ڪھاڻيون

بدلي جيِ باهه

هن ڪتاب ۾ ڪل ملائي ڏهه ڪهاڻيون آهن، الڳ ۽ منفرد موضوعن تي، اسان جي آسپاس رهندڙ ڪردان جون ڪهاڻيون آهن، اسان جي معاشري جو اولڙو ملي ٿو هنن ڪهاڻين ۾. ڪجهه ڪهاڻين جو ڪلائيمڪس اندازي جي ابتڙ ملي ٿو، ڪلائيميڪس تي پهچي ماڻهو دنگ رهجيو وڃي. سادي ٻولي ۾ لکيل هنن ڪهاڻين ۾ کوڙ پيغام ۽ اميدون سمايل آهن.
Title Cover of book بدلي جيِ باهه

اِنڪار

راجوءَ جي ايم. ڪام. جي رزلٽ اَچڻ جي هڪ هفتي جي اَندر سندس دوست ڀڳوان آديپور جي ڪاليج ۾ راجوءَ لاءِ ليڪچرر جي نوڪريءَ جو آرڊر ڪڍائي اجمير موڪليو. راجوءَ جي مائٽن جي مرضي هنجي ايترو پري وڃي خانگي نوڪري ڪرڻ تي نه هئي. هنن جي ته اِها اِڇا هُئي ته راجو بئنڪ ۾ آفيسريءَ جي امتحان جي تياري ڪري. پر راجوءَ زور ڪري مائٽن کي مڃايو ته هو نوڪريءَ سان گڏ بئنڪ جي امتحان جي تياري پڻ ڪندو رهندو. ڀڳوان راجوءَ لاءِ هڪ ڪمرو به مسواڙ تي ڪري ڇڏيو هو.
راجو ۽ ڀڳوان ننڍپڻ جا دوست هئا ۽ بي.ڪام تائين اجمير ۾ گڏ پڙهيا هئا. گھر جي مالي حالت ٺيڪ نه هئڻ ڪري ڀڳوان وڌيڪ نه پڙهي ٻه سال اڳ اچي ڪانڊلا پورٽ تي نوڪري ڪئي هئي ۽ اُتي آديپور ۾ پنهنجي ٻڍي ماءُ ۽ ننڍي ڀاءُ سان گڏ رهيو هو. هتي ڪامرس ڪاليج ۾ ليڪچرر جي نوڪري خالي هئي جنهن لاءِ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مدد سان راجوءَ لاءِ ڪچيءَ طرح نوڪريءَ جو آرڊر ڪڍائي کيس موڪليو هو.
راجوءَ جي نوڪريءَ تي چڙهڻ جي چئن پنجن ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن شام جو ڀڳوان سندس ڪمري تي آيو. ڪجھه دير تائين هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ۽ پُراڻيون يادگيريون تازه ڪرڻ کان پوءِ ڀڳوان راجوءَ کي چيو، ”راجو، توکي هتي نوڪري وٺي ڏيڻ ۾ منهنجو به هڪ سوارٿ هو. هن سامهون واري جڳهه ۾ ديوان ڪرپالداس رَهندو آهي اهو رشتي ۾ منهنجو ماسڙ ٿئي. اصل ۾ هن جي زال ۽ اَمان پاڻ ۾ ماساتيون آهن. هن جي هڪ ڌيءَ آهي شيلا جيڪا تنهنجي ڪاليج ۾ بي. ڪام جي آخري سال ۾ پڙهندي آهي. هنکي اڪائونٽس ۾ ڪجھه دقت آهي. مان چاهيان ٿو ته تون هنکي ان ۾ ڪجھه مدد ڪرين ته مهرباني.“
”مونکي ڪو اعتراض ڪونهي. تون کيس چئي ڇڏج ته جڏهن به ڪنهن مدد جي ضرورت هُجيس ته ڀل هَلي اَچي.“
” نيڪ ڪم ۾ ڪهڙي دير. وَٺُ، مان هينئر ئي کيس سڏي ٿو اَچان ۽ اچي توسان واقفيت ڪرايانس.“ ائين چئي ڀڳوان وڃي شيلا کي وٺي آيو ۽ ان سان گڏ شيلا جي ماءُ پڻ آئي. ڀڳوان راجوءَ سان ٻنهي جي واقفيت ڪرائي. شيلا جي ماءُ راجوءُ کي چيو، ”پٽ، هونءَ ته شيلا پڙهڻ ۾ ڪافي هوشيار آهي پر الائي ڇو اڪائونٽس هنکي سمجھه ۾ نٿو اچي، انڪري ئي هن جي ڊويزن خراب ٿي رهي آهي. هي سندس آخري سال آهي. توُن ڪجھه محنت ڪري مدد ڪريس جيئن ڊويزن ٺهيس.“
راجوءَ جواب ڏنس، ”مان پنهنجي طرفان ڪونه گھٽائيِندُس باقي کيس ئي محنت ڪرڻي آهي. کيس جڏهن به ڪا تڪليف هُجي ته بنا سنڪوچ جي اَچي سگھي ٿي.“
” پُٽ، توکي تڪليف ته ضرور ٿيندي پر جيڪڏهن تون ڪو وقت مقرر ڪري ڏينس ته سُٺو جيئن هوءَ ان وقت روز نيم سان اچي توکان سمجھي سگھي.“
