بدلي جي باهه
شنڪر 13 سالن جو هڪ سلڇڻو، هوشيار ۽ ذهين ٻار هو. هو پنهنجي وڌوا ماءُ جو سڪيلڌو پٽ هو. هو هن وقت ستين درجي ۾ پڙهندو هو.
ڪمار جي اسڪول ۾ داخلا وٺڻ کان اڳ هو اسڪول جي سڀني ماسترن ۽ شاگردن جو پيارو هو. شنڪر جيترو پڙهڻ ۾ هوشيار هو اوترو ئي راندين روندين ۾ به اڳرو هو. پوري اسڪول کي هن تي ناز هو. پر ڪمار جي ڪلاس ۾ اچڻ کان پوءِ سڀ ماستر ڪمار جي خوشامد ۾ ئي لڳل رهندا هئا ڇاڪاڻ ته هن جو پيءُ ان ضلع جو ڪليڪٽر هو. شنڪر کي ياد هو ته جنهن ڏينهن ڪمار جي داخلا لاءِ ڪليڪٽر صاحب پاڻ ڪار ۾ چڙهي آيو هو ته هيڊ ماستر پاڻ اڳتي وڌي ڪار جو دروازو کوليو هو. ڪمار لاءِ ماستر جي ميز جي بلڪل اڳيان الڳ سان هڪ ڊيسڪ لڳائي ويئي هئي. ڪمار روز ڪار ۾ اسڪول ايندو ويندو هو ۽ پٽيوالو هميشهه ڪلاس جي دروازي جي ٻاهران حاضر رهندو هو. رسيس ۾ پڻ ڪمار سڀني کان الڳ ڪار ۾ وڃي گھران آندل ميوا کائيندو هو. هو ڪڏهن به ڪنهن سان نه ڳالهائيندو هو ۽ نه راند ئي ڪندو هو. اسڪول جي هر شاگرد لاءِ پي.ٽي. جي پيرئڊ ۾ حاضر رهڻ لازمي هو پر ڪمار کي ان کان به ڇوٽ مليل هئي. ان پيرئڊ ۾ هن لاءِ وِرانڊي ۾ هڪ ڪرسي لڳائي ويندي هئي جنهن تي ويهي هو ٻين کي پي.ٽي. ڪندو ڏسندو هو. ڪمار پڙهڻ ۾ ڪو خاص هوشيار ڪونه هو. گھڻا دفعا هو گھر جو ڪم به پورو ڪري ڪونه ايندو هو ته به ماسترَ هنکي ڪڏهن به ڪجھه نه چوندا هئا، اُلٽو هر ڳالهه ۾ هنجو خيال رکندا هئا. ائين به ڪونه هو ته ڪمار جي ڪري ماسترَ شنڪر کي گھٽ چاهيندا هئا. پر ڪمار ڏانهن هنن جو لاڙو ڏسي شنڪر کي ساڙ ٿيندو هو. هڪ ڏينهن رسيس ۾ شنڪر دوستن سان ويٺي راند ڪئي ته ڪمار جي پٽيوالي اچي چيس ته ڪمار کيس سڏي رهيو آهي. شنڪر جي من ۾ دٻيل اُڇلايل سندس لفظن ذريعي ٻاهر نڪتو- ”هو ڪليڪٽر جو نوڪر ته ناهي جو ان جي پٽ جي سڏ تي هڪدم هليو ويندو. جيڪڏهن ڪمار کي ڪو ڪم آهي ته هوُ پاڻ ڇو نٿو اچي“. پٽيوالي وڃي ڪمار کي ٻڌايو. شنڪر ڏٺو ته پٽيوالي جي ڳالهه ٻڌي ڪمار ڪار مان لهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پٽيوالي ڪجھه چئي کيس روڪي ڇڏيو. ان مهل رسيس ختم ٿيڻ جو گھنڊ پڻ وڳو انڪري شنڪر ۽ ٻيا شاگرد ڊُڪي ڪلاس ۾ واپس ويا.
