ڪھاڻيون

بدلي جيِ باهه

هن ڪتاب ۾ ڪل ملائي ڏهه ڪهاڻيون آهن، الڳ ۽ منفرد موضوعن تي، اسان جي آسپاس رهندڙ ڪردان جون ڪهاڻيون آهن، اسان جي معاشري جو اولڙو ملي ٿو هنن ڪهاڻين ۾. ڪجهه ڪهاڻين جو ڪلائيمڪس اندازي جي ابتڙ ملي ٿو، ڪلائيميڪس تي پهچي ماڻهو دنگ رهجيو وڃي. سادي ٻولي ۾ لکيل هنن ڪهاڻين ۾ کوڙ پيغام ۽ اميدون سمايل آهن.
Title Cover of book بدلي جيِ باهه

غمن جو سؤدو

ٻارهي جو ڪرياڪرم پوري ٿيڻ کان پوءِ مهمانن واپس وڃڻ شروع ڪيو. چيتن هوندراج وٽ اَچي ويو.
”ديوان صاحب، توهان جي موڪل هُجي ته اسان به هاڻي وڃوُن. ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن.“
هوندراج جواب ڏنس، ”سائين، مرضيءَ جا مالڪ آهيو. جيئن ٺيڪ سمجھو.“
چيتن تنهنتي وَراڻيو. ” اِهو ته ٺيڪ آهي پر منهنجو ويچار آهي ته لتا کي به اسان پاڻ سان گڏ ڪجھه ڏينهن وٺي وڃوُن.“
هوندراج چيس، ”توهان وڃي رهيا آهيو ان ۾ مونکي ڪو اعتراض نه آهي. باقي لتا جي هلڻ جو ڪو سوال ئي نٿو اُٿي. اسان جي پٽ رميش کي گذري اڃان ٻارهن ڏينهن ئي ته ٿيا آهن انڪري جيڪڏهن لتا ائين ۽ ايترو جلد هِتان هلي ويئي ته دنيا چوندي ته اسان پنهنجي وڌوا نُنهن کي گھر مان ڌِڪي ڪڍي ڇڏيو. سو لتا توهان سان نه هلندي.“
”سائين دنيا جو منهن ڪيستائين بند ڪندا. منهنجو ويچار هو ته هتي رهڻ سان لتا کي هر گھڙيءَ رميش جي ياد ايندي رهندي انڪري سندس غم وڌي سگھي ٿو. جيڪڏهن ڪجھه ڏينهن اسان وٽ هلي رهي ته غم ڪجھه گھٽ ٿيندس.“
”لتا کي آخر رهڻو ته هن ئي گھر ۾ آهي ته، انڪري هوءَ جيترو جلد پنهنجا غم وساري اوترو سڀني لاءِ سُٺو. تنهن کان سواءِ جيڪڏهن هوءَ توهان سان هلي ته ببلو به ته هن سان گڏ هلندو. ببلوءَ جي هتي رهڻ سان گھٽ ۾ گھٽ هن کي ڏسي اسان پنهنجي پٽ جي وڇوڙي جي غم کي ڀُلائي سگھون ٿا. سو هن وقت لتا جو توهان سان گڏ هلڻ ڪنهن به حالت ۾ ممڪن نه آهي.“
تنهن تي چيتن ڪجھه تيز آواز ۾ چيو، ”لتا جو هلڻ ناممڪن آهي! ڇو؟ هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي. منهنجو به هن تي ڪجھه حق آهي. تنهن کان سواءِ ساماجڪ رسمون به ته ائين ٿيو چون ته مڙس جي گذرڻ کان پوءِ ڇوڪريءَ کي ڪجھه ڏينهن پيڪن ۾ پنهنجي مائٽن وٽ رهڻ ضروري آهي.“
هوندراج به آواز کي تيز ڪندي چيو، ”اڄ ٿو توهانکي پنهنجي ڀيڻ جو خيال اچي! هيترا ڏينهن ڪٿي هئا ؟ ... لتا جي شاديءَ کي چار سال اچي ٿيا آهن پر ڇا انهن چئن سالن م توهان ڪڏهن چٺي لکي سندس حال چال به پڇيو آهي ؟ ببلوءَ جي ڄائي تي واڌاين جا ٻه اکر به توهان کان لکيا نه ٿيا. اڄ آيا آهيو ڀاءُ جو حق سمجھائڻ. باقي رهيو ريتين رسمن جو سوال سو هيل تائين توهان پاڻ ڪي ريتيون رسمون نڀايون آهن، جو اسانکي ٿا رسمن جو ٻڌايو؟ وڃو پهرين پاڻ رسمون نِڀائڻُ سکي اَچو پوءِ اَچي اسان کي ڪجھه چئجو.”