”جيڪڏهن توهان کي ڪو اعتراض نه هجي ته شيلا شام جو پنجين بجي اَچي سگھي ٿي.“
شيلا پورو وقت ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺي هئي. سانورو رنگ، وِچولو بدن ۽ ڊگھا وار. ائين ته شيلا بلڪل هڪ رواجي ڇوڪريءَ وانگر هئي پر راجوءَ کي هن ۾ هڪ عجيب ڪشش ٿي نظر آئي. راجو اِهو طئه نه ڪري سگھيو ته شيلا ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه هُئي جيڪا کيس پاڻ ڏانهن ڇِڪي رهي هئي. ٻئي ڏينهن کان شيلا روز راجوءَ وٽ پڙهڻ اچڻ لڳي. هوءَ هڪ ذهين ۽ سانتيڪي ڇوڪري هئي. راجوءَ پهرين ڏينهن ئي هنکي چئي ڇڏيو ته جيڪڏهن کيس ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه اَچي ته هوءَ بنا ڪنهن حِجاب جي وري پُڇي سگھي ٿي. پر اَهڙو موقعو ڪڏهن نه آيو جو شيلا ڪا ڳالهه ٻه دفعا پُڇي هُجي. راجوءَ جي هڪ دفعو سمجھائڻ سان ئي شيلا کي هرڪا ڳالهه سمجھه ۾ اَچي ويندي هئي، اِنڪري ٻنهي جي وچ ۾ تمام گھٽ ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. راجو سمجھائيندو ويندو هو ۽ شيلا ڪنڌ هيٺ ڪري هان هون ڪندي ويندي هئي. جيڪڏهن راجو ڪو سوال پُڇندو هوس ته هوءَ ڪنڌ هيٺ هوندي ئي ٿوري ۾ جواب ڏيندي هئي. هن ڪڏهن به اکيون مٿي ڪري راجوءَ کي جواب ڪونه ڏنو.
راجوءَ کي شروع ۾ ڪجھه ڏينهن ائين نت نيم سان شيلا کي پڙهائڻُ بارُ ٿي لڳو ڇاڪاڻ ته کيس سڀ ڪم ڪار ڇڏي اُن وقت گھر ۾ حاضر رهڻو پوندو هو. پر ڌيري- ڌيري اِهو محسوس ٿيڻ لڳس ته جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن شيلا کي اچڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته سندس اندر ۾ هڪ قسم جي آنڌ مانڌ شروع ٿي ويندي هئي. شيلا جيسيتائين هن جي سامهون هوندي هئي تيسيتائين سندس من بلڪل شانت هوندو هو. سڄو ڏينهن ته کيس شيلا جو ڪو ڌيان نه ايندو هو، پر شام جو پَنج ٿيندي- ٿيندي کيس شيلا جي اَچڻ جو انتظار ٿيڻ لڳندو هو.
شيلا کي راجوءَ وٽ پڙهندي اٽڪل هڪ مهنو ٿيو هو. ان ڏينهن شيلا جڏهن آئي ته پڙهڻ شروع ڪرڻ کان اڳ هن سؤ روپيه جو هڪ نوٽ ڪڍي راجوءَ جي سامهون ميز تي رکيو. راجوءَ پڇيس ، ”هي ڇا آهي؟“
شيلا ڪنڌ هيٺ هوندي ئي جواب ڏنو، ”ڀاڀيءَ ڏنو ته توهانکي ڏيان.“
”ڇو؟ ... ڇا جي لاءِ؟... ڪجھه وٺي اَچڻو آهي يا مَٽائڻو آهي؟“
”هي منهنجي ٽيوشن جو اُجورو آهي.“
”هي کڻي وڃي ڀاڀيءَ کي ڏِج، چئجانسِ مان ٽيوشن ڪونه ڏيندو آهيان. توکي به جيڪڏهن ٽيوشن جي حساب سان پڙهڻو هجي ته ٻئي ڪنهن ٽيوٽر جي ڳولها ڪر.“
شيلا چپ چاپ نوٽ کڻي پاڻ وٽ رکيو ۽ روز مطابق پڙهڻ لڳي. اِهو پهريون دفعو هو جو شيلا راجوءَ سان ڪجھه ڳالهايو هو، اِنڪري راجو خوشي محسوس ڪري رهيو هو. شيلا جي پڙهي واپس وڃڻ جي ٿوري دير کان پوءِ هن جي ماءُ راجوءَ وٽ آئي ۽ چيائينس، ”پٽ، تو پئسا واپس ڇو ڪيا ؟ توُن هيتري محنت ٿو ڪرين ان لاءِ تو اُجورو ته لهڻو. انڪري پٽ توکي هي پئسا وٺڻا ئي پوندا.“
