جيءَ جو جنجال
هاڻي اَسان ڇڙن جا ڪهڙا نيم ۽ ڪهڙا ٽيم، تنهنجي مٿان آکاڻيون لکڻ جو شؤق. اِنڪري رات جو سيڪنڊ شو پڪچر ڏسي واپس پئي آيس ته هڪ آکاڻيءَ جو پلاٽ دماغ ۾ آيو. بس پوءِ ته پنو ۽ پين کڻي ويٺس ان پلاٽ کي اکرن جو جامو پهرائڻ. آکاڻي لکندي- لکندي رات جا ٽي وڄي ويا. سُمهيس دير سان انڪري صبوح جو ساڍي نوين بجي تائين سُمهيو پيو هوس. شهر ۾ رهندڙ اسان جهڙن ڪُنوارن لاءِ هڪ مصيبت آهي صبوح جو اُٿي کير وَٺڻُ. صبوح جو سوير اُٿي ستين بجي تائين ڊيئريءَ تان کير ورتوسين ته واهه، نه ته ٿيو ڀلو. پوءِ سڄو ڏينهن هوٽلن جي چانهه تي ئي گذارو ڪرڻو پوندو، دير سان اُٿڻ ڪري کير نه وٺي سگھيو هوس. هڪ طرف رات جو دير سان سُمهڻ ڪري ۽ ٻئي طرف صبوح جو چانهه جو ڪوپ نصيب نه ٿيڻ ڪري مٿي ۾ سوُر جو احساس ڪري رهيو هوس . جڏهن پيسوءَ کي ٻڌايم ته مٿي ۾ معمولي سوُر آهي ته هن هڪدم چوڻ شروع ڪيو، ”يار ٽيڪوُ، توهان ليکڪن جي هڪ عادت ڏاڍي خراب ٿيندي آهي جو هر ڳالهه کي ڏاڍو هلڪڙائيءَ سان ڏسندا آهيو. مٿي جي سوُر کي ڪڏهن به ٿورو، تُـڇ يا معمولي سمجھڻ نه گھُرجي. مَٿي جو سوُر برين ٽيوُمر کان به ٿي سگھي ٿو ۽ دماغي ڪئنسر کان به !... دِماغي نَسُن ڦاٽڻ کان به ته مٿي جو سوُر ٿي سگھي ٿو. انڪري مٿي جو سوُر معمولي آهي اهو چئي پاڻ کي دوکي ۾ نه رکُ. توکي هڪدم ڪنهن وڏي دماغي ڊاڪٽر کان پنهنجي جاچ ڪرائڻ کپي. پر ترس، ائين اُٻهرو ٿيڻ مان به ڪجھه نه ورندو. پهرين پاڻ پڪ ڪجي ته اُهو مَٿي جو سوُر معمولي آهي يا ڪنهن وڏيءَ بيماريءَ جي شروعات جو اُهڃاڻ. مان توکي هڪ گوري آڻي ٿو ڏيان، اها وٺڻ سان جيڪڏهن تنهنجو سوُر لهي ويو ته سمجھبو ته معمولي آهي نه ته پوءِ ان لاءِ ڪُجھه ڪرڻو پوندو. سو اسڪوٽر جي چاٻي ڏي ته توکي جلد بزار مان اها گوري آڻي ڏيان.“
ائين چئي پيسوءَ بنان منهنجي جواب جي انتظار جي ڪٻٽ کولي ان مان اسڪوٽر جي چاٻي کڻي ٻاهر وڃڻ لڳو. ٻاهرين در تائين پهچي هو ڪجھه رُڪيو. کِن پَل سوچيائين ۽ واپس مُڙندي چيائين، ”يار جيڪا ڳالهه توکي چوڻ آيو هوس اُها چوڻ ته ڀُلجي ويس. منهنجي سالي مُمبئيءَ کان آئي آهي سو شريمتيءَ جو چوڻ آهي ته ٻارهين بجي جو شو ڏسجي ۽ پوءِ ڪجھه بزار مان خريداري ڪجي. شام جو تهرو پارڪ ڏسڻ جو به شايد پروگرم ٺهي انڪري جي منهنجي موٽڻ ۾ دير ٿئي ته ڪو خيال نه ڪج. اسڪوٽر ۾ پيٽرول ته هوندو ئي نه! ...نه ته مان پاڻهي وِجھانئيندس. تون آرام سان اکيون بند ڪري سُمهي پؤ. معمولي سوُر آهي لهي ويندُءِ. اڄ آرتوار ته آهي ئي ۽ توکي آفيس ته وڃڻو ڪونهي، انڪري توکي اسڪوٽر جي به ضرورت نه پوندي سو شام تائين اسڪوٽر سان گڏ توکي گوري به ملي ويندي. رکُ ڀڳوان تي، اهو سڀ سَڻائي ڪندو.“ ائين چئي هڪدم مُڙي اسڪوٽر جي چاٻي ڦيرائيندو گھر کان ٻاهر نڪري ويو. سمجھي ويس ته رات کان اڳ اسڪوٽر واپس نه مِلندو. ڪُنوارو آهيان ته ڇا ٿيو، ايتري ته ڄاڻ اٿم ته ساليءَ جو درجو مرد جي زندگيءَ ۾ ڪهڙو ٿيندو آهي.
