوپال، 5-10-1980
ڪمل،
توکي شايد وشواس نه به اچي، پر پارڪ جي هيءَ سنسان ڪُنڊ مونکي اڄ کائڻ ٿي اچي ڇو ته مان اڄ هتي بلڪل اڪيلو آهيان. تو ته ڪالهه ئي اڄ نه اچڻ لاءِ ٻڌايو هو ۽ انڪري مونکي اڄ هتي اچڻ ئي ته گھُربو هو. تنهنجي ته اچڻ جي ڄاڻ هوندي به مان هتي اچڻ کان خود کي روڪي نه سگھيس. مون سوچيو هو ته توسان نه سهين تنهنجي ياد ته دل وندرائڻ لاءِ مون وٽ هوندي ئي. پر ٿيو آهي ان کان بلڪل اُلٽو. دل وندرجڻ بدران پاڻ وڌيڪ ويڳاڻي ٿي ويئي آهي. جن پکين جون ٻوليون ڪالهه تائين مٺيون لڳنديون هيون اُهي تو بن اڄ ڪنن جا پڙدا ٿيون ڦاڙين. روزمره وانگر اڄ به اهو ڪوريئڙو بئنچ جي آسپاس چڪر لڳائي رهيو آهي پر ان ڏانهن هڪ- هڪ ڪري ڀُڳڙا ڦٽي ڪرڻ جو چاهُه من ۾ ڪونه آهي. مون ڀڳڙن جو پورو پُـڙو ئي هيٺ پٽ تي رکي ڇڏيو آهي. پر ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته هو به هڪ- هڪ ڀڳڙو هٿ ڪرڻ جو اهڙو عادي ٿي ويو آهي جو هينئر بنا محنت جي سڀ ڀڳڙا هڪ ئي مهل ملڻ کيس ٺيڪ نٿو لڳي. هو شايد چاهي ٿو ته هڪ- هڪ ڀڳڙو هيڏانهن - هوڏانهن ڦٽو ڪري ڪو هن سان راند ڪري، پر جڏهن منهنجو من ئي ماندو آهي ته پوءِ هن سان ڪيئن راند ڪريان. ٿي سگھي ٿو ته هن کي به تنهنجي هتي نه هجڻ جي ڪمي محسوس ٿيندي هجي، ڇاڪاڻ ته بئنچ تائين اچي هو به مايوس قدمن سان هيڏانهن - هوڏانهن نهاري وري واپس هليو ٿو وڃي. ان ۾ هنجو ڪو ڏوهه ڪونهي ڇو جو هيترن ڏينهن جي عادت کي بدلائڻ هن لاءِ مشڪل هوندو. جڏهن هڪُ جانور به پنهنجي عادت جو ايترو جلد غلام بڻجي ويو آهي ته پوءِ هڪ انسان لاءِ پنهنجي عادت بدلائڻ ته مشڪل ئي آهي. مَنُ اهڙو ته مايوس آهي جو مونکي اهو به ياد ناهي ته اسان ڪڏهن کان هن پارڪ ۾ اچڻ شروع ڪيو هو. پندرهن ڏينهن؟ ويهه ڏينهن؟ مهينو يا ٻه مهينا؟ مان ته اهو به ڀُلجي چُڪو آهيان ته اسانجي هن پارڪ ۾ اچڻ جو مقصد ڪهڙو هو. مونکي ته بس ايتري يادگيري آهي ته تون ۽ مان روز شام جو هتي ملندا هئاسين، ڳالهيون ڪندا هئاسين. ڳالهيون ڪري جڏهن ٿڪبا هئاسين ته چپ چاپ پکين جون مٺيون لاتيون ويهي ٻڌندا هُئاسين يا وري ڪوريئڙي لاءِ هڪ- هڪ ڀڳڙو هيڏانهن - هوڏانهن ڦٽي ڪري اهو ڏسي خوش ٿيندا هئاسين ته هو ڪنهن جو ڀڳڙو ٿو پهرين کڻي. اڄ هتي تنهنجي نه هئڻ سان مونکي پنهنجي زندگيءَ جو اڌوروپڻ گھوُري رهيو آهي. مون ان کان اڳ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو خال محسوس ڪونه ڪيو هو؛ پر اڄ تنهنجي هتي نه هجڻ جي ڪمي مونکي پنهنجي زندگيءَ جي اصليت جو احساس ڪرائي رهي آهي. توسان ملڻ کان اڳ مون ڪڏهن سپني ۾ به نه سوچيو هو ته ڪنهن کان پري رهڻ ۾ به ڪڏهن ڪا من ۾ پيڙا پئدا ٿي سگھي ٿي. توکي وئي اڃان ته رڳو هڪ ڏينهن ئي ٿيو آهي ۽ منهنجو من ايترو اُداس ٿي ويو آهي. الائي توکان سواءِ ست ڏينهن ڪيئن گذرندا. تون ته اتي شاديءَ جي گوڙ ۾ مٽن مائٽن سان وندري ويٺي هوندينءَ مان هتي هن پارڪ جي ڪنڊ ۾ ڀريل دنيا ۾ به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهيان. توسان واقفيت ٿيڻ کان اڳ دوستن يارن سان خوب موج مستيءَ ۾ زندگي گذرندي هئي. اڄ به اُهي دوست آهن پر هنن سان ملڻ جي چاهَه ته آهي. اڄ توکان سواءِ ڪو منهنجو پنهنجو ساٿي آهي ته اهو آهي رڳو پنهنجو اڪيلوپڻ.
ڪمل، جذبات ۾ اچي مان الائي ڇا- ڇا لکي رهيو آهيان. جيڪي ڪجھه لکيو اٿم ان جو اختيار به مونکي آهي يا نه، اهو به نٿو ڄاڻان. بس ڄاڻان ٿو ته رڳو ايترو ته توُن اڄ هتي ڪانه آهين ۽ اهڙا ٻيا به ست ڏينهن مونکي ان نموني اڪيلو گذارڻو پوندو. تنهنجو ڏنل ڪتاب پڙهڻ ته ڇڏ، کولڻ جي چاهنا به نه اٿم. انڪري اڳتي جيڪڏهن توکي مونکان دور وڃڻو هجي ته گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي هڪ تصوير ئي ڏيئي ويندي ڪر، جيئن ان سان ئي ڳالهيون ڪري دل وندرائي سگھان. هينئر ته رُڳو هيءَ چٺي لکي مان پنهنجي اُداسي گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. جيسيتائين هيءَ چٺي توکي ملندي تيسيتائين تون واپس اَچڻ جي تيارين ۾ هوندينءَ انڪري تو وٽان ڪنهن جواب ملڻ جي ڪا اميد ڪانه آهي. پر مونکي تنهنجي جواب جي نه، تنهنجي هتي هجڻ جي ضرورت آهي.
چڱو ڪمل، واپس اچڻ ۾ دير نه لائج.