”ڀاڀي، توهان مونکي پُٽ ٿا چئو ته پوءِ پئسا ڇو ٿا آڇيو. ڀڳوان منهنجو دوست آهي انجي چوڻ تي مون شيلا کي پاڙهڻ لاءِ ها ڪئي. مان ڪا خانگي ٽيوشن ڪونه ٿو ڪريان ۽ نڪو ان جي فائدي ۾ آهيان. جيڪڏهن ڀڳوان مونکي پهرين ئي ٽيوشن جي باري ۾ چوي ها ته مان بلڪل منع ڪيانس ها. تنهنکان سواءِ شيلا ذهين ۽ هوشيار آهي. هن کي پاڙهڻ ۾ مونکي ڪا تڪليف به ڪين ٿي رهي آهي. مونکي اهو سمجھه ۾ ٿو اچي ته شيلا کي ڪنهن مدد جي ضرورت ئي نه آهي، پوءِ ڇو هن کان اڳ کيس اهو وشيه سمجھ ۾ نه آيو.“
”پُٽ تنهنجي اچڻ کان اڳ ڪاليج ۾ جيڪو اڪائونٽس پاڙهڻ وارو ليڪچرر هو اُن شيلا کان هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ ڪو سوال پڇيو جنهن جو هوءَ ٺيڪ جواب نه ڏيئي سگھي هُئي، هوءَ هونءَ به ڪافي لڄاري آهي. ان تي ان ليڪچرر ناراض ٿي شيلا کي گھٽ وڌ ته ڳالهايو هو پر ايتري قدر چئي ڏنو هو ته هوءَ ڏهن جنمن ۾ به اڪائونٽس نه سمجھي سگھندي. ان کان پوءِ به هوُ هر وقت هن جي ڪم مان ڪميوُن ڳولهي ٽوڪوُن هڻندو رهندو هو، انڪري شيلا جي من ۾ هن جي لاءِ ايتري ته نفرت پئدا ٿي ويئي هئي جو هوءَ هن جي ڪلاس ۾ پورو ڌيان ڏيئي به نه سگھندي هئي. اهو سبب هو جو هوءَ رڳو اڪائونٽس ۾ ڪمزور ٿيندي ويئي. تنهنجي اچڻ کانپوءِ تنهنجي پڙهائڻ جي ڍنگ کي ڏسي هنجو چاهه جاڳيو هو. اڳ ۾ ڀڳوان کيس گھر ۾ سمجھائيندو هو انڪري هوءَ امتحان ته پاس ڪندي رهي پر ڊويزن جو ڪافي فڪر هنکي هوندو هو. پٽ، توکي شايد خبر نه هوندي، پر هوءَ تو وٽان پڙهي اچڻ کانپوءِ گھر اچي ڪيتري محنت ڪندي آهي. لڄاري سڀاءَ جي ڪري هوءَ توکان ته نه پڇندي آهي پر گھر اچي محنت ڪري سڀ ڪجھه سمجھڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. جيڪا شيلا ان ليڪچرر جي ڪري اڪائونٽس وشيه کان به نفرت ڪرڻ لڳي هئي ان ۾ تو چاهُه پئدا ڪري جادوءَ مثل ڪم ڪيو آهي. سو پٽ، تون ان جو اُجورو قبول ڪر.“
”ڀاڀي، منهنجي محنت جو هڪ ئي اجورو آهي ته شيلا سُٺين مارڪن سان پاس ٿئي.“
شيلا جي ماءُ ضد ڪندي رهي پر راجوءَ پئسا نه وٺي نه ورتا. آخر مجبوُر ٿي شيلا جي ماءُ پئسا واپس کڻي ويئي. ان ڏينهن کان پوءِ شيلا ماءُ ڪنهن نه ڪنهن بهاني راجوءَ کي کائڻ لاءِ ڪجھه نه ڪجھه موڪليندي هئي. هڪ ٻه دفعو هن بهانو ڪري راجوءَ کي روٽيءَ جي دعوت به ڏني. راجو شيلا جي گھر وارن جي ويجھو ته ايندو رهيو پر شيلا ۽ سندس ونهوار ۾ ڪو به فرق نه آيو. شيلا نيم سان هن وٽ ايندي هئي، راجو ڪتاب کولي پاڙهيندو هو ۽ شيلا ڪنڌ هيٺ ڪري ٻُڌندي رهندي هئي. راجوءَ جي سوال پُڇڻ تي ئي هوءَ ٿوري ۾ جواب ڏيندي هئي ۽ پڙهائي ختم ڪري چپ چاپ واپس موٽي ويندي هئي. راجوءَ جي من ۾ ڪيترا دفعا اهو خيال آيو ته هوُ شيلا کي روڪي ساڻس ڪجھه ٻيون ڳالهيون به ڪري پر کيس ڪڏهن همٿ نه ٿي جو شيلا کي رُڪڻ لاءِ چئي سگھي.
پنجين سيپٽيمبر‘ٽيچرس ڊي’ جي ڪري ڪاليج ۾ موڪل هئي.
ان ڏينهن ڪاليج جي سڀني ليڪچررن ۽ پروفيسرن پڪنڪ تي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. انڪري راجوءَ هڪ ڏينهن اڳ ئي شيلا کي چئي ڇڏيو هو ته هوُ ٻئي ڏينهن کيس پاڙهي نه سگھندو. شيلا اِهو ٻُڌي ڪو به جواب نه ڏنو.