ان ڏينهن اسڪول ختم ٿيڻ کان پوءِ شنڪر جڏهن ٻاهر نڪتو ته ڏٺائين ته ڪمار جي ڪار اڃان اسڪول جي ٻاهرين گيٽ وٽ بيٺي هئي. شنڪر جيئن ڪار جي پاسي کان لنگھيو ته ڪار جي اندران ڪمار آواز ڏنو، ”شنڪر“. شنڪر هڪ ڀيرو حقارت ڀريل نگاهن سان ڪمار ڏانهن نهاريو ۽ ٻئي پل منهن ڦيرائي بنان ڪجھه جواب ڏيڻ جي اُتان هليو ويو. ٻن ڏينهن کان پوءِ هڪ شام جو ڪليڪٽر جي ڪار شنڪر جي گھر جي در وٽ اچي بيٺي. پٽيوالي جي در کڙڪائڻ تي شنڪر جي ماءُ در کوليو. پٽيوالي شنڪر جي ماءُ کي چيو ته ڪليڪٽر صاحب جو پُٽ شنڪر کي سنيما تي وٺي وڃڻ لاءِ آيو آهي. ماڻس اندر وڃي شنڪر کي ٻڌايو، ان تي شنڪر کي پاڻ وڌيڪ غصو لڳو ته ڪمار پنهنجي پيءُ جي عهدي ۽ شاهوڪاري جتائڻ خاطر ۽ سندس غريبيءَ تي ترس کائي کيس سنيما ڏيکارڻ جي آڇ ڪري رهيو آهي. انڪري منع ڪري ڇڏيائين ۽ ماءُ جي گھڻي زوربار کان پوءِ به سنيما تي وڃڻ لاءِ راضي نه ٿيو. ڪمار واپس هليو ويو.
ان ڏينهن کان پوءِ هڪ هڪ ڪري شنڪر جا دوست کيس ڇڏيندا ويا ڇو ته ڪمار روز کين کائڻ جون الڳ- الڳ شيون ڏيندو هو. ڪڏهن-ڪڏهن هو کين پينسلوُن، رٻڙ يا ٻيون سهڻيون شيون ۽ رانديڪا پڻ ڏيندو هو. اهو ڏسي شنڪر جو غصو ويتر وڌندو رهيو. ڌيري ڌيري حالت اهڙي اچي بڻي جو شنڪر پوري ڪلاس ۾ اڪيلو ٿي پيو. سندس سڀ دوست هميشهه ڪمار جي آسپاس پيا ڦرندا هئا ۽ شنڪر کي ڪو به ڪونه پڇندو هو. شنڪر جي من جو بغض وڌندو ويو. شنڪر ڏسندو هو ته ٻين شاگردن سان گھيريل هئڻ کان پوءِ به ڪمار جون نگاهون هميشهه شنڪر ۾ کُـتل رهنديون هيون جن مان ائين لڳندو هو ته هوُ کيس ساڙي ۽ اهو جتائي رهيو آهي ته هينئر شنڪر بلڪل اڪيلو رهجي ويو آهي ۽ ڪمارکيس تڇ نگاهن سان ڏسي رهيو آهي.
ڏياريءَ تي ڪمار سڄي ڪلاس ۾ لڏون ۽ ڦٽاڪا ورهايا پر رڳو شنڪر ئي اهي وٺڻ کان اِنڪار ڪيو. پنهنجي دوست گدوءَ پاران ان جو سبب پڇڻ تي هن وڏي واڪي چيو ته هو ڪو ڪتو ڪونه آهي جو اڇلايل ٽڪرن تي پڇ لوڏي، جن ۾ غيرت نه هجي اُهي ڀل ڪليڪٽر جي پٽ جي چمچاگيري ڪن. اها ڳالهه ٻڌي ڪلاس جا ڪجھه شاگرد کيس مارڻ لاءِ به تيار ٿيا، پر ڪمار جي روڪڻ تي ڪنهن به شنڪر کي ڪجھه ڪونه چيو. ان ڏينهن کان پوءِ پوري ڪلاس ۾ هن جو عام به شڪار ٿي ويو جنهن ڪري پاڻ شنڪر وڌيڪ ڇتو ٿي پيو. اڳ ۾ جتي هن جا همڪلاسي سندس اڳيان پٺيان گھمندا هئا اُهي هاڻي هن جي پاڇي کان به پري ڀڄڻ لڳا. شنڪر پنهنجي دوستن جي ان ونهوار لاءِ ڪمار کي ئي ذميوار سمجھندو هو.