تنهنجي واپس اچڻ جي انتظار ۾،
- پريم

ڀوپال، 1-11-1980
ڪمو،
نوڪر هٿان موڪليل تنهنجي چٺي هينئر ملي . پڙهي سر تي ڄڻ آسمان ڪري پيو. تو لکيو آهي ته هن کانپوءِ اسانجو پارڪ ۾ ائين ملڻ واجب نه ٿيندو ڇاڪاڻ جو اڄ شام جو توکي ڪي ڏسڻ وارا اَچڻا آهن. برابر ياد آيو، تنهنجي ۽ منهنجي ملاقات جو به ته اهوئي سبب هو ته پاڻ ۾ ويهي ڪجھه اهڙي ترڪيب ڪجي جيئن تنهنجي ۽ منهنجي شادي نه ٿي سگھي ڇاڪاڻ ته اسان هڪ ٻئي کان اڻڄاڻ هئاسين. پر هينئر ته اسان هڪ ٻئي کي سُڃاڻڻ شرع ڪيو هو، سمجھڻ شروع ڪيو هو. پر، هاڻي اهي ڳالهيون ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو! تون جڏهن مونکان سَتَ ڏينهن دوُر رهي هئينءَ ته موُن سوچيو هو ته تنهنجي موٽڻ کان پوءِ مان پنهنجي دل تو اڳيان کولي رکندس. پر جڏهن تون واپس آئينءَ ته توکي پائي ايترو ته خوش ٿيس جو سڀ ڪجھه ڀُلجي ويس. تنهنجي صحبت منهنجي لاءِ قارون جي خزاني کان به وڌيڪ هئي. پر هاڻي ڇا ٿو ٿي سگھي. تو لکيو آهي ته جيڪو ڇوڪرو توکي ڏسڻ اچڻ وارو آهي انکي تون چڱيءَ طرح سڃاڻين، انڪري تون هاڻي ان شاديءَ کان انڪار نه ڪري سگھندينءَ. تون ان شاديءَ مان خوش آهين، اهو سوچي مان به خوش رهندس. توکي مَنَ گھُريو ساٿي ملي ان کان وڌيڪ مونکي ڇا کپي! هاڻي تنهنجو وڌيڪ وقت وڃائڻ جو مونکي ڪو حق ڪونهي. تنهنجي نؤڪر کي مون هي جواب ڏيڻ لاءِ روڪي رکيو آهي. منهنجو جيڪو ڪتاب تو وٽ آهي ان کي منهنجي طرفان شاديءَ جي سوغات سمجھي پاڻ وٽ رکج.
- رُڳو پريم
.....



ڀوپال، 1-11-1980
منهنجي ڪمو،
دوکي باز..... دغاباز.... تون مونکي ان نموني دوکو ڏيندينءَ اِهو مون ڪڏهن سوچيو به نه هو. سڀ ڪجھه ڄاڻندي به تو مونکان لڪائي مونکي ستايو آهي. اڄ تنهنجو راز مونتي ظاهر ٿي چڪو آهي جيترو تو مونکي تڙڦايو آهي انجو بدلو مان به توکان ڳڻي- ڳڻي وٺندس.
تنهنجي نؤڪر کي چٺي ڏئي واپس آيس ته امان مونکي چيو ته اڄ شام جو ڇوڪري ڏسڻ خاطر ساڻس گڏ وڃان. هڪ تنهنجي چٺيءَ جو صدمو ۽ مٿان وري هي ڌڌڪو. سو مون کيس صاف انڪار ڪيو ته مونکي ڪا ڇوڪري ڏسڻي ناهي، کيس جيڪو ٺيڪ لڳي اُهو ڪري. اَمڙ چيو ته ائين ڪيئن ٿيندو، نئون زمانو آهي جيسيتائين ڇوڪرو ڇوڪري هڪ ٻئي کي ته ڏسندا ته پڪ ڪيئن ٿيندي. پوءِ ڏوهُه ڏيندا مائٽن کي. سو متان مان به کيس ڏوهُه ڏيان انڪري ڇوڪري ڏسي جيسيتائين پنهنجي رضامندي نه ڏيندس تيسيتائين هوءَ ڪا پڪ ڪانه ڪندي. توکان پوءِ اهڙين ڳالهين مان منهنجو وشواس ئي نڪري ويو آهي. سو مون کيس چيو ته مان سندس پسندگيءَ تي راضي رهندس. مون اَمڙ کي رُڳو اِهو چيو ته جيڪڏهن کيس ڇوڪري پسند اچي ته مان هڪ هفتي جي اندر شادي ڪرڻ چاهيندس. امان منهنجو اهو شرط قبول ڪيو.