پڪنڪ تي پهرين ته راجو خوب چرچا گھٻا ڪندو رهيو پر جيئن جيئن وقت شام جي پنجن جي ويجھو ٿيندو ويو تيئن- تيئن سندس هلت ۾ ڦيرو اچڻ لڳو. راجوءَ جي ٻين دوستن پڻ اهو محسوس ڪيو ۽ هڪ ٻن ان لاءِ راجوءَ کان پڇيو پڻ. پر راجوءَ کي خود اهو سمجھه ۾ نٿي آيو ته ڇو سندس من ۾ هڪ قسم جو خال برپا ٿي رهيو آهي. دوستن هن کي ڇيڙڻ شروع ڪيو ته ضرور کيس ڪنهن جي ياد ستائيندي هوندي. پر راجوءَ مٿي ۾ سوُر جو بهانو ڪري سڀني جو مُنهن بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. رات جو اَٺين بجي هوُ پڪنڪ تان موٽيا. راجوءَ من ۾ ويچار ڪيو ته گھر پهچندي ئي هوُ ڪنهن نه ڪنهن بهاني شيلا جي گھر وڃي ساڻس ملندو. پر گھر پهچندي ئي شيلا جي گھر ۾ اوندهه ڏسڻ ۾ آئي ۽ در تي ڪلف لڳل هو. اهو ڏسي راجوءَ جي من ۾ بيچئني وڌي ويئي. اڄ کيس اهو محسوس ٿيو ته هوُ شيلا کي پيار ڪرڻ لڳو هو ۽ شيلا بنا رَهَڻُ هُن لاءِ محال آهي.
رات 9.30 بجي شيلا جي گھر وارا واپس آيا. راجوءَ جي مرضي هئي ته هو اُن مَهِل وڃي شيلا سان ملي پر هوُ اِئين ڪري نه سگھيو. ٻئي ڏينهن جڏهن شام جو شيلا پڙهڻ آئي ته راجوءَ کانئس پُڇيو ته هوُ ڪلهه ڪيڏانهن ويا هئا. شيلا ٻُڌايس ته جيئن ته ڪلهه کيس پڙهڻ لاءِ اچڻو ڪونه هئو انڪري سڀني پڪچر تي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ مرضي نه هوندي پڻ کيس به هنن سان گڏ وڃڻو پيو. راجوءَ تنهن تي چيس ته هوُ اڪيلا وڃي پڪچر ڏسي آيا ۽ کيس صلاح به نه ڪيائون. شيلا بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهي.
ان ڏينهن کان پوءِ راجو بهانو ڪري شيلا سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو پر شيلا يا ته چپ رهندي هئي يا ٿورن اکرن ۾ جواب ڏيندي هئي. راجوءَ بئنڪ ۾ آفيسريءَ جي چوُنڊ لاءِ امتحان ۾ پاس ٿيو هو ۽ هاڻي کيس انٽرويوُءَ جي سڏ جو انتظار هو. کيس ان لاءِ پنهنجي تياري به ڪرڻي هُئي جيڪا هوُ رات دير تائين ويهي ڪندو هو. پر شيلا کي پڙهائڻُ بند ڪرڻ جو هُن ڪڏهن ڪونه سوچيو.
گانڌيڌام جي اوسلو ٽاڪيز ۾ ‘ ُلهن وَهي جو پيا من ڀائي’ پڪچر لڳل هئي. راجوءَ گھڻا دفعا سوچيو ته هوُ شيلا کي پڪچر تي هلڻ لاءِ چوي پر هو همٿ ڪري نه سگھيو. هڪ ٻه دفعو هن همٿ ڪري پڪچر جي ساراهه جي ڳالهه به شيلا سان چوري پر شيلا جي رُڳو ‘هان- هون’ جي جواب کيس ان کان اڳتي وڌڻ لاءِ ڪونه همٿايو. ڇنڇر ڏينهن شيلا راجوءَ کي چيو ته هوءَ اڳلي ڏينهن پڙهڻ نه ايندي. راجوءَ جي هٿ مان ڄڻ ڪنهن ڪُجھه کسي ورتو هجي. هوُ چاهي ڪري به اِهو پڇي نه سگھيو ته ان جو ڪهڙو سبب هو.
آرتوار صبوح کان ئي راجوءَ جو موُڊ خراب هو. نه ڪنهن ڪم ۾ سندس من ٿي لڳو ۽ نه ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ کيس چاهُه هو. جڏهن ڀڳوان آيو ۽ راجوءَ جي مايوسي ڏسي ان جو سبب ڄاڻڻ چاهيائين ته راجوءَ جواب ڏنس ته سندس طبيعت ڪجھه ناساز آهي. ڀڳوان کيس آرام ڪرڻ جو چئي هليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ شيلا جي ماءُ راجوءَ کان حال چال پڇڻ آئي ۽ چيائينس، ”پٽ، هينئر ڀڳوان ٻڌايو ته تنهنجي طبيعت ناساز آهي، ڇو ڇا ٿو سمجھين؟ “
راجوءَ جواب ڏنس ”ڀاڀي، ڪا خاص ڳالهه ته آهي. اَڄ اَندر ۾ ڪُجھه بيچئني محسوس ڪري رهيو آهيان. ائين ته بخار وغيره به ڪونه آهي.“
شيلا جي ماءُ چيس،”پُٽ، آرام ڪر. ڪنهن ڳالهه جي ضرورت هُجيئي ته ٻڌاءِ، هوُنءَ ته سوچيو هئوسين ته اڄ شام جو سڀ اوسلو ۾ پڪچر ڏسڻ هلنداسين ۽ شيلا پيءُ ٽڪيٽوُن پڻ وٺڻ ويو آهي. پر تنهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي ته پوءِ تنهنجي بدران ڀڳوان کي کڻي وٺي وينداسين.“
راجوءَ شيلا سان گڏ پڪچر ڏسڻ لاءِ ته هونءَ به سوچي ئي رهيو هو. سو انڌو گھُري الله کان هڪ اک، هتي ته ٻئي اکيون پئي مليس، اهڙو موقعو وِڃائِڻ ٺيڪ نه سمجھيائين سو هڪدم جواب ڏنائين، ”نه، ڀاڀي، طبيعت اَهڙي به خراب ناهي جو ڪيڏانهن اَچي وڃي به نه سگھان. ٿي سگھي ٿو ته پڪچر تي هلڻ سان مَنُ ٻئي پاسي ٿيڻ تي ڪجھه بيچئني گھٽ ٿئي سو توهان ڪو خيال نه ڪريو، مان هلندس.“
شيلا جي ماءُ راجوءَ کي ساڍي پنجين بجي تيار ٿي ويهڻ جو چئي هلي ويئي جو ٽئڪسيءَ واري کي ان وقت اچڻ لاءِ چيل هو. راجو هينئر اهڙو ته خوش جو ڄڻ ڪو قارون جو خزانو مليو هُجيس، هن لاءِ ساڍي پنجين تائين به وقت ڪٽڻ مشڪل ٿي پيو.