هڪ هفتو اڳ اسڪول جو ساليانو جلسو ٿيو جنهن ۾ انعام ورهائڻ لاءِ ڪليڪٽر صاحب کي گھرايو ويو هو. هيڊ ماستر ڪليڪٽر جي پاسي ۾ رکيل ڪرسيءَ تي ڪمار کي ويهارڻ جي تجويز پيش ڪئي. ڪليڪٽر ان لاءِ منع ڪئي ته هڪ شاگرد هئڻ ناتي ڪمار کي اسڪول جي ٻين ڇوڪرن سان ئي گڏ ويهڻ کپي. پر هيڊ ماستر زور ڪري ڪمار کي مٿي ويهاريو. شنڪر کي سڀ کان وڌيڪ انعام ملڻا هئا. شنڪر جڏهن پهريون انعام وٺڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته هن کي اهو ڏسي عجب لڳو ته ڪنهن به سندس لاءِ تاڙي ڪين وڄائي. اڳ ۾ جڏهن به هنکي ڪو انعام ملندو هو ته پورو اسڪول تاڙين سان گونججي ويندو هو. جڏهن ٻيو دفعو هو پنهنجو انعام وٺڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته سڀ کان پهرين ڪمار تاڙي وڄائي. ڪمار کي تاڙي وڄائيندو ڏسي ٻين به تاڙيون وڄايون پر شنڪر کي محسوس ٿيو ته تاڙيون رڳو ڪمار کي ساٿ ڏيڻ لاءِ وڄايون ويون آهن، سندس ڪاميابيءَ تي نه . انڪري شنڪر جو اندر پاڻ وڌيڪ سڙي ويو ۽ کيس انعام وٺڻ ۾ ڪا خوشي ڪين ٿي. ان وچ ۾ شنڪر ڏِٺو ته ڪمار پنهنجي پيءُ کي ڪجھه چيو ۽ هن ڪنڌ سان ‘ها’ ڪندي هيڊ ماستر کي ڪجھه چيو. هيڊ ماستر شنڪر ڏانهن نهاري مُسڪرايو. شنڪر جي تن بدن ۾ باهه لڳي ويئي. جلسي جي پڇاڙيءَ ۾ هيڊ ماستر معزز مهمانن جا شڪرانه مڃيندي اعلان ڪيو ته ڪليڪٽرصاحب پنهنجي کيسي مان شنڪر کي هڪ سؤ روپين جو انعام الڳ سان عطا ڪيوآهي. هيڊ ماستر جڏهن شنڪر کي اڳتي وڌي اهو انعام وٺڻ لاءِ چيو ته هو سمجھي ويو ته ڪمار ئي هن کي نيچو ڏيکارڻ خاطر اها تجويز ڪئي آهي. هيڊ ماستر جو سڏ ٻڌي جيئن ئي هو اُٿيو ته ائين محسوس ٿيس ته ڄڻ سڀ سندس مٿان کلي رهيا آهن ۽ اهو ڏسڻ جي انتظار ۾ آهن ته ڪيئن ٿو هو وڃي ڪمار جي پيءُ جي اڳيان هٿ ڦهلائي سؤ روپين جي بکيا قبول ڪري. شنڪر کان اهو برداشت نه ٿيو ۽ اسٽيج ڏانهن وڌڻ بدران هو ڊڪندو اسڪول کان ٻاهر هليو ويو.
ٻئي ڏينهن هيڊ ماستر ڪلاس ۾ اچي شنڪر کي ان هلت لاءِ ڇينڀ ڪڍي ڇاڪاڻ ته ان نموني نه رڳو هيڊ ماستر جي پر معزز مهمان جي به شنڪر بي- عزتي ڪئي هئي. هيڊ ماستر کيس ٻڌايو ته شنڪر جي ان بدتميزيءَ لاءِ هن کيس اسڪول مان ڪڍڻ جو پورو فيصلو ڪري ڇڏيو هو پر ڪمار ۽ ڪليڪٽرصاحب جي چوڻ تي هو کيس معاف ڪري رهيو آهي، پر اڳتي هو ڪنهن به ان قسم جي غلطيءَ لاءِ کيس معاف ڪونه ڪندو.