هوندراج جو جواب ٻُڌي چيتن جو مُنهن ڳاڙهو ٿي ويو. هن چيو، ”ديوان صاحب، مان عمر ۾ ننڍو ضرور آهيان پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته توهان کي منهنجي بي عزتي ڪرڻ جو ڪو حق آهي. مونکي به پتو آهي ته توهان جي اندر ۾ لتا لاءِ ڪيترو پيار آهي! ڀڳوان شل سرڳواسيءَ جي آتما کي شانتي بخشي جو هن هردم لتا جو ساٿُ ڏنو، نه ته، توهان ته هن ويچاريءَ سان الائي ڪهڙا وئل ڪيا آهن. توهان ڪڏهن به کيس هڪ نوڪرياڻيءَ کان وڌيڪ نه سمجھيو آهي. هينئر به توهان رڳو پنهنجي مطلب ڪري ئي کيس پاڻ وٽ رکي رهيا آهيو. ائين نه هجي ها ته هيل تائين توهان هنکي گھر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ها.“
چيتن جا اِهي اکر ٻڌي هوندراج پڻ غصي ۾ چيو، ”چيتن! پنهنجي حد ۾ رهي ڳالهاءِ. مون توکي صاف- صاف چئي ڇڏيو آهي ته لتا توسان هن وقت هلي نه سگھندي. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ جيڪڏهن تون کيس وٺي وڃڻ چاهيندين ته اسان ان تي غور ڪنداسين.“
”جيڪڏهن ڪجھه ڏينهن کان پوءِ توهانکي لتا کي موڪل ڏيڻ ۾ اعتراض ڪونه هوندو ته پوءِ هينئر ڇو هُئڻ کپي. اگر ٻيو ڪو سبب نه آهي ته ڇو نٿا کيس هن وقت مون سان هلڻ جي موڪل ڏيو؟”
”ڇاڪاڻ ته هن وقت لتا جو هتي هُجڻ تمام ضروري آهي. ٻارهي تائين اسان کيس ڪجھه چوڻ واجب نٿي سمجھيو، پر رميش جي آفيس مان ملندڙ پئسن، پينشن ۽ انشورئنس وغيره جي پنن تي سندس صحين جي ضرورت ٿيندي. تنهن کان سواءِ رميش جي جڳهه تي لتا کي نوڪري به ملي سگھي ٿي، ان لاءِ به سندس هتي هجڻ ضروري آهي.“
چيتن ٽوڪ ڀري مُرڪ منهن تي آڻيندي چيو، ”ديوان صاحب! مونکي ته اڳ ۾ ئي پتو هو ته توهان رڳو پنهنجي مطلب خاطر لتا کي هتي روڪڻ ٿا چاهيو. هن وقت هوءَ هڪ سونا بيدا ڏيندڙ ڪُڪڙِ آهي. هن کي توهان ائين ڪيئن ڇڏيندا ؟ اهوئي ڪارڻ آهي جو مان لتا کي هتي اڪيلو ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهيان. لتا مونسان هلندي. مان توهانکي لتا کي ملندڙ رقم هڙپ ڪرڻ نه ڏيندس.“
”لتا جا پئسا مان ٿو هڙپ ڪرڻ چاهيان ؟ تون ته کير سان ڌوتل آهين نه! ... لتا جي ماءُ جيڪي زيور لتا لاءِ ڇڏي ويئي هئي اهي ڪنهن هڙپ ڪيا ؟ ڇا اُهي به مون هڙپ ڪيا؟ ... چوين ته ان سوناري کي سڏي تنهنجي سامهون ڏيان جنهن کان ماءُ جا زيور ڀڃائي تو پنهنجي جوءِ جا زيور گھڙايا هئا. هينئر به تون لتا کي رُڳو انڪري پاڻ سان وٺي وڃڻ جو ضد ڪري رهيو آهين جيئن کيس ملندڙ پئسن کي تون هڙپ ڪري سگھين . پر هن وقت تون ائين ڪري نه سگھندين ڇاڪاڻ ته انهن تي لتا سان گڏ منهنجي پوٽي ببلوءَ جو به حق آهي.“