سئنيما ۾ هننکي ڪُنڊ واريون سيٽيون مليل هيون. شيلا جو پيءُ پهرين اَهڙي نموني ويٺو جو راجوءَ کي مجبورن ساڻس گڏ ويهڻو پيو. پر شيلا اَڃان ويهي، ان کان اڳه شيلا جي ماءُ مڙس کي پنهنجي پاسي واري ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو جنهن ڪري شيلا کي راجوءَ ۽ ماءُ جي وچ ۾ جڳهه ملي . شيلا سان گڏ ويهڻ جي ڪري راجوءَ کي پنهنجي بدن ۾ هڪ عجيب قسم جي لرزش محسوس ٿي رهي هُئي. انٽرويل کان پوءِ پڪچر هلندي راجوءَ جو هٿ ازخود شيلا جي هٿ مٿان رکجي ويو. پهريائين ته هُن چاهيو ته اتان هٿ هٽائي پر جڏهن شيلا به پنهنجو هٿ هٽائڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي ته راجوءَ جي همٿ وڌي ۽ جيسيتائين اندر اوندهه هئي تيسيتائين هُن پنهنجو هٿ شيلا جي هٿ مٿان ئي رهڻ ڏنو. پڪچر کان پوءِ شيلا جي ماءُ راجوءَ کي پنهنجي گھر روٽي کائڻ لاءِ چيو. جيئن ته هوٽل تي روٽي ملڻ جي کيس اميد ڪين هئي انڪري هن اهو قبوليو. پر ان پٺيان به اصل سبب اهو هو ته هن سوجھري ۾ شيلا کي ڏسي اهو ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته هٿ پڪڙڻ جي ڪري سندس رخ ڪهڙو هو. روٽي کائيندي هميشهه وانگر شيلا جو ڪنڌ هيٺ هو ۽ ان ڪري راجو سمجھي نه سگھيو ته شيلا کي ڪو غصّو هو يا نه. پران ڏينهن شيلا سان گھڻو وقت گھارڻ ڪري راجو ڏاڍو خوش هو، ستين آسمان تي ٿي اُڏاڻو. مرضي هئس ته خوب نچي ٽپي.
ٻئي ڏينهن دستور مطابق شيلا آئي. راجوءَ سوچي رکيو هو ته هو شيلا سان خوب ڳالهيون ڪندو پر شيلا جي اچڻ تي هميشهه وانگر هنجو ڪنڌ هيٺ ڏسي راجو ڪجھه به چئي نه سگھيو ۽ پڙهائڻ ۾ لڳي ويو.