اڃان اهو سوچي ئي رهيو هوس ته چانهه جي ڪوپ جو انتظام ڪيئن ڪجي ته ٻاهران آواز آيو، ”تِڪڙم گھر ۾ آهي؟“ سمجھي ويس جڳت مامو اچي ويو ڇاڪاڻ ته هو ئي مونکي ٽيڪم جي بدران تِڪڙم جي نالي سان پُڪاريندو آهي. سڏ ڪرڻ واري جو نالي جڳت آهي اها ته توهانکي ڄاڻ پئجي چُڪي هوندي. هوُ منهنجو مامو ته ڪونهي پر هرڪو کيس جڳت مامو ڪري ئي سڏيندو آهي. سندس اهو نالو ڪيئن پيو يا ڪنهن رکيو، ان جو ڪنهن کي پتو چاهي نه هُجي پر هرڪو ننڍو خواهه وڏو، ٻار چاهي ٻڍو، مرد چاهي زال، کيس بس ان نالي سان ئي پُڪاريندو آهي. هو جتي ويو اُتي ٻن ٽن ڪلاڪن تائين کُپي ويندو آهي. هاڻي آيو آهي ته ٻه چار ڪلاڪ بور ڪندو، اِهو سوچي هڪدم پلنگ تي ليٽي چادر سان منهن ڍڪي هيڻي آواز ۾ اندر اَچڻ لاءِ چيومانس. مونکي ائين سُمهيل ڏسي هڪدم چوڻ شروع ڪيائين، ”مونکي پتو هو ته هڪ ڏينهن ته اهو ٿيندو ئي. پنهنجي صحت جو خيال نه ڪندين ته اَوس ڊَهي پَوندين. هاڻي چؤ، ڇا ٿيو اٿيئي ؟“ ٻڌايومانس ته مَٿي ۾ ڏاڍو سوُر آهي. چيائين، ”مٿي ٻٿي جو سوُر ڪونهي، اها سڀ پيٽ جي خرابي آهي. توهان ڇَـڙا، ته کائڻ پيئڻ جي پرهيز ڪيو ۽ نه سُمهڻ اُٿڻ جو نيم، پوءِ پيٽ خراب نه ٿيندو ته ڇا ٿيندو. تون ضرور رات جو دير سان سمهيو هوندين، ڇاڪاڻ ته رات دير تائين تنهنجي ڪمري جي بتي ٻري رهي هئي. دير سان سُمهيو هوندين ته ضرور دير سان اُٿيو به هوندين جنهن ڪري پيٽ به صاف نه ٿيو هوندءِ ۽ قبضيءَ جي شڪايت ٿي هوندءِ. اصل ۾ انسان جي شرير جي هر بيماريءَ جي جَـڙَ هوندي آهي قبضي. قبضي معنيٰ پيٽ ۾ گئس ۽ پيٽ ۾ گئس شرير جي سڀني بيمارين جو سبب. انڪري ته وڏا چئي ويا آهن ته پيٽ هميشهه صاف رکجي. تنهنجي مٿي جي سوُر جو به اِهوئي علاج آهي ته تنهنجي پيٽ صاف ڪرڻ جو علاج ڪجي. کير جي ڪوپ ۾ ٻه وڏا چمچا ايرنڊيءَ جو تيل وجھي پيءَ. جتي ٻه چار خلاصا دست آيئه ته بس پيٽ بلڪل صاف! ... پوءِ ڏس، تنهنجي مٿي جو سور ڪيڏانهن ٿو غائب ٿي وڃي. سو تون جلد کير گرم ڪري رک، مان اِجھو ٿو ايرنڊيءَ جو تيل آڻي ڏيانءِ.“
اِئين چئي اڃان هوُ مُڙيو ئي مس هو ته مون چيو، ”جڳت ماما، اصل ۾ صبوح کان چانهه جو ڪوپ نصيب نه ٿيو اَٿم. جيڪڏهن هڪ ڪوپ چانهه جو ملي ته بس پيٽ صاف ٿي ويندو.“
جڳت مامو جهڙي طرح هر بيماريءَ جي جَـڙَ پيٽ جي خرابيءَ کي مَڃيندو آهي اهڙي طرح پيٽ جي هر خرابيءَ جو ڏوهُه هوُ چانهه تي مڙهيِندو آهي. جڳت مامي جي نظرن ۾ ايرنڊيءَ جو تيل اَمرت آهي ته چانهه جو ڪوپ زهر. سو مُنهن جي واتَ مان چانهه جو لفظ ٻُڌي هُن جو پارو چَڙهي ويو ۽ چِڙندي چيائين، ”تنهنجو نالو ته آهي ٽيڪم يعنيٰ ٽيِ- ڪم معنيٰ چانهه –گھٽ، پر تنهنجون عادتون آهن بلڪل ان جي اُبتڙ. چاهيون پي- پي، تو پنهنجو آنڊو ساري رکيو آهي. هونءَ ئي چانهن پيئڻ نقصانڪار آهي، پر نيراڻي چانهه پيئڻ ته زهر سمان آهي. هاڻي چپ چاپ اُٿ ۽ کير گرم ڪر. مان گھران جُـلاب آڻي ٿو ڏِيانءِ.“