امان کي شاديءَ جي منظوري ته ڏنم پر سارو ڏينهن اندر ۾ آنڌ مانڌ لڳي پيئي هئي ته الائي ڇا ٿئي. هڪ ڪلاڪ اڳ اَمڙ وري به چيو ته هلي ڇوڪري ڏسين ته وڌيڪ سٺو، ڇو ته هر ڪنهن جي پسند پنهنجي هوندي آهي. پر توکان سواءِ مون لاءِ ٻيون سڀ ڇوڪريون تُـڇ به آهن ۽ هڪ جهڙيون به ، انڪري مون کيس وري به اِنڪار ڪري ڇڏيو. ان تي امان چيو ته جيڪڏهن ڇوڪري ڏسڻ ۾ مونکي ڪو اعتراض آهي ته گھٽ ۾ گھٽ ان ڇوڪريءَ جو فوٽو ڏسي ئي پنهنجي رضامندي ڏيان. مونکي ته ته ڪنهن ڇوڪريءَ جي ڏسڻ جو چاهه هو ۽ نه انجي فوٽو ڏسڻ جو، سو مون ان لاءِ به اِنڪار ڪيو. پر امان اِهو چوندي اُهو فوٽو منهنجي ميز تي پيل ڪتاب جي هيٺان رکي ويئي ته جڏهن به اهو ڏسڻ چاهيان، ڏسي سگھان ٿو.
اَمان جي وڃڻ جو ٽائيم اچي ٿيو، مان الائي ڪهڙي ڪم سان ان ميز جي ڀرسان ويس ۽ خبر نه آهي ته مون ڇو اهو ڪتاب هٿ ۾ کنيو. ڪتاب جي هيٺان تنهنجي تصوير ڏسي وائڙو ٿي ويس. مون توکان تنهنجي تصوير گھُري ضرور هئي پر تو مونکي اها ڏني هُجي، انجي يادگيري مونکي ڪانه هئي. پوءِ هيءَ تصوير اُتي آئي ڪٿان؟ تڏهن مونکي ياد آيو ته امان به ته ڪنهن ڇوڪريءَ جو فوٽو ڪتاب جي هيٺان رکي ويئي هئي. ته ڇا، توکي ڏسڻ لاءِ اچڻ وارا اسان ئي هئاسين ! هي ڪهڙو غضب ٿي ويو جو مان اچڻ کان اِنڪار ڪري ويٺس. تڏهن تنهنجي چٺيءَ جو مطلب چٽيءَ طرح مونکي سمجھه ۾ آيو. تو اهو سَـچُ لکيو ته هاڻي اسانجو پارڪ ۾ ائين ملڻ واجب نه آهي. ها، هاڻي ته اسانکي سماج ۽ مائٽن جي سامهون شاديءَ جي پنڊال ۾ ملڻو آهي ۽ اهڙي نموني هڪ دفعو ملڻ کانپوءِ هاڻي اسانکي نه هن طرح چٺين رستي حال اورڻ جي ڪا ضرورت رهندي ۽ نه پارڪ جي ڪنهن سُنسان ڪنڊ ۾ ملڻ جي.
تنهنجي ان فوٽي جي راز کي ڄاڻي مون اَمان کي چيو آهي ته مان ڇوڪري ڏسڻ ته نه هلندس ڇاڪاڻ ته ڪٿي ڏسڻ کان پوءِ ناڪار نه ڪري وجھي، پر ڇوڪريءَ لاءِ هڪ پيغام ضرور موڪلڻ چاهيندس. امان به کلندي چيو ته ڪهڙو نه عجيب زمانو اچي ويو آهي، ڇوڪري کي ڇوڪريِ ڏسڻ ۾ ته اعتراض آهي پر ان کان اڳ پيغام موڪلڻ ۾ هنکي ڪا عار ڪانه آهي. اڳ ۾ قاصد ئي پريُن کي پيغام پهچائيندا هئا هاڻي اهو ڪم به مائٽن کي ٿو ڪرڻو پوي.
چڱو منهنجي ڪمو، هي پيغام هتي بند ڪريان ڇاڪاڻ ته قاصد توڏانهن اچڻ لاءِ تيار بيٺو آهي ۽ مان به نٿو چاهيان ته هن پيغام کي تو تائين پهچڻ ۾ دير ٿئي. بس هاڻي رڳو اَٺيِن نومبر جو انتظار رهندو.
رڳو تنهنجو،
- پريم *