اِمتحان ويجھا اَچي رهيا هئا ۽ ڪورس پڻ پورو ٿيڻ تي اچي بيٺو هو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ شيلا جو پڙهڻ بند ٿي ويندو، اهو سوچي راجوءَ کي دک ٿيندو هو. هڪ ڏينهن ڀڳوان راجوءَ کي ٻڌايو ته شيلا جي مائٽيءَ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اهو ٻڌي راجوءَ کي هڪ جھٽڪو لڳو. هن ڀڳوان کي چيو، ”هنن کي ڪهڙي تڪڙ آهي! شيلا جا اڃان امتحان به پورا نه ٿيا آهن تنهن کان سواءِ اڃان عمر به ڪا وڏي ڪانه اٿس.“
ڀڳوان جواب ڏنس، ”اڃان ته ڳالهيون پيون هلن. جيڪڏهن پڪ ٿي ته پوءِ امتحان کان پوءِ ئي شادي ڪبي. باقي رهيو عمر جو سوال سو ڌيءَ جي مائٽن جي ننڊ ته ان ڏينهن کان ئي ڦِٽل هوندي آهي جنهن ڏينهن ڇوڪري سياڻي ٿيندي آهي. ائين شيلا اڃان ننڍي به ته ڪونهي، ٻئي مهني ايڪيِـهه سال پورا ٿيندس.“
” پر ڇا توهان شيلا کان به پُڇيو آهي ته سندس مرضي ڇا آهي؟ “
”شيلا جا ماءُ پيءُ پُراڻن خيالن جا آهن. تنهنکان سواءِ شيلا به اهڙي ڇوڪري ڪانه آهي جو مائٽن جي پسندگيءَ کي ٺُڪرائي. مونکي وشواس آهي ته جتي سندس مائٽ پڪ ڪندا اُتي هوءَ چپ چاپ شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿيندي.“
راجوءَ اُن تي غصي مان چيس، ”ڀڳوان، تون ته اڄڪلهه جو نؤجوان آهين. تون ته سمجھي سگھين ٿو ته ڪنهن ڇوڪريءَ کان سندس پسند ڄاڻڻ ڪيترو نه ضروري آهي. هن زماني ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ کي گانءِ وانگر ٻئي کي سونپڻ ڇا انياءُ نه آهي.“
”راجو موُن ۾ ايتري همٿ نه آهي جو هنن جي ڳالهين ۾ دخل ڏيان. اهو سندن نِـجي معاملو آهي، جي توُن ٺيڪ سمجھين ته ڀل تون ڪُجھه ڪَر پر مان اهڙي صلاح هرگز نه ڏيندوسانءِ.“
ڀڳوان جي وڃڻ کان پوءِ راجو سوچڻ لڳو ته کيس ڇا ڪرڻ کپي. پهرين هن سوچيو ته شيلا جي اچڻ تي هو ساڻس کُليو ڳالهائيندو، پر شيلا جي اچڻ تي کيس همٿ نه ٿي. هٻڪندي -هٻڪندي شيلا کي چيائين، ” شيلا مونکي توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي.“
شيلا جواب ڪونه ڏنو هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري خاموش ويٺي رهي. راجوءَ کيس چپ ڏسي چيو، ” اصل ۾ مان اڃان تائين اهو فيصلو ڪري نه سگھيو آهيان ته مونکي اها ڳالهه توسان ڪرڻ کپي يا تنهنجي مائٽن سان. سو تون ئي ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪريان؟ “
شيلا آهستي جواب ڏنو، ”ڳالهه جنهن سان ڪرڻ جي هُجي، توهانکي اُن سان ئي ڪرڻ کپي. اِن لاءِ مونکان پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.“
”مان ته سمجھان ٿو ته اهڙيون ڳالهيون مونکي ڀاڀيءَ سان ئي ڪرڻ کپن پر ان کان اڳ مون تنهنجو رايو ڄاڻڻ پئي چاهيو.“
”منهنجو رايو ڪهڙي ڪم جو. هر ڪنهن کي پنهنجي وويڪ کان ڪم وٺڻ کپي.“
راجو اَڃان وڌيڪ ڪجھه چوي، ان کان اڳ ڀڳوان اُتي اَچي ويو.
اَچڻ سان ئي هن چوڻ شروع ڪيو، ”اڄ ڪهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ؟ مان به ته ڪجھه ٻڌان ! هتي پڙهڻ پڙهائڻ جو ته ڪُجھه ڏسڻ ۾ نٿو اچي. شيلا. ڇا تنهنجو ڪورس ختم ٿي ويو ؟“
شيلا ڪجھه جواب ڏئي ان کان اڳ راجوءَ چيو، ”نه ڪورس ته اڃان ختم نه ٿيو آهي. پر اڄ پڙهائڻ جو موُڊ نه آهي. شيلا کي اِهوئي چئي رهيو هوس.“
”جي پڙهائڻ جو من نه اَٿئي ته پوءِ بي منو پاڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ هل ته هلي پڪچر ڏسي اچوُن.“
”نه، اهڙي ته ڳالهه نه آهي. شيلا آئي آهي ته سندس وقت اجايو ڇو خراب ڪريان.“