ائين چئي هوُ هلڻ لڳو. مون چيومانس، ”ماما، کيرُ هُجي ها ته هيل تائين چانهه جا ٻه چار ڪوپ پي پنهنجي مٿي جو سوُر لاهي نه ڇڏيان ها. سو جي سچ پچ منهنجو ڪو خيال اٿئي ته ڪٿان هڪ پاءُ کير آڻي ڏي يا گھران ئي رڳو هڪ ڪوپ کير آڻي ڏي.“
مونکي پتو هو ته مامو ايرنڊيءَ جي جُـلاب کي ڇڏي ڪنهن کي پنهنجي جسم جي مٽي به ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. انڪري سوچيم ته جڳت مامو گھران ته نه، پر بزار مان کير وٺي اچڻ لاءِ ضرور تيار ٿيندو. آخر ماڻهن هنجو نالي ائين ئي جڳت مامو ٿورو ئي رکيو هو. هن منهنجي چال سمجھي هڪدم چيو، ”ٻچوُ، تون مونکي بيوقوف ٿو سمجھين. توکي کير آڻي ڏيان ته جيئن سڄو ڏينهن ويٺو چاهيون پي پنهنجو آنڊو ساڙين. نه ٻچوُ، تنهنجي پيٽ صاف ڪرڻ لاءِ مون وٽ هڪ ٻيو نصخو به آهي جنهن لاءِ کير ۽ جُـلاب ته ڇا ڪنهن به شيءِ جي ضرورت توکي ڪانه پوندي. اڄ سڄو ڏينهن بنان کائڻ پيئڻ جي لنگھڻُ ڪڍڻ سان به تون بلڪل ٺيڪ ٿي ويندين. پيٽ کي ڪجھه آرام ڏي يا چؤ ته ماميءَ کي موڪليانءِ ته اچي کِـچڻي ٺاهي ڏيئي.“
هاڻ توهان کي هڪ ڳالهه چِٽيءَ طرح ٻڌائي ڇڏيان، جڳت مامي کي ته وري به مان ٻه چار ڪلاڪ برداشت ڪري سگھان ٿو پر ماميءَ کي ٻه چار منٽ به برداشت ڪرڻ موُن لاءِ آپگھات ڪرڻ برابر آهي. انڪري مون تڪڙو جواب ڏنو، ”نه ماما، مان اَڄ سَڄو ڏينهن لنگھڻُ ڪڍندس. ماميءَ کي ڪا تڪليف ڏيڻ جي ضرورت نه آهي.“
مامو ته هليو ويو پر منهنجي حالت ڏسڻ وٽان هئي. منجھند جا ٻارهن اچي ٿيڻ وارا هئا پر مونکي اڃان چانهه جو هڪ ڪوپ به نصيب ڪين ٿيو هو. هونءَ ته هيل تائين گھٽ ۾ گھٽ اڌ ڊزن چاهيون پيٽ ۾ سمائجي چُڪيون هُجن ها. هڪ طرف چانهه جي ٻاڙ ته ٻئي طرف بک به بيحال ڪرڻ شروع ڪيو هو. اُن جي مٿان پيسوءَ ۽ جڳت مامي جي ليڪچرن جا ڊوز، ان وقت مونکي ائين محسوس ٿي رهيو هو جيئن ڪنهن آپگھات ڪرڻ واري انسان کي آپگھات ڪرڻ مهل محسوس ٿيندو هوندو. اِنڪري سوچيم ته ائين آپگھات ڪرڻ کان ته بهتر آهي ته وڃي هوٽل تان چانهه پي اَچان.
اهو سوچي اَڃان ڪپڙا بدلائڻ لاءِ اُٿيس مَس ته جھموُن اَچي پرگھٽ ٿيو. ائين ته جھمونءَ سان منهنجي ڪا خاص دوستي ڪانهي، رُڳو هڪ ٻه دفعو ائين ئي ملاقات ٿي هوندي. پر ان ۾ ڇا ٿيو. جھمونءَ لاءِ هن جَـهان جو هر بني بشر هُن جو پنهنجو هوندو آهي ۽ هرهڪ جي بارَ کي هوُ پنهنجو بارُ سمجھندو آهي. اچڻ سان ئي جھمونءَ پنهنجي مطلب جي ڳالهه شروع ڪئي.