ڪمار جي ان احسان جو ٻڌي شنڪر جي تن بدن ۾ اڳي ئي لڳل باهه ويتر مچي ويئي ۽ اُن وقت ئي فيصلو ڪيائين ته هوُ انجو بدلو ڪمار کان ضرور وٺندو، جيڪو هر طريقي سان کيس هيٺ ڪرڻ ٿو چاهي. جڏهن هيڊ ماستر شنڪر کي گھرائي ٻڌايو ته ڪليڪٽر جي سفارش تي کيس ڇهه سؤ روپيا سالاني اسڪالرشپ منظور ٿي آهي ته ان ڳالهه پڻ بدلي جي باهه ۾ گيهه جو ڪم ڪيو. هيڊ ماستر کيس هڪ فارم ڏنو جيڪو شنڪر کي ڀري ڏيڻو هو. شنڪر جڏهن فارم ڏٺو ته سندس من ۾ بدلي جي باهه ڀنڀٽ ڪري ٻرڻ لڳي ڇاڪاڻ ته فارم ڀرڻ خاطر هن کي اهو ڄاڻائڻ ضروري هو ته سندس ماءُ وڌوا آهي ۽ هن جي سالياني ڪمائي ٽن هزارن کان به گھٽ آهي. ان ۾ به ڪمار جي چال سمجھي شنڪر جي من ۾ بدلي جو گھڙو ڇلڪي ويو ۽ هو گھر مان هڪ ڪپ کڻي ان ارادي سان نڪتو ته اڄ ئي ڪمار جو ڪم تمام ڪري ، بار- بار ٿيندڙ سندس بي- عزتيءَ جي جڙ کي ئي ختم ڪري ڇڏيندو.
شنڪر جڏهن ڪليڪٽر جي بنگلي جي ويجھو پهتو ته سامهون گيٽ مان هڪ جيپ کي ٻاهر ايندو ڏسي، پيشاب جو بهانو ڪري رستي جي هڪ پاسي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. جڏهن ڏٺائين ته جيپ ڪجھه پري نڪري ويئي آهي ته اُٿي بنگلي ڏانهن وڌيو. هن ان کي پنهنجي خوشقسمتي سمجھيو جڏهن ڏٺائين ته گيٽ تي ڪو به سنتري وغيره ڪونه هو. همٿ ڪري اڳتي وڌيو ۽ بنگلي جي ورانڊي تائين وڃي پهتو. جڏهن ڏٺائين ته اُتي به ڪو ڪونه آهي ته هو ڏڪندو ڏڪندو ڪمري ۾ گھڙيو جيڪو شايد بيٺڪ جو ڪمرو هو. ان ڪمري مان ئي دروازا ٻين ڪمرن ۾ وڃڻ لاءِ هئا. ڪمار ڪهڙي ڪمري ۾ هوندو اهو سوچڻ لاءِ شنڪر ڪجھه ترسيو. ان وقت هڪ ڪمري مان ايندڙ آواز کي ٻڌي هو هڪدم هڪ صوفا جي پوئتان لڪي ويٺو. هڪ دروازي مان ڪليڪٽر ۽ هڪ ٻيو شخص جنهن جي هٿ ۾ ڊاڪٽري بئگ هئي، نڪري ٻاهر ويا. شنڪر ٻڌو ته اهو شخص ڪليڪٽر کي چئي رهيو هو ته ڪمار هن وقت ننڊ ۾ آهي انڪري هن کي آرام ڪرڻ ڏنو وڃي پر گھٻرائڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي. ڪمار جي دماغ تي ڪو ٻوجھه آهي، رڳو اهو دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. شنڪر جڏهن ٻڌو ته ڪمار ننڊ ۾ آهي ته هن پنهنجو ڪم آسان ٿيندو سمجھيو ۽ تڪڙو تڪڙو ان ڪمري ۾ گھڙيو جنهن مان ڪليڪٽر ۽ اهو شخص نڪتا هئا. اندر گھڙي شنڪر ڏٺو ته ڪمار هڪ تمام نرم بستري تي سمهيو پيو آهي، سندس چهرو بلڪل زرد پئي لڳو. وڏي پلنگ تي ڪمار بلڪل ننڍي ٻار جيان پئي لڳو. شنڪرَ جيئن ئي ڪپ ڪڍڻ لاءِ کيسي ۾ هٿ وڌو ته سندس نگاهه پلنگ جي پاسي پيل ميز تي پيئي جنهن تي دوائن جي شيشين سان گڏ شنڪر جي انعام وٺڻ وقت نڪتل سڀ فوٽا فريمن ۾ پيا هئا. هر هڪ فوٽي ۾ شنڪر جو ڪليڪٽر ڏانهن وڌايل هٿ هو جنهن ۾ ڪليڪٽر انعام ڏيئي رهيو هو ۽ پوئتان ڪمار جو کلندڙ چهرو صاف ٿي نظر آيو. انهن فوٽن کي اُتي ڏسي شنڪر من ۾ اهو فيصلو ڪري نه سگھيو ته ڪمار اُهي فوٽا اُتي ڇو رکيا آهن. سندس انعامن جي يادگيريءَ خاطر يا اهو ڏيکارڻ لاءِ ته شنڪر هن جي پيءُ اڳيان هٿ ٽنگي بيٺو آهي. هو اڃان اهو ئي سوچي رهيو هو ته پوئتان کڙڪو ٿيو، ٻُڌي، هن ڇرڪي پوئتان نهاريو. ڏٺائين ته ڪمار جو پيءُ اڪيلو ڪمري ۾ اَچي رهيو آهي. شنڪر کي اُتي ڏسي ڪليڪٽر چيو، ”تون ڪير؟“ شنڪر گھٻرائجي ويو ۽ هٻڪندي- هٻڪندي چوڻ لڳو، ”مان... مان.. مان ڪمار .... مان شنڪر... “ شنڪر پنهنجي ڳالهه اڃان پوري به نه ڪئي جو ڪليڪٽر کيس سڃاڻندي چيو، ” اڙي ها، تون ته ڪمار جو همڪلاسي شنڪر آهين نه ! پر مون ته توکي وٺي اچڻ لاءِ جيپ موڪلي آهي. اها ته اڃان شايد موٽي به نه آهي، پوءِ تون هتي ڪيئن پهچي وئين؟ “ شنڪر ڪجھه جواب ڏئي ان کان اڳ ڪليڪٽر چوڻ شروع ڪيو، ”جيئن ته هن وقت ڪمار کي ننڊ آهي انڪري هل ته ٻئي ڪمري ۾ هلي ڳالهايون.“ ائين چئي ڪليڪٽر ٻئي ڪمري ۾ وڃڻ لاءِ مُڙيو ۽ شنڪر پڻ ان جي پوئتان ڪمار جي ڪمري مان ٻاهر نڪتو.