شيلا آهستي چيو، ”نه، توهان ڀل پڪچر ڏسي اچو. مان اَڄ ڪو ٻيو وشيه پڙهي وٺنديس.“
راجوءَ کي ڪو ٻيو بهانو ڪونه سُجھيو اِنڪري مجبور ٿي کيس ڀڳوان سان گڏ پڪچر تي وڃڻو پيو. پڪچر ته ڪافي کلائيندڙ هئي پر راجوءَ کي ان ۾ ڪو به مزو نه آيو. سندس سڄو ڌيان ته اِن ۾ ئي لڳل هو ته ڪهڙي نموني شيلا کان سندس راءِ پُڇي. ڀڳوان ته پڪچر هلندي- هلندي لڳاتار ڳالهائيندو به رهيو پر راجو پنهنجي ڌيان ۾ مگن، رُڳو ‘هان- هون’ ۾ جواب ڏيندو رهيو. پڪچر ختم ٿيڻ کان پوءِ گھر واپس اچڻ تي راجوءَ ڀڳوان کان پڇيو، ”شيلا جي شاديءَ جو ڇا ٿيو؟“
راجوءَ جو اوچتو اهو سوال ٻُڌي ڀڳوان پهرين ته ڪو به جواب ڏيئي نه سگھيو، پوءِ هُن آهستي- آهستي چيو، ”ائين ته باقي سڀني ڳالهين جي پڪ ٿي ويئي آهي، باقي ڇوڪري وارا ڇوڪريِ ڏسن ته پوءِ جھٽ مڱڻو ۽ پٽ شادي ٿي ويندي.“
”ڇا شيلا کي به ان ڳالهه جو پتو آهي؟ ڇا هوءَ به ان شاديءَ لاءِ راضي آهي؟ “
”راجو، توُن به ڪو موٿو آهين. گھر ۾ ڳالهيون کُليو کلايو پيون هلن ۽ شيلا کي پتو نه هوندو! ... اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي. هن کي هر ڳالهه جو پتو آهي. جيڪڏهن کيس ڪو اعتراض هُجي ها ته هوءَ هيل تائين ڪجھه نه ڪجھه اِشارو ضرور ڪري ها. مان ته سمجھان ٿو ته هُن جي چُپ ئي سندس رضامنديءَ جو ثبوت آهي.“
”شيلا کي ڏسڻ هوُ ڪڏهن ايِندا ؟ “
”هوُ ته ڏسڻ نه ايندا. اسان کي ئي ڏيکارڻ وڃڻو پوندو. بس شيلا جا امتحان پوُرا ٿين ته پوءِ ڇوڪري ڏيکارڻ لاءِ وڃبو.“
راجوءَ جي دل ويهجي ويئي. ان رات راجوءَ کي ننڊ نه آئي، هوُ اهو فيصلو ڪري نه سگھيو ته کيس ڇا ڪرڻ کپي. هن کي غصو اَچي رهيو هو ته ڀڳوان جي اچڻ ڪري شيلا سان سندس ڳالهين ۾ خلل پئجي ويو هو. جيڪڏهن ڀڳوان ان وقت نه اچي ها ته اڄ هوُ ضرور پنهنجي دل جو حال شيلا کي ٻُڌائي ڇڏي ها ۽ کانئس پڇي ها ته ڇا هوءَ هن سان شادي ڪندي. پر سندس دل جي تمنا دل ۾ ئي رهجي ويئي هئي. ٿوري دير ۾ سندس من ۾ ٻيو سوال جاڳيو ته جڏهن شيلا به ان شاديءَ لاءِ راضي آهي ته پوءِ هن اڳيان دل کولڻ ناداني نه ٿئي ها؟ شيلا صاف چئي ڇڏيو هو ته سندس رايو ڪنهن به ڪم جو نه آهي. هن سوچيو ته ڀڳوان جيڪي به ڪجھه ڪندو آهي ان ۾ بندي جو فائدو ئي هوندو آهي، شايد انڪري ئي ڀڳوان اُتي پرگھٽ ٿي کيس مايوسيءَ کان بچايو هو. هن پڪو فيصلو ڪيو ته هاڻي هوُ دل جي ڳالهه ڪنهن جي اڳيان ظاهر نه ڪندو.
ٻئي ڏينهن کان هو شيلا کي دستور مطابق پڙهائيندو رهيو. ڪجھه ئي ڏينهن کان پوءِ شيلا جو ڪورس به ختم ٿيو ۽ امتحان به اچي پهتا انڪري شيلا راجوءَ وٽ اچڻ بند ڪري ڇڏيو. پر شيلا جي ماءُ وقت به وقت راجوءَ وٽ ايندي رهندي هئي. راجو هينئر ڪوشش ڪري پنهنجي ڪمري ۾ ڪونه رهندو هو. ڪاليج جا امتحان پوُرا ٿيا ۽ وئڪيشن شروع ٿي. راجو مائٽن ڏانهن اجمير وڃڻ جي تيارين ۾ لڳي ويو. وڃڻ واري ڏينهن هن کي شيلا جي گھر روٽيءَ جي نينڊ هئي. هوُ جڏهن روٽي کائڻ ويو ته کيس اهو ڏسي عجب لڳو ته شيلا اڄ هن کان دوُر رهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هونءَ به شيلا جو ڪنڌ سندس اڳيان هميشهه هيٺ ئي رهندو هو ۽ گھٽ ئي ڳالهائيندي هئي پر اَڄ ائين پئي لڳو ته شيلا جو ڪنڌ هونءَ کان وڌيڪ جھُڪيل هو ۽ هن ڪو به جواب ڪونه ٿي ڏنو. روٽي کائي جڏهن راجو موڪلائڻ لڳو ته هن شيلا کي چيو، ”شيلا، پنهنجي نتيجي کان ته واقف ڪنديئن يا مٺائي جي ڊپ کان خوشخبريءَ کان به سِڪائيندينءَ؟ “
شيلا ڪنڌ هيٺ هوندي ئي ڪنڌ ڌوڏي ‘ها’ ڪئي تنهن تي شيلا جي ماءُ چيس، ”پٽ مٺائي ته توکي هتي اَچي ئي کائڻي پوندي. ڪاليج کُـلڻ کان پوءِ تون واپس ته ايندين ئي.“