”ٽيڪم، مون توکي ڪڏهن به ننڍي ڀاءُ کان گھٽ نه سمجھيو آهي انڪري تنهنجو ڀلو بُرو سوچڻ جو نه رڳو مونکي حق آهي پر اهو منهنجو فرض پڻ آهي. مونکان تنهنجي هيءَ حالت ڏٺي نٿي وڃي. ڏس نه پنهنجي ڇا حالت بڻائي اٿئي. سج اچي مٿي تي بيٺو آهي، نڪو ڏاڙهي لاٿي اٿيئي ۽ نه سنان ئي ڪيو اٿيئي . هنڌ بسترو به ائين ئي پکڙيل پيو آهي. گھر ڏانهن ته تهار، چئني پاسي گندگي ئي گندگي لڳي پيئي آهي. اَڃان گھڻا ڏينهن اِئين ڪُنوارو رهندين؟ توهان ساهتيڪارن کي ته ڄمندي ئي شادي ڪرڻ کپي جيئن توهانجو خيال رکڻ وارو ڪو گھر ۾ هجي. توهان پنهنجن اکرن ۽ خيالن کي ترتيب ڏيئي سگھو ٿا پر پنهنجي زندگيءَ کي ترتيب ڏيڻ توهانجي وَس کان ٻاهر آهي. انڪري مون پڪو ويچار ڪيو آهي ته جيترو جلد ٿئي تنهنجي شادي ڪرايان جيئن مون تان جلد اِهو بارُ لَـهي. مان تنهنجو سڀاءُ سڃاڻان ۽ تنهنجي پَسنديءَ ناپسنديءَ جي به مونکي پوري پوري ڄاڻ آهي. منهنجي ساليءَ جي نِڻان جي هڪ نِڻان آهي. ڇوڪري ڇا آهي بس چنڊ جو ٽُڪر آهي، بي.اي. پاس آهي ۽ عمر به توسان ٺهڪي ٿي اچي. توکي آکاڻيون لکڻ جو شؤق آهي ته هنکي آکاڻيوُن ۽ ناول پڙهن جو ازحد شؤق. جوڙي تمام سُٺي رَهندي. ڇوڪريءَ جي ڀاڄائيءَ يعنيٰ منهنجي ساليءَ جي نِڻان پنهنجي ڀاڄائيءَ يعنيٰ منهنجي ساليءَ تي ڇوڪرو ڳولهڻ جو بارُ رکيو ۽ اُن وري بارُ رکيو مونتي. مون ڇوڪريءَ جا گڻ ٻڌڻ سان ئي پنهنجي ساليءَ کي چيو ته اهڙي ڇوڪريءَ لاءِ هِن جَـهان ۾ جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو آهي ته منهنجو جِگري ساهتيڪار دوست يعنيٰ تون. موُن پنهنجي ساليءَ کي ٻڌايو ته جڏهن گھر ۾ ئي ڇوڪرو مؤجود آهي ته شهر ۾ ڍِنڍورو ڇو ڏِجي ته هوءَ هڪدم راضي ٿي ويئي. هن اهو به چيو ته جلد ان ڇوڪريءَ يعنيٰ منهنجي ساليءَ جي نڻان توکي ڏيکارڻ جو بندوبست ڪجي. پر مون چيومانس ته چَري مان پنهنجي يار کي سڃاڻان ۽ سندس پسندي پڇاڻان. هو منهنجي چئي کان ٻاهر نه ويندو، جتي مان چوندومانس اُتي ئي شادي ڪندو. نه هو ڇوڪري ڏسندو ۽ نه ڪو ڏيتي ليتيءَ جي گھُر ڪندو. بس هڪ دفعو سندس ڪن تي ڳالهه وجھجي جيئن هو پنهنجن مائٽن کي ان جي ڄاڻ ڏيئي سگھي. سو ٽيڪم، ان ڇوڪريءَ سان مون تنهنجي پَڪَ ڪري ڇڏي آهي. تون پنهنجن مائٽن کي لکي شاديءَ جي تاريخ پڪي ڪري ٻُـڌاءِ جيئن مان ڇوڪريءَ وارن کي خبر ڏيئي سگھان.“
هو وڌيڪ ڪجھه چوي، ان کان اڳ مون چيومانس، ”جھَموُن، توکي منهنجو ايترو خيال آهي ان لاءِ مهرباني. پر هنن کي پڪ ڏيڻ کان اڳ مونکان ته پُڇين ها. منهنجي شاديءَ جي پڪ اڳ ۾ ئي ٻئي هنڌ ٿي چُڪي آهي.“
اهو ٻُڌي جھَمونءَ چيو، ”پڪ ٿي چُڪي آهي؟ اهو ڪيئن ٿو ٿي سَگھي؟ بنان مونکان پُڇڻ جي توُن شاديءَ لاءِ رضامندي ڪيئن ٿو ڏيئي سگھين ؟ خير، اڃان ته پڪ ئي ٿي آهي نه! شادي ته نه ٿي آهي. سو توُن پنهنجن مائٽن کي لکي ڇڏ ته اهو رشتو توکي منظور نه آهي. تو منهنجي ساليءَ جي نِڻان جي نِڻان کي ڪونه ڏٺو آهي، چنڊ جو ٽڪر آهي، چنڊ جو ٽڪر!“
مونکي به کنيو کُٽيءَ جو چرچي ۾ کلندي چيومانس، ”جيڪڏهن چنڊ جو ٽڪر آهي ته ضرور چنڊ وانگر ڪو داغ به هوندس.“
موُن اڃان چوڻ بس ئي مَس ڪيو ته جھموُن غصي ۾ اچي چيو، ”ٽيڪم، مونکي اهو پتو نه هو ته تون ڪو اهڙو بدمزاج آهين. پنهنجي شڪل ڏٺي اٿئي جو ٻين ۾ ٿو داغ ڳولهين. شادي نه ڪرڻي هُجيئي ته ڪو زورُ زبردستي نه آهي باقي پرائي ڄائيءَ مان ان نموني ويڪون نه ڪَڍُ. ڪنهن ڇوڪريءَ جي اکين تي ٿُـلـهو چشمو ڪو اهڙو اَوگُڻ ته نه آهي جنهن جي ان تي ٺٺولي ڪري کِلجي. اڙي، مون ته توتي مهرباني پئي ڪئي نه ته تو جهڙي غير ذميوار کي ڪير پنهنجي ڌيءُ يا ڀيڻ ڏيندو. هن پاڙي ۾ ڪير تنهنجون عادتون ڪونه سُڃاڻي؟ آهي ڪو هن پاڙي ۾ ڪو اَهڙو جيڪو تنهنجي ساراهه ۾ هڪُ اکر به چَوي! ميتهن چئي گانءِ کي هل پُڇ ڪاري! سو هڪ دفعو وري سوچي سڀاڻي تائين مونکي جواب ڏي نه ته پوءِ متان مونکي ڪو ڏوراپو ڏين! “ ائين چئي هوُ غصي ۾ هليو ويو.