ڊرائينگ روم ۾ ڪليڪٽر شنڪر کي پنهنجي پاسي ۾ صوفا تي ويهاري ٻڌائڻ شروع ڪيو، ”ڪمار جي ڄمڻ کان پوءِ جلد ئي سندس ماءُ گذاري ويئي انڪري ڪمار کي ماءُ جو پيار نصيب ڪين ٿيو آهي. تنهن کان سواءِ ڪمار کي ڄائي ڄم کان هڪ بيماري آهي جنهن ۾ هنجي بدن ۾ رت ڪين ٺهندو آهي جنهن ڪري هر مهيني هن کي ڌاريو خون ڏنو ويندو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي ته ڪمار کي نه گھر مان اڪيلو ڪيڏانهن وڃڻ ڏنو ويندو آهي ۽ نه هن کي ڪا به راند ڪرڻ ڏني ويندي آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن کيس ڪا چوٽ لڳي ته پوءِ هنجي زندگي خطري ۾ پئجي ويندي. ائين ڏسجي ته ڪمار ڌارين جي رت جي دان ڪري ئي زنده آهي ۽ ڪنهن به وقت هن جي زندگيءَ جو ڏيئو اُجھامي سگھي ٿو. انڪري ڪمار هڪ زنده لاش مثل آهي. جيترا ڏينهن هو جيئرو آهي اوترا ڏينهن هو خوش رهي اهائي منهنجي تمنا آهي. ڪمار کي به پنهنجي بيماريءَ جو پورو احساس آهي انڪري هو پڻ هن زندگيءَ ۾ اڪيلو رهڻ جو خواهان آهي. پر الائي ڇو جڏهن کان هن توکي ڏٺو آهي تڏهن کان توسان دوستي ڪرڻ جي اڇا هن جي من ۾ جاڳي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته هن هر طريقي سان تنهنجي ويجھو اچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ دوستيءَ جو هٿ تو ڏانهن وڌايو آهي. مونکي پتو ڪين آهي ته اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جو تو هر دفعي هن جي وڌايل هٿ کي جھٽڪي ڇڏيو. جيترو تو هن کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اوترو ئي تنهنجي دوستيءَ جي اڇا هن جي من ۾ پرٻل ٿيندي رهي آهي. ڪمار کي اهو پڪو وشواس هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن هو توکي پنهنجو دوست بڻائي سگھندو. مان سمجھان ٿو ته رڳو ان هڪ ڳالهه هن دماغ تي ايترو ته دٻاءُ ڪيو آهي جو اڄ اوچتو ئي اوچتو مٿي ۾ ڦيري اچڻ کان پوءِ ڪمار ڪري پيو جنهن ڪري ڊاڪٽر کي گھرايو ويو. ڊاڪٽر جي دوا کان پوءِ هوش ۾ اچڻ کان پوءِ سڀ کان پهريائين هن توسان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي انڪري ئي ٿوري دير اڳ توکي وٺي اچڻ لاءِ مون جيپ موڪلي آهي جيڪا شايد اڃان ڪين موٽي آهي.
ڪمار جو پيءُ شنڪر سان اهي ڳالهيون ڪري رهيو هو ته ٻئي ڪمري مان ڪمار جو هيڻو آواز هنن کي ٻڌڻ ۾ آيو، ”ڊيڊي، ڇا شنڪر ڪين آيو آهي. ڊيڊي بس شنڪر کي هڪ دفعو گھرائي مونسان ملايو، بس ان کان وڌيڪ مان کانئس ڪجھه ڪين گھرندس.“
ڪمار جو آواز ٻڌي سندس پيءُ اُتان ئي جواب ڏنو، ”نه پٽ، شنڪر کي گھرائڻ جي ڪا به ضرورت ڪين پيئي ڇاڪاڻ ته اڄ هو پاڻ توسان ملڻ لاءِ آيو آهي.“
ائين چئي ڪمار جو پيءُ ان ڪمري ۾ ويو جتي ڪمار سمهيل هو ۽ ان جي پٺيان شنڪر به ان ڪمري ۾ گھڙيو. شنڪر کي ڏسي ڪمار ڌيري ڌيري اُٿي ويٺو. ٿوري دير اڳ جيڪو چهرو شنڪر کي زرد پئي لڳو اُن تي هينئر شنڪر کي لالائي اچڻ جو احساس ٿي رهيو هو ۽ هن جي منهن تي خوشيءَ جي لهر هئي. ڪمار پنهنجو هٿ شنڪر ڏانهن وڌايو. شنڪر، جنهن جو هٿ اڃان پنهنجي کيسي ۾ ڪپ جي مٿان پيو هو، هڪ منٽ رڪيو ۽ پوءِ هن آهستي آهستي پنهنجو خالي هٿ کيسي مان ڪڍي ڪمار ڏانهن وڌايو. شنڪر جو هَٿُ هَٿَ ۾ وٺڻ سان ڪُمار جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي آيا ۽ شنڪر به پاڻ کي روڪي ڪون سگھيو ۽ هن جون اکيون پڻ ڇلڪجي آيون. ٻن معصومن جي اکين مان وهندڙ آنسُن بدلي جي باهه کي وسائي هميشهه لاءِ شانت ڪري ڇڏيو. *