”ڏسان ڪير ٿو مونکي لتا کي پاڻ سان وٺي وڃڻ کان روڪي؟ مان به توهانجي ارادان کان چڱي طرح واقف آهيان. مون به توهان جون سڀ ڳالهيون لڪي- لڪي ٻُڌيون آهن. اندران ته توهان لتا کي هڪ ڏائڻ ۽ پنهنجي پٽ جي مؤت جو سبب مڃي رهيا آهيو، پر ٻاهرا ائين ٿا ڏيکاريو ڄڻ توهان کي سندس وڏي چنتا آهي. بس هڪ دفعو رڳو لتا جا پئسا هٿ ۾ مِلنوَ، پوءِ توهانکي لتا جي ضرورت ڪانه رهندي ۽ نڪو ئي پنهنجو پوٽو ياد رَهندو جنهن جي حقن جي ڳالهه هينئر ڪري رهيا آهيو. پر مان ائين هرگز ٿيڻ نه ڏيندس. مان لـتا کي توهان جلادن وٽ هڪ ڏينهن به وڌيڪ رهڻ نه ڏيندس. مان لتا کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندس ۽ سندس ٻي شادي پڻ ڪرائيندس. هوءَ اڃان جوان آهي. ڪيترا ڏينهن اڪيلي رهندي ؟“
هوندراج به غصي ۾ اچي وراڻيو. ”ڏسان ڪنهن جي همٿ آهي لتا کي هتان وٺي وڃڻ جي! جيڪڏهن لتا کي شادي ڪرڻي آهي ته مان کيس روڪيندس ڪونه . اصل ۾ مون پنهنجي ڀائٽئي سان هنجي شادي ڪرائڻ جو سوچي رکيو آهي. ائين ڪرڻ سان عزت به گھر جو گھر ۾ رهندي ۽ ببلو پڻ اسان وٽ رهي سگھندو.“
چيتن کلندي چيو، ”توهان پنهنجي ڀائٽئي سان لتا جي شادي ڪرائڻ جو به ته رڳو انڪري سوچيو آهي نه ته جيئن لتا کي ملندڙ پئسا توهان کي ملن ۽ دؤلت گھر جو گھر ۾ رهي ! توهانکي ببلوءِ ۽ لتا کان وڌيڪ انهن پئسن جي چنتا آهي جيڪي کيس ملڻا آهن. توهان نٿا چاهيو ته لتا کي ملندڙ پئسا توهان جي هٿن مان نڪري وڃن پوءِ چاهي توهان کي ان لاءِ ڪجھه به ڪرڻو پوي. پر مان هرگز اِئين ٿيڻ نه ڏيندس پوءِ چاهي ان لاءِ مونکي ڇو نه ڪورٽ جو در کڙڪائڻو پوي.“
هوندراج جو منهن غصي کان ٽامڻي ٿي ويو. هوُ اڃان ڪجھه جواب ڏئي ان کان اڳ لتا اُتي اچي ويئي. هن اچڻ سان ئي چيتن ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو، ”ڀائوُ، توهان کي مُنهنجي چنتا ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. مون به توهان ۽ ڀاڀيءَ جون سموريون ڳالهيون ٻُڌيون آهن. توهان اڳ ۾ به اَمان جا مون لاءِ رکيل زيور اهو چئي هڙپ ڪري ويا هئا ته انهن ۾ پتل مليل هو. هينئر پڻ مونکي ملندڙ پئسن جي لالچ ۾ مونکي وٺي وڃڻ لاءِ ضد ڪري رهيا آهيو. جيڪڏهن مونکي پئسن ملڻ جو توهان کي پتو نه هجي ها ته شايد هن موقعي تي توهان اچو به ڪونه ها. منهنجي شادي به ته ڀاڀي پنهنجي ڀاءُ سان رڳو ان لالچ ۾ ئي ڪرائڻ چاهي ٿيِ جيئن مونکي ملندڙ پئسن تي سندس ڀاءُ جو حق رهي. جيڪڏهن ائين نه هُجي ها، ته چار سال اڳ ڇو نٿي منهنجي شادي پنهنجي ڀاءُ سان ڪرايائين. ان وقت ته اهو چيو هئائين ته سندس ڀاءُ کي جهڙي سهڻي زال کپي مان اهڙي ته هُيس. ته ڇا مان هاڻي ايتري سهڻي ٿي ويئي آهيان جو کيس ڪو اعتراض نه رهندو. ڇا، ڪو مونکان به اهو پُڇڻ جي ضرورت محسوس ڪري ٿو ته مان ڇا ٿي چاهيان ؟ ته ڀائو، ته. ... توهان مُنهنجي ڪا چنتا نه ڪريو. مان جتي آهيان اُتي ٺيڪ آهيان.“