جھموُنءَ جي ڳالهين ۾ مان مٿي جي سوُر کي بلڪل ڀُلجي ويو هوس. پر هنجي وڃڻ تي وَري مٿي جي سوُر اَچي سوگھو جھَليو. تڏهن ياد پيو ته مان هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ وڃڻو هوس. ڀت تي ٽنگيل گھڙيال تي نظر وِڌي، ته ڏِٺم مارِ هڪُ وڄي چڪو آهي. هاڻي چانهه ڇا خاڪ پيئبي. منجھند جي روٽيءَ جو اچي وقت ٿيو آهي. پر صبوح کان بنان چانهه پيئڻ جي ڇا روٽيءَ مان ڪو سواد ايندو؟ هاڻي ڇا ڪريان، پهرين چانهه پيان يا روٽي کاوان. اڃان ان اُڻ تڻ ۾ هوس ته آتوءَ کي پريان ايندو ڏٺم. ڳالهه اڳتي وڌي ان کان اڳه توهانکي آتوءَ لاءِ ٻُڌايان. هو مون سان گڏ آفيس ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ آهي به مون وانگر ڇَـڙو ڇانڊ پنهنجي تعريف نٿو ڪريان پر جتي هر محفل ۾ منهنجي آجيان ٿيندي آهي اُتي هرڪو آتوءَ جي پاڇي کان به پَري ڀَڄندو آهي، ڇو ته هن جون ڪي خاصيتون آهن. هو پهرين نمبر جو ڪنجوس آهي. ڪنهن ٻئي لاءِ ته ڇڏ پنهنجي لاءِ به هڪ پئسو خرچ ڪرڻ نه چاهيندو آهي. هنجي عادت آهي ته کائڻ جي وقت هو هميشهه ٻين جي گھر پهچي ويندو آهي ۽ تيسيتائين اُتي کُـپي ويهندو آهي جيسيتائين اُتان پيٽ ڀري اوڳرايون ڏيندو ٻاهر ته نِڪري. صبوح جي چانهه هڪ هنڌ ته شام جي ٻئي هنڌ پيئندو آهي. نيرن مهل هو هڪ وٽ حاضر هوندو آهي، ته منجھند جي مانيءَ وقت ٻئي جي گھر جي شوڀا وَڌائيندو آهي ۽ رات جو مهمان ٿيندو آهي ڪنهن ٽئين هنڌ. هن جو چوڻ آهي ته مهمان ڀڳوان جو روُپ ٿيندو آهي ۽ ڀڳوان جي شيوا ڪرڻ جو موقعو هر ڪنهن کي ملڻ کپي. انڪري هو هرهڪ وٽ مهمان بڻجي ان کي ڀڳوان جي درشن ۽ شيوا ڪرڻ جو موقعو ڏيندو آهي. انڪري هر هڪ کي يجمان جي نالي سان پُڪاري پنهنجي ۽ هنجي وچ ۾ مهمان ۽ ميزبان جي سنٻنڌ جو اَحساس ڪرائيندو آهي. انڪري کاڌي جي وقتن تي آتوءَ کي سامهون ڏسي هرڪو سَمجھي ويندو آهي ته جيڪڏهن هن مان جلد جند ڇڏائڻي آهي ته هن کي در جي چانئٺ تي ئي ٿالهي ٺاهي ڏجي. آتوءَ کي بخوبي ڄاڻ هئي ته مان ان وقت هوٽل تي روٽي کائڻ ويندو آهيان انڪري آتوءَ کي ايندو ڏسي سمجھي ويس ته جيڪڏهن هينئر گھران نڪري هوٽل تي روٽي کائڻ ويس ته هي ڀوت ضرور پوئتان لڳندو ۽ مان ته دال ڀاڄي کائي سنتوش ڪندس پر هي راڪاس ته ٻي ٽي پليٽون گوشت کائڻ کان پوءِ به راضي نه ٿيندو. انڪري مٿو جھلي اُتي ئي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس.