راجوءَ چيو، ”ڀاڀي ڏسجي، قسمت واپس هتي آڻي ٿي يا نه. بئنڪ جو انٽرويو به هفتي کن ۾ آهي. ڏسجي ڇا ٿو ٿئي. جيڪڏهن چوُنڊجي ويس ته ڪونه موٽندس.“
شيلا جي ماءُ چيس، ” پٽ منهنجي آسيس اٿئي جتي به رهين هميشهه خوش رهين. ڀڳوان شال سوڀارو ڪندُءِ. ڪٿي به رهين، پنهنجن کي نه وسارج. جيڪڏهن تون هتي نه آئين ته مٺائيءَ کي تو وٽ اَچڻو پوندو.“
راجو اجمير پهتو ۽ پنهنجي انٽرويو جي تياريءَ ۾ لڳي ويو. هڪ ڏينهن ماڻس کيس چيو، ”پٽ تنهنجي لاءِ گھڻيون مائٽيون اچي رهيون آهن. آيو آهين ته اڳو پوءِ ڇوڪريون ڏسي پَڪَ ڪَر. جِـتي تون چَوندين اُتي ئي تنهنجي شاديءَ جي پَڪَ ڪَبـي.“
”ڀاڀي، اَڃان ته مونکي شادي ڪرڻ جو ڪو خيال ڪونه آهي. جيڪڏهن بئنڪ ۾ چونڊيس ته پوءِ ٻه ٽي سال شادي ڪرڻ جو ڪو سوال ئي نه رهندو ڇاڪاڻ ته ٻه سال ته ٽريننگ هلندي ۽ خوُب بدليون ٿينديون رهنديون، پوءِ ڏٺو ويندو.“
”پٽ ڇوڪري ڏسي پڪ ڪر ته پوءِ مڱڻو ڪري ڇڏجي، شادي ڀل ٻِن ٽِن سالن کان پوءِ ڪج.“
”ٻِن ٽِن سالن ۾ ڇا ٿئي، ڪنهن ڏٺو آهي، انڪري هن وقت مڱڻو ڪرڻ ۾ ڪو فائدو ناهي.“
”پٽ، جيڪڏهن تنهنجي نظر ۾ ڪا ڇوڪري هُجي ته ڀل اُتي ئي تون شادي ڪر. مان ته بس نونهن جو منهن ڏسڻ ٿي چاهيان.“
راجوءَ سوچيو ته هو ماءُ کي شيلا بابت ٻُڌائي پر پوءِ ڪجھه ويچار ڪري چيائين، ”ڀاڀي، اهڙي ته ڪا ڳالهه ناهي. بس هن وقت منهنجي شادي ڪرڻ جي ڪا مرضي نه آهي.“
”پُٽ، مون ته هڪ هنڌ ها به ڪئي آهي ۽ سڀاڻي ڇوڪريءَ وارا به ايندا. هاڻي انهن کي ڪهڙي نموني روڪجي. تون رڳو ڇوڪري ڏسُ، پوءِ به جيڪڏهن تو نه چاهيو ته ڪو نه ڪو بهانو کڻي ڪبو.“
”ڀاڀي جڏهن مونکي شادي ڪرڻي ئي ڪانهي ته پوءِ ڇوڪري ڏسڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ڇوڪري ڏسڻ کانپوءِ ناڪار ڪبي ته ڇوڪريءَ جي بدنامي ٿي سگھي ٿي. مان ان جي سخت خلاف آهيان سو تون هنن کي جھلائي موڪل ته نه اَچن.“
”ٺيڪ آهي توکي جيڪڏهن شادي نه ڪرڻي آهي ته پوءِ هُنن کي اَچڻ ڏي، مان کين منع ڪري ڇڏينديس. پر منهنجو اَڃان به اِهو ويچار آهي ته توُن هڪ دفعو ڇوڪري ڏِسين ها ته سُٺو ٿِئي ها.“
راجو ان لاءِ به تيار نه ٿيو، تنهن تي ماڻس چيس ته اُن ڏينهن هوُگھٽ ۾ گھٽ گھر ۾ ته رَهي، ڪٿي ڇوڪريءَ وارا اِئين نه سمجھن ته اسان راجوءَ جي نه مڃڻ جو بهانو ڪري وڌيڪ ڏيتي ليتي ٿا چاهيون. راجو اِڇا نه هوندي به ان لاءِ راضي ٿيو.
ٻئي ڏينهن شام جو راجو پنهنجي ڪمري ۾ ويهي پڙهي رهيو هو ته سندس ماءُ اچي چيو، ”پٽ، ڇوڪري ۽ سندس مائٽ آيا آهن. مون ته کين صاف ٻڌائي ڇڏيو آهي ته تون شاديءَ لاءِ تيار نه آهين. هوُ به ان لاءِ ڪو زور ڪونه ڪري رهيا آهن. پر هوُ توسان روُبرو مِلڻُ ٿا چاهين، سو تون هلي هُنن سان ملين ته سُٺو ٿيندو.“
راجوءَ کي وڃڻ تي ڪا مرضي ڪانه هُئي پر ماڻس زور ڪري وٺي ويس. راجو بار بار ماءُ کي اهو چئي رهيو هو ته جڏهن کيس شادي ڪرڻي ئي ناهي ته پوءِ هُنن سان ملڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ راجوءَ اِهي اکر ڄاڻي ٻُـجھي زور سان چيا هئا جيئن اندر ڪمري ۾ ڇوڪريءَ وارا ٻُڌي سگھن .
ڪمري ۾ گھڙندي ئي هن جي نظر شيلا جي ماءُ ۽ ڀڳوان جي مُسڪرائيندڙ چهري تي پيئي. راجوءَ عجب مان ماءُ ڏانهن نهاريو. هوءَ به شرارت ڀريل نظر سان راجوءَ کي ڏِسي مشڪي رهي هئي. شيلا به صوفا جي هڪ ڪُنڊ تي هميشهه جيان ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺي هئي. اُن وقت راجوءَ جو چهرو ڏسڻ وٽان هو. *