لتا جو جواب ٻُڌي هوندراج خوشيءَ سان چيو، ”پٽ لتا، مان خوش آهيان ته تو پنهنجي ڀاءُ کي سڌو جواب ڏنو آهي. اسان کي تو مان اهڙي ئي اُميد هُئي. تون اسان جي آهيِن ۽ اسان وٽ رهڻ ۾ ئي تنهنجو فائدو آهي.“
تنهن تي لتا چيو، ”دادا، معاف ڪندا، توهان به ته رڳو پنهنجي مطلب خاطر ئي مونکي پاڻ وٽ رکڻ ٿا چاهيو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته توهان رميش جي جڳهه تي پنهنجي ٻئي پٽ کي نؤڪري وٺي ڏيڻ جي پيشڪش ڪونه ڪريو ها. هُن کي ته پوءِ به نوڪري ملي سگھندي پر مونکي ته ٻي ڪا به نوڪري ملڻ ۾ تڪليف ٿيندي. پر توهان جي اها اڇا ڪڏهن به نه رهي آهي ته مان پنهنجي پيرن تي بيهان ڇاڪاڻ ته توهانکي لڳي ٿو ته ان ڪري شايد مان توهان کان پاڻ کي آزاد ڪري سگھان ٿي. ان کان سواءِ توهان رميش جي آفيس ۾ اها درخواست به ته ڏيئي چُڪا آهيو ته ملندڙ پئسا ببلوءَ جي سنڀاليندڙ جي حيثيت ۾ توهانکي ڏنا وڃن، ڇاڪاڻ ته مڙس جي مؤت سبب مان پنهنجي ساڃهه وِڃائي ويٺي آهيان ۽ ببلوءَ جي پرگھور ڪرڻ لائق ته رهي آهيان. دادا، اهو ته رميش جي آفيس وارن توهانجي ڳالهه ڪانه مڃي، نه ته، توهان ته مونکي در- در جو بِکاري بڻائڻ ۾ ڪا ڪثر ڪانه ڇڏي آهي. ۽ هاڻي منهنجي شاديءَ جي به ڳالهه رڳو انڪري ٿا ڪريو جيئن ائين ڪرڻ سان پينشن ۽ ٻيا پئسا ببلوءَ کي ملي سگھن ۽ مُنهن جي شادي ڪرڻ کان پوءِ رُڳو توهان ئي ببلوءَ جا قانوني سنڀاليندڙ ٿي وڃو.
توهان ٻَئي هينئر ائين ٿا ڏيکاريو ڄڻ توهانکي مُنهنجي ۽ ببلوءَ جي به بوديءَ جو فڪر آهي، پر ڇا هنن ٻارهن ڏينهن ۾ ڪنهن به اهو ڄاڻڻ جي ضرورت به سمجھي آهي ته اسان ٻنهي ڪجھه کاڌو به آهي يا نه؟ جي بَبلو روئي- روئي ٿڪجي به پوندو آهي ته جيسيتائين مان اُٿي کيس نه ڏسندي آهيان تيسيتائين سندس سار سنڀال لهڻ وارو ڪو به نه هوندو آهي. جيڪڏهن توهان ٻنهي کي سچ پچ منهنجي ۽ ببلوءَ جي چنتا آهي ته ٻڌايو توهان ٻنهي مان ڪيرُ اسان کي پاڻ وٽ رَهائڻ لاءِ تيار آهي؟ پر شرط اهو رهندو ته جنهن وٽ به اسان رهنداسين پئسو ان کي نه، ٻيءَ ڌُر کي ملندو! ... ٻڌايو! ... آهي ڪو تيار اِهو شرط منظور ڪرڻ لاءِ ؟ “
لتا جو سوال ٻُڌي چيتن ۽ هوندراج ٻئي چپ ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي جو مُنهن تڪڻ لڳا. لتا ٻنهي کي چُپ ڏسي چيو، ”توهان ٻئي چُپ ڇو آهيو ؟ مونکي جواب ڏيو. پر توهان ڇا جواب ڏيندا ! ... مونکي پتو آهي ته توهانکي اَصل ۾ ڪهڙي شيءِ جي درڪار آهي. انڪري، دادا ! ... نه مان ڀائوءَ سان گڏ وينديس ۽ نه توهان وٽ رهنديس. مان اڪيلي رهنديس ۽ نوڪري ڪري ببلوءَ کي پالينديس. دادا، توهان ۽ ڀائوءَ جي نِيَت ۾ ڪو خاص فرق نه آهي. توهان ٻنهي کي نه منهنجي چنتا آهي ته منهنجي غمن جي. رڳو چنتا اٿو ته منهنجي غمن جي سؤدي مان توهانکي ڪيترو فائدو ٿو ٿئي.“ *