آتوءَ اَچڻ سان مونکي تيار ٿيل ڏسي چيو، ”يجمان، ڪيڏانهن ٻاهر وڃڻ جو پروگرام آهي ڇا؟“
مون جڏهن ٻڌايومانس ته مٿي ۾ سوُر هئڻ ڪري ٻاهر وڃڻ جو ڪو خيال نه آهي ته هن چيو ٺيڪ آهي يجمان. مان پاڻ توکي اهائي صلاح ڏيڻ وارو هوس. مان ته آيو هوس تاس راند ڪرڻ لاءِ نينڍ ڏيڻ، پر اهڙي حالت ۾ تنهنجو آرام ڪرڻ ضروري آهي سو تون ليٽي آرام ڪر مان به وڃي ٿو دوستن کي منع ڪري اچان ۽ پوءِ موٽي اچي ٿو تنهنجي سار سنڀال لهان. ائين چئي هو هلڻ لڳو. هنجي واپس موٽي اچڻ جو ٻڌي مون جلد- جلد چيو، ”تنهنجي اچڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. ٿوري دير آرام ڪندس ته پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندس. تون ڀل وڃي دوستن سان تاس راند جو مزو وَٺُ.“
منهنجو اهو چَـوَڻ ٻُڌي هوُ رڪيو. ڪجھه سوچيائين يا سوچڻ جو بهانو ڪيائين ۽ پوءِ بنان ڪجھه جواب ڏيڻ جي هوُ ٻاهر هليو ويو.
آتوءَ مان ايترو جلد جند ڇُٽندي انجي ڪلپنا به مونکي ڪانه هُئي. هوُ ٿورو پري هليو وڃي ته پوءِ مان روٽي کائڻ لاءِ نڪران اهو سوچي مان اُتي ترسيُس. اَڃان ٻه مِنٽ مَس گُـذريا هوندا ته آتوُ پنهنجن ٽِن دوستن سان گڏ واپس موٽي آيو ۽ اَچڻ سان چوڻ شروع ڪيائين، ”سمجھان ٿو ته منهنجين تڪليفن جو خيال ڪري مونکي اچڻ کان منع ڪَـيَـئِه. پر تنهنجي بيماريءَ ۾ توکي اِئين اڪيلو ڇڏي وڃان، ائين ڪيئن ٿيندو! شايد تنهنجي بيماريءَ جو ٻُڌي دماغ ڪم ئي ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. دوستن کي جڏهن تنهنجي ناچاڪائيءَ جو ٻُڌايم ته هنن مونتي لعنت وڌي ته دوست کان وڌيڪ توکي تاس راند پياري آهي. مون جڏهن ٻڌايومان ته تو ئي مونکي تاس راند ڪرڻ لاءِ چيو ته هو پاڻ وڌيڪ ناراض ٿيا ته تو ته پنهنجو فرض پاڙي مونکي راند ڪرڻ جي اجازت ڏني پر منهنجو به ته اِهو فرض آهي ته مان تنهنجي سنڀال ڪيان. هنن جڏهن اها صلاح ڏني ته اسان تنهنجي گھر ۾ ويهي به راند ڪري سگھون ٿا ته مونکي ڳالهه سمجھه ۾ آئي ته ائين ڪرڻ سان پنهنجي راند جو شؤق به پورو ٿيندو ۽ وچ وچ ۾ توکي ڏسي به سگھجي ٿو. انڪري اسان موٽي آيا آهيون. هاڻي تون نشچنت ٿي آرام ڪر. اسان ٻئي ڪمري ۾ ويهي ٿا راند ڪريون جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي ضرورت پويئي ته آواز ڏج.“
آتوءَ جا اهي ٻول ٻُڌي سمجھي ويس ته مان به سياڻي ڪانءَ وانگر ٻِـٽنگو ڦاٿو هوس ۽ هاڻي ان مان ڇوٽڪارو پائڻ مشڪل آهي. انڪري ڪپڙا لاهي وڃي پلنگ تي سمهي پيس.
هڪ طرف چانهه جي ٻاڙ ۽ ٻئي طرف بُک، انڪري آرام اچڻ ته مُحال مَٿان وري ٻئي ڪمري ۾ شروع ٿي ويئي ڌماچوڪڙي- ها... ها ...، هو... هو...، کل ۽ بحث مباحثو. ايترو ته گوڙ هو جو منهنجي مٿي جو سوُر گھٽجڻ بدران وڌڻ شروع ٿيو. مون ننڊ ڪرڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي پر اَڃان ڪجھه اک لڳڻ واري مس هُجي ته ٻئي ڪمري ۾ گوڙ وڌڻ ڪري اک کُلي پوي. ٻن اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ آتوُ مُنهنجي ڪمري ۾ آيو. ان وقت مان اکيون بند ڪري ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. آتوءَ منهنجون اکيون بند ڏسي سمجھيو ته شايد ننڊ آهي سو آهستي مونکي آواز ڏنائين. مون اکيون کوليون ته هن چيو، ”يجمان، آرام ڪر مان ته ائين ئي توکي ڏسڻ آيو هوس.“
منهنجو مٿو سوُر کان ٿي ڦاٽو ڄڻ ڪنهن کوپڙيءَ ۾ باروُد لڳايو هُجي. مون چيومانس، ”يار جيڪڏهن چانهه ....“
مان اڃان پنهنجو جملو ختم ڪيان ان کان اڳ هن چوڻ شروع ڪيو، ”يجمان، تو چڱو ياد ڏياريو، چانهه جو ٽائيم ته برابر ٿي ويو آهي. تون ڪو فڪر نه ڪر. مان ٿو چانهه ٺاهي سڀني کي پيئاريان.“ ائين چئي هوُ رنڌڻي ۾ هليو ويو مان ته کيس رُڳو اهو چوڻ وارو هوس ته جيڪڏهن چانهه جو هڪ ڪوپ هوٽل تان آڻي ڏين ته مهرباني. پر هن ته جملي جا رُڳو پهريان ٻه اکر ٻڌي ئي چوڻ شروع ڪيو هو. هڪ مِنٽ کان پوءِ موٽي آيو ۽ اچڻ سان ئي غصي ۾ چوڻ شروع ڪيائين. ”يجمان، گھر ۾ لڀيئي کير ڦُـڙو به نه ۽ صلاح ٿو ڪرين چانهه جي. توهان ساهتيڪار ته ڪاريِ بنان کير جي چانهه تي هريل هوندا پر اسان کان اُها پيتي ڪين ويندي، ڪَڍُ پئسا ته کير وٺي اَچان.“
سوچيم ته هاڻي ته چانهه جو ڪوپ نصيب ٿيندو ڇاڪاڻ ته آتوُ بنان کير جي واپس ڪونه موٽندو. سو کيس ڪٻٽ مان پئسا ڪڍڻ لاءِ چيم ۽ هو اتان پئسا کڻي بزار هليو ويو.
آتوءَ جي وڃڻ سان گھر ۾ شانتي ٿي ويئي. لڳي ته سڄو گوڙ آتوءَ ۾ ئي هو. هڪ طرف اهڙي شانتي ٻئي طرف جلد چانهه ملڻ جي آس، انڪري ته رُڳو مٿي جو سوُر هلڪو ٿيندو ڀانيم پر اک پڻ لڳي ويئي. اک تڏهن کُلي جڏهن آتوءَ اَچي اُٿاريو. چيائين، ”يجمان، تون ويٺو ڪُنڀڪرڻ واريوُن ننڊوُن ڪرين ۽ اسين ويٺا تنهنجي گھر جي رکوالي ڪريون. هاڻي اُٿي سنڀال پنهنجو گھر. اَسين وَڃوُن ٿا. ائين چئي هو ٻاهر هليو ويو. سندس دوست شايد اڳ ۾ ئي ٻاهر نڪري ويا هئا. گھڙيال ڏانهن نهاريم ته سوا پنج ٿيا هئا. ته ڇا مان ڪلاڪ سَوا سمهيو پيو هوس! مون ته اهو سوچيو ته شايد پنج منٽ کن سمهيو هوس. ته ڇا آتوءَ کي کير ڪونه مليو هو؟ ائين ٿيڻ ته اڻ ٿيڻي ڳالهه هُئي ڇاڪاڻ ته آتوُ ته ڏاندَ مان به کيرُ ڪڍي ٿي سگھيو. پر ضرور هنکي کيرُ نه مليو هوندو ڇاڪاڻ ته ڊيئري ته ساڍي پنجين کُـلندي آهي انڪري شايد کير نه مليو هوندو. هڪ طرف اڌ ننڊ مان اُٿڻ ۽ وري چانهه جي ٻاڙ لڳڻ ڪري وري مٿي جو سوُر وڌڻ لڳو. پندرهن منٽن کان پوءِ ته کير ملندو، اهو سوچي رَنڌڻي ۾ چانهه جو پاڻي اسٽوو تي رکڻ ويس. اُتي جي حالت ڏسي وائڙو ٿي ويس. رنڌڻي ۾ ٻاٽلا، ڪوپ، بسيون ،گلاس مڙيئي سڀ باسڻ جوٺا پيا هُئا. جوٺن باسڻن جي حالت ڏسي اهو چٽيءَ طرح سمجھ ۾ آيو ته آتوءَ ۽ سندس دوستن چانهه سان گڏ پڪوڙن، سنبوسن ۽ بوندي سڱر جي پارٽي ملهائي هُئي. کنڊ جو پوُرو دٻو خالي پيو هو ۽ اسٽووَ سان به شايد اهڙي ڪشتي ڪئي هئائون جو هاڻي ڪنهن هوشيار ڪاريگر جي هٿ لڳڻ بنان شايد اهو ڪنهن ميوزيم ۾ رکڻ لائق وڃي رهيو هو. ڪٻٽ ۾ پئسن جو جائزو ورتم ته اتان سؤ روپيه غائب هئا، تڏهن سمجھه ۾ آيو ته رنڌڻي ۾ پيل اُهي کنڊهر انهن سؤ روپين جا هُئا.
هاڻي ڇا ڪريان؟ نه کنڊ گھر ۾ هئي ۽ نه اسٽوو ڪم لائق رهيو هو. بک جي بيحاليءَ کان شرير به نِستو ٿيو پيو هو. اڄ جيڪڏهن مان شادي ڪيل هُجان ها ته ڇا مونکي چانهه جي هڪ ڪوپ لاءِ ائين جان ڏيڻي پوي ها! اڄ مونکي پنهنجي ڪنواري هئڻ تي غصو اچي رهيو هو. اڄ جيڪڏهن اَمان سامهون هُجي ها ته چوانس ها ته هڪ عدد نُنهن بنان ڪنهن دير جي هن گھر ۾ آڻڻ جي تجويز ڪر. اڄ جيڪڏهن منهنجي ڪا ارڌانگي هجي ها ته ڇا چانهه جي هڪ ڪوپ لاءِ ڏهه ڪلاڪ تپسيا ڪرڻي پوي ها. منهنجي جان نِڪري رَهي هُئي ۽ ان جو رُڳو هڪ ئي علاج هو - چانهه جو رڳو هڪڙو ڍُڪُ. پر اهو اَمرت هئو ڪٿي؟ شاديءَ کي مون هردم جيءَ جو جنجال ئي سمجھيو هو انڪري ته امان جي ور- ور ڪري زور ڪرڻ کان پوءِ به مون هر دفعي ڪو نه ڪو بهانو ڪري شاديءَ کي ٽاريو هو. پر اڄ اَحساس ٿي رهيو هو ته شادي نه پر ڪنوارپائي اَصل ۾ جيءَ جو جنجال آهي جنهن ۾ چانهه جي هڪ ڪوپ لاءِ به ائين ٿو ترسڻو پوي جيئن بن پاڻي جي مڇلي. سو پڪو پهه ڪيم ته مٿي جو سوُر لهڻ شرط پهريون ڪم ڪندس ته امان کي چٺي لکي شاديءَ لاءِ پنهنجي رضامندي جي ڄاڻ ڏيندس. پر اَوَل مٿي جو سوُر لهي ته پوءِ چٺي لکڻ جو سوچجي. ڇا ڪيان، ڇا نه ڪيان، اهو سوچي رهيو هوس ته ٻاهران ٻارن جي راند ڪرڻ جو آواز آيو. ٻاهر نڪري پاڙي ۾ رهندڙ پپوءَ عُرف گپوءَ کي آواز ڏِنُم، چيومانس، ”يار پَـپوُ، منهنجو هڪُ ڪمُ تَه ڪَر، ڊُڪي وَڃي چانهه جو هڪُ ڪوپ ۽ مٿي جي سوُر جون ٻه گوريون ته آڻي ڏي.“ جواب ڏنائين، ”دادا، هونءَ ته پيا صبوح شام ڇڙٻوُن ڏيندا آهيو ته اسان ٻار گوڙ ڪري توهانجي لکڻ ۾ خـلـل ٿا وِجھوُن، اَڄ ڪيئن پيا مٺيون- مٺيون ڳالهيون ڪريو. سچ چوندا آهن ته ڪم پئي گڏهه کي به ڪاڪو بڻائبو آهي. خير، توهان به ڇا ياد ڪندا. مان توهانجو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر منهنجو به هڪ شرط آهي. توهان وعدو ڪيو ته پنهنجي ڪا نئين آکاڻي اسان ٻارن کي ٻُڌائيندا ته پوءِ مان توهان کي چانهه ۽ گوريون آڻي ڏيان.“ مون چيومانس، ”يار، اها ته نجي بلئڪ ميل آهي، رشوتخوري آهي. تون منهنجي مجبوُريءَ جو اَجوڳ فائدو وٺي رهيو آهين.“ پپوءَ جواب ڏنو، ”دادا هي زمانو ئي رشوتخوريءَ جو آهي. اڄ جڏهن آفيسر ۽ اڳواڻ ، ڀڳت ۽ ڀڳوان، ساهتيڪار ۽ سياستدان سڀ مڙيئي رشوت ٿا چاهين ته پوءِ اسان ٻارن ڪهڙو ڏوهه ڪيو. جيڪڏهن موقعي جو فائدو مون نه ورتو ته پوءِ توهان ئي چوندا ته مان بيوقوف آهيان. اڄ هرڪو موقعي سِر پنهنجو حصو وَصوُل ڪرڻ ٿوچاهي پوءِ مان ته رڳو توهانکي توهانجي ڪا نئين لکيل آکاڻي ٻڌائڻ لاءِ چئي رهيو آهيان جنهن تي توهانجي هڪ پائي به خرچ ٿيڻ واري نه آهي.
ٻارن جي واتان اڄ جي زماني جي اصلي حالت ٻُڌي منهنجو واتُ بند ٿي ويو. منهنجي وعدي ڪرڻ کان پوءِ هن وڃي مونکي چانهه جو ڪوپ ۽ سور جون گوريون آڻي ڏنيون. ائين ته چانهه اندر ٿيڻ سان ئي مٿي جو سوُر لهي وڃي ها پر گوري سان گڏ چانهه جي اندر وڃڻ سان ئي مٿي مان سوُر اِئين غائب ٿي ويو جيئن ڏيئي ٻرڻ سان اوُندهه.
چانهه پي مان پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪرڻ لڳس، تڏهن مونکي ياد آيو ته اڄ مون ٻه وعدا ڪيا آهن، جن تي مونکي جلد عمل ڪرڻ کپي. هڪ ته امان کي شاديءَ لاءِ رضامنديءَ جي چٺي ۽ ٻيو پپوءَ کي پنهنجي نئين لکيل آکاڻي ٻڌائڻ جو وعدو. امان کي ته پنجن منٽن ۾ چٺي لکي پوري ڪيم پر آکاڻي ته ايترو جلد لکڻ مشڪل هئي. رات واري آکاڻي ته اهڙي ڪانه هئي جنهن مان ٻارن کي مزو اچي انڪري نئين آکاڻيءَ جو پلاٽ سوچڻ لڳس. سوچيندي- سوچيندي هڪدم بجليءَ وانگر دماغ ۾ هڪ خيال چمڪيو جنهن مان هڪ آکاڻيءَ جو خاڪو اُڀريو، منهن تي مُرڪ آئي. مون پين ۽ پنو کڻي اُتي آکاڻيءَ جو عنوان لکيو- ”جيءَ جو جنجال